الطاف شيخ ڪارنر

برونائيءَ کان برازيل

هي ڪتاب برونائي ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن: پاناما، چلي، ڪوراسائو، برازيل جي سفرنامن تي مشتمل آهي جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي. الطاف شيخ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
هن ئي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ الطاف شيخ لکي ٿو:
”هڪ ٻي ڳالهه ته هي بولچند جهڙا امير ماڻهو رڳو پئسي جي زور تي وڏا واپاري نه ٿيا جيڪا غلط فهمي اسان جي ڪيترن ماڻهن، خاص ڪري انهن ”سنڌي مسلمانن“ کي رهي ٿي جن کي واپار جو تجربو نه آهي. ۽ ائين به نه آهي ته پرديس ۾ وڏو نالو ۽ ناڻو پيدا ڪندڙ ”سنڌي هندوءَ“ کي هر وقت سهولتون ۽ آسانيون مليون. هرگز نه. هنن تي ڏکيا ڏينهن به آيا. هنن جي سالن جي ڪمائي ۽ واپار هڪ جهٽڪي ۾ ختم به ٿي ويو. دنيا جو امير ترين واپاري هانگ ڪانگ جو سنڌي ”هري ليلا“ ٻي جنگ عظيم ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو ۽ گهر جي اٽي لاءِ هو مٿي تي ٿالهه رکي چين ۽ هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ شيون وڪڻندو رهيو. هن جيتوڻيڪ بعد ۾ پنهنجي کيسي مان هانگ ڪانگ يونيورسٽي ٺهرائي، پر ننڍي هوندي هن کي اسڪول جي في ٻه ڊالر نه هجڻ ڪري پاڻ پڙهي نه سگهيو.“
  • 4.5/5.0
  • 4585
  • 1340
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book برونائيءَ کان برازيل

برونائيءَ ۾ ڇا ڏسجي

برونائي گهمڻ جهڙو ملڪ ضرور آهي پر اسان جي ماڻهن لاءِ نه. انگريز، يورپي، آمريڪن يا جپاني ته ڀلي برونائي گهمڻ لاءِ اچن جو هو امير ماڻهو آهن ۽ برونائي (ويندي ڪويت) جهڙا ملڪ، جن کي ٽوئرزم مان ڪمائڻ جي ضرورت ناهي (۽ هو ان ۾ دلچسپي نٿا رکن ته ڌاريان ماڻهو سندن ملڪ ۾ رلندا وتن) اهي به کين بنا ويزا جي اچڻ ڏين ٿا پر اسان جهڙن ماڻهن لاءِ يعني جن جو تعلق پاڪستان سان آهي، اهي هڪ ته بنا ويزا جي برونائيءَ ۾ اچي نٿا سگهن ۽ ٻيو ته برونائي جي ويزا حاصل ڪرڻ، خاص ڪري گهمڻ لاءِ ته بيحد مشڪل آهي. برونائيءَ ۾ نوڪري ملڻ تي اسان کي ورڪ ويزا ملي ٿي ۽ اسان وڃي سگهون ٿا. يا ساک وارا بزنيس مين ضرورت مطابق برونائي بزنيس سيٽ اپ ڪرڻ لاءِ ”بزنيس ويزا“ حاصل ڪري سگهن ٿا. ملائيشيا ۾ ڏسندو آهيان ته ڪيترا اسانجا بزنيس مين جن جو ملائيشيا، انڊونيشيا، ٿائلنڊ يا ٻين ملڪن ۾ بزنيس آهي اهي اڪثر برونائي ويندا رهن ٿا.
ساڳي وقت ڏٺو وڃي ته برونائيءَ وڃڻ اسان لاءِ آسان هجي ته به گهمڻ لاءِ برونائي وڃڻ وڏي بيوقوفي ٿيندي. اهو ملڪ جيڪو ڪوالالمپور (ملائيشيا) کان به ٻيڻي پنڌ تي آهي يعني جنهن جي ٻيڻي ٽڪيٽ آهي، مهانگائي جپان جهڙي آهي ۽ جيڪو ملڪ اسانجي حيدرآباد ضلعي جيڏو ڪو مس آهي.... يعني جنهن کي گهمڻ لاءِ صبح کان شام تائين هڪ ڏينهن ڪافي آهي اتي وڃڻ بدران ته ماڻهو ڪولمبو يا کٽمنڊو هليو وڃي جتي پڻ هو برونائئ جهڙي ساوڪ، سونهن ۽ جهنگل ڏسي سگهي ٿو.... يا ممبئي، گوا، مشهد ۽ اصفهان هليو وڃي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته اسانجو 90 سيڪڙو ماڻهو گهمڻ لاءِ برونائي وڃڻ پسند نه ڪندو جو هو شراب ۽ شباب لاءِ وڃي ٿو. هو بئنڪاڪ يا دبئي ئي وڃڻ پسند ڪندو. برونائيءَ ۾ ته سخت اسلامي قانون آهن. اسانجو امير ماڻهو اصفهان ۽ ڪرمال گهمڻ لاءِ ايران جي مفت ويزا ملڻ تي به نه ويندو پر 20 هزار رپيا ڏئي دبئي گهمڻ جي ويزا وٺندو جو دبئي وارن ٽوئرسٽن مان پئسو ڪمائڻ لاءِ هنن کي هر کائڻ جو بندوبست ڪيو آهي. اسانجو ماڻهو دبئي جي ايئرپورٽ مان نڪري ڊيوٽي فري شاپ ۾ گهڙي ٿو ۽ وسڪي ۽ بيئر جو ڪريٽ خريد ڪري ٿو. هوٽل ۾ پهچي وچ ايشيا جي ملڪن جي ڪنهن رول رن يا چيني، فلپينو، ٿائي ڇوڪريءَ جو آرڊر بُڪ ڪري ٿو.... آئون پنهنجي ملڪ جي غريب ماڻهن جي ڳالهه نٿو ڪريان جيڪي پيٽ گذر لاءِ، ٻارن کي ڇڏي، دبئي جهڙي وارياسي ۽ گرم ملڪ ۾ پورهيو مزدوري ڪرڻ اچن ٿا. آئون انهن رشوتخور ڪامورن، حرام کائيندڙ سياستدانن ۽ وڏيرن جاگيردارن جي ڳالهه ٿو ڪريان جيڪي ويڪ اينڊ (هفتي جا ٽي ڏينهن) Enjoy ڪرڻ لاءِ دبئي پهچن ٿا. هاڻ هنن لاءِ دبئيءَ ۾سمورا اهي عيش موجود آهن جن کان ڪنهن زماني ۾ بئنڪاڪ (ٿائلنڊ) مشهور هو.
بهرحال هتي آئون اسانجي انهن ماڻهن لاءِ لکڻ ٿو چاهيان جيڪي برونائي جي مختلف تعليمي ادارن، تيل ۽ گئس ڪمپنين ۾ يا انجنيئرنگ ڪمپنين ۽ اسپتالن ۾ ڪم ڪن ٿا يا ايسٽ ملائيشيا جي رياستن صباح ۽ سراواڪ ۾ ڪم ڪن ٿا. خاص ڪري سرڪاري ادارن ۾..... ڇاڪاڻ جو انهن کي برونائي گهمڻ جي ويزا آسانيءَ سان مليو وڃي ۽ هو ملائيشيا جي سراواڪ رياست جي شهرن: ڪُچنگ، بنتُوو، لمباگ، مِري، سيبُو ۽ ٻين شهرن کان ڪار يا موٽر بوٽ (لانچ) ذريعي برونائي جي گادي واري شهر ”بندر سري بيگوان“ ۽ ”ڪئالا بيلايت“ جهڙن شهرن ۾ گهمڻ لاءِ اچي سگهن ٿا. هو موڪل جو ڏينهن برونائيءَ ۾ گذاريندي ڇا ڇا ڏسي سگهن ٿا؟ اهو سوال مون برونائيءَ ۾ رهندڙ ڪنهن پاڪستانيءَ کان ڪرڻ چاهيو ٿي. اسانجو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊميءَ جوساٿي درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم برونائيءَ ۾ تمام وڏو عرصو رهيو آهي .... اٽڪل ست سال کن. هن ڪئالا بيلايت جي مئرين ڪاليج ۾ نيويگيشن جا سبجيڪٽ پڙهايا آهن. موڪل واري ڏينهن ڪار کڻي هر ملڪ جا مڪان ۽ ماڳ گهمڻ ڦرڻ هن جي خاص وندر رهي آهي. هن جي ذهن ۾ برونائيءَ جون گهمڻ لائق جايون هن ريت آهن:
[b]سلطان عمر علي سيف الدين مسجد
[/b]سلطان عمر برونائيءَ جو 28 هون سلطان ٿي گذريو آهي ۽ موجوده سلطان حسن البوليخا جو والد هو. هيءَ مسجد برونائيءَ جي گادي واري شهر بندر سري بيگوان ۾ آهي ۽ ملڪ جي Land Mark سمجھي وڃي ٿي.... جيئن تاج محل انڊيا جو لئنڊ مارڪ آهي يا فيصل مسجد اسلام آباد جو ۽ پڪو قلعو حيدرآباد جو آهي.
”سلطان عمر مسجد“ هڪ اعليٰ ۽ شاهي قسم جي مسجد آهي. رات جي اونداهيءَ ۾ هيءَ پري پري تائين چمڪندي نظر اچي ٿي. هن مسجد کي 28 گنبذ (Domes) آهن جيڪي هن 28 هين سلطان جي نشاندهي ڪن ٿا.

[b]جامع عصر حسن البوليخا مسجد
[/b]هيءَ مسجد برونائيءَ جي وڏي ۾ وڏي مسجد آهي ۽ هن کي 29 گنبذ آهن يعني هيءَ مسجد موجوده سلطان حسن جي ياد ۾ ٺاهي وئي آهي. هيءَ مسجد هن سلطان جي بادشاهيءَ جي 25 هين سالگرهه ملهائڻ جي موقعي تي ٺاهي وئي هئي. هن مسجد کي ”ڪئارونگ مسجد“ به سڏين ٿا جو بندر سري بيگوان کان 4 ڪلوميٽر پري جنهن ڳوٺ ۾ هيءَ 20 ايڪڙن تي مسجد آهي ان جو نالو ”ڪمپونگ ڪئارونگ“ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هتي جا ڳوٺ به شهرن سان ملي هڪ ٿي ويا آهن. اسان ننڍا هئاسين .... يعني سٺ ستر سال اڳ ڪياماڙي، کارادر، صدر، لسٻيلو، چنيسر ڳوٺ، لالو کيت، ملير، ماريپور وغيره الڳ الڳ ڳوٺ هئا جن جي وچ ۾ ڪا آبادي نه هئي. انهن ڏينهن ۾ نارٿ ناظم آباد، نيو ڪراچي، گلستان جوهر ۽ ويندي گلشن اقبال جو ته وجود ئي نه هو. اڄ اهي سڀ ملي هڪ شهر ڪراچي ٿي ويو آهي. برونائي سڄو ملڪ ته ڪراچيءَ جي اڌ جيترو به ناهي ۽ ڇا ته هنن وٽ تيل جو پئسو آهي سو توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته سڄو برونائي يورپ ۽ جپان جهڙي ڪنهن ماڊرن ملڪ جو شهر ٿو لڳي.

[b] ڪمپونگ آئر:
[/b]ڪمپونگ آئر جي معنيٰ آهي ”آبي ڳوٺ“ يعني پاڻيءَ تي ٻڌل ڳوٺ. ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ڪيترن ملڪن ۾ توهان کي اهڙيون وستيون نظر اينديون جتي درياءَ جي مٿان گهر آهن جن ۾ رهندڙن جي آمدرفت ٻيڙين ذريعي ٿئي ٿي جيئن اٽليءَ جي شهر وينس ۾. برونائيءَ ۾ ”برونائي نديءَ“ تي هي دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ آڳاٽو ڳوٺ آهي. هن کي ڏسڻ لاءِ ڌارين ملڪن جا ماڻهو موڪلن وارن ڏينهن تي اچن ٿا. هونءَ ته ڪنهن زماني ۾..... يعني سؤ ڏيڍ سؤ سال اڳ هتي جا رهاڪو مهاڻا غريب هئا پر هاڻ برونائيءَ جي حڪومت ملڪ مان نڪرندڙ پيٽرول مان هر ماڻهوءَ کي خوشحال بنائي ڇڏيو آهي. اڄ هو نه غريب آهن ۽ نه هاڻ مڇي مارڻ جهڙو پورهيو ڪن ٿا. هنن وٽ پئسو ايڏو جام آهي جو ملڪ جي وڏن ڊپارٽمينٽل اسٽورن مان مختلف ملڪن کان امپورٽ ٿيل فروزن مڇي ۽ گانگٽ خريد ڪريو اچن. هر هڪ جي در اڳيان جيتوڻيڪ ننڍڙي ٻيڙي ٻڌل آهي پر اها فقط هڪ گهر کان ٻئي گهر وڃڻ لاءِ يا ڪناري تي پهچڻ لاءِ جتي هر هڪ جي پنهنجي مرسيڊيز يا وولوو جهڙي ڪار پارڪ ٿيل آهي.

[b]برونائي ميوزيم:
[/b]هن ملڪ جي ماڻهن ۽ سلطانن جا آڳاٽا خنجر، تلوارون ۽ بندوقن جهڙيون شيون توهان هن ميوزم ۾ ڏسي سگهو ٿا. بورنيو ٻيٽ وٽ تباهه ٿيل آڳاٽن جهازن مان مليل مختلف شيون پڻ هتي آهن. برونائي ميوزم جي ڀرسان ئي ”ملئي ٽيڪنالاجي ميوزم“ آهي جنهن ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو ته هن ملڪ جا ماڻهو ٻيڙيون ڪيئن ٺاهيندا هئا..... لوهار ۽ سونارا ڪيئن مختلف شيون: ڪهاڙيون، ڪوڏرون، پرانگ (خنجر)، ڏاٽا ۽ سونا ڳهه تيار ڪندا هئا.

[b]استانا نورالايمان.
[/b]ملئي ٻوليءَ ۾ محل کي استانا سڏين ٿا. برونائي نديءَ جي ڪناري تي هي خوبصورت ۽ قيمتي شين سان سينگاريل محل دنيا جو وڏي ۾ وڏو محل آهي. هي محل برونائي جي سلطان جو سرڪاري رهائش گاهه سڏيو وڃي ٿو. عيد جي موقعن تي عام ماڻهن جي ڏسڻ لاءِ پڻ کوليو وڃي ٿو. هن محل جي ڊيزائين مشهور انجنيئر ليناڊرو (Leandro V. Locsin) ٺاهي ۽ فلپين جي فرم Ayala Corporation وارن هن کي ملئي ۽ اسلامي عمارتسازيءَ جو به رنگ ڏنو. هن محل ۾ 1788 ڪمرا ۽ 257 باٿ رومون آهن. شادي هال (Banquet Hall) ايڏو وڏو آهي جو 5000 ماڻهو آرام سان ويهي ماني کائي سگهن ٿا.

[b]لاپائو (Lapau) ـــ شاهي رسمن جو هال:
[/b]هيءَ عمارت جيڪا ”جالان ڪيانگيهه“ (روڊ) تي آهي شاهي رسمن رواجن لاءِ استعمال ٿئي ٿي. 1968ع ۾ هن موجوده سلطان جي تاج پوشي به هتي ٿي هئي. هن ئي عمارت ۾ ملڪ جا قانون ٺاهيندڙ ادارو ”ديوان مجسل“ پڻ آهي جنهن ۾ ملڪ جي اسيمبلي جا ميمبر ملن ٿا. لاپائو ڏسڻ لاءِ ٽوئرسٽن کي اڳ واٽ اجازت وٺڻي پوي ٿي. اسيمبلي جي ميمبرن جي گڏجاڻيءَ لاءِ هاڻ نئين عمارت Jalan Mabohai تي ٺهي آهي. ملئي ٻوليءَ ۾ ”جالان“ جي معنيٰ ”هلڻ“ به آهي ته ”روڊ، رستو“ پڻ. ”جالان رايا“ معنيٰ هاءِ وي. ڇو جو ملئي لفظ Raya جي معنيٰ آهي وڏو. ان تان ملئي لفظ ”هري رايا“ معنيٰ ”عيد“ ٺهيو آهي Hari معنيٰ ڏينهن ۽ رايا معنيٰ وڏو سو ٿيو ”وڏو ڏينهن“ معنيٰ عيد جو ڏينهن. هتي برونائي، انڊونيشيا يا ملائيشيا ۾ چوندا آهن ته هري رايا جي موڪلن ۾ ملنداسين..... يعني عيد تي ملنداسين. هنن ملڪن ۾ عيد ڪارڊن تي ”عيد مبارڪ“ لکيل هجڻ بدران “Selamat Hari Raya” لکيل هوندو آهي. جيئن اسان جا ڪي ڪي لفظ ڌارين کي حيرت ڏياريندا آهن تيئن ملئي لفظ اسان کي حيرت ڏيارين ٿا. جيئن هتي Side Walk يا فٽ پاٿ کي ”جالان ڪاڪي“ سڏين. Kaki معنيٰ پير. موڪلائڻ واري کي ”خدا حافظ“ چوڻ بدران ”سلامت جالان“ چون..... معنيٰ رستي جي سلامتي هجئي. هڪ دفعي ملائيشيا جو جهنگل هڪ سوڙهي رستي تان ڪراس ڪري رهيو هوس ته سامهون ٽئڪسي اچي رهي هئي. مون داداگيريءَ ۾ پنهنجي ڪار جو اڌ ڪچي ۾ لاهڻ بدران گهٽ لاٿو. نتيجي ۾ اسان جي ڪارن جي پاسي کان لڳل آرسيون هڪ ٻئي سان لڳي ڀڄي پيون. مون کي اڃان گهڻي ملئي ٻولي نٿي آئي. آئون جيسين جملو ٺاهي هن کان معافي وٺان، ڳوٺاڻو ٽئڪسي ڊرائيور ”مَڪن جالان، مَڪن جالان“ چوندو رهيو. مڪن جي معنيٰ ته مونکي آئي ٿي معنا کائڻ ۽ هيستائين ملائيشيا ۾ رهي مڪن ايام (ڪڪڙ)، ناسي (چانور) ۽ ناناس (انناس) وغيره ته کائي چڪو هوس پر اها خبر نه هئي ته جالان به ڪا شيءِ آهي جيڪا کائبي آهي. گهر پهچي پوءِ مونکي خيال آيو ته هن جو مطلب هو ته آئون سندس حصي جي اڌ رستي تي قبضو ڪري پئي هليس يعني مون هن جو رستو، حق پئي کاڌو.
انگريزيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته:
All Raods lead to Rome
اهڙيءَ طرح ملئي ٻوليءَ ۾ آهي ته:
Ada Banyak Jalan Menuju ke Makah
سڀ رستا مڪي ڏي وڃن ٿا.

[b]مقام دي ـــ راجا: (سلطانن جو قبرستان)
[/b]سنگائي برونائي (برونائي ندي) جي ڪناري وٽ ”سُون لي ميگا مارٽ“ سپر مارڪيٽ جي پويان ”جالان توتانگ“ تي هن ملڪ جي شاهي خاندان جو قبرستان آهي جنهن ۾ موجوده سلطان جي والد سلطان عمر علي سيف الدين (جنهن 1950ع کان 1967ع تائين حڪومت ڪئي ۽ 1986ع ۾ وفات ڪئي)، جو مقبرو آهي. ان کان علاوه احمد تاج الدين (1950-1924ع)، محمد جمال العالم (1924-1906ع) ۽ هاشم جليل العالم (1906-1885ع) جا پڻ مقبرا آهن.

[b]قبور دانگ آيانگ
[/b]جنرل پوسٽ آفيس جي سامهون جتي ”طيب بلڊنگ“ جي پارڪنگ آهي اتي هڪ غيباتي قسم جي ڊٺل قبر آهي جنهن جي چوڌاري ننڍڙي ڀت به آهي. چون ٿا ته هڪ عورت کي بدفعلي جي ڏوهه مان ”ڪمپونگ آئر“ جي ماڻهن ڀڄائي ڪڍيو جنهن هتي جهنگل ۾ اچي پناهه ورتو هو. انهن ڏينهن ۾ برونائي سڄو گھاٽو جھنگل هو جيڪي ٿورا گهڻا ماڻهو رهيا ٿي اهي درياهه برونائيءَ جي ڪناري تي رهيا ٿي.
سال 2007ع جي برونائي ٽائيمس جي اخبار (ڇنڇر 7 اپريل) جي مون وٽ ڪٽنگ آهي جنهن ۾ فيچر طور هن قبر بابت ڪهاڻي لکيل آهي ته هن قبر ۾ دفن ٿيل عورت ”دانگ آيانگ“ ٿي سگهي ٿو هڪ عام عورت نه پر شاهي خاندان جي هجي جو هيءَ قبر ”قبور راجا آيانگ“ جي نالي سان پڻ سڏي وڃي ٿي. برونائي جي ”هسٽري سينٽر“ جي پرنسپال جي لکيل پيپر مطابق هيءَ قبر ڪنهن دورَ جي شهزاديءَ جي لڳي ٿي جنهن جو پيءُ عرب نسل جو، ٿي سگهي ٿو سلطان شريف عليءَ جو مائٽ هجي. لڳي ٿو ته اهو ڏوهه جو ڪم 1452 ڌاري ٿيل آهي جڏهن برونائيءَ جو سلطان سليمان هو جنهن 1432 کان 1485 تائين حڪومت ڪئي. قبر تي لڳل ڪُتبي تي عربيءَ ۾ به لکيل آهي ته اميد ته هن عورت جيڪا هن دنيا ۾ سزا ڀوڳي اها سندس گناهه جي عيوض ڪافي ٿيندي. رب پاڪ کان دعا آهي ته هو هن گنهگار ٻانهيءَ کي بخش ڪندو ۽ جنت ۾ جايون ڏيندو.
مٿين ڳالهه مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته ماضيءَ ۾ هن ملڪ ۾ قانون جي ايتري ته حڪمراني رهي ۽ ڏوهاري کڻي ڪو شاهي خاندان جو ماڻهو ثابت ٿيو ٿي ته به هن کي سزا کان معاف نه ڪيو ويو ٿي. ان کان علاوه اهو به لڳي ٿو ته هن ملڪ ۾ اسلامي قانون جو احترام ڪيو ويو ٿي. اڄ به برونائي جو سرڪاري مذهب اسلام آهي ۽ 54 قانونن مان 37 جو واسطو اسلامي شريعت سان آهي.
***