الطاف شيخ ڪارنر

برونائيءَ کان برازيل

هي ڪتاب برونائي ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن: پاناما، چلي، ڪوراسائو، برازيل جي سفرنامن تي مشتمل آهي جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي. الطاف شيخ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
هن ئي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ الطاف شيخ لکي ٿو:
”هڪ ٻي ڳالهه ته هي بولچند جهڙا امير ماڻهو رڳو پئسي جي زور تي وڏا واپاري نه ٿيا جيڪا غلط فهمي اسان جي ڪيترن ماڻهن، خاص ڪري انهن ”سنڌي مسلمانن“ کي رهي ٿي جن کي واپار جو تجربو نه آهي. ۽ ائين به نه آهي ته پرديس ۾ وڏو نالو ۽ ناڻو پيدا ڪندڙ ”سنڌي هندوءَ“ کي هر وقت سهولتون ۽ آسانيون مليون. هرگز نه. هنن تي ڏکيا ڏينهن به آيا. هنن جي سالن جي ڪمائي ۽ واپار هڪ جهٽڪي ۾ ختم به ٿي ويو. دنيا جو امير ترين واپاري هانگ ڪانگ جو سنڌي ”هري ليلا“ ٻي جنگ عظيم ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو ۽ گهر جي اٽي لاءِ هو مٿي تي ٿالهه رکي چين ۽ هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ شيون وڪڻندو رهيو. هن جيتوڻيڪ بعد ۾ پنهنجي کيسي مان هانگ ڪانگ يونيورسٽي ٺهرائي، پر ننڍي هوندي هن کي اسڪول جي في ٻه ڊالر نه هجڻ ڪري پاڻ پڙهي نه سگهيو.“
  • 4.5/5.0
  • 4585
  • 1340
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book برونائيءَ کان برازيل

برونائيءَ ۾ تعليم هرهڪ لاءِ ۽ سڀني لاءِ ساڳيا اسڪول

برونائيءَ ۾ جيستائين تعليم جو سلسلو آهي ته هن ملڪ جو غريب غربو توڙي شاهي خاندان جو اولاد چڱيءَ طرح تعليم حاصل ڪري ٿو. هونءَ به جتي انگريزن حڪومت ڪئي اتي هنن يڪدم اسڪول ڪاليج کوليا جيئن 1843ع کان پوءِ اسان وٽ ڪراچي، سکر، حيدرآباد وغيره ۾. برونائيءَ ۾ تعليم جو نظام ايئن آهي جيئن اسان وٽ ننڍي هوندي هو. يعني پرائمري جي چئن درجن ۾ مادري زبان ان بعد انگريزي. ساڳي وقت اسانجي ملڪ وانگر برونئيءَ ۾ پڻ اهڙا ڪيترائي اسڪول ملندا، خاص ڪري ڪانوينٽ اسڪول جيڪي پهرين ڪلاس کان انگلش ميڊيم آهن. ان ڪري برونائي ۾ نوڪري ڪندڙ ڌارين کي ٻارن جي تعليم جو مسئلو نٿو ٿئي، جيڪو ملائيشيا ۾ اسان جي ڏينهن ۾ يعني اسي واري ڏهاڪي ۾ درپيش هو. ان وقت ملائيشيا ۾ ايترا ڌاريان هئا به ڪونه. وڌ ۾ وڌ ڪوالالمپور ۾ سفارتخانن جي هجڻ ڪري انهن جي ٻارن لاءِ ڪوالالمپور ۾ هڪ انٽرنيشنل اسڪول هو. هاڻ اتي ته ڪيترائي ٿي ويا آهن پر ملاڪا جهڙي ننڍڙي شهر ۾ به آهن جتي مون ڏهه سال کن گذاريا.
برونائيءَ کي 1984ع ۾ آزادي ملڻ تائين برونائي ۾ اعليٰ تعليم لاءِ ڪا يونيورسٽي نه هئي. باقي ٽيڪنيڪل ۽ سائنس اسڪول ۽ ڪاليج جام هئا جن مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد مقامي ماڻهن جي ٻارن کي سرڪار طرفان ملائيشيا، سنگاپور، انگلنڊ ۽ آسٽريليا اعليٰ تعليم لاءِ موڪليو ويو ٿي. جرودانگ انٽرنيشنل اسڪول، پادوڪا سري بيگوان، سلطان مينينگاهه اوانگ سيمائن، سيڪولا سيدنا علي، سينٽ ائنڊريو اسڪول..... برونائي جي تعليمي ادارن مان ڪجهه آهن جن جو تعليمي معيار هميشه مٿانهون رهيو آهي.
اڄ ڪلهه برونائيءَ جو سلطان حسن ال بوليخا آهي. سندس وڏو پٽ مهتدي باالله جيڪو سندس وفات بعد گادي نشين ٿيندو اهو، پنهنجي ئي ملڪ جي ”سينٽ ائنڊريو اسڪول“ ۽ ”پادوڪا سري بيگوان سلطان سائنس ڪاليج“ مان پڙهيو آهي. ۽ سندس زال ساران جيڪا شاهي خاندان مان نه پر رعيت يعني عوام مان هڪ آهي.... يعني عام شهري صالح عبدالرحمان جي ڌيءَ آهي، ان به ساڳين مٿين ٻن تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪئي آهي. اهڙي طرح موجوده سلطان جي ڌيئرن: مجيدان، حفيظان، رشيده (چوٿينءَ جو نالو هن وقت ياد نه پيو اچي) برونائي جي ئي عام اسڪولن ۽ ڪاليجن مان تعليم حاصل ڪئي آهي جن ۾ غريب کان غريب جا ٻار به پڙهن ٿا. ڏٺو وڃي ته برونائي جو سلطان جو مان، مرتبو، فالو شپ (مريدي) ۽ معاشي حالت ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جي بادشاهه کان به مٿاهين آهي ۽ ساڻس اسانجو ملڪ جو ڪو پير، مير، نواب، سردار مقابلو نٿو ڪري سگهي پر ان هوندي به هن جي نه رڳو پـٽن پر ڌيئرن به ملڪ جي عام اسڪولن ۽ ڪاليجن مان تعليم حاصل ڪئي آهي جن ۾ غريب کان غريب جا ٻار به پڙهن ٿا. نتيجي ۾ برونائي، ملائيشيا، ٿائلنڊ پاسي جا اسڪول توڙي اسپتالون ۽ روڊن تي هلندڙ عوام لاءِ بسون اعليٰ درجي جون رهن ٿيون ۽ ٻئي پاسي اسانجي ملڪ ۾، خاص ڪري سنڌ (جنهن سان منهنجو واسطو آهي)، ان جي روڊ رستن، اسڪول اسپتالن ۽ بسين جي حالت ڏسو!
هڪ ٻي ڳالهه ته هنن ملڪن ۾ حق حلال جي نوڪري يا پورهيو ڪرڻ کي عيب نٿو سمجھيو وڃي. موجوده سلطان جي ڌيءَ مجيدان شاديءَ بعد به تعليم حاصل ڪندي رهي ۽ هاڻ Environmental ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪري ٿي. ڪرائون پرنس (وليعهد شهزادي) مهتد باالله جي سَس.... يعني ساران جي ماءُ ’رينا وتي‘ برونائيءَ جي ”صالحان اسپتال“ ۾ نرس ٿي ڪم ڪيو آهي. آئون جڏهن 1980ع ڌاري ملاڪا (ملائيشيا) ۾ نوڪري لاءِ وڃي رهيس ته انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا جي نيول چيف جي زال پينانگ جي اسپتال ۾ نرس هئي. اسان لاءِ اها ڳالهه پهرين ته باعثِ حيرت ٿي پر پوءِ اهڙا ڪَئين مثال نظر آيا. اسان جي هڪ ملئي پروفيسر جي زال رسيس ۾ برياني وڪڻندي هئي.... ۽ سالن جا سال وڪڻندي هن اتي دڪان ورتو ۽ ان بعد هن هوٽل کولي.
اسان وٽ به ائين ٿئي ته ڪيڏي تبديلي اچي سگهي ٿي. پوءِ توهان کي ڪو به لوفر ڇوڪرو اسڪول مان نڪرندڙ ڇوڪرين کي تنگ ڪندي نظر نه ايندو، ڪو ڊاڪٽر يا مريض ڪنهن نرس سان هٿ چراند ڪرڻ جي همٿ نه ساهيندو. پر ڇاهي جو اسان وٽ ان قسم جا غنڊا، بدمعاش سمجھن ٿا ته وڏن ماڻهن جا ٻار ٻاهر پڙهن ٿا، علاج به ٻاهران ڪرائين ٿا. هتي فقط غريب ۽ بي وس آهن انهن کي تنگ ڪرڻ کان ڪير نه روڪيندو.
هونءَ ته برونائي جو سڄو ملڪ جيڪو حيدرآباد ضلعي جيڏو ـــ سو به اڄ واري حيدرآباد ضلعي جيڏو جنهن مان مٽياري، ٽنڊو ڄام ڪڍيو وڃي ته پوءِ فقط 5520 چورس ڪلوميٽر ٿا ٿين، ۽ برونائي ۾ ٽوٽل ماڻهن جو تعداد 2013ع جي آدمشماري مطابق 4 لک 20 هزار هو هاڻ کڻي 5 لک ٻڌجي.... ته ايتري عوام لاءِ پهرين کان موجود اسڪول ۽ ڪاليج ئي ڪافي هئا ۽ حڪومت کي ايڏي اڻ مئي دولت آهي جو جنهن ٿي وڌيڪَ پڙهڻ چاهيو تنهن کي هن جي مرضيءَ سان انگلنڊ، آمريڪا، آسٽريليا، نيوزيلئنڊ يا سنگاپور ۽ ملائيشيا سرڪاري خرچ تي ٿي موڪليو. پر تنهن هوندي به ڏسان پيو ته هن پاسي جي حاڪمن کي پنهنجي عوام کي پڙهيل ڳـڙهيل بنائڻ جو ڪيترو ته اونو آهي جو 1984ع ۾ برونائي کي آزادي ملڻ بعد هنن نه فقط ٻه يونيورسٽيون کوليون پر انهن ۾ تعليم جو اعليٰ معيار ۽ ڊسپلين به رکيو ۽ انهن ئي يونيورسٽين مان ملڪ جي بادشاهه ۽ شاهي خاندان جا ٻار پڙهن ٿا. برونائي ۾ نوڪري ۽ پورهيو ڪندڙ اسانجي ملڪ جا ماڻهو واقعي سچ ٿا چون، جڏهن هو ان ڏک جو اظهار ڪن ٿا ته ”برونائي توڙي سعودي عرب ۽ ڪويت ۾، بادشاهت هوندي به اتي جي حاڪمن کي پنهنجي عوام کي تعليم يافته رکڻ جو ڪيڏو ته اونو آهي ۽ هڪ اسانجا هٿ ٺوڪيا جمهوري ملڪ آهن جن ۾ هلندڙ اسڪول به بند ٿيا پيا آهن ۽ اسان جي ووٽن تي چونڊيل حاڪمن کي ڪو فڪر ناهي. هر هڪ پنهنجي بئنڪ بيلنس ۽ بزنيس کي وڌائڻ ۾ مشغول آهي.“
پرديس ۾ رهندڙ اسانجي هم وطنين کي ان قسم جون ڳالهيون سوچي واقعي تڪليف ٿيندي هوندي جو آئون پاڻ به ملائيشيا، ٿائلنڊ ويندي ڪوريا جهڙن ملڪن ۾ يا آفريڪا جي ڪينيا ۽ تنزانيا جهڙن ملڪن ۾ وڃان ٿو ته ڏک ٿئي ٿو ته اهي ڪهڙا ڪهڙا پٺتي پيل ملڪ هئا اڄ اسان کان اڳتي نڪري ويا آهن!
1984ع ۾ جيئن ئي انگريزن طرفان برونائيءَ کي خود مختياري ملي ته هنن ملڪ ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو سوچيو ۽ ان تي ڪم شروع ڪيو. 1985ع ۾ هن ملڪ جي پهرين يونيورسٽي برونائي دارالسلام (UBD) ٺهي راس ٿي ۽ 176 شاگردن کي داخلا ڏني وئي. شاگردن جي تعداد کان اڄ اها تمام وڏي يونيورسٽي مڃي وڃي ٿي. برونائي جي گهٽ آدمشماري هجڻ ڪري ان جا ته ڪي گهڻا شاگرد نه آهن پر ڌارين ملڪن جا، خاص ڪري چين ۽ جپان جا ۽ ٻئي پاسي يورپ، آفريڪا ۽ عرب ملڪن جا تمام گهڻا شاگرد آهن.
يونيورسٽي برونائي دارالسلام ۾ 8 اڪيڊمڪ فئڪلٽيز، 9 ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ 6 اڪيڊمڪ سروس سينٽر آهن جن ۾ اسلامڪ اسٽڊيز، بزنيس، آرٽس، سائنس، هيلٿ سائنس، ايشين اسٽڊيز، پاليسي اسٽڊيز، ايڊيوڪيشن، بايو ڊائورسٽي ۽ انٽيگريٽيڊ ٽيڪنالاجيز جهڙا سبجيڪٽ آهن. جيئن بنارس شهر جي هندو يونيورسٽي ۾ برلا مندر ڏسڻ وٽان آهي تيئن هتي جي يونيورسٽي ۾ ٻن هيڪٽرن تي 1994ع جي ٺهيل مسجد پڻ ڏسڻ وٽان آهي. هن ۾ هڪ ئي وقت 1800 ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا.
جيئن پهرين به لکي چڪو آهيان ته هتي برونائيءَ ۾ (توڙي ملائيشيا ۾) تعليم هر هڪ لاءِ لازمي سمجھي وڃي ٿي ۽ نه فقط عام ماڻهو پر هتي جي بادشاهن توڙي سلطانن ۽ انهن جي شاهي خاندان جا نه رڳو پٽ ٻار پر ڌيئرون به تعليم حاصل ڪن ٿيون. هنن کي ولايت جي ملڪن ڏي به موڪليو وڃي ٿو پر فقط اعليٰ تعليم لاءِ. بنيادي تعليم هو پنهنجي ملڪ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ وٺن ٿا. ۽ هن يونيورسٽي کلڻ بعد هاڻ هو هن مان ئي گرئجوئيشن ڪن ٿا. برونائي جو موجوده بادشاهه حسن البوليخا جنهن کي چار ڌيئرون ۽ ٻه پٽ آهن تن مان ٽن ڌيئرن: مجيدان، حفيظان ۽ رشيدان ۽ ننڍي پٽ عبدالمالڪ، هن يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن ڪئي. بادشاهه جي وڏي پٽ (وليعهد) مهتديٰ باالله جي زال ساران جيڪا شاهي خاندان مان نه پر هڪ ڪامنر (عام ماڻهوءَ جي ڌيءَ) آهي، اها پڻ هن يونيورسٽيءَ مان پڙهي.
برونائي جي سلطان جي ڌيءَ مجيدان، سندن چوٿون ٻار آهي. اها 1976ع ۾ ڄائي، هن يونيورسٽي آف برونائيءَ مان ائڊمنسريشن ۽ پبلڪ پاليسي ۾ بي. اي. آنرس ڪئي. ان بعد انگلنڊ مان Environmental ڊيولپمينٽ ۾ M.A ڪئي. هينئر هوءَ سينئر انورانمينٽ آفيسر آهي. 10 جون 2007ع تي سندس خيرل خليل نالي نوجوان سان هتي جي گادي واري شهر ”بندر سري بيگوان“ جي ’مسجد عمر علي سيف الدين‘ ۾ شادي ٿي هئي. کين ٻه ٻار آهن: پهريون پٽ ٻار عبدالحفيظ ۽ ٻي ڌيءَ رائهنا حنا آهي. شهزادي مجيدان جو گھوٽ خيرل خليل وزير اعظم جي آفيس ۾ سرڪاري ڪامورو آهي پاڻ بلڊنگ ڪنسٽرڪشن ۾ گرئجوئيٽ آهي. خيرل خليل جو به واسطو شاهي خاندان سان ناهي پر هُو هڪ عام ماڻهوءَ جو پٽ آهي.
هونءَ ڪو زمانو هو جو هن پاسي جي شاهي خاندانن جا ٻار پنهنجي ئي خاندان ۾ شادي ڪندا هئا بلڪه والدين طرفان هنن جي ڪرائي وئي ٿي. پر هاڻ جيئن ته بادشاهن جون ڌيئرون به پڙهي پيون آهن ۽ وڏين سرڪاري نوڪرين ۾ آهن سو هو چاهين ٿيون ته سندن مڙس به پڙهيل ڳڙهيل ۽ سمارٽ هُجن.... مسلمان سو هجن پوءِ ڀلي کڻي ڪنهن هيٺين ذات جا هجن. مجيدان وانگر سندس ڀيڻ شهزادي حفيظان جيڪا بزنيس ائڊمنسٽريشن جي گرئجوئيٽ آهي ۽ پرائيم منسٽر آفيس ۾نوڪري ڪري ٿي، پڻ هڪ عام ڇوڪري سان شادي ڪئي جنهن ساڳي آفيس ۾ نوڪري ڪئي ٿي.
برونائيءَ ۾ سال 1985ع ۾ يونيورسٽي آف برونائي قائم ٿي ان بعد هنن ڪيترائي ڪاليج ۽ اڪيڊميون کوليون. 1992ع تائين هو مئرين سائنسز جهڙن سبجيڪٽن جا شاگرد اسان وٽ ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمي ۾ موڪليندا هئا. ان بعد اها به هنن پنهنجي کولي جتي برونائي جي نوجوانن کي جهازراني ۽ جهازسازي سيکاري وڃي ٿي. 2007ع ۾ هنن ملائيشيا وانگر اسلامڪ يونيورسٽي کولي جنهن جو نالو ٽئين سلطان شريف علي جي نالي سان ”يونيورسٽي اسلام سلطان شريف علي“ رکيو آهي. هن يونيورسٽي جو مقصد نوجوانن کي اسلام جي ڄاڻ ڏيڻ آهي. 2009ع ۾ هيءَ يونيورسٽي گڊانگ شهر جي نئين ڪئمپس ۾ شفٽ ڪئي وئي جتي پهرين ”رشيده نرسنگ ڪاليج“ هو. هي ڪئمپس تمام وڏو آهي. برونائي سرڪار دل کولي نه رڳو پڙهائڻ وارا رکيا آهن پر انهن کي پگهار ۽ سهولتون به وڏيون ڏنيون وڃن ٿيون. سو اسانجي ملڪ جي ڪنهن پروفيسر کي برونائيءَ ۾ نوڪري ملي ته اکيون پوري پهچي وڃي. اهو به لکندو هلان ته هن پاسي ماستر ماڻهوءَ جي وڏي عزت ڪئي وڃي ٿي.
هن يونيورسٽي ۾ ڪجهه هي فئڪلٽيون آهن:
فئڪلٽي آف عربئڪ لئنگئيج
فئڪلٽي آف اصول دين
بزنيس ۽ مئنيجمينٽ
مذهب شافعي ريسرچ سينٽر..... وغيره.
ياد رهي ته هن پاسي..... يعني برونائي، ملائيشيا، ڏکڻ فلپين ۽ انڊونيشيا پاسي جا مسلمان شافعي مڪتبِ فڪر سان واسطو رکن ٿا. برونائيءَ جي هيءَ اسلامڪ يونيورسٽي جيڪا سلطان شريف علي نالي آهي اهو هتي جو ملئي نه پر سعودي عرب جي طائف شهر جو عرب هو. هو حضرت امام حسن ۽ امام حسين جي اولاد مان سيد هو. پاڻ عربي زبان ۽ اسلام جو ڄاڻو هو ۽ هتي برونائي ۾ اسلام جي تبليغ لاءِ آيو هو. انهن ڏينهن ۾ اڄ وارو صباح، سراواڪ، بورنيو ٻيٽ جو ٻيو به ڳپل حصو ۽ فلپين جا ڪيترا ڏاکڻا ٻيٽ ”برونائي سلطنت“ هيٺ آيا ٿي.
حاجي شريف علي برونائي اچڻ کان اڳ مڪي ۾ ”امير“ جون خذمتون به ڏئي چڪو هو ان ڪري هن کي ”الامير شريف علي“ پڻ سڏيو ويو ٿي. هو برونائي ۾ رهي پيو ۽ ان وقت جي ٻئي سلطان احمد پنهنجي ڌيءَ ”پُتري رتنا ڪيسوما“ جي شادي الامير شريف علي سان ڪرائي. 1425ع ۾ سلطان جي وفات بعد جيئن ته هن کي پٽ ٻار نه هو ان ڪري شاهي خاندانن جي ماڻهن توڙي عام رعيت اسلام جي گهڻي ڄاڻ هجڻ ڪري شريف عليءَ کي برونائيءَ جو سلطان بنايو.
سلطان شريف عليءَ برونائي ۾ صحيح نموني سان اسلامي طريقن سان حڪومت ڪئي. هن برونائي جي پهرين مسجد ٺهرائي. غير ملئي هجڻ جي باوجود هن جي هر هڪ ماڻهوءَ تمام گهڻي عزت ڪئي ٿي. 1432ع ۾ سندس وفات بعد سندس پٽ سليمان کي برونائيءَ جو سلطان بنايو ويو.
***