پورچوگالي لفظن جو اسان وٽ استعمال
اهڙي طرح ڪيترا لفظ انگريزيءَ جا اسان جي ٻوليءَ ۾ آهن جن لاءِ اهو احساس ئي نٿو ٿئي ته ڪو ڪنهن ڌارئين ٻولي ـــ انگريزيءَ جا آهن... جيئن ته گلاس، ريل، فلم، پين، هال، هوٽل، واچ، بوتل، بس، روڊ، وغيره. اهڙا سوين بلڪ هزارين لفظ اسانجي ٻوليءَ ۾ آهن. ظاهر آهي ٻه سؤ سالن کان مٿي انگريزن اسان جي ملڪ تي حڪومت ڪئي سو انهن جي ٻوليءَ جو اسان جي ٻوليءَ تي اثر ڇو نه ٿيندو. ٻيو ته ٺهيو پر ترڪن جي زبان جا به ڪيترا لفظ اڙدو توڙي سنڌيءَ ۾ اچي ويا آهن. ترڪن جي سلطنت عثمانيه (Ottomon Empire) جي ته عرب ملڪن تي به حڪومت رهي سو ترڪن جي ٻوليءَ جا لفظ عربي ۽ فارسي ۾ به اچي ويا آهن. اسان وٽ ترڪ ٻوليءَ جا لفظ جيڪي اسان وٽ عام استعمال ٿين ٿا ڪجهه هن ريت آهن: دريا، ديوار (ڀت)، چقمق، ڪئنچي، يلغار، ايلچي، اتاشي، زنجير، آپا، باجي، جانم .... ويندي ڇت ۽ ويلڻ، تمغو، ڪربوز (خربوزه)، پهلوان، آرزو (خواهش)، باروت (بارود)، عڪس، عدالت.... وغيره وغيره.
اسان جڏهن انگريزن ۽ سندن زبان انگريزيءَ جي ڳالهه ٿا ڪريون ته اسان کان اهو وسريو وڃي ته انگريز ته اسان وٽ 1600 ڌاري اچڻ شروع ٿيا پر پورچوگالي ته 1498 ۾ واسڪوڊا گاما جي انڊيا پهچڻ سان اچڻ شروع ٿي ويا ۽ گوا، گجرات، ممبئي ويندي ٺٽي تائين جنهن پهرين يورپي قوم جو اسان وٽ اثر رسوخ رهيو اها پورچوگالي هئي. انگريزي ٻوليءَ جا لفظ ته اسان جي سنڌي يا اڙدو ۾ پوءِ آيا ان کان اڳ هڪ صدي ته پورچوگالي ٻولي ٻڌي وئي ٿي. پورچوگالي ٻوليءَ جا لفظ نه فقط اسان جي ٻولين ۾ اچي ويا هئا پر انگريزيءَ ۾ پڻ! ايتريقدر جو پورچوگالين جي ملايا ۽ مڪائو (چين) ۾ حڪومت هجڻ ڪري ملئي ۽ چيني ٻولين ۾ به ڪيترائي پورچوگالي لفظ اچي ويا. ملئيءَ ۾ انگريزيءَ جا به انيڪ لفظ شامل آهن پر اهي اٽڪل سؤ سالن بعد انگريزن جي حڪومت دوران آيا.
پورچوگالي لفظن جو ٿو سوچجي ته حيرت ٿي ٿئي جو اهي لفظ ايڏو ته اسان جي ٻولين جو حصو ٿي ويا آهن جو يقين ئي نٿو اچي ته اهي ڪي ڌارين ٻولين جا لفظ آهن ـــ خاص ڪري پورچوگالي زبان جا!
نموني خاطر ڪجهه پورچوگالي لفظ هتي لکان ٿو:
الماري ـــ پورچوگالي لفظ آرماريو مان نڪتو آهي.
ميز ـــ ميسا
پادري ـــ پادري Padre
اسڪول ـــ ايسڪولا
ٽانڪي ـــ ٽانڪي Tanque
ٽوال ـــ تاليا ـــ تولها Toalha
سپاٽو (چپل) ـــ سپاٽو
ڦيٿ (ماپڻ جي) ـــ فيتا
ورانڊو ـــ ورانڊا Varanda
ڪوبرا (واسينگ نانگ) ـــ پورچوگالي لفظ ”ڪوبرا ڊي ڪاپيلو“ (ڦڻ وارو نانگ) جو شارٽ فارم آهي. انگريزي جو لفظ لانچ (ٻيڙي) پورچوگالي لفظ Lancha مان نڪتل آهي.
انگريزي لفظ Mangoپورچوگالي لفظ Manga مان نڪتل آهي جيڪو ملايا حڪومت دوران پورچوگاليءَ ۾ ملئي ٻوليءَ مان آيو جو ملئي ماڻهو انب کي Mangga سڏين ٿا. ويندي انگريزيءَ جو لفظ Mosquito پورچوگالي لفظ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ ”ننڍڙي مک“ آهي.
ڪيترن کي حيرت ٿيندي ته سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ٻٽاٽا (پٽاٽا) پورچوگالي لفظ Batata مان آهي جنهن مان انگريزي لفظ Potato ٿيو. ياد رهي ته پٽاٽا ۽ ٽماٽا ايشيا، آفريڪا يا يورپ جي ڀاڄي ناهي پر ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ برازيل جي آهي جتان پورچوگالين سورهين صديءَ ۾ اسان وٽ آندي.
”نيگرو“ جيڪولفظ اسانوٽ يا انگريزيءَ ۾ آفريڪا جي شيديءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو پورچوگالي آهي جنهن جي معنيٰ ”ڪارو“ آهي. انناس (Pineapple) ميوو سائوٿ آمريڪا کان اسان وٽ پهرين ملايا ۾ ۽ پوءِ انڊيا ۾ پهتو. انناس کي برازيل جي اصلي باشندن ”نانا“ سڏيو ٿي جنهن کي پورچوگالين اناناس سڏيو ۽ اسان جي ماڻهن پورچوگالين کان اهو نالو ٻڌي ”انناس“ سڏيو ۽ ملئي ماڻهن ”ناناس“ سڏيو. هڪ ٻيو ميوو جنهن کي سنڌي يا اڙدوءَ ۾ سنگتڙو سڏجي ٿو اهو ميوو پڻ انڊيا ۾ پورچوگالين آندو جنهن کي هنن سنترا (Cintra) سڏيو ٿي. پورچوگالين ڏکڻ آمريڪا جي ان ميوي جو نالو پورچوگال جي هڪ شهر ”سنترا“ تان رکيو (جيڪو پورچوگال جي گادي واري شهر ”لسبن“ جي ڀرسان آهي) جتي اهو ميوو تمام گهڻو پوکيو ويو ٿي. اهو ائين آهي جيئن اسان وٽ هڪ قسم جو ڏاڙهون ”قنڌاري“ سڏجي، اهڙي طرح چڻا (ڇولا) ”ڪابلي“ سڏجن ٿا. انب دسهڙي (انڊيا جي شهر نالي) سڏجي ٿو. پپيو جنهن کي اڙدوءَ ۾ پپيتو سڏجي ٿو، اهو ميوو پڻ ڏکڻ آمريڪا خاص ڪري ڪئريبين سمنڊ واري ٻيٽن جو آهي جنهن کي پورچوگالين گوا (انڊيا) ۽ ملاڪا (ملايا) ۾ آندو جتي سندن حڪومت هئي ۽ پورچوگالي ٻوليءَ ۾ ان کي ”پپيا“ سڏين.
الماري ته پورچوگالي لفظ آهي پر چاٻي (ڪنجي) پڻ جيڪو پورچوگالي لفظ ”چاوي“ (Chave) مان آهي. گجراتيءَ ۾ ته ان کي چون ئي چاوي. ڪپڙن کي لسو ڪرڻ واري ”استري“ پڻ پورچوگالي لفظ استرار (Estirar) مان آهي. بالٽي (Bucket) لفظ به پورچوگالي لفظ ”بالدي“ مان نڪتل آهي. سنڌيءَ ۾ ته سڏين ئي باردي. اهڙي طرح عيسائين جي عبادت گهرَ (Church) لاءِ اسان وٽ ”گرجا“ پورچوگالين مشهور ڪيو جنهن کي هنن Igreja سڏيو ٿي. اهڙي طرح ساسر يا پليٽ لاءِ جيڪو لفظ ”پرچ“ اسان استعمال ڪريون ٿا اهو پورچوگالي لفظ پيريس (Pires) مان آهي. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ڊرم لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ پِيپ آهي يا اڙدوءَ ۾ پيپا جيڪو پورچوگالي لفظ Pipa تان ورتل آهي. اهڙي طرح اسان وٽ استعمال ٿيندڙ لفظ نيلام، پگهار ۽ فالتو (Extra) لفظ پڻ پورچوگالي ٻوليءَ جا آهن.
***