برازيل ۾ ننڍي کنڊ جا ماڻهو
بعد ۾ جڏهن پورچوگالي ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا جي ملڪ برازيل ۾ ڄمي ويا ته انڊيا کان گورنر، وائسراءِ، عيسائي مبلغ ۽ سپاهي پنهنجن ايشيائي زالن، ڪنيزائن، نوڪرن، نوڪرياڻين ۽ غلامن سان برازيل اچي رهيا يا انهن جي ٽرانسفر ٿيندي رهي جيئن هڪ سؤ سال بعد جڏهن انڊيا ۾ انگريزن جي حڪومت شروع ٿي ته اهي به پنهنجن انگريز آفيسرن جي انڊيا کان ملايا، هانگ ڪانگ، ڪينيا وغيره بدلي ڪندا رهيا ٿي.
صحيح معنيٰ ۾ انڊيا جي ماڻهن جي برازيل ڏي لڏي اچڻ جي لهر ويهين صديءَ ۾ ٿي جڏهن ڪجهه سنڌي هندو واپارين برازيل جي ڀر وارن ملڪن پاناما، سُري نام وغيره کان لڏي برازيل ۾ اچي دڪان کوليا. هو پاناما ۾ اوڻهين صديءَ جي آخر ۾ ئي اچي ويا هئا جن بابت شروع ۾ لکي چڪو آهيان. ان بعد ٻي لهر 1960ع بعد آئي جڏهن انڊيا جا ڪيترائي پروفيسر، ڊاڪٽر، انجنيئر ـــ خاص ڪري گوا پاسي جا، جن کي ٿوري گهڻي پورچوگالي به آئي ٿي برازيل جي شهر ”ريو ڊي جنيرو“ ۾ اچي رهيا. آفريڪا ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ پورچوگالين جون ڪيتريون ڪالونيون هيون جيئن ته ائنگولا، لئانڊا، موزمبق، ڪيپ وردي ٻيٽ وغيره جتي ڪيترائي انڊين رهيا ٿي. 1970ع کانپوءِ انهن ملڪن ۽ ٻيٽن جي ڪجهه انڊين ”برازيل“ جي خوشحاليءَ جون خبرون ٻڌي برازيل ڏي لڏ پلاڻ شروع ڪئي. اڄ برازيل ۾ ڪيترائي انڊين رهن ٿا جن ۾ ويهه هزار کن ته رڳو سنڌي هندو آهن جن مان ڪيترائي مقامي ماڻهن سان مڪس ٿي وڃڻ ڪري اڄ انهن جو اولاد پورچوگالي به ڳالهائي ٿو. ايتريقدر جو نئين ٽهيءَ جا ڪيترائي نوجوان سندن مادري زبان، سنڌي، گجراتي، هندي کان اڻواقف ٿي ويا آهن.
انڊيا جي نسل جي نوجوان ٽهي پنهنجن وڏن وانگر واپار ۽ ٻني ٻاري ڪرڻ بدران مختلف فيلڊن ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪري رهي آهي. برازيل ۾ رهندڙ ڪجهه انڊين جو نالو ڪافي عام آهي. انهن مان هڪ ”ڪرنل سريش بسواس“ جو نالو ٻڌو وڃي ٿو. سريش 1861 ۾ بنگال جي شهر ناٿپور ۾ ڄائو. پڙهائي سان کيس دلچسپي نه هئي. 15 سالن جو هو ته پاڻيءَ جي جهاز ۾ لڪچوريءَ انگلنڊ پهتو جتي جي شهر ڪينٽ ۾ ڪنهن سرڪس ۾ جانورن کي ڪرتب سيکارڻ جو ڪم شروع ڪيو. ان بعد ان سرڪس سان گڏ جرمني جي شهر هئمبرگ ۾ اچي رهيو جتان برازيل لڏي ويو ۽ اتي جي فوج ۾ وڏي بهادريءَ سان مختلف محاذن تي ويڙهه ڪيائين ۽ ڪرنل ٿي رٽائرڊ ٿيو. پاڻ برازيل ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو ۽ بنگالين لاءِ باعث فخر ثابت ٿيو. ايتري قدر جو مشهور بنگالي ليکڪ ۽ فلم ڊائريڪٽر ستيجت ري پنهنجي هڪ بنگالي ناول ۾ ڪرنل سريش بسواس جو ذڪر ڪيو آهي. هن ناول جو انگريزي ترجمو The Curse of the Godders جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي.
ڪرنل سريش جي زندگيءَ جي ڪهاڻي هڪ ٻئي بنگالي ليکڪ ”اپيندرا ڪرشنا بينرجيءَ“ پڻ لکي جيڪا 1909 ۾ ڪلڪتي ۾ ڇپي هئي. ڪرنل سريش 44 سالن جي ڄمار ۾ برازيل ۾ وفات ڪئي.
انڊيا جو سابق ڪرڪيٽ رانديگر اشوڪ گانڊوترا جنهن 1969 ۾ ٻه ٽيسٽ مئچون کيڏيون، برازيل جو شهري آهي. پاڻ 1948ع ۾ برازيل جي شهر ريو ڊي جنيرو ۾ ڄائو.
سائنس ۽ ميڊيڪل جي دنيا ۾ ”فروئيلانو ڊي ميلو“ جو وڏو نالو آهي جيڪو گوا انڊيا ۾ 1887ع ۾ ڄائو ۽ اتي جي ميڊيڪل ڪاليج مانMBBS ڪيائين ان بعد پئرس جي يونيورسٽي ۽ پورچوگال جي پورٽو يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. پاڻ دنيا جو مشهور مائڪرو بايولاجسٽ، ميڊيڪل سائنٽسٽ، پروفيسر ۽ ڪيترن سائنسي ڪتابن ۽ مقالن جو ليکڪ ٿي گذريو آهي. پاڻ گوا (انڊيا) جي اسيمبلي جو ميمبر ۽ ”پنجم“ شهر جو ميئر به ٿيو. ٻه شاديون ڪيائين. سندس پهرين زال مئري (Marie. E. Caillat) سئٽزرلئنڊ جي شهر جينوا جي هئي. شاديءَ بعد اها به پنجم اچي رهي. مئري پهرين عورت آهي جنهن رابندر ناٿ ٽئگور جا ڪتاب فرينچ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا. برازيل جي شهر سائو پئالو ۾ لڏي وڃڻ بعد هن جو ’اسپينش فلو‘ وگھي موت ٿيو. کيس ڪو ٻار نه ٿيو. پروفيسر ميلو ٻي شادي به سئٽزرلئنڊ جي ڇوڪري هيڊوگ سان ڪئي جنهن مان هن کي ڇهه ٻار ٿيا. هيڊوگ ”انڊيا جي عورتن ۽ ذات پات جي چڪرن“ تي هڪ ڪتاب On the Soul of the Indian Woman لکيو. سندس هڪ پٽ پڻ ليکڪ ٿيو جنهن جو From Goa to Patagonia سفرنامو مشهور آهي. دراصل هي احوال لکڻ کان اڳ مون هي ڪتاب پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر حاصل ڪري نه سگهيس. پروفيسر ميلو 1955ع ۾ وفات ڪئي.
بالي ووڊ جي فلمن جو شوق رکندڙ اسانجو نوجوان طبقو مٿين ماڻهن مان ڪنهن کي سڃاڻي يا نه پر ”نٿاليا ڪور“ سِکڻيءَ کي ضرور سڃاڻندو هوندو جنهن انڊيا جي تيلگو ۽ ڪنهڙ زبانن کان علاوه هندي جي به ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي، جيئن ته:
راڪي هئنڊسم
جسم
گنس آف بنارس
ڊپارٽمينٽ، وغيره.
پاڻ انڊيا جي ٽي وي پروگرام ”خطرون ڪي کلاڙي“ (Fear Factor) ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي.
نٿاليا ڪور 1990ع ۾ برازيل جي شهر ’ريو ڊي جنيرو‘ ۾ ڄائي. سندس پيءُ پنجاب (انڊيا) جو سک ۽ ماءُ پورچوگالي ڳالهائيندڙ برازيل جي آهي.
پاڻ برازيل مان قانون پڙهڻ دوران ماڊلنگ شروع ڪئي. انڊيا ۾ ماڊلنگ ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آفر ملڻ تي هوءَ هاڻ گهڻو وقت انڊيا ۾رهي ٿي. گذريل سال 2015ع ۾ برازيل ۾ حسن جي مقابلي ۾ هوءَ ”مِس برازيل“ به ٿي.
***