برونائيءَ جي مسلمانن جو شافعي فرقي سان واسطو
هن پاسي جا، يعني ملائيشيا، انڊونيشيا، برونائي، برما، ٿائلنڊ، فلپين پاسي جا ۽ آفريڪا ڏي جبوتي، يمن، اٿوپيا، سوماليا جا مسلمان شافعي اسلامي قانون جي مڪتب سان تعلق رکن ٿا. امام شافعي جو سڄو نالو ابو عبدالله محمد بن ادريس الشافعي هو پاڻ 767ع ۾ ڄائو ۽ 820ع ۾ وفات ڪيائين.
هونءَ اسان جي ملڪ جا مسلمان جن جو حنفي فقه سان تعلق آهي، جڏهن ٿورن ڏينهن لاءِ ملائيشيا يا برونائي اچن ٿا ته هنن کي ڪو فرق نظر نٿو اچي. پر گهڻو وقت رهڻ تي ئي ڪجهه ڳالهيون محسوس ٿين ٿيون. اسان جي ملڪ ۾ پيرن، فقيرن، درويشن، اوليائن جا نه رڳو مقبرا ۽ درگاهون آهن پر ڪيترا اڻ پڙهيل ۽ ايمان جا ڪچا پنهنجي رب کان گهرڻ بدران انهن قبرن کان پنن ٿا ۽ انهن اوليائن کي داتا، گنج بخش ۽ غريب نواز جهڙا لقب ڏين ٿا. آئون ڪو عالم نه آهيان پر منهنجي خيال ۾ ان ڳالهه لاءِ امام حنفي به اجازت نه ڏني هوندي ڇو جو سعودي عرب وارا جيڪي منهنجي خيال ۾ حنفي آهن اهي به اسان جي ان قبر پرستي کي نندين ٿا. هتي جا شافعي ته ان قسم جو مقبرو يا درگاهه ٺاهڻ جي به اجازت نٿا ڏين. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪوالالمپور ۾ رهندڙ هڪ پاڪستانيءَ پنهنجي پيءُ کي گهر ۾ دفن ڪري مقبرو ٺاهيو جيئن هن جا پوئلڳ پاڪستاني هن جي قبر تي اچي دعا گهرن. هتي جي سرڪاري کي جيئن ئي خبر پيئي ته هن يڪدم ڊهرائي ورتو.
شافعي قانون مطابق هتي مرد زال کي طلاق ڏئي سگهي ٿو پر زال کي اجازت ناهي ته هوءَ طلاق جي ڳالهه ڪري.
ڪنهن بالغ کي مخالف جنس کي ڇهڻ سان وضو ٽٽيو پوي.
ڪي فقه شطرنج راند کي حرام سمجھي ان تي بندش وجھن ٿا پر شافعي ان کي حرام نه پر مڪروهه سمجھي ٿو.
اسان وٽ گانگٽ، کيکڙا، سِپون شايد مڪروهه سمجھيا وڃن ٿا پر هن پاسي جا ملئي ماڻهو چينين وانگر هر سامونڊي شيءِ کائين ٿا.
هتي جا شافعي ماڻهو پنهنجي گهر ۾ ڪنهن به ساهواري جي تصوير هڻڻ جي سخت منع ڪن ٿا.
هتي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين لاءِ طهر ضروري سمجھيو وڃي ٿو. شهر ۾ هاڻ ڇوڪرين جو طهر نٿو ٿئي پر ڳوٺن ۾ اڄ به عام آهي. آفريڪا جي به ڪيترن ملڪن ۾ ڇوڪرين جو طهر عام آهي جنهن بابت تفصيل سان ”ممباسا ـــ شيدي باڇا همباشا“ آفريڪا واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان.
ڪجهه ڪجهه عصر (وچين) جي نماز جي وقت تي به مختلف رايو آهي. اسان وٽ وچينءَ جو وقت تڏهن ٿو شروع ٿئي جڏهن پاڇي جي سائيز ماڻهوءَ يا ڪنهن به شيءِ جي برابر ٿئي پر هن پاسي عصر نماز ڪجهه دير سان پڙهي وڃي ٿي جڏهن پاڇي جي ٻيڻي سائيز ٿئي ٿي.
بهرحال اهي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون آهن. ٿي سگهي ٿو منهنجي غلط ڄاڻ يا مشاهدو هجي پر لکڻ سان منهنجو مقصد اهو آهي ته اسان جو ماڻهو جڏهن هنن ملڪن ۾ نوڪري، پورهئي، بزنيس يا گهمڻ لاءِ اچي ٿو ته هن کي کپي ته هو مذهب تي مقامي ماڻهن سان بحث نه ڪري ۽ نه هو ئي ڪن ٿا. پر اها اسان پاڪستانين جي بد قسمتي آهي جو اسان هيڪاندا جذباتي آهيون، ڄاڻ نه هوندي به پنهنجا اصول ٻين تي ٿاڦڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ۽ اهو ئي سبب آهي جو هتي اسانجي ماڻهن کي ايترو پسند نٿو ڪيو وڃي. مثال طور ملائيشيا يا انڊونيشيا جهڙن ملڪن جو سرڪاري مذهب اسلام آهي پر هنن ملڪن ۾ اڌ جيترا ته چيني ۽ سائوٿ انڊين آهن جيڪي سوئر کائين ٿا. ۽ هر مارڪيٽ ۾ ويندي ڪوالا سنگائي بارو جهڙي ننڍي ڳوٺ ۾ جتي آئون رهندو هوس، ڪڪڙين ۽ ڳائي گوشت جي مارڪيٽ هڪ طرف هئي ته ٻئي پاسي کان سوئر جي گوشت جي .... يعني وچ ۾ فقط پارٽيشن هو. هاڻ اسان جو ماڻهو اچي هتي تقرير ڪري ته ملئي ڪافر آهن هنن جي ملڪ ۾ سوئر جو گوشت ٿو وڪامي ته هو اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهن ته هي ملڪ گهڻ مذهبو ۽ گهڻ قومو آهي .... ائين ته ملائيشيا جا انڊين هندو اهو چئي سگهن ٿا ته توهان مسلمان ڳئون کي ڇو ٿا ذبح ڪريو.
بهرحال ملائيشيا، برونائي ۽ انڊونيشيا ۾ رهندڙ پنهنجن هم وطنين کي اهو ئي مشورو آهي ته هو جنهن ڪم لاءِ آيل آهن.... پڙهائي، نوڪري، بزنيس.... ان ۾ بزي رهن. گهـٽ ۾ گهٽ بيف ۽ ڪڪڙيون (ٻڪريون هتي ورلي ٿين) صحت مند ۽ زندهه ملن ٿيون. انهن جي نالي ۾ ڪو حرام گوشت ته نٿو وڪامي. اسان کي پنهنجي ملڪ جو فڪر ڪرڻ کپي جتي نه رڳو زندهه پر مئل گڏهن، گھوڙن ۽ مرضيل ڪڪڙين، مينهن ۽ ٻڪرين جو گوشت به هلايو وڃي ٿو.... جتي هر شيءِ ۾ ملاوٽ آهي.
هونءَ به هنن ملڪن ۾ اهو پسند نٿو ڪيو وڃي ته Expatriates يعني ڌارين ملڪن جا هتي نوڪري ڪندڙ يا تعليم حاصل ڪندڙ مڪاني سياست يا مذهب تي ڳالهائين. هنن لاءِ اسان ڌارين ملڪن جا مسلمان ڀائر پنهنجي جاءِ تي آهيون.... اسان مسجدن ۾ گڏ نماز پڙهون ٿا، عيدن تي هڪ ٻئي جي گهر وڃون ٿا ۽ هو اسان کي اسلامي ڀائر سمجھن ٿا پر ياد رکڻ کپي ته هنن لاءِ سندن ملڪ جا چيني ۽ سائوٿ انڊين وڌيڪَ پيارا آهن جيڪي هنن جا هم وطن آهن جن کي ملائيشيا (يا برونائي وغيره) جو پاسپورٽ آهي. ٻي ڳالهه ته هنن پَٽَن (علائقن) جي اها ڳالهه ڏاڍي سٺي آهي ته هو نه ڪنهن جي گلا ڪن ٿا ۽ نه پنهنجي راءِ ٻين تي ٿاڦين ٿا. هو هر ڳالهه ۾ Low Profile رکن ٿا.... نه جلد چڙ جو اظهار ڪن ٿا ۽ نه خوشيءَ جو. اهڙي وايو منڊل ۾ اسان جي ننڍي کنڊ جا جذباتي ماڻهو جڏهن ننڍي ننڍي ڳالهه تي چڙ ڪن ٿا، يا زور سان ٽهڪ ڏين ٿا، يا ڪنهن جي گلا ڪن ٿا ـــ ڀلي کڻي اهو چيني هجي يا انڊين پر جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ملئي ماڻهن لاءِ اهو اسان کان وڌيڪَ پيارو آهي، يا هڪ ٻئي سان جھيڙو ڪن ٿا ته هتي جا ماڻهو هراسجيو وڃن. ملائيشيا جي سفرنامن ۾ هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته ڏهه سالن ۾ مون ملئي ماڻهن کي هٿن سان ته نه پر زبان سان به تکو ٿيندي نه ڏٺو. ان ڪري اسانجا ماڻهو ڏور اوڀر يا ڏکڻ اوڀر جي هنن ملڪن ۾ نوڪري، پورهئي يا پڙهائيءَ لاءِ اچن ته مٿين ڳالهين جو خيال رکن جن سان هنن جي زندگي آسان رهندي ۽ موٽڻ وقت به کين ياد ڪيو ويندو.
هڪ ٻي ڳالهه آخر ۾ ياد آئي آهي. اسان سنڌي ماڻهو، هندو توڙي مسلمان.... ۽ هاڻ ته ويندي پٺاڻ، بلوچ، پنجابي وغيره جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا، انهن جي به اها عادت ٿي وئي آهي ته کيڪارڻ مهل يا اسٽيج تي تقرير لاءِ اچڻ تي جڏهن سامعين آڌر ڀاءُ خاطر تاڙيون وڄائين ٿا ته اسان هٿ ٻڌي مهرباني چئون ٿا. پر هن ڪلچر کان اڻ واقف اسانجا پاڪستانڳ اهو چوندي ٻڌا ويا آهن ته سنڌ جا سنڌي مسلمان هٿ ٻڌي عبادت ٿا ڪن يا بت پرستي ٿا ڪن. ڪئين سال سمنڊ تي ۽ ان بعد ملائيشيا ۾ گذاري جڏهن وطن آيس ته مونکي به منهنجي هڪ اديب دوست چتاءُ ڏنو ته: ”بابا اهي هٿ ٻڌي ڀليڪار نه ڪر جو ڪي ماڻهو اعتراض ٿا ڪن“. دل ۾ سوچيم ته مون لاءِ اها عادت ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ڇو جو جنهن دنيا (ڏکڻ اوڀر ايشيا) ۾ ڏهه ٻارنهن سال جهاز هلايو اٿم ۽ اهڙا ڏهاڪو سال جيڪي ملئي آرڪپلگو (ملئي ماڻهن جي ملڪن: انڊونيشيا، برونائي، ملائيشيا) ۾ گذاريا اٿم اتي جا مسلمان ملئي به هٿ ٻڌي کيڪار ڪن ٿا. اهو انهن جو tradition آهي. ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ملئي ڪافر آهن... ڏٺو وڃي ته هو اسان کان به وڌيڪَ دين جي ڄاڻ رکن ٿا. اهو هٿ ٻڌڻ هڪ نشاني آهي ڀليڪار ڪرڻ جي يا ٻئي جا ٿورا مڃڻ جي. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ يا قوم ۾ هٿ ٻڌڻ خراب سمجھيو وڃي ته ڀلي اهي نه ٻڌن. جيئن اسان وٽ جهازراني جي دنيا ۾ چاهي ڪو ڪنهن به مذهب يا زبان جو هجي ”آڱوٺو“ ڏيکارڻ بين الاقوامي نشاني آهي جنهن جو مطلب آهي هر ڳالهه فرسٽ ڪلاس پئي وڃي. مون سان گڏ ڪيترن ئي جهازن تي درٻيلي جو منهنجو ڪلاس ميٽ ڪئپٽن احمد حسين مخدوم رهيو. لنگر کڻڻ کان اڳ مونکي پري کان ئي آڱوٺو ڏيکاريندو هو معنيٰ هاڻ هلڻ لاءِ اسان تيار آهيون ۽ آئون به کيس آڱوٺو ڏيکاريندو هوس جنهن جو مطلب هو سمجھي ويندو هو ته انجڻ به تيار آهي ۽ هاڻ جو هاڻ بندرگاهه ڇڏ. تياري نه هجڻ جي صورت ۾ هو يا آئون ابتو آڱوٺو يعني زمين ڏي ڪري ڏيکاريندا هئاسين..... معنيٰ اسان اڃان تيار نه آهيون. ۽ هو پري کان ئي پنهنجي ڪرائيءَ ۾ ٻڌل واچ ڏي اشارو ڪندو هو..... معنيٰ ڪنهن وقت تيار ٿي سگهنداسين؟ آئون کيس هڪ دفعو پنجئي آڱريون يعني ”بجو“ ڏيندو هوس ۽ ٻيو دفعو ٻه آڱريون ڏيکاريندو هوس ۽ هو دل ئي دل ۾ ٿئنڪ يو چئي هليو ويندو هو...... هو ان جو مطلب سمجھي ويندو هو ته جهاز جون انجڻيون ستين بجي شام کان اڳ تيار نه ٿينديون.
پر ذرا سوچيو اسان جي ڳوٺ هالا يا مخدوم جي ڳوٺ درٻيلو ۾ ڪو هڪ ٻئي کي ائين آڱوٺو ڏيکاري يا بُجو ڏئي ته ماڳهين جھيڙو ٿي پوي. سو بهتر آهي ته ڌارئين ملڪ ۾ رهڻ دوران اتي جي مقامي ماڻهن جي ريتن رسمن يا وهنوارن تي نڪته چيني يا ٺٺول نه ڪجي. ملئي ماڻهو کير کي ”سُو سُو“ (Susu) سڏين. اسانجي ڪنهن پاڪستانيءَ ٽوڪ طور ڪنهن ملئيءَ کي چيو ته کير جهڙي پاڪ شيءِ کي توهان سُو سُو ٿا چئو جيڪو اسان وٽ ٻار کي پيشاب ڪرائڻ وقت چيو وڃي ٿو. ان تي ٺهه پهه ملئي چيس ته توهان وري ڪهڙا سڌريل آهيو جو ڀاءُ ۽ دوستن جي زالن کي ”سوئر“ ٿا چئو. ياد رهي ته ”ڀاڀي“ لفظ سان ملندڙ ملئي لفظ “Babi” آهي جنهن جي معنيٰ ”خنزير“ آهي. ۽ ڪنهن عورت کي سوئر چوڻ ڇا گهٽ گار آهي!
***