پاناما ڪئنال جو فائدو
پاناما: پاناما ڪٿي آهي؟ دنيا ۾ 150 کان مٿي ملڪ آهن. ڪير آهي جو هر ملڪ کان واقف آهي؟ پاناما جهڙي ملڪ کان جيڪي واقف هوندا انهن مان ڪيترا هوندا جن کي نقشي ۾ ان جي Exact جاءِ معلوم هوندي؟ بهرحال دنيا جو گولو يا پني تي ٺهيل دنيا جو نقشو ڏسندائو ته پنهنجي ملڪ پاڪستان جو مٿيون ۽ ساڄي پاسي وارو سڄو حصو ايشيا کنڊ آهي. هيٺ هندي وڏو سمنڊ آهي جيڪو هڪ پاسي اسان جي ايشيا کنڊ (پاڪستان، ايران، انڊيا، سري لنڪا، برما، ملائيشيا وغيره) کي ٿو ڇهي ته ٻئي پاسي آفريڪا کنڊ جي اڀرندي پاسي وارن ملڪن: سوماليا، اٿوپيا، ڪينيا، تنزانيا، موزمبق وغيره کي. آفريڪا کنڊ جي شڪل ڪجهه ڪجهه ماڻهوءَ جي منهن جهڙي آهي جنهن جي هڪ پاسي ڳل تي مٿيان ملڪ آهن ته ٻئي ڳل تي نميبيا، ائنگولا، نائيجيريا، گھانا، سينيگال وغيره. وچ تي جتي اکيون ۽ نڪ چپ ٿين اتي سوڊان، چاڊ، لبيا، مصر، زائر، ڪانگو وغيره آهن.
آفريڪا کنڊ جي ساڄي پاسي جيڪو سمنڊ توهانکي نظر اچي ٿو ان لاءِ لکي آيو آهيان ته اهو هندي وڏو سمنڊ يعني ”انڊين اوشن“ آهي. کاٻي پاسي وارو سمنڊ جيڪو آفريڪا کنڊ جي اولهه پاسي وارن ملڪن نميبيا، ائنگولا، نائيجيريا، گھانا يا سينيگال کي ڇهي ٿو اهو ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي. آفريڪا کنڊ جي تري ۾ يعني ماڻهوءَ جي منهن جي کاڏيءَ واري جاءِ تي ”سائوٿ آفريڪا“ ملڪ آهي جتي مٿيان ٻئي سمنڊ هڪ ٻئي سان ملن ٿا. سمنڊ جي هن حصي ۾ ٻارهوئي اٿل پٿل ۽ جوش رهي ٿو ۽ ان کاڏيءَ وٽان لنگهي نميبيا ملڪ تائين پهچڻ ۾ ٻه ٽي ڏينهن لڳيو وڃن.
ائٽلانٽڪ سمنڊ جيڪو آفريڪا کنڊ ۽ ان جي مٿان يورپ کنڊ کي ڇهي ٿو، ڪافي وڏو آهي ۽ اهو به هميشه بگڙيل بالما رهي ٿو. ان ڪري 1492 ۾ ڪولمبس کان اڳ ڪنهن همٿ نٿي ڪئي ته اهو اولهه طرف اڳتي وڃي ڏسن ته ان جو ڇيڙو ڪٿي آهي. ماڻهن کي اهو ئي دماغ ۾ هو ته سڄي دنيا فقط ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ کنڊ آهي جنهن جو وچ ميڊيٽرينين (ڌرتيءَ جي وچ وارو) سمنڊ آهي جنهن جو سنڌيءَ ۾ به اهو ئي نالو ڀؤنچ سمنڊ يعني ڀؤن (ڌرتي) جي وچ ۾ سمنڊ آهي. پهرين ڳالهه ته پهرين جڏهن انجڻ ايجاد نه ٿي هئي ته سڙهن تي هلڻ وارا ڪمزور جهاز هئا جن کان ڪيپ آف گڊ هوپ (ڏکڻ آفريڪا) وارو سمنڊ ئي نٿي اڪريو ٿيو. ان کان علاوه جيئن ته اڃان دنيا جي نقشي جي ڄاڻ نه ٿي هئي سو ماڻهن کي اهو ئي وسوسو هو ته هيءَ ڌرتي رومال وانگر فلئٽ آهي ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ (يا ٻئي پاسي چين ۽ جپان کان اڳيان پئسفڪ سمنڊ ۾) گهڻو هلبو ته هڪ اهڙي حد ايندي جتي دنيا ختم ٿيڻ بعد جهاز خلا ۾ ڪري پوندو.
بهرحال ڪولمبس جي منجھي وڃڻ ڪري ۽ کيس موسم بهتر ملڻ ڪري هن کي جڏهن ڌرتي نظر آئي ته خبر پئي ته هو ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪري چڪو آهي ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ بي انت بحر ناهي پر هڪ محدود سمنڊ آهي جنهن جو ٻيو ڇيڙو هن ڌرتي جنهن جو نالو ’آمريڪا‘ رکيو ويو، کي ڇهي ٿو. پوءِ ته آمريڪا (نئين دنيا) ڏي اسپين، پورچوگال، ۽ ٻين يورپي ملڪن جي جهازرانن اچ وڃ جي ڌم لڳائي ڏني ۽ انهي جوش ۾ هڪ همراهه سمنڊ جي لهرن ۽ طوفانن ۾ ٿيڙهه کائيندو ڏکڻ آمريڪا جي هيٺان لنگهي پئسفڪ سمنڊ ۾ پهچي ويو ۽ وڌيڪَ اڳتي هلڻ تي فلپين، چين، انڊيا کان (يعني هندي وڏي سمنڊ کان) اچي نڪتو ۽ پوءِ ٻيو پاسو وٺي پنهنجي ملڪ پورچوگال موٽيو. اهڙي طرح اها ڄاڻ عام ٿي ته دنيا هڪ گولي وانگر آهي. ائٽلانٽڪ سمنڊ وڏو ضرور آهي پر ڪراس ڪبو ته آمريڪا پهچي وڃبو ۽ آمريڪا کان اڳتي وڌڻ جو رستو فقط ڏکڻ کان آهي ڇو جو اتر ۾ ڪئناڊا کان مٿي ٻارهوئي سمنڊ ڄميو پيو آهي. پوءِ ڪئين سال جهازران ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ ارجنٽائين ۽ چليءَ جي هيٺان لنگهي پئسفڪ سمنڊ ۾ آيا ٿي ۽ آمريڪا کنڊ جي ٻئي پاسي وارن ملڪن: پيرو، اڪيڊار، ڪولمبيا ۾ پهتا ٿي يا اڃان اڳتي هوائي ٻيٽ ۽ اڃان به اڳتي جپان، چين، ملايا کان اچي نڪتا ٿي.
نقشي ۾ ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊ جي وچ واري ڌرتي ’آمريڪا‘ آهي جنهن جو مٿيون حصو ”اتر آمريڪا“ ۽ هيٺيون حصو ”ڏکڻ آمريڪا“ سڏجي ٿو. وچ ۾ سنهي پٽي وارا ننڍڙا ملڪ وچ (سينٽرل) آمريڪا سڏجن ٿا ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جو اهو حصو جيڪو وچ آمريڪا جي ملڪن کي ڇهي ٿو ”ڪئريبين سمنڊ“ سڏجي ٿو جيئن انڊين اوشن جو اهو حصو جيڪو پاڪستان ايران، عرب ملڪن کي ڇهي ٿو ”عربي سمنڊ“ سڏجي ٿو. ڪئريبين سمنڊ ڪيترن ئي ٻيٽن کان مشهور آهي جن جي سونهن، ڪرڪيٽ رانديگر، بهترين موسم ۽ ٽوئرزم دنيا ۾ مشهور آهي. انهن مان ڪجهه ٻيٽ جن جي بندرگاهن ۾ اسانکي مختلف جهاز وٺي وڃڻا پيا، هن ريت آهن: ڪيوبا، جئميڪا، ٽرنيڊاڊ، باربادوس، سينٽ لوسيا، ڪوراسائو وغيره.
جيئن آفريڪا کنڊ جو نقشو مونکي ماڻهوءَ جي منهن وانگر لڳندو آهي تيئن آمريڪا جو نقشو مون کي ”سئنڊ گلاس“ جهڙو لڳندو آهي ۽ پنهنجن شاگردن کي به اهو ئي مثال ڏيندو آهيان. سئنڊ گلاس جنهن کي Hour Glass يا سئنڊ ڪلاڪ به سڏجي ٿو ۽ سنڌي يا اڙدو ۾ ”واريءَ جو گهڙيال“ (ريت گهڙي) ان جا ٻه حصا ٿين ٿا. مٿيون ۽ هيٺيون. وچ ۾ سنهو سوراخ يا سنهي نلي ٿئي ٿي جنهن ذريعي مٿئين حصي جي واري هيٺئين حصي ۾ اچي ٿي. هاڻ مٿئين حصي کي نارٿ آمريڪا جا ملڪ ڪئناڊا ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس (USA) سمجهيو وڃي ته هيٺيون حصو ٿيو سائوٿ آمريڪا جنهن جا ملڪ ارجنٽائنا، چلي، برازيل، بولوِيا، پيرو، ڪولمبيا، اڪيڊار، وينزوئلا وغيره آهن.
سئنڊ گلاس جي انهن ٻن حصن ۾ جيڪا سوڙهي نلي آهي اها سمجھو ته سينٽرل آمريڪا آهي جنهن جا ملڪ مٿان کان ميڪسيڪو کان شروع ٿين ٿا: گئاٽمالا، بيليزي، هونڊرس، نڪاراگئا، ڪاسٽا ريڪا ۽ ان بعد آخري پاناما جيڪو سائوٿ آمريڪا جي ملڪ ڪولمبيا سان وڃيو لڳي. اسپين طرفان ڪولمبس جي 1492 ۾ اچڻ کان اڳ پاناما ۾ ڪجهه مقامي قبيلن جا ماڻهو رهيا ٿي جن کي بارود ۽ بندوقن جي زور تي اسپين جي حڪومت چپ ڪرائي پاناما تي قبصو ڪيو ۽ يورپ جا ماڻهو خاص طور هسپانوي رهڻ لڳا. ٽي کن صدين دوران انهن جو اولاد وڌيو ويجھو ۽ 1821 ۾ هنن پنهنجن ابن ڏاڏن جي ملڪ اسپين کان ڌار ٿي ڪولمبيا، اڪيڊار ۽ وينزوئلا سان گڏ يونين ٺاهي. 10 سالن بعد اها يونين ختم ٿي ۽ پاناما ڪولمبيا سان گڏ رهيو. پر پوءِ آمريڪا (USA) جي پٺي ٺپرڻ تي 1831ع ۾ پاناما الڳ ملڪ جي حيثيت اختيار ڪئي ۽ ڪولمبيا مان جان ڇڏائي.
پاناما 7 ۽ 10 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي يعني ملائيشيا، سنگاپور ۽ انڊونيشيا وانگر خط استوا جي ويجھو هجڻ ڪري سڄو سال ساڳي گرم موسم رهي ٿي. سيءَ بلڪل نٿا ٿين. پاناما ملڪ جي جملي ايراضي خيبر پختونخواهه صوبي جيتري 75000 چورس ڪلوميٽر آهي يعني سنڌ صوبي جي اٽڪل اڌ جيتري جو سنڌ جي پکيڙ 141 هزار چورس ڪلوميٽر آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته زمين جي ٻن وڏن حصن کي جيڪا ڌرتيءَ جي سنهي پٽي ملائي ٿي (جيئن اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا کي سينٽرل آمريڪا جي سنهي پٽي ملائي ٿي) ۽ جنهن جي ٻنهي پاسن کان سمنڊ آهي ته جاگرافيائي ٽرمس ۾ ان ڌرتيءَ کي انگريزيءَ ۾ Isthamus سڏجي ٿو ۽ ٻن وڏن سمنڊن کي جيڪو سوڙهو سامونڊي درياهه ڳنڍي ۽ جنهن جي ٻنهي پاسن کان زمين هجي ته ان کي انگريزيءَ ۾ Strait سڏجي ٿو. جيئن مغربي ملائيشيا (ملايا) ۽ انڊونيشيا جي ٻيٽ سماترا جي وچ ۾ ٺهيل سوڙهو سمنڊ آهي جنهن جي هڪ پاسي هندي وڏو سمنڊ آهي ته ٻئي پاسي ڏکڻ چيني سمنڊ. ان دريائي پٽيءَ جو نالو ”ملاڪا اسٽرئٽ“ آهي. ان Strait جي اڌ فاصلي تي آڳاٽو تاريخي ملاڪا بندرگاهه هجڻ ڪري ان تي اهو نالو (Malacca Strait) پيو. سنڌيءَ ۾ اهڙي سوڙهي سمنڊ کي جيڪو ٻن وڏن سمنڊن کي ڳنڍي ”ڳچي سمنڊ“ ٿو سڏجي. ۽ Isthimus کي يعني ڌرتيءَ جي سوڙهي پٽيءَ کي جيڪا ڌرتيءَ جي ٻن وڏن حصن کي ملائي ان کي ”ڳچي ڌرتي“ ٿو سڏجي. فارسيءَ ۾ انهن کي آبنائي ۽ خاڪنائي ٿو سڏجي جيڪي لفظ اردوءَ جي ڊڪشنريءَ ۾ به ڏنا ويا آهن.
پاناما جو ڪولمبيا کان نڪري آمريڪا جي گود ۾ وڃڻ کان اڳ، يعني 1903ع کان اڳ آمريڪا (USA)، ڪئناڊا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي اوڀر ڪناري وارن بندرگاهن کان اولهه ڪناري جي بندرگاهن تائين پهچڻ وڏو مسئلو هو. مثال طور ڪئناڊا جي اوڀر واري ڪناري جي بندرگاهه سينٽ جان کان اولهه ڪناري وئنڪوئر وڃڻو هو يا آمريڪا جي نيويارڪ بندرگاهه کان لاس اينجلس وڃڻو هوندو هو ته جهاز کي مٿان کان سڄو اتر آمريڪا، وچ آمريڪا ۽ پوءِ ڏکڻ آمريڪا جو اوڀر پاسو لتاڙي ارجنٽائنا ۽ چلي ملڪن جي هيٺ ڇيڙي تي پهچڻو پيو ٿي اتان ڪيپ هارن وٽ ائٽلانٽڪ سمنڊ مان پئسفڪ سمنڊ ۾ گهڙي وري ٻي پاسي مٿي سفر ڪري لاس اينجلس يا وئنڪوئر پهچڻو پيو ٿي. ان وڏي سفر جو اندازو هڪ عام ماڻهو نقشو ڏسي به لڳائي سگهي ٿو. ڪئناڊا جي مٿان ته ٻارهوئي برف ڄمي پئي آهي سو اتان مٿاسن ته ٻئي پاسي وڃڻ جو لنگهه صفا ناهي. ۽ هيٺ چلي وٽان ٿورو لنگهه آهي سو به جون جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن (سياري جي موسم) ۾ جهاز جو گذرڻ مشڪل ٿيو پوي جو اهي مهينا اتي برف ڄميل ٿئي ٿي. ياد رهي ته جون، جولاءِ آگسٽ ۾ جڏهن اسان وٽ (ڌرتيءَ جي اتر اڌ گول ۾) اونهارو آهي ته هيٺين اڌ گول ۾ يعني چلي ارجنٽائنا ۽ ويندي آسٽريليا، نيوزيلئنڊ ۾ سيارو ٿئي ٿو.
ان سفر کي آسان بنائڻ لاءِ آخر آمريڪا (USA) وارن حل ڳوليو. هنن کي وچ آمريڪا واري Isthamus ۾ پاناما ملڪ جي ويڪر تمام گهٽ لڳي ۽ 1904ع کان هنن ٻن سمنڊن ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ کي ڳنڍڻ لاءِ پاناما ۾ کوٽائي شروع ڪئي. اهو ڪم ڏهه سال هلندو رهيو. آخرڪار 1914ع ۾ ڪئنال ٺهي راس ٿيو جنهن جو نالو ”پاناما ڪئنال“ رکيو ويو. هن ڪئنال آمريڪا کنڊ جي ٻنهي پاسن وارن سمنڊن کي ڳنڍي ڇڏيو يعني ان بعد نيويارڪ کان لاس اينجلس وڃڻ لاءِ وچ آمريڪا ۽ سڄي ڏکڻ آمريڪا کي ڦيرو ڪرڻ کان بچاءُ ٿي ويو. نيويارڪ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آهي ۽ لاس اينجلس پئسفڪ ۾ آهي. ائٽلانٽڪ سمنڊ کان پئسفڪ سمنڊ ۾ اچڻ لاءِ اڄ ڪلهه هر ڪو پاناما ڪئنال مان لنگهي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاناما ڪئنال مان لنگهڻ جي ڳري في وصول ڪئي وڃي ٿي. مثال طور جي ڏهه لک رپيا به آهي ته اهو سوچڻ کپي ته جهاز 20 ڏينهن کن اڳ منزل تي پهچيو وڃي ۽ انهن 20 ڏينهن جو تيل پاڻي ۽ جهاز هلائيندڙن جو راشن ۽ پگهار سارجي ته ڏهوڻ کان به مٿي ٿو ٿئي.
سو هڪ جهاز بالٽيمور کان پاناما ڪئنال ذريعي سئن فرانسڪو وڃي ٿو ته هن جا اٽڪل 7900 ميل بچيو وڃن. پاناما ڪئنال ٺهڻ کان اڳ وڏو سفر ڪرڻو پيو ٿي ۽ سائوٿ آمريڪا جو هيٺيون سمنڊ ”ڪيپ آف هارن“ جيڪو سائوٿ آفريڪا جي ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ کان به وڌيڪَ خطرناڪ هجڻ ڪري جهازن کي هڪ طرف نقصان ٿيو ٿي ته جهاز هلائيندڙن جي ستيا ناس ٻئي طرف ٿي ٿئي.
1968ع ۾ جڏهن مون سامونڊي سفر شروع ڪيا ته انهن ڏينهن ۾ اسرائيل ۽ مصر جي لڙائيءَ ڪري سئيز ڪئنال بند هو ۽ اسان کي ڪيترائي سال ڪراچيءَ کان انگلنڊ يا يورپ ويندي سڄي آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي ۽ انهن فالتو چوڏهن پنڌرهن ڏينهن ۾ ڪيترائي دفعا طوفان ۽ خراب سمنڊ مليو ٿي جنهن اسانکي بي حال ڪري ڇڏيو ٿي. واٽ تي ممباسا، دارالسلام، زنجبار، موپوتو، جهڙا خوبصورت بندرگاهه پنهنجي جاءِ تي پر ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ واري سمنڊ جا ٻه ڏينهن به سَٽي رکندا هئا. هڪ دفعو ڪراچيءَ ۾ اسانجي جهاز تي لنڊن لاءِ سامان چاڙهيو پئي ويو ته ان وقت اسانجي هڪ ڪلاس ميٽ چيف انجنيئر جليل الرحمان جو جهاز يورپ جو سفر مڪمل ڪري ڪراچيءَ ۾ اسان جي جهاز ڀرسان اچي بيٺو. مونکي ياد آهي ته جيئن ئي جليل اها خوشخبري ٻڌائي ته سئيز ڪئنال کلي ويو آهي ۽ هو هن ڀيري آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻ بدران سئيز ڪئنال مان آيا آهن ته مون خوشيءَ وچان ٽپ ڏيڻ شروع ڪري ڏنا. ظاهر آهي اساان اڃان هاڻ ميڊيٽرينين سمنڊ جي بندرگاهه بيروت مان سامان کڻي جدي آياسين ته ٽي هفتا لڳي ويا.... يعني 22 ڏينهن کن لڳاتار جهاز هلائيندا رهياسين. ۽ سمنڊ تي هڪ هڪ ڏينهن ڪيئن ٿو گذري ان کان هر جهازي واقف آهي. هر جهازي چاهي هو آفيسر هجي يا خلاصي، اهو ئي چاهي ٿو ته سمنڊ تي گهٽ، بندرگاهه ۾ وڌيڪَ رهڻو پوي. سئيز ڪئنال کليل هجڻ ڪري بيروت کان جدي چئن ڏينهن جو به سفر ناهي. ان ۾ به سئيز ڪئنال (يا پاناما ڪئنال) ڪراس ڪرڻ وارو ڏينهن ڏيڊ جهڙو ڪار جو سفر لڳي ٿو. ڪئنال ۾ ڪهڙا طوفان ڪهڙيون ويرون. سو سئيز ڪئنال ڪري اسان جو 7000 کن ڪلوميٽرن جو سفر گهٽجيو وڃي. پاناما ڪئنال 80 ڪلوميٽر ٿيندو. يعني ڪراچي جي سهراب ڳوٺ کان نوري آباد تائين يا ڪوٽڙيءَ کان هالا تائين. سئيز ڪئنال ان کان ڊگهو آهي ۽ مصر جي پورٽ سعيد بندرگاهه کان پورٽ توفيق (سئيز شهر) تائين 194 ڪلوميٽر ٿيندو. يعني ڪراچيءَ کان حيدرآباد تائين. وچ تي يعني نوري آباد وٽ هڪ وڏي ڍنڍ به اچي ٿي. هونءَ ته آهستي هلندڙ جهاز به اهو فاصلو ڏهه کن ڪلاڪن ۾ ڪري ويندو پر سئيز ڪئنال ڪراس ڪرڻ ۾ ٻه ڏينهن لڳيو وڃن ڇو جو جهازن کي قافلي جي صورت ۾ لنگهايو وڃي ٿو. سو ڪراچيءَ کان پورٽ سعيد يا لنڊن کان ايندي پورٽ توفيق پهچي ڏينهن اڌ انتظار ڪرڻو پوي ٿو جيئن ست اٺ جهاز گڏ ٿين ۽ تيسين پهريان گڏ ٿيل جهاز ڪئنال ڪراس ڪن. پوءِ مصر حڪومت جا پائلٽ (مقامي ڄاڻ وارا ڪئپٽن) جهازن تي چڙهي اسان جي جهازن کي آهستي آهستي هلائين ٿا جو دنيا جو هر چئنل خاص ڪري هي هٿرادو کوٽيل چئنل بيحد سوڙها آهن ۽ گهڻي رفتار ۾ ڪنٽرول مان نڪرڻ ڪري جهاز چئنل جي ڪناري سان ٽڪرائجي يا رڳڙجي گرائونڊ ٿي سگهي ٿو يعني چئنل جي ڪناري واري گپ ۾ ڦاسي سڄي ٽرئفڪ کي جئم ڪري سگهي ٿو. ٻي ڳالهه ته سئيز ڪئنال سوڙهو هجڻ ڪري فقط هڪ طرف ڏي جهاز هلن ٿا. پوءِ وچ تي ايندڙ ڍنڍ ۾ اچي ترسڻو پوي ٿو جيئن ٻئي پاسي کان ايندڙ جهاز ٽپي وڃن. بهرحال ڪئنال ٽپڻ ۾ ڀلي ٽي ڏينهن لڳن اهي اسان جهاز هلائڻ وارن لاءِ آرام جا ڏينهن ٿين ٿا جو ويندي جهاز هلائڻ جو ڪم ڪئنال اٿارٽي حوالي هوندو آهي. ان کان علاوه سڄي واٽ مقامي مصري ماڻهو ٻيڙين رستي جهاز تي چڙهي مختلف شيون: مٺائي ۽ ميوي کان عطر، ڪئميرائون، واچون وڪڻندا آهن. اها خبر هوندي به ته مصري دڪاندار تي ڀروسو نه ڪجي هو اسان جهازين کي مٺيون مٺيون ڳالهيون ۽ ڪوڙا قسم کڻي بيوقوف بڻائي ويندا آهن. سئيز ڪئنال جا سنگتڙا ۽ پاناما جا ڪيلا آئون ڪڏهن به نه وساري سگهندس ۽ جن کاڌا هوندا، اهي انهن جي سواد جو اندازو لڳائي سگهن ٿا.
سئيز ڪئنال مان سال ۾ 18000 جهاز لنگهن ٿا يعني روزانو 50 کن سمجھو. اهڙي طرح پاناما ڪئنال مان روزانو 40 کن جهاز لنگهن ٿا. هتي پاناما ۽ سئيز ڪئنال جي وچ ۾ هڪ دلچسپ فرق جي ڳالهه لکندو هلان ته سئيز ڪئنال ته هڪ ئي ليول تي آهي ۽ ميڊيٽرينين ۽ بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جو پاڻي ايندو ويندو رهي ٿو. پر پاناما ڪئنال جي پاسي وارن سمنڊن (ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ) جو پاڻي هڪ ليول تي نه آهي. ان ڪري پاناما ڪئنال ۾ جهاز کي مختلف هنڌن تي هيٺ ۽ مٿي کنيو وڃي ٿو جنهن جو آسان طريقو Lock System آهي. جهاز کي هڪ هنڌ بيهاري پاسن کان لوهي دروازا ڏنا وڃن ٿا. ڄڻ جهاز هڪ حوض ۾ اچي ويو. هاڻ جي اڳيان ڪئنال جي ليول مٿي آهي ته ان حوض کي پمپ ذريعي پاڻيءَ سان ڀري جهاز کي مٿي کنيو وڃي ٿو ۽ ٻئي پاسي دروازو (Lock) کولي ان کي اڳيان ڪيو وڃي ٿو. واپسي تي ان هنڌ ان کي لاڪ ڪري پاڻي ڪڍيو وڃي ٿو جيئن جهاز هيٺ ٿي پئسفڪ يا ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ليول تي اچي وڃي. نه ته ٻي صورت ۾ جهاز مٿاهينءَ کان هيٺاهين ليول تي ائين اچي ڦهڪو ڪري جيئن آبشار جو پاڻي. ۽ اهو به لکندو هلان ته پاڻيءَ جي ليول جي اها هيٺ مٿائين ڪا ٽي چار فٽ نٿا ٿين. پاناما ڪئنال ۾ ٽن هنڌن تي لاڪ آهن. گاتون ڍنڍ وٽ Locks جا ٽي سيٽ آهن. جيئن سمجھو ته ڪا عمارت 30 ماڙ آهي جنهن ۾ هڪ لفٽ گرائونڊ فلور کان ڏهين ماڙ تي وٺي وڃي. ان بعد ڏهين ماڙ تي ٻي لفٽ هجي جيڪا ويهين ماڙ تائين وٺي وڃي. ان بعد ويهين ماڙ تي ٽي لفٽ هجي جيڪا ٽيهين ماڙ تائين وٺي وڃي. سو گاتون ڍنڍ وٽ پاناما ڪئنال ۾ جيڪي لاڪس آهن اهي جهاز کي سمجھو ته ٽن اڏمن ۾ 26 فٽ مٿي کڻن ٿا. اهو به لکندو هلان ته هيڏا وڏا جهاز جن وڏن حوض نما Locks ۾ بيهن ٿا انهن جي 26 فٽ مٿي ليول ڪرڻ لاءِ پاڻي وجھڻ ۽ جهازن جي واپسي تي ڪڍڻ لاءِ تمام طاقتور ۽ وڏا پمپ ڀڳل آهن جيڪي هر دفعي 52 ملين گئلن پاڻي 15 منٽن ۾ ڇڪيو وٺن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاناما ڪئنال اڄ به انجنيئرنگ جو ڪمال سمجھيو وڃي ٿو ۽ دنيا جي ماڊرن ستن عجوبن مان هڪ چيو وڃي ٿو.
اهڙو لاڪ سسٽم وارو ڪئنال (يعني ڪئنال جي هيٺ مٿي هجڻ ڪري جهاز کي مٿين ليول تي پهچايو وڃي يا هيٺ لاٿو وڃي)، جنهن مان اسان کي اڪثر جهاز اڪارڻو پوي ٿو اهو ڪِيل (Kiel) ڪئنال آهي. ڪيل ڪئنال جرمنيءَ جي Schleswig Holstein رياست مان کوٽيو ويو آهي. ۽ ”نارٿ سي“ کي ”بالٽڪ سمنڊ“ سان ڳنڍي ٿو.
اسان جا جهاز سئيز ڪئنال مان لنگهي ميڊيٽرينين سمنڊ جي ترڪي، يونان، اٽلي ۽ ان جي ڀرسان فرانس ۽ اسپين جي بندرگاهن ۾ اچن ٿا يا وري ”جبرالٽر ڳچي سمنڊ“ وٽان ميڊيٽرينين سمنڊ مان نڪري مٿي اتر طرف پورچوگال، فرانس جي اتراهين حصي، بيلجم هالنڊ ۽ انگلنڊ جي بندرگاهن ۾ وڃن ٿا. ان بعد ”اتر سمنڊ“ (North Sea) ۾ مٿي اتر ڏي ڊئنمارڪ سئيڊن ۽ ناروي جهڙن ملڪن ۾ ايترو نٿا وڃن پر پوءِ ڊئنمارڪ جي چوڌاري ڦيرو ڪري بالٽڪ سمنڊ ۾ پولنڊ جي بندرگاهه گڊانيا ۽ گڊانسڪ، سئيڊن جي اوڀر واري بندرگاهه ’اسٽاڪهوم‘ ۽ فنلئنڊ جي بندرگاهه ’هيلسنڪي‘ ۾ ضرور اچن ٿا. انگلنڊ بعد جيڪو ”اتر سمنڊ“ شروع ٿئي ٿو اهو سال جو وڏو عرصو، خاص ڪري سياري جا ڇهه ست مهينا ڏاڍو خراب رهي ٿو. سامونڊي ويرين، ڪُنن (Under Currents)، طوفانن کان علاوه سخت ڌنڌ جنهن ۾ جهاز جو اڳيون حصو به نظر نه اچي، جهاز ۽ جهاز هلائڻ وارن لاءِ اهي مسئلا سخت مشڪلات جو سبب بڻجن ٿا. خاص ڪري جڏهن ته ڊئنمارڪ ۽ ناروي پاسي وڃڻو ناهي. اهڙي صورت ۾ ڪِيل ڪئنال بهترين شارٽ ڪٽ آهي. ڪيل ڪئنال مان گذرڻ ڪري سفر جو ڪو وڏو بچاءُ نٿو ٿئي.... فقط 460 ڪلوميٽر جو سفر گهٽجي ٿو پر هتي پنڌ کان وڌيڪَ خراب موسم ۽ مڇريل سمنڊ کان بچاءُ ٿيو وڃي ۽ جرمني بعد يڪدم پولنڊ پهچيو وڃجي.
ڪيل ڪئنال 98 ڪلوميٽر ڊگهو آهي جنهن جي کوٽائي 1895 ۾ مڪمل ٿي. يعني هن ڪئنال جي سئيز ڪئنال بعد کوٽائي ٿي جيڪو 1869 ۾ کوٽجي راس ٿيو هو. هي ڪئنال جرمنيءَ جي اتر سمنڊ واري بندرگاهه برنس بٽل (Brunsbuttel) کان شروع ٿي جرمني جي بالٽڪ سمنڊ واري بندرگاهه ”ڪيل ـــ هولتينائو“ تي ختم ٿئي ٿو. هن ڪئنال مٿان يارهن کن پليون آهن جن تان ريل گاڏيون ۽ موٽر ڪارون هلن ٿيون. پلين ۽ سمنڊ جي وچ ۾ 42 ميٽر (138 فٽن) جي وٿي آهي ان ڪري فقط انهن جهازن کي لنگهڻ ڏنو وڃي ٿو جن جي اوچائي 40 ميٽر يا ان کان گهٽ آهي. يا ”سپر اسٽار جيمنيءَ“ جهڙا اوچائيءَ وارا جهاز لنگهي سگهن ٿا جن جون چمنيون (Funnels) هيٺ مٿي ٿي سگهن ٿيون يعني Adjustable آهن. هونءَ هن ڪئنال مان فقط اهي جهاز لنگهي سگهن ٿا جن جي ڊيگهه 235 ميٽر (772 فٽ)، ويڪر 30 ميٽر (106 فٽ) ۽ ڊرافٽ (يعني جهاز جو اهو حصو جيڪو سمنڊ اندر آهي) 7 ميٽرن (23 فٽن) کان گهٽ آهي. سمنڊ کان مٿي جي بلندي جو ذڪر مٿي ڪري چڪا آهيون ته 40 ميٽرن (130 فٽن) کان گهٽ هجي.
ڪيل ڪئنال به پاناما وانگر هيٺ مٿاهين تي آهي ان ڪري ڪيل ڪئنال ۾ به لاڪ سسٽم آهي جنهن ذريعي جهاز کي ٻن ٽن هنڌن تي مٿي کنيو وڃي ٿو يا پاڻيءَ جي ليول گهٽائي هيٺ آندو وڃي ٿو.
ڪيل ڪئنال مان گذرڻ وقت نه فقط جهاز ۾ سوار ماڻهن لاءِ چوڌاري جو نظارو خوبصورت رهي ٿو پر پري پري تائين زمين تي بيٺل ماڻهن لاءِ به دلپسند نظارو رهي ٿو. ڪيل ڪئنال سان گڏوگڏ ڪيترائي روڊ وهن ٿا جن تان ڪارون، لاريون ۽ ريل گاڏيون هلنديون رهن ٿيون ۽ پري بيٺل کي ائين ئي لڳي ٿو ته نه فقط اهي ڦيٿن واريون گاڏيون پر جهاز پڻ خشڪي تي هلي رهيا آهن. جرمني گهمڻ لاءِ آيل ماڻهو اڪثر ڪيل ڪئنال جو هي نظارو ڪرڻ ايندا آهن. سئيز ڪئنال مان گذرڻ وقت جهاز ۾ سوار ماڻهن کي فقط ريتي، اٺ ۽ کجيءَ جا وڻ نظر اچن ٿا پر ڪيل ڪئنال مان لنگهڻ وقت چوڌاري ساوڪ، گهر ۽ روڊ رستا ائين نظر اچن ٿا جيئن ترڪيءَ جي باسفورس (سوڙهي سمنڊ) مان لنگهڻ وقت سهڻو نظارو! باسفورس جيڪو استنبول جي شهر مان گذري ٿو.
ڊئنمارڪ جو نقشو ائين آهي جيئن ماڻهوءَ جو منهن ڳچيءَ سميت جيڪا يورپ سان ڳنڍيل آهي. ڪيل ڪئنال ان ڳچيءَ وٽان ڄڻ سِيرَ وهيل آهي ۽ جهاز ماڻهوءَ جي ان منهن جهڙي ڊئنمارڪ ملڪ کي ڦيرو ڪرڻ کان بچيو وڃن. ڪيل ڪئنال مان روزانو ڏيڍ سؤ کن جهاز لنگهن ٿا.
بهرحال هتي ’پاناما‘ ملڪ جو ذڪر ڪندي ’پاناما ڪئنال‘ بابت ان ڪري لکيو اٿم ته جيئن پڙهندڙن کي احساس ٿئي ته وچ آمريڪا جا سڀ ملڪ گئاٽمالا ۽ نڪراگئا کان ڪاسٽاريڪا ۽ بيلينزي سڀ غير اهم ۽ غير معروف آهن پر پاناما ڪئنال ڪري پاناما وري به ٻين کان مشهور آهي ۽ پاناما ڪئنال مان لنگهندڙ جهازن مان ڪمائيءَ ڪري پاناما جون معاشي حالتون به گهڻن کان بهتر آهن بلڪه رشڪ جوڳيون آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اهڙي ڪا ڳالهه کڻي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان ڪر ته هنن کان يڪدم آهه نڪريو وڃي ۽ هنن کي اها ئي خواهش پيدا ٿئي ٿي ته ڪاش اسانجي ملڪ ۾ به اهڙو ڪو ڪئنال هجي ها ته اسانجو ملڪ به سکيو ستابو ٿي وڃي ها! سوال آهي ته ملڪ ته ايئر لائين، شپنگ، ريلوي ۽ اسٽيل ملز جهڙين شين ڪري به امير ٿيو وڃن پر اسان وٽ هر ادارو نقصان ۾ آهي. سو جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ پاناما يا ڪيل جهڙو ڪئنال هجي ها ته ڇا ان کي صحيح طرح هلايو وڃي ها. سنگاپور جهڙو ملڪ جنهن ۾ ڪجهه نه هو ويندي پاڻي به ملائيشيا کان خريد ڪيائون ٿي اڄ اهو دنيا جي خوشحال ملڪن مان آهي فقط ان ڪري جو ان جا سياستدان ۽ حاڪم ايماندار آهن. هنن کي پنهنجي ”فئملي ڪاروبار“ کان وڌيڪَ ”ملڪ“ جو اونو رهي ٿو. صحيح قسم جا سياستدان ”نه“ مان به ملڪ کي خوشحال بنايو وڃن ۽ عوام جي قسمت بدلايو ڇڏين. ڦورو ۽ لالچي سياستدان ملڪ ۽ ماڻهن کي غريب ۽ قرضي بڻايو ڇڏين. ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته سنگاپور جو ماڻهو سفير ٿي به ٻئي ملڪ ۾ وڃڻ نٿو چاهي جو هن کي پنهنجي ملڪ ۾ ئي هر سک آهي. ٻئي پاسي اسان جهڙا دنيا ۾ چند ملڪ آهن جن جي غربت ۽ سورن جو ڪاٿو ئي ناهي. ٻه ويلا روزگار ڪمائڻ لاءِ اسان جا ماڻهو پنهنجا ٻچا ۽ وطن ڇڏي ٻين ملڪن ۾ قانوني ۽ غير قانوني طرح ڌڪا کائيندا رهن ٿا. مون سان گڏ جڪارتا کان هوائي جهاز ۾ سفر ڪندڙ ٻن ٻارن جي نوجوان انڊونيشي ماءُ ٿي ياد اچي جيڪا پورهئي لاءِ ڪويت وڃي رهي هئي. چيومانس ته ٻار ڇڏي پئي وڃين. ڇا اهي ياد نه ايندءِ؟ منهنجي پڇڻ تي هن کي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ ڏکويل لهجي ۾ وراڻيائين: ”ڇو نه! پنهنجو وطن ڇڏي پرديس ۾ ڌڪا کائڻ ڪنهن کي وڻن ٿا. اسانجو ملڪ انڊونيشيا ۽ ملائيشيا هر ڳالهه ۾ ساڳيو آهي. ملائيشيا جي سياستدانن ان کي يورپ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اسان جي سياستدانن اسان کي مسڪين بنائي ڇڏيو آهي. اسان کي روزگار خاطر دربدر ڪري ڇڏيو آهي.....“
غور سان ٿو سوچيان ته اسانجو ملڪ جيڪو يورپ جي به ڪيترن ملڪن کان سکيو هو اڄ ان جو حال انڊونيشيا جهڙو به نه رهيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ انڊونيشيا جي هر ماڻهوءَ کي اتي جي سياستدانن قرضي ته نه بڻايو آهي. اسان جي ملڪ وانگر ظالم وڏيرن ۽ ڀوتارن جو ته راڄ ناهي، انڊونيشيا جا ماڻهو اسان وانگر بجلي ۽ گئس لاءِ ته نٿا سڪن، اسان وانگر ڏينهن ڏٺي جو ڦرن ۽ اغوائن جون وارداتون ته نٿيون ٿين. اسان وٽ ته پاڻي ۽ اناج به اڻ لڀ ٿيندو وڃي ـــ يعني عوام جي گهرن ۾. حاڪمن جي گهرن ۾ اڄ به دعوت تي ستر ستر قسم جا ڊش تيار ٿين ٿا ۽ هو اک ڇنڀ ۾ دنيا جا امير ترين ماڻهو ٿيو وڃن! اسان جي ملڪ جا تقريبن 5 هزار ماڻهو هر سال ملائيشيا جي گنتنگ هاءِ لئنڊس (هِل اسٽيشن) ڏسڻ وڃن ٿا جيڪا هڪ چيني همراه پنهنجي خرچ تي 5 سالن اندر ٺاهي ورتي .... ان کان خوبصورت اسان جي گورک هِل کي 50 سال ٿي ويا آهن پر مڪمل نه ٿي سگهي آهي .... رڳو سرڪاري خزاني جو پئسو پيو خرچ ٿئي!