برونائيءَ جو سياسي نظام
1959ع جي آئين موجب ليجسليٽو ڪائونسل جنهن کي مقامي زبان ۾ ”مجلس مشاورات نغاره“ سڏجي ٿو، ان جا ميمبر چونڊ (اليڪشن) ذريعي رکيا وڃن ٿا. برونائيءَ ۾ هيستائين فقط هڪ، 1962ع ۾ اليڪشن ٿي هئي. اليڪشن بعد جلدي ئي ملڪ ۾ امرجنسي لڳائي وئي ۽ اسيمبلي ختم (Dissolved) ڪئي وئي. سياسي پارٽي ”برونائي پيپلس پارٽي“ تي بندش لڳائي وئي.
ملڪ جي قومي آئيڊيالاجي ”ميلايو اسلام بِراجا“ MIB (يعني ملئي اسلامڪ بادشاهت) موجب سلطان جي هٿ ۾ سڀ ڪجهه آهي. 2005ع ۾ سلطان اليڪشن بنا ليجسليٽو ڪائونسل لاءِ 29 ميمبر چونڊيا آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته سلطان طرفان کنيل ميمبر سلطان جي ٻڌندا يا عوام جي حقن لاءِ وڙهندا؟ پر اهو به شڪر آهي جو حاڪمن وٽ نه فقط پئٽرول جو پئسو جام آهي پر هو ان پئسي مان عوام جو به سک ڪريو ويٺا آهن. ڪنهن به شيءِ تي ٽئڪس ناهي، تعليم مفت آهي، صحت جو بار حڪومت تي آهي.... دوا درمل ۽ اسپتالن ۾ علاج مفت آهي.... هر هڪ لاءِ نوڪريون آهن..... واپار وڙي جي هر سهوليت موجود آهي..... عوام کي ٻيو ڇا کپي؟ ان ڪري عوام چپ آهي.... ڀلي اليڪشن نه ٿئي، ڀلي سياسي پارٽين تي بئن لڳندي رهي.... عوام جي زندگيءَ ۾ ته ڪا تڪليف نه آهي. پر ان هوندي به رکي رکي سياسي آزادي لاءِ ڪو نه ڪو آواز اٿاريندو رهي ٿو ۽ پڙهندڙن کي اهو به ٻڌايان ته هتي جي حاڪمن کي اها ڳالهه سخت چڀي ٿي. ذاتي محفلن ۾ به شاهي خاندان تي تنقيد نٿي ڪئي وڃي جو سرڪاري جاسوس ۽ چمچا مٿي اطلاع ڪري ان ماڻهوءَ جي زندگي برباد ڪري سگهن ٿا.
1985ع ۾ برونائي ۾ هڪ سياسي پارٽي ”پارٽي ڪبنغسان ڊيموڪريٽڪ برونائي“ (PKDB) وجود ۾ آئي. ملئي ٻولي ۾ ”ڪبنغسان“ معنيٰ ”قومي“.... يعني ”برونائي نئشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي“ وجود ۾ آئي. جنهن جا 3000 کن ميمبر ٿيا، خاص ڪري ملئي بزنيس مين ۽ پروفيشنل. هن سياسي پارٽيءَ امرجنسي ختم ڪرڻ ۽ ”اليڪشن“ ڪرڻ لاءِ سڏ ڏنو. ملڪ جي سلطان کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ 1988ع ۾ هن پارٽيءَ تي به بئن لڳايو ويو. هن وقت جيڪا واحد سياسي پارٽي موجود آهي ۽ قانوني طرح رجسٽرڊ ٿيل آهي اها آهي ”پارٽي پيمبنگوئان“ يعني ”نئشنل ڊيولپمينٽ پارٽي“. ملڪ جو سربراهه جيڪو سلطان به آهي ته وزير اعظم، وزير دفاع ۽ وزيرِ خزانا پڻ آهي، ان جي سرڪاري پاليسي اها ئي آهي ته ملڪ جي معاشي حالت بهتر کان بهتر ٿئي پر مذهبي ۽ ثقافتي قدر (Values) ساڳيا رهن. ائين نه ته ماڊرن ٿيڻ سان ملڪ ۾ بيهودگي ۽ عريانيت وڌي.
پرائيوي ڪائونسل: آئين مطابق هن ڪائونسل جو ڪم آهي ته سلطان کي قانون بابت رهنمائي ڪري. رحم ۽ سزائن بابت صلاح ڏئي، ماڻهن کي خطاب ۽ آنرري درجا ڏئي، وغيره. جيئن اسان وٽ ملڪ جو صدر هر سال خاص ماڻهن کي نشان امتياز، تمغه امتياز وغيره ڏئي ٿو. برونائيءَ جي هن ڪائونسل ۾ شاهي خاندان جا ۽ حڪومت جا اعليٰ سرڪاري ڪامورا ميمبر آهن.
وراثت (Succession) جي ڪائونسل: هن جو ڪم سلطان جي وفات بعد نئين سلطان لاءِ سوچڻ آهي ته تخت تي ڪنهن کي وهاريو وڃي. يعني سلطان جي پٽن مان ڪنهن هڪ کي يا سلطان جي ڀائرن مان ڪنهن ڀاءُ کي.
وزيرن (ڪابينا) جي ڪائونسل: هن ڪائونسل جا 9 ميمبر آهن جن ۾ وزير اعظم (يعني سلطان) به انهن ۾ اچي ٿو. اهي روز مرهه سرڪار جي انتظامي ڪمن جو جائزو وٺن ٿا.
جيستائين جوڊيشري جو سوال آهي ته برونائيءَ ۾ ٻٽو قانوني سسٽم (Dual Legal System) آهي. هڪ اهو ئي آهي جيڪو اسان کي يا ملائيشيا ۽ سنگاپور وارن کي انگريزن طرفان مليو. اهو ”انگلش ڪامن لا“ جي بنياد تي آهي. ان لاءِ 10 مئجسٽريٽ مقرر آهن جيڪي مقامي ملئي مسلمان آهن. ان مٿان ٻه انٽرميڊيٽ ڪورٽون آهن جن جا به ٻئي جج مقامي ملئي آهن. هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن مان ٻه ملئي ۽ چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ هانگ ڪانگ جو جج هوندو آهي. سپريم ڪورٽ جا ٽئي جج رٽائرڊ برٽش جج آهن. سپريم ڪورٽ جي ڪورٽ آف اپيل مهيني مهيني لاءِ سال ۾ ٻه دفعا وهي ٿي.
انگريزي قانون کان علاوه برونائيءَ ۾ ٻيو قانون اسلامي شريعت جو آهي جنهن لاءِ ”شريعہ ڪورٽون“ آهن. انهن ۾ گهڻو ڪري مسلمانن جي طلاق، زنا ۽ خلوت جهڙن ڏوهن جا فيصلا ٿين ٿا. هتي اهو به لکندو هلان ته برونائيءَ توڙي ملائيشيا ۾ ”خلوت“ تي سزا آهي. خلوت (Close Proximity) هڪ ڌارئين مرد ۽ عورت جو ڪنهن اڪيلي ڪمري ۾ وهڻ آهي. ٻاهر ڌاريون مرد ۽ عورت، ڇوڪرو يا ڇوڪري هلي سگهن ٿا، هوٽل ۾ ماني کائي سگهن ٿا پر سج لٿي کانپوءِ ڪنهن مسلمان مرد کي هڪ ڌارئين عورت سان گڏ پارڪ ۾ ويهي ڪچهري ڪرڻ جي به اجازت ناهي. اهو ان ڪري لکي رهيو آهيان جو اسان جا ڪيترا پڙهيل ڳڙهيل نوجوان جيڪي اعليٰ تعليم لاءِ ملائيشيا ۾ رهن ٿا يا ملائيشيا ۾ نوڪري ڪن ٿا انهن سان وڏي عمر جون ملئي عورتون دوستي ڪري هنن کي پاڻ وٽ فلئٽ ۾ گهرائين ٿيون يا سج لٿي کانپوءِ ڪنهن پارڪ ۾ وهن ٿيون ۽ پٺيان سندن ڪا ساهيڙي ڇاپو هڻائڻ لاءِ پوليس کي فون ڪريو ڇڏي. پوليس خلوت جي ڪيس ۾ ٻنهي کي گرفتار ڪري ٿي پر هنن جي همدردي پنهنجي ملڪ جي عورت سان ٿئي ٿي. مرد کي جيل ۽ ڏنڊ جا يعني بدناميءَ جا دڙڪا ڏئي کيس اها صلاح ڏين ٿا ته هو ان عورت سان شادي ڪري ۽ هڪ ٻئي کي بدناميءَ کان بچائين. جي هو اڳهين شادي شده آهي ته هن کي ٻي شادي ڪرڻ لاءِ همٿايو وڃي ٿو جو مسلمان مردن کي چئن شادين جي اجازت آهي. بهرحال برونائيءَ ۾ اهڙيون عمر رسيده، موالي ۽ ڪنگليون عورتون نه برابر آهن جو حڪومت طرفان هر هڪ کي خوشحال رکيو ويو آهي ۽ برونائي جون مسلمان ڇوڪريون هونءَ به ڪنهن ڌارئين سان فري نٿيون ٿين. باقي ملائيشيا ۾ مٿين قسم جون ٽوٽي، موالي، خرچائو ۽ مڙس ۽ مائٽن کان تڙيل ڪيتريون ئي رول عورتون نظر اچن ٿيون ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته انهن جو آسان شڪار اسان جا اهي پاڪستاني ٿين ٿا جن کي وڏي پگهار واريون نوڪريون آهن يا Ph.D ڪري رهيا آهن (يعني جن جو مستقبل سٺو آهي) _ انهن کي ڦاسايو وڃي ٿو.
***