برازيل ۾ سئو سالن کان رهندڙ جپاني
دراصل مونکي به شروع جي سفرن ۾ ڌيان ۾ نه آيو. جهاز جپان توڙي برازيل جي بندرگاهن ۾ ايندو رهيو پر شروع جي سالن ۾ نه ان ڳالهه جو احساس ٿيو ۽ نه تاريخ يا سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن کان واقفيت هئي. دنيا جي ڪنهن به بندرگاهه ۾ اچي جهاز لنگر ڪيرائيندو هو ته اڳيان پويان بيٺل مختلف ملڪن جي جهازن جي ماڻهن سان ”هيلو هاءِ“ ڪرڻ بعد دڪانن تي شاپنگ لاءِ چڙهندا هئاسين يا سئنيما هالن ۾ گهڙندا هئاسين ڪڏهن ڪڏهن ڪا مقامي ڇوڪري حبشڻ يا يورپي، نڪ ڦٿل ملئي يا چوچين اکين واري چيني، پنهنجن ماڻن سان اسان جهازرانن کي موهت ڪري پاڻ غائب ٿي ويندي هئي ۽ اسان ٽرڪ جي بتيءَ پويان چاڪيءَ جي ڍڳي وانگر پيا هلندا هئاسين. پوءِ جهاز هلڻ تي جهاز وارن دوستن کي عشق جا ڪوڙا قصا ٻڌائي گد گد ٿيندا هئاسين. بهرحال گهڻي اچ وڃ بعد اهو سمجھي وياسين ته ساڳي ملندڙ شڪل وارن ۾ ڪهڙا ملئي آهن ڪهڙا انڊونيشي ۽ ڪهڙا ٿائي. جپان ۾ نظر ايندڙ جپاني ڇوڪرين ۾ ڪهڙيون چيني ڇوڪريون آهن ۽ ڪهڙيون ڪورين. جپاني ڇوڪرين انگريزي ايندي به ڳالهائڻ ۾ شرمايو ٿي ۽ جپانيءَ ۾ جواب ڏنو ٿي. پر پوءِ رستي هلندي، دڪانن تي، پارڪن ۽ تاريخي جايُن تي اهڙيون به جپاني ڇوڪريون مليون جن نه رڳو انگريزي سٺي ٿي ڳالهائي پر پاڻ ۾ پورچوگالي ۾ گفتگو ڪئي ٿي. هنن ٻڌايو ته هو جپاني هجڻ جي باوجود ڌاريون آهن ۽ هو ڏکڻ آمريڪا کان گهمڻ لاءِ جپان آيون آهن .... ۽ جتي جپاني ڇوڪريون عام طرح مرڪڻ مهل شرم کان پنهنجي وات تي پيون هٿ رکنديون ته ڪٿي اڳلو سندن هئڊا ڦڪا يا چٻا ڏند نه ڏسي وٺي اتي هي ڏکڻ آمريڪا جون جپاني ڇوڪريون سگريٽ ڇڪيندي نظر آيون. اسان کي حيرت ٿيندي هئي ته جپاني ماڻهو جيڪي ٻئي کي پاڻ برابر نه سمجھن انهن ڪوريا، چين يا فلپين ۾ رهڻ بدران ايڏو ڏور يورپي ۽ آفريڪي شيدين جي ملڪ برازيل ۾ رهڻ کي ڇو ترجيح ڏني. بهرحال اسان جي ساڻن ڪا گهڻي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي هئي پر اهو آهي ته ان بعد برازيل جي ڪنهن هڪ ٻن شهرن ۾ وڃڻ تي معلوم ٿيو ته برازيل ۾ جيڪي جپان مان جپاني لڏي اچي رهيا آهن انهن کي هڪ سؤ سالن کان به مٿي عرصو ٿي ويو آهي.
سن 711 ۾ جڏهن طارق بن زياد مسلمان ڪمانڊر آفريڪا کان سمنـڊ ٽپي جبرالٽر پهتو ته اسپين جو بادشاهه لذريق (King Roderick) هو جنهن جي انتظاميا سخت ڪمزور ٿي چڪي هئي. مسلمن آرگنائيزڊ ۽ دليرهئا. هنن اڄ واري سڄي اسپين ۽ پورچوگال تي قبضو ڪري ورتو. يورپ جا هي علائقا .... ويندي فرانس جو ڪجهه حصو مسلمانن جي قبضي ۾ سال ٻن لاءِ نه پر 780 سال رهيو. ان بعد مسلمانن جي ڪمزور ۽ عياش ٿيڻ تي اسپين جا عيسائي زور ٿي ويا ۽ مسلمان جا فتح ڪيل سندن علائقا هڪ هڪ ڪري واپس حاصل ڪيا. آخر ۾ 1492 ۾ مسلمان حاڪم ”امير محمد ٻارهين“ قشتاله جي راڻي اسابيلا اڳيان آڻ مڃي. ڪاردوبا (قرطبه)، گرناڊا (غرناطا) ۽ اڄ واري پورچوگال جي ڏکڻ ۾ ننڍڙي رياست Algarve (الغرب) سڀ مسلمانن جي هٿن مان هليا ويا. اسپيني حاڪمن 1499 ڌاري اسپين ۾ رهندڙ مسلمانن کي زوريءَ عيسائي بنايو ۽ پوءِ سڄي صدي رهجي ويل مسلمانن (مدجن) ۽ واپس عيسائي ٿيلن (موريسڪو) جو قتل عام ڪندا رهيا يا کين ڏيهه نيڪالي ڏيندا رهيا. هو درياهه جي ٻي پار واري ملڪ موراڪو ڏي ڀڄڻ لڳا يا ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي برازيل ۽ پيرو کان وڃي نڪتا.
جن ڏينهن ۾ آخري مسلمان حاڪم امير محمد اسپين مان ٽپڙ ٻڌي رهيو هو ـــ يعني 1492 ۾، هي اهو سال هو جو اسپين جي راڻي اسابيلا (جنهن اڳيان مسلمان حاڪم هٿيار ڦٽا ڪري آڻ مڃي ۽ جان جي امان حاصل ڪئي) هڪ اطالوي جهازران ڪرسٽافر ڪولمبس جي حوالي ٽي جهاز ڪيا ته هو مصالحن جي ٻيٽن جاوا سماترا ۽ انڊيا ڏي وڃڻ لاءِ ڪا نئين سامونڊي راهه ڳولي. هو ”ڪناري ٻيٽن“ (Canary Islands)کان ٿيندو بهاما ۽ هسپانيولا ٻيٽن کان اچي نڪتو ۽ ماڻهن کي ڄاڻ ڏني ته ائٽلانٽڪ سمنڊ وٺي وڃڻ سان فلپين، ملايا يا انڊيا پهچڻ کان اڳ هڪ ٻي دنيا (آمريڪا) به موجود آهي جنهن ۾ ڦرلٽ لاءِ خوب مال متاع آهن.
انهن ئي ڏينهن ۾ 1498 ۾ اسپين جي ڀر واري ملڪ پورچوگال جي بادشاهه ”مينوئل اول“ جهازن ۽ ماڻهن جو جٿو پنهنجي ملڪ جي مشهور ناکئي ”واسڪوڊا گاما“ حوالي ڪيو جنهن انڊيا تائين پهچڻ جو سامونڊي رستو ڳولي ورتو.
ڪولمبس جي نئين دنيا جي خبر آڻڻ تي پورچوگال جي مٿئين بادشاهه هڪ ٻئي ڪئپٽن ”پيڊرو الواريس ڪابرال“ حوالي 13 جهاز ۽ هزار کن ماڻهو ڪيا ته هو پورچوگال لاءِ نئين ڌرتي ڳولي. پيڊرو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اولهه ڏي رخ رکيو ۽ اچي برازيل کان نڪتو. هن جو جهاز برازيل جي ان هنڌ تي پهتو جتي اڄ ڪلهه ”پورٽو سيگورو“ بندرگاهه آهي جنهن کي انگريزيءَ ۾ Safe Harbour سڏين ٿا.
پورچوگالين جا سٺا ڀاڳ هئا جو هڪ طرف برازيل تي قبضو ڪري ورتائون ته ٻي طرف انڊيا جي گوا وغيره تي. يعني هي اهو زمانو هو جو انڊيا ۾ اڃان مغل سلطنت شروع نه ٿي هئي. بابر جي حڪومت 28 سالن بعد 1526 ۾ انڊيا جي مٿين حصي دهلي آگري پاسي ٿي. هيڏانهن ڏکڻ ۾ هنن پورچوگالين ديرو ڄمايو. انهن ئي ڏينهن ۾ ـــ سال 1511 ۾ پورچوگالين ملايا جي ”ملاڪا سلطنت“ تي قبضو ڪيو ۽ پورچوگالي ائڊمرل البقريق (Albuqurque) هندي وڏي سمنڊ ۽ ايراني نار واري سمنڊ تي هڪ هٺي لڳائي ڏني. اتان لنگهڻ لاءِ چينين ۽ عربن کي به گوا، عدن ۽ ملاڪا جي پورچوگالي حاڪمن کان اجازت وٺڻي پئي ٿي. هر طرف کان پورچوگالين ناڻو، مال ملڪيت، سون چانديون هٿ ڪري پنهنجي ملڪ موڪلي ان کي امير ۽ خوشحال بنائي ڇڏيو.
آمريڪا کنڊ جي مختلف ملڪن ۾ مختلف قسم جا مقامي قبيلا هئا جن کي يورپي ملڪن جي فاتحن ريڊ انڊين سڏيو ٿي. انهن ڌرتي جي رهواسين يعني ريڊ انڊين جي سمجهه ۽ عقل جي پنهنجي پنهنجي ليول هئي. انهن ۾ ماڊرن ته ڪير به نه هو. ظاهر آهي ماڊرن هجن ها، هٿيار هجنن ها ته هنن يورپين کي ماڳهين پاڻ وٽ قيدي بنائي ڇڏين ها. نه رڳو ايترو پر جي کين يورپين کان وڌيڪ ماڊرن جهاز هجن ها ته انهن يورپين کي انهن ۾ وهاري چون ها ته اڙي هلو واپس ۽ اسان کي پنهنجا ملڪ ڏيکاريو ته انهن تي اسان بم بارود هڻي قبضو ڪيون. ذرا تصور ڪريو پورچوگال جي بادشاهه کي برازيل حاصل ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائڻ بدران اهو اطلاع ملي ها ته پنهنجي جان بچاءِ برازيل جي خوفناڪ قبيلي جو سردار پورچوگال تي قبضو ڪرڻ لاءِ پهچي ويو اٿئي. پنهنجو تخت، تاج ۽ محل خالي ڪر نه ته هنن وٽ اهڙا ائٽمي بم اٿئي جو سڄو لسبن منٽن ۾ تباهه ڪري ڇڏيندئي. ۽ اهو ئي حال انگريزن جو ٿئي ها جيڪڏهن مغل بادشاهن يا سنڌ جي ميرن ۾ حال هجي ها.
پر ائين نه ٿيو برازيل جا ريڊ انڊين ته آمريڪا جي ٻين ملڪن جي اصلي ماڻهن کان به ڄٽ هئا. انهن کي ته پوک جي به ڄاڻ نه هئي. اگھاڙا ٿي پئي هليا. رڳو مڇي ۽ جانورن جي شڪار جي ڄاڻ هين.
پورچوگالين ڀليون زمينون ڏسي ڪمند، ڪافي، ڪپهه ۽ تماڪ جهڙين شين جي پوک ڪرڻ چاهي ٿي پر مڪاني ريڊ انڊين کي هڪ ته پوک نٿي آئي ۽ ٻيو ته هنن ۾ يورپين جي بيمارين لاءِ resistance نه هو. معمولي بيماري لڳڻ تي هو جلدي مري ويا ٿي. ياد رهي ته اهو به هڪ مسئلو هو يعني هڪ ٻئي جي ملڪ جي بيمارين کي برداشت نٿي ڪيو ويو. اڄ به اسان جا جهاز آفريڪا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ وڃن ٿا ته ان ۾ سوار سڀني کي هيڊي بخار(Yellow Fever) جي بچاءَ جون سيون لڳايون وڃن ٿيون. اتي جا رهواسي شيدي ته برداشت ڪريو وڃن پر اسان ايشين يا يورپين جو ان بخار ۾ موت ٿيو وڃي.
پوک ۽ کاڻين مان معدنيات ڪڍڻ لاءِ پورچوگالين پنهنجا پورچوگالي ۽ ٻيا گورا ڀائر يورپ کان گهرائڻ شروع ڪيا. پر ڪم ايترا گهڻا هئا جو اهي پوري نٿي پيا ۽ ٻي ڳالهه ته انهن ۾ ڪجهه يورپي خاص ڪري ’فرينچ‘ پورچوگالين تي سڙڻ لڳا ته هنن هيڏو وڏو ملڪ هٿ ڪري ورتو آهي سو هو ان جي ڪجهه حصن تي قبضو ڪرڻ لڳا. ان بعد پورچوگالين کي، توڙي هسپانين کي اهو نظر آيو ته ان جو علاج آفريڪا مان شيدين کي غلام بڻائي پورهئي لاءِ آڻجي. غلام نه پگهار گهرندا نه ڪا ٻي سهوليت. هنن لاءِ جهڙي تهڙي ماني ڪافي آهي سا به ايتري جو هو جيئرا رهي سگهن ۽ ڪم ۾ لڳا رهن. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي غلامن جو سلسلو شروع ٿي ويو جنهن ۾ سڀني حصو ورتو. آفريڪا جي ڳوٺن جي وڏيرن کان وٺي انهن ملڪن جي يورپي حاڪمن توڙي عرب ۽ مسلمان ملڪن جي واپارين! مقامي غنڊن ۽ ڀوتارن آفريڪا جي نوجوان شيدين کي اٽڪلون ڪري، نشو پياري يا ماري ڪٽي بيهوش ڪري، رسن سان سوگھو ڪري مقامي واپارين کي وڪيو ٿي جتان پوءِ زنجبار، ممباسا، لئانڊا، ڊڪار جهڙن بندرگاهن ۾ آندو ويو ٿي. جتي انهن کي ٻاهر موڪلڻ لاءِ مزيد وڪرو ڪيو ويو ٿي. گهڻي ڀاڱي آمريڪا ويا ٿي جتي کانئن پوک جو ڪم ورتو ويو ٿي. ترڪي ۽ عرب ملڪن ڏي به ويا ٿي...... ويندي ميرن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ به انهن جو وڪرو ٿيو ٿي جن مان سنڌ جي مشهور اديب، شاعر ۽ ٽيچر محمد صديق ’مسافر‘ جو والد صاحب ”گلاب“ به هڪ هو جيڪو سنڌ ۾ وڪرو ٿيو.
آمريڪا جي سفر ۾ سڄي واٽ کانئن چَپُو هلايا ويا ٿي. جهڙي تهڙي پاروٿي ماني ڏني وئي ٿي. ايتريقدر جو ڪو حبشي غلام مري ويو ٿي ته ان جو مالڪن کي ڏک ضرور ٿيو ٿي جيئن ڪنهن جي رڍ ٻڪري وڪري کان اڳ مري وڃي پر پوءِ ان مئل ماڻهوءَ جو گوشت رڌي ٻين غلامن کي کارايو ويو ٿي ته ٻين جو ڪجهه پيٽ ڀرجي ۽ آمريڪا تائين جيئرا رهي سگهن بک وگهي مري نه وڃن. پوءِ آمريڪا جي سرزمين تي پهتل جيئرن شيدين جو يورپي جاگيردارن اڳيان واڪ لڳو ٿي ۽ انهن خريدارن هڪ هڪ اگھاڙي غلام جي جسم جو جائزو وٺي ان حساب سان اگهه ڪٿيو ٿي. خريداريءَ بعد هنن ڪوشش ڪري هنن کان گهڻي کان گهڻو ڪم ورتو ٿي. بيماريءَ جي حالت ۾ به هنن کان ڪم ورتو ويو ٿي. هر هڪ يورپيءَ جي اها خواهش هوندي هئي ته هن جيتري ۾ اهو غلام خريد ڪيو آهي ان مان ٻيڻ ٽيڻ جي ڪمائي ڪڍي وٺجي. جيئن ئي هو بيماريءَ ڪري ڏٻرو ٿي ٿيو يا ڪم ڪرڻ جي طاقت گهٽ ٿي ٿي ته يورپين هن کان وڌيڪَ ڪم وٺي ماري ٿي ڇڏيو جيئن سندس کاڌي جي چٽيءَ کان بچي وڃجي. اهو به ياد رهي ته آفريڪا جا هي شيدي غلام آمريڪا جي ريڊ انڊين وانگر جاهل، ڄٽ ۽ جھنگلي حالت وارا نه هئا. ڪيترائي سٺن خاندانن جا پڙهيل ڳڙهيل، هنر مند، مسلمان ۽ عيسائي هئا. ڇو جو هي سلسلو ته آمريڪا کنڊ جي ڳولا بعد 1500ع کان پوءِ شروع ٿيو. اسلام ته ان کان گهڻو گهڻو اڳ آفريڪا ۾ پکڙجي چڪو هو تڏهن ته موراڪو (المغرب) جهڙي آفريڪي ملڪ مان مسلمان سپهه سالار طارق بن زياد سمنڊ ٽپي اڄ واري اسپين ۽ پورچوگال تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ 1492 تائين مسلمانن جي حڪومت رهي.
بهرحال آمريڪا ۾ پوک جو ڪم ڪري پئسو ڪمائڻ وارن يورپي جاگيردارن، وڏيرن، ڀوتارن کي ان سان ڪو سروڪار نه هو ته هنن وٽ وڪرو ٿي آيل شيدي غلام عيسائي آهن يا مسلمان، هو پنهنجي وطن ۾ واڍا درزي هئا يا ماستر مولوي، هنن جا ننڍا ٻچا بک پيا مرن ۽ مائرون سندن اغوا ٿي وڃڻ جي غم ۾ انڌيون ٿي ويون آهن. بس هنن جو ڪم غلامن کان سخت پورهيو ڪرائڻو هو جو هنن کين رڍن ٻڪرين وانگر پڙيءَ ۾ واڪ ڏئي خريد ڪيو ٿي.
هر دفعي ائٽلانٽڪ ڪراس ڪندي انهن ڏينهن جو سوچي مونکي اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا آهن. اڄ جي ماڊرن دؤر ۾ جڏهن اسان جهاز هلائڻ وارن لاءِ جهاز تي فائو اسٽار هوٽل واريون سهولتون آهن ان هوندي به ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ لڳندڙ طوفانن ۽ ڇتيين ڇولين ۾ حالت خراب ٿيو وڃي. اهڙي موسم ۽ سمنڊ تي هڪ هڪ ڪلاڪ تڪليف ۾ گذري ٿو. اتي ان وقت جي ننڍن جهازن ۾ جيڪي ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ ۾ اسان جي جهازن کان ٽيڻو چئوڻو وقت وٺندا هئا، انهن غلامن جي ڇا حالت ٿيندي هوندي جيڪي ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي ٻچن ٻارن سان خوش گذاري رهيا هئا ته کين رستي تان يا ڪنهن دڪان تان اغوا ڪيو ويو ۽ رسن سان ٻڌي زنجبار يا ڊڪار جهڙي بندرگاهه ۾ وڪرو ڪري آمريڪا موڪليو پيو وڃي جتي پهچڻ سان پڻ کانئن سخت پورهيو ورتو ويندو ۽ هنن جي زندگي انهن سورن ۾ ئي گذري ويندي.... ۽ هي سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو هو جيئن مقامي شيدي وڏيرا، ڀوتار، سردار ۽ هيڏانهن آمريڪا ڏي يورپي عيش جي زندگي گذارين.
هڪ دفعو ڪنهن جهاز تي مونسان گڏ درٻيلي جو منهنجو پيٽارو جو ڪلاس ميٽ ڪئپٽن احمد حسين مخدوم به هو اسانجو جهاز آفريڪا جي ائنگولا ملڪ جي بندرگاهه لئناڊا کان ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪري نيويارڪ ڏي وڃي رهيو هو. برازيل تي قبضو ڪرڻ کان اڳ پورچوگالين آفريڪا جي هن ملڪ ائنگولا ۽ ڀرواري ملڪ نميبيا تي قبضو ڪيو هو ۽ ٻئي پاسي ڪينيا ۽ تنزانيا جي ڀر واري ملڪ موزمبق تي قبضو ڪري انهن ملڪن کي ائين پنهنجيون ڪالونيون (بيٺڪون) ٺاهيون هيون جيئن بعد ۾ اسان پاسي انڊيا، سلون، ملايا وغيره انگريزن جي قبضي ۾ رهيو. ائنگولا جو هي بندرگاهه لئانڊا جتان اسان لنگر کنيو، پورچوگالين برازيل تي قبضو ڪرڻ بعد ٺاهيو (ڊيولپ ڪيو) هو. هن بندرگاهه ۾ ٻه اڍائي سؤ سال غلامن جي وڪري جي مشهور منڊي رهي. هتي وڪرو ٿيل غلام گهڻو ڪري برازيل ۽ آمريڪا جي ٻين ملڪن ڏي موڪليا ويا ٿي. ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپڻ بعد جيڪي بچيا ٿي انهن کي وڏي اگهه تي وڪرو ڪيو ويو ٿي. ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪرڻ دوران هڪ دفعو وري اهي ڏينهن ياد ڪري مون احمد حسين مخدوم کي چيو ته اڄ يورپي هيومن رائيٽس جي ڳالهه ڪن ٿا پر کين انهن ڏينهن ۾ انسانن کي گڏهن خچرن کان به بدتر سمجھي ظلم ڪندي ڪو رحم آيو ٿي؟ اسلام ته ان کان منع ٿو ڪري پر ان هوندي به اسان جي عرب مسلمانن به ان ڪم کان گريز نٿي ڪئي. ان زماني ۾ هي ڪهڙي قسم جا ماڻهو هئا جن انسانن کي جيت جڻيا ٿي سمجيو!
احمد حسين ٿڌو ساهه کڻي چيو تون ان وقت جي مسلمانن جي ڇو ٿو ڳالهه ڪرين! اڄ جي مسلمانن - بلڪ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي صوبي جي مسلمانن جي ڇو نه؟ هڪڙا پاڻ کي حاڪم سمجھيو ويٺا آهن جيڪي عام ماڻهن کي غلام سمجھن ٿا. عوام کي بنيادي سهولتون به نٿيون ڏنيون وڃن. هن ماڊرن دؤر ۾ پاڪستان جهڙي ائٽمي طاقت واري ملڪ جي هر شهر ۾ بجلي تڪ ناهي. ماڻهو هٿ ۾ پنکا جھليو پيا لوڏين. پيٽ سان زالون سرڪاري اسپتالن ۾ تڙڦيو تڙڦيو مريو وڃن. نه آهن اسپتالون ۽ نه ڊاڪٽر. رستا ڀڳا پيا آهن جن تي روزانو حادثا ٿين ٿا ۽ سوين جانيون معذور ٿيو وڃن، بيروزگاري ۽ بي انصافيءَ جي حد ناهي. غريب ماڻهو ٻه ويلا مانيءَ لاءِ پريشان آهي ۽ حاڪم عوام جي ٽئڪس تي ست رڇيون پيا کائين ۽ هوائي جهازن ۾ سير شڪار ڪن. مانيءَ ڳڀو ته ڇا پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ناهي. ڪراچي جي ڪڊني سينٽر ۾ هلي ڏس ته ٿرپارڪر پاسي جا ٻار خراب پاڻيءَ ڪري گردن ۾ پٿر ٿيڻ جي سور ۾ تڙڦي رهيا آهن. اهو آهي ته يورپي وري به سڌري ويا آهن ۽ اڄ هنن وٽ جانورن لاءِ به نرم دل آهي. پر اسان وٽ ان جي ابتڙ آهي.
بهرحال 1492 ۾ ڪولمبس جي آمريڪا ڳولڻ بعد ٽي صديون کن لکين شيدي غلام آمريڪا پهچايا ويا. پوءِ 1833 ۾ انگلنڊ وارن آمريڪا ڏي غلام موڪلڻ تي بندش وڌي. ان هوندي به ڏهه سال کن پورچوگالي آفريڪا کان برازيل لاءِ ٿورا گهڻا غلام گهرائيندا رهيا. انهن ٿورن جو تعداد به چار لک کان مٿي چيو وڃي ٿو. سختيءَ ڪري ۽ غلامن جي آمدرفت گهٽجڻ ڪري غلامن جو اگهه چڙهي ويو ۽ پوءِ نيٺ برازيل وارن به غلامن جي خريداري گهٽائي جو هنن کي پوک جي حساب سان وڏو فائدو نٿي ٿيو خاص ڪري ڪافيءَ جي پوک مان. آخرڪار انگلنڊ جي نيويءَ وارن 1888 ۾ اهو غلامن جي ڪاروبار جو سلسلو سختيءَ سان بند ڪرايو.
غلامن جي اچڻ تي بندش ڪري آمريڪا جي ملڪن تي قابض يورپين کي معاشي نقصان رسيو. برازيل وارن برازيل کي اڇو بنائڻ لاءِ پنهنجي يورپي هارين کي گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿيا. ۽ هي اهو زمانو آهي يعني 1890 کان 1900 تائين جنهن ۾ برازيل جي پورچوگالين هارپي لاءِ جپانين کي اميگريشن لاءِ سهولتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. جپان ۾ غربت ۽ بيروزگاري هئي ۽ هنن ڪنهن خوش حال ملڪ ۾ وڃي پورهيو ڪرڻ چاهيو ٿي جيئن ڪجهه عرصي کان اسان جي ملڪ جا ماڻهو سعودي عرب، دبئي، ملائيشيا يا ڪئناڊا آسٽريليا ويندا رهن ٿا.
اڄ جو نوجوان شايد ان تان حيرت کائي ته دنيا جو ههڙو ماڊرن ۽ امير ملڪ جپان ڪنهن دور ۾ غريب به هو ڇا!. جپان جي هيءَ ترقي ٻي وڏي لڙائيءَ بعد جي آهي نه ته جپان ۾ نه ائگريڪلچر هو ۽ نه وڏي پئماني تي انڊسٽري. اهو ئي حال يورپ جي ملڪن جو هو تڏهن ته هو پئسي ڏوڪڙ ۽ خوشحالي لاءِ ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا جي ملڪن تي قبضو ڪري لٽ ڦُر ڪرڻ لڳا. ٻي عالمي لڙائيءَ دوران اهو ئي ڪم جپان ٿي شروع ڪيو ۽ ملايا، سنگاپور کان برما تائين اچي پهتو هو. آمريڪا وٽ جي ائٽم بمن جي ايجاد نه هجي ها ته جپان سڄي ايشيا ـــ انڊيا، عرب ملڪن ۽ ايران ترڪيءَ کي ڀيلي يورپ تائين وڃي پهچي ها. پر آمريڪا جي بمن ڪري جپانين کان فتح ڪيل ملڪ ته هٿن مان هليا ويا پر سندن جپان به بي وس ۽ لاچار ٿي ويو! تڏهن ته چوان ٿو ته جي مغلن ۽ ميرن وٽ شعر و شاعري، نشي پتي، ڪبوتر پالڻ عشق ۽ عياشيءَ بدران ڪا فوج، ڪي بم گولا ۽ بارود، ڪا ماڊرن ٽيڪنالاجي هجي ها ته انگريزن کي انڊيا يا سنڌ مٿان قابض ٿيڻ ئي نه ڏين ها ۽ ان بدران هنن جي انگلنڊ جون وايون بتال ڪري ڇڏين ها. جيئن طارق بن زياد جي ڏينهن ۾ عربن ۾ ٻڌي، همٿ ۽ نيويگيشن (سامونڊي رستن) جي ڄاڻ هئي ته اسپين ۽ پورچوگال تي قبضو ڪري ويا ۽ اٺ صديون حڪومت ڪيائون ۽ پوءِ جڏهن عيش جي زندگيءَ ۾ آيا ۽ ڪمزور ٿي ويا ته غرناطا جي آخري حاڪم ابو عبدالله محمد الثاني عشر (محمد ٻارهين) جي ماءُ اسپين جي راڻي ايسابيلا کي ايلاز منٿون ڪندي رهي ته آڻ مڃڻ (Surrender ڪرڻ) واري رسم ۾ سندس پٽ کي گهڻو ذليل نه ڪيو وڃي. هيءَ اها راڻي آهي جنهن جي صلاح مشوري سان ڪرسٽافر ڪولمبس آمريڪا جي سفر تي نڪتو هو. چون ٿا ته اسپين جي آخري مسلمان ”حاڪم امير محمد 12“ جي آڻ مڃڻ واري رسم وقت ڪولمبس به موجود هو ۽ هن ان بابت پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آهي ته 2 جنوري 1492 تي آڻ مڃڻ بعد اسپين جي شهر غرناطا ۽ اندلس وغيره تي هن عيسائي راڻيءَ جي حڪومت جا بئنر ۽ جھنڊا ڦڙڪايا ويا.
جپان جنهن جي ٻي جنگ عظيم ۾ آمريڪن اها تعدي ڪئي جو کين تباهه ڪري رکيائين پر پوءِ هو محنت سان معاشي طرح سڄي دنيا ۾ مٿاهان ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ڪنهن دوست واهه جو SMS ڪيو آهي ته جاپان جا ماڻهو آمريڪا خلاف نعري بازي يعني ”آمريڪا مرده باد“ يا ”مرگ بر آمريڪا“ ڇو نٿا چون جيتوڻيڪ جپان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن تي آمريڪا ائٽم بم ڪيرايو هو ۽ ان حساب سان جپان آمريڪا جو وڏو دشمن هجڻ کتو ٿي. هي اهو سوال آهي جيڪو هڪ شخص جپانيءَ کان پڇيو هو. جپانيءَ چپن تي مرڪ آڻي وراڻيو: ”نعري بازي ڪمزور ماڻهن جو ڪم آهي جيڪي عملي طرح ڪجهه نٿا ڪن. اڄ آمريڪي صدر جي آفيس (وائيٽ هائوس) ۾ پيناسونڪ جو ٽيليفون ۽ سوني (Sony) جي ٽي وي رکيل آهي. اها ئي اسان جي سوڀ آهي ۽ اهو ئي اسانجو بدلو آهي.“
بهرحال پاڻ جپانين جي ڳالهه ٿي ڪئي ته اهي ڪي امير نه هئا. سندن آڳاٽي ادب ۽ شعر و شاعريءَ مان به احساس ٿئي ٿو ته هنن جو پاڻي پُسئي ڀت تي گذر ٿيو ٿي. ملڪ ۾ نه ڌاتو آهي ۽ نه پوک لاءِ ڌرتي. ۽ جڏهن برازيل کي ڪافي پوکڻ لاءِ هارين جي ضرورت پئي ته ان وقت جپانين کي به روزگار جي سخت ڳولا هئي.
سن 1907ع ۾ برازيل ۽ جپان جي حڪومتن اهو معاهدو ڪيو ته جپانين کي برازيل لڏي هلي هارپو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. 1908 ۾ ڪاساتو مارُو (Kasato Maru) بحري جهاز ذريعي ڪوبي کان 790 ماڻهن جو وفد جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي هاري هئا، ڏکڻ آفريڪا جي ڪيپ آف گڊ هوپ کان ڦرندا برازيل جي بندرگاهه سانتوس (Santos) ۾ پهتا. هي بندرگاهه سائو پائولو کان 60 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي.
مٿيان جپاني هاري جيڪي جپان جي 14 ضلعن (اوڪيناوا، ڪاگو شيما ۽ ڪُوما موتو سميت) مان هئي برازيل جي هڪ ايجنسي ذريعي ڪافيءَ جي پوک جي ڪم جو ڪنٽرئڪٽ ڪري چڪا هئا. سو برازيل پهچڻ سان ڪم ۾ جنبي ويا. ان بعد هر سال جپان کان ڪيترائي پورهيت خاص ڪري بيروزگار اڪيلا يا ٻارن سان برازيل ايندا رهيا. ٻي عالمي جنگ شروع ٿيڻ تائين يعني 1941ع تائين ٻه لک جپاني برازيل ۾ رهائش اختيار ڪري چڪا هئا ـــ جن مان 75 سيڪڙو سائو پائولا ۾ رهيا ٿي.
جپان کان برازيل ايندڙ جپانين مان گهڻن جي اها خواهش هئي ته برازيل ۾ ڪجهه سال هارپو ڪري خوب پئسو بچائي، امير ٿي وطن وربو. بهرحال امير ٿيڻ وارو خواب اهڙو هو جنهن جي ساڀيان نه ٿي سگهي. برازيل جا مالڪ يورپي وڏيرا ۽ جاگيردار جيڪي شيدي غلامن تي هريل هئا اهي جپانين کي به انهن جهڙو سمجھڻ لڳا. هنن کي بنهه گهٽ پگهار تي رکيو ويو ۽ هنن کان صبح کان شام تائين سخت پورهيو ورتو وڃڻ لڳو. جپاني هارين لاءِ هر خريداري پنهنجي مالڪ جي دڪان تان ڪرڻ ضروري ڪئي وئي. نتيجي ۾ هو ويا قرضي ٿيندا. شيدي غلامن وانگر هنن کي به ڪڏهن ڪڏهن مار موچڙو ڪيو ويو ٿي. نتيجي ۾ ڪيترا جپاني ذهني طرح پريشان ٿي هڙتالون ڪرڻ لڳا يا خودڪشيون! برازيل ۾ هنن لاءِ سخت پورهئي کان علاوه ٻولي جو مسئلو، مختلف موسم ۽ کاڌو پيتو، مختلف مذهب ۽ لائيف اسٽائيل ۽ ٻيون ڳالهيون هيون جن ڪيترن جپانين کي بيزار ڪري رکيو. واپس ورڻ لاءِ هنن وٽ ڀاڙو نه هو ان کان علاوه زمينن جي مالڪن/ وڏيرن هنن کي مدو پورو ڪرڻ کان اڳ وڃڻ نٿي ڏنو. پر پوءِ ڪجهه جپاني ته حالتن سان سمجھوتو ڪري زميندارن وٽ ڪافيءَ جي پوک ۾ لڳا رهيا ٻيا ڀڄي ويا ۽ وڃي ٻين شهرن ۾ مختلف پورهيا ڪيا. جن پئسو بچائي ورتو هو انهن پنهنجي زمين وٺي ان تي تماڪ، چانهه ۽ اسٽابيري پوکڻ لڳا. هتي اهو به لکندو هلان ته جپانين مان هرهڪ جپان ڇڏڻ وقت، پاڻ سان اسٽابيريءَ جو ٻوٽو کڻي نڪتو هو جنهن کي برازيل ۾ اچي پوکيو. اڄ به هر جپانيءَ جي گهر اڳيان توهان کي اسٽابيري جو وڻ نظر ايندو. برازيل جي مارڪيٽن ۾ جيڪا توهان کي اسٽابيري نظر اچي ٿي اها جپانين جي اچڻ بعد شروع ٿي. برازيل يعني نئين دنيا اسٽابيريءَ کان اڻ واقف هئي جيئن ڪولمبس جي آمريڪا ڳولڻ بعد اسان وٽ پٽاٽا ۽ ٽماٽا شروع ٿيا جن جو ٻج برازيل، پيرو ۽ گئاٽمالا کان ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ ۾ آيو.
اڄ برازيل ۾ جپانين جي چوٿين ٽهي رهي ٿي ۽ سندن آدمشماري 30 لکن جي لڳ ڀڳ آهي. اڳتي هلي جڏهن جپان پنهنجي پيرن تي بيٺو ۽ هن کي پورهيتن جي کوٽ ٿي ته جپاني حڪومت برازيل ۾ رهندڙ جپانين کي جپان ۾ رهڻ جي اجازت ڏني. هن وقت چيو وڃي ٿو ته جپان ۾ اٽڪل ٽي لک برازيل جا اهي شهري رهن ٿا جيڪي جپانين جو اولاد آهن.
برازيل ۾ جيڪي جپاني رهن ٿا انهن کان اڄ جڏهن پڇيو وڃي ٿو ته توهانجو ڪهڙو مائٽ 1908 ۾ برازيل آيو ته هي اهو ئي ٻڌائين ٿا ته سندن تڙڏاڏو آيو هو يعني سندن ڏاڏي جو به ڏاڏو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته برازيل ۾ رهندڙ اڄ جي نوجوان ٽهي چوٿين ٽهي (جنريشن) آهي بلڪه ڪي ته پنجين جنريشن ۾ اچيو وڃن ٿا. 1908 ۾ جڏهن جپان جي بندرگاهه ڪوبي کان جن جپانين سان جيڪو پهريون جهاز ڀرجي برازيل پهتو هو ان ۾ سڀ غريب هاري هئا. سڀني جو تعلق ٻهراڙيءَ سان هو. ڪجهه سالن بعد انهن مان ڪجهه هاري هارپو ڇڏي شهرن ڏي وڃي رهيا پر اتي به هو مزدوري ئي ڪرڻ لڳا. پوءِ انهن جو اولاد ڪجهه بهتر ٿيو. برازيل ۾ جپاني اسڪول کلي ويا جن مان هنن جو اولاد پڙهيو. ۽ پوءِ انهن جي ٽي جنريشن مان ڪن نوجوانن يونيورسٽين مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ ڪن پنهنجن جپانين سان شادي ڪرڻ بدران برازيل جي پورچوگالي ڳالهائيندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان شادي ڪئي. اڄ ڏٺو وڃي ته جپانين جي نئين ٽهي هر فيلڊ ۾ آهي. ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، پروفيسر، فوجي ويندي سياست، فلم، ٽي وي، ميوزڪ ۾ اڳيان اڳيان اچي ويا آهن. هي ائين آهي جيئن 1960 واري ڏهي ۾ جڏهن اسانجي جهازن پهريون دفعو ملائيشيا ۽ سنگاپور وڃڻ شروع ڪيو ته انهن ڏينهن ۾ اتي جيڪي انگريزن جي ڏينهن جا غريب سک پنجابي ۽ پٺاڻ رهيا ٿي اهي سڀ بئنڪن ۽ هوٽلن اڳيان چوڪيدار ۽ گارڊ هئا يا هنن ڍڳيون چاريون ٿي. پوءِ اسان جي اڳيان انهن جو اولاد پڙهي سرڪاري ۽ خانگي نوڪرين ۾ آيو. هاڻ ته سندن ٽي پيڙهي (جنريشن) وڏين سرڪاري نوڪرين ۾ آهي، فوج ۾ اعليٰ آفيسر آهن، وڪيل، سرجن، پروفيسر ۽ وڏن ڊپارٽمينٽل اسٽورن جا مالڪ آهن. اهو ئي حال برازيل ۾ رهندڙ نوجوان جپاني ٽهيءَ جو آهي. هن وقت انهن جپانين مان ڪجهه جا نالا ڌيان ۾ اچي رهيا آهن جيڪي نه فقط برازيل ۾ پر سڄي دنيا ۾ مشهور آهن.
سڀ کان پهريون ”پوئو ڪامي يا“ برازيل جو جپاني ليکڪ آهي جنهن جا پورچوگاليءَ ۾ لکيل ڪيترائي ناول جپاني ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن، جيئن ته: No Game, No Life جيڪو بيسٽ سيلر به ٿيو. پاڻ 1984 ۾ برازيل ۾ ڄائو ۽ سندس زال ماشيرو هيئراگا جيڪا پڻ برازيل جي جپاني آهي مشهور آرٽسٽ آهي ۽ ڪارٽونن جا ڪتاب (جن کي جپانيءَ ۾ ”مَنگا“ سڏجي ٿو) ٺاهي ٿي.
رُوئي اوهتاڪي پڻ برازيل جو جپاني آهي جنهن جو عمارتسازيءَ ۾ سڄي دنيا ۾ نالو آهي. Ruy Ohtake ـــ 1938 ۾ برازيل جي شهر Sao Paulo ۾ ڄائو ۽ هن شهر جي يونيورسٽيءَ مان 1960 ۾ آرڪيٽيڪچر ۾ گرئجوئيشن ڪئي.
هونءَ برازيل ۾ سڀ کان گهڻا جپاني سائو پائولو شهر ۾ رهن ٿا. ايتريقدر جو پورچوگالي ڳالهائيندڙ ملڪ جي هن شهر Sao Paulo مان ٻه جپاني اخبارون نڪرن ٿيون. ”سائو پائولو شمبون“ ۽ ”نِڪي شمبون“. انهن مان هڪ 1946 کان ۽ ٻي 1998 کان شايع ٿي رهي آهي. هن شهر ۾ هڪ جپاني ميڊيم انٽرنيشنل اسڪول (Escola Japonesa de Sau Paulo) پڻ آهي جيڪو 1967ع ۾ کليو هو.
مشهور ڳائڻي ليزا اونو (Lisa Ono) پڻ برازيل جي جپاني عورت آهي جيڪا 1962ع ۾ Sau Paulo شهر ۾ ڄائي. هوءَ سال جا ڇهه مهينا جپان ۾ ۽ ڇهه مهينا برازيل جي شهر ”ريو ڊي جنيرو“ ۾ رهي ٿي. اهڙي طرح دنيا جو مشهور فٽ بال رانديگر Ruy Ramos برازيل جو جپاني آهي. هي 1957 ۾ برازيل جي شهر ريو ڊي جنيرو ۾ ڄائو. اهڙي طرح هڪ ٻيو فٽ بال رانديگر ”برنو سوزوڪي“ (Bruno Suzuki) پڻ برازيل جو جپاني آهي.
مشهور سومو پهلوان ”رڪارڊو سُوگانو“ برازيل ۾ رهندڙ جپانين جي ٽي پيڙهيءَ مان آهي. سُو گانو 1986ع ۾ برازيل ۾ ڄائو. هي ڪو پهريون برازيلن جپاني سومو ملهه (رڪيشي) ناهي پر هن کان اڳ به برازيل جا ٽي جپاني ”رڪيشي“ ٿي چڪا آهن، (سومو پهلوان کي جپانيءَ ٻوليءَ ۾ Rikishi سڏين ٿا) جيڪي آهن: ريوڪو، ڪونيازوما ۽ واڪا ازوما.
اڄ جي هڪ مشهور نوجوان ماڊل ڇوڪري ”برونا تينوريو“ (Bruna Tenorio) جيڪا شئنل، ڪريسچن ڊايور ۽ Dolce & Gabbana جهڙن اشتهار ۾ اچي ٿي برازيل جي آهي جنهن جي ماءُ جپاني ۽ پيءُ پورچوگالي ڳالهائڻ وارو آهي.
ڪيترين ئي فلمن ۽ ٽي وي ۾ ڪم ڪندڙ مزاحيه اداڪارا ”سئبرينا ساتو“ پڻ برازيل جي جپانڻ آهي جيڪا 1981ع ۾ برازيل جي شهر پينا پولس ۾ ڄائي. برازيل جو هڪ وزير “Luiz Gushiken” جيڪو 2013ع ۾ گذاري ويو جپانين جي پهرين ٽهيءَ مان آهي. پاڻ 1950 ۾ برازيل ۾ ڄائو جتي سندس ماءُ پيءُ جي شادي ٿي هئي. اهي جپان جي ڏکڻ واري علائقي اوڪيناوا کان برازيل لڏي آيا هئا. گوشيڪين جو سندس ماءُ پيءُ وانگر ٻڌ ڌرم سان تعلق هو پر پوـءِ سڄي زندگي بهائي ڌرم سان واسطو رکيو ۽ مرڻ کان ڪجهه سال اڳ هن پاڻ لاءِ اعلان ڪيو ته هو بَهائي آهي وفات بعد هن کي سائو پائولا شهر جي ”بهائي قبرستان“ ۾ دفن ڪيو ويو.
هتي اهو لکندو هلان ته بهائي مذهب جا مبلغ ۽ عبادت گهر نه فقط دهليءَ جهڙن ايشيائي شهرن ۾ آهن پر يورپ ۽ آمريڪا جي به ڪيترن ئي شهرن ۾ آهن. برازيل ۾ بهائي مذهب 1919ع کان شروع ٿيو ۽ اڳتي هلي 1961ع ڌاري هتي جي رهاڪن جي ”بَهائي ڪميونٽي“ مضبوط ٿي. 1992ع ۾ جيڪا برازيل ۾ “Earth Summit” ڪانفرنس ٿي ان جو مقامي ۽ بين الاقوامي انتظام هتي جي بهائي ڪميونٽي ڪيو. ان بعد برازيل ۾ بهائي مذهب وارن جو اثر رسوخ ڪافي وڌي ويو. برازيل جي 2005ع واري آدمشماريءَ مطابق برازيل ۾ اڌ لک کان مٿي بهائي رهن ٿا. 1980ع ۾ برازيل جي شهر براسيلا ۾ انگريزي ۽ پورچوگاليءَ ۾ تعليم ڏيڻ وارو انٽرنيشنل بهائي اسڪول “Escola das Nacoes” کوليو ويو هو. اڄ ڪلهه هن اسڪول ۾ هڪ هزار کن شاگرد ۽ سؤ کان وڌيڪَ ٽيچر ۽ ٻيو اسٽاف عملو آهي. ملڪ جا ڪيترائي آرٽسٽ ۽ پروفيشنل بهائي آهن. برازيل جي جئز سنگر ”فلورا پورم“ جيڪا ايوارڊ به حاصل ڪري چڪي آهي ۽ اڄ ڪلهه USA ۾ رهي ٿي بهائي آهي.
بهائي مذهب جو سلسلو ايران کان شروع ٿيو. اهو توحيد جي بنياد تي چيو وڃي ٿو جيڪو انسان ذات جي روحاني ايڪي تي زور ڏئي ٿو. بهائيت جون ٽي اهم تعليمات آهن: توحيد...... يعني الله هڪ آهي جنهن هيءَ سموري ڪائنات خلقي آهي، سڀ وڏن مذهبن جو روحاني بنياد ان هستيءَ طرفان آهي ۽ سڀ انسان برابر خلقيا ويا آهن.
بهائي مذهب جو بنياد اوڻهين صديءَ ۾ بها الله نالي شخص رکيو. سندس انهن تعليمات ڪري کيس ايران (پرشيا) مان ڏيهه نيڪالي ڏئي سلطنت عثمانيه ڏي موڪليو ويو جتي جي سرڪاري جيل ۾ رهڻ دوران وفات ڪيائين. بهاء الدين جي گذاري وڃڻ بعد، سندس پٽ عبدل بهاءِ جي قيادت ۾ هي مذهب پرشيا (ايران) ۽ ترڪي کان يورپ ۽ آمريڪا تائين پکڙيو. ايران ۾ هن مذهب جي پوئلڳن سان سختيون ٿيڻ ته هنن مان ڪيترا بهائي ملڪ ڇڏي ڀر وارن ملڪن (پاڪستان سميت) ڏي لڏي ويا. اسان ننڍا هئاسين ته هنن بهائي مذهب وارن جون ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون ئي چانهه بسڪيٽن جون ايراني ريسٽورنٽون هونديون هيون جن ۾ دخل (ڪائونٽر) وٽ فريم لڳل هوندو هو جنهن تي ”يا بهاء الابهي“ لکيل هوندو هو. ٿي سگهي ٿو انهن هوٽلن مان هينئر به ڪا ڪراچيءَ يا حيدرآباد، لاهور ۾ هجي.
***