الطاف شيخ ڪارنر

برونائيءَ کان برازيل

هي ڪتاب برونائي ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن: پاناما، چلي، ڪوراسائو، برازيل جي سفرنامن تي مشتمل آهي جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي. الطاف شيخ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
هن ئي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ الطاف شيخ لکي ٿو:
”هڪ ٻي ڳالهه ته هي بولچند جهڙا امير ماڻهو رڳو پئسي جي زور تي وڏا واپاري نه ٿيا جيڪا غلط فهمي اسان جي ڪيترن ماڻهن، خاص ڪري انهن ”سنڌي مسلمانن“ کي رهي ٿي جن کي واپار جو تجربو نه آهي. ۽ ائين به نه آهي ته پرديس ۾ وڏو نالو ۽ ناڻو پيدا ڪندڙ ”سنڌي هندوءَ“ کي هر وقت سهولتون ۽ آسانيون مليون. هرگز نه. هنن تي ڏکيا ڏينهن به آيا. هنن جي سالن جي ڪمائي ۽ واپار هڪ جهٽڪي ۾ ختم به ٿي ويو. دنيا جو امير ترين واپاري هانگ ڪانگ جو سنڌي ”هري ليلا“ ٻي جنگ عظيم ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو ۽ گهر جي اٽي لاءِ هو مٿي تي ٿالهه رکي چين ۽ هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ شيون وڪڻندو رهيو. هن جيتوڻيڪ بعد ۾ پنهنجي کيسي مان هانگ ڪانگ يونيورسٽي ٺهرائي، پر ننڍي هوندي هن کي اسڪول جي في ٻه ڊالر نه هجڻ ڪري پاڻ پڙهي نه سگهيو.“
  • 4.5/5.0
  • 4585
  • 1340
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book برونائيءَ کان برازيل

برونائيءَ جا سڀ حاڪم درويش به نه هئا

برونائيءَ جي ڄاڻ رکندڙن لاءِ هتي هڪ دفعو وري لکندو هلان ته برونائيءَ جا حاڪم ”سلطان“ سڏجن ٿا ۽ هن وقت ملڪ جو اوڻٽيهون مسلمان سلطان حسن البوليخا آهي جيڪو سمجھو ته ملڪ جو بادشاهه به آهي ته ان جو وزير اعظم به. ملائيشيا ۾ به سلطان آهن. تيرهن رياستن مان نون رياستن جا حاڪم سلطان آهن جن مان واري وٽيءَ تي هر هڪ چئن سالن لاءِ سڄي ملائيشيا جو بادشاهه ٿئي ٿو. پر ملائيشيا جو بادشاهه فقط ”بادشاهه“ ئي رهي ٿو. ”وزير اعظم“ عوام مان چونڊيو وڃي ٿو جيئن ٿائلنڊ ۾ آهي. ٿائلنڊ جي عوام پنهنجي بادشاهه جي تمام گهڻي عزت ڪري ٿي جو هن عوام لاءِ تمام گهڻا ڪم ڪيا آهن. کين تعليم، صحت، سلامتي ۽ آزاديءَ سان سرشار ڪيو آهي. اهي ئي سٺا ڪم برونائيءَ جي سلطانن به پنهنجي رعيت سان ڪيا آهن جنهن ڪري برونائي جي عوام پنهنجن سلطانن مان خوش آهي ۽ کين دل سان چاهي ٿي. برونائي جي سلطانن جو درجو سعودي عرب، ملائيشيا ۽ ڪويت جهڙن ملڪن جي بادشاهن کان اعليٰ ان ڪري به آهي جو برونائي جا سلطان عوام لاءِ پير مرشد ۽ بزرگ عالمن جو به درجو رکن ٿا. جيئن اسان وٽ گادي نشين پيرن جي عزت صوبي يا ملڪ جي حاڪم کان به وڌيڪ ڪئي وڃي ٿي ڇو جو اسان جا ماڻهو مذهبي جذبات رکن ٿا. ڪنهن جو موجوده پير کڻي مذهبي نه هجي پر جيئن ته هن جو ستين اٺين يا ڏهين ٻارهين پيڙهي ۾ پڙڏاڏو يا تڙ تڙڏاڏو عالم، بزرگ، ديندار هو ان ڪري ان علائقي جا ماڻهو اڄ به ان جي اولاد کي اها ئي اهميت ڏين ٿا.
ڏٺو وڃي ته برونائي جي سلطانن ظهير الدين بابر يا انگريزن وانگر جنگيون يا ٺڳيون ڪري ملڪ فتح نه ڪيو. هو اصل کان هن ڌرتيءَ جا مالڪ هئا. ائين به نه آهي ته هتي ڪنهن محمود غزنويءَ اچي مندر تباهه ڪيا ۽ مڪاني هندو سلطانن ۽ عوام ۾ خوف پيدا ڪيو ۽ نه ڪنهن محمد بن قاسم جهڙي سالار مڪاني حاڪم راجا ڏاهر سان جنگ جوٽي پنهنجا مسلمان گورنر رکيا. برونائيءَ جا سلطان ۽ عوام هندو هئا برونائيءَ ۾ عرب مسلمان تاجرن ۽ جهازرانن جو اچڻ وڃڻ ضرور هو جن جي سٺين ڳالهين کان متاثر ٿي برونائي جو هندو سلطان ”الاڪ بيتاتار“ مسلمان ٿيو جيڪو برونائيءَ جو پهريون مسلمان سلطان ليکيو وڃي ٿو. مسلمان ٿيڻ بعد هن پنهنجو نالو ”محمد شاهه“ رکرايو. پاڻ 1402 ۾ وفات ڪرڻ وقت تائين برونائي تي 30 سال حڪومت ڪيائين.
هتي اهو به لکندو هلان ته برونائي جو هي پهريون سلطان محمد شاهه نه فقط نالي جو مسلمان ٿيو پر هو عملي طرح به هڪ نيڪ انسان ٿي رهيو. اهڙيءَ طرح ٻيو سلطان احمد جيڪو 1425 تائين برونائي جو سلطان رهيو، اهو پڻ مذهبي طبعيت جو انسان هو ۽ هن جي ڏينهن ۾ عربستان کان ايندڙ عالمن ۽ مبلغن جو برونائيءَ ۾ وڏو قدر ڪيو ويو ٿي. ايتري قدر جو ملڪ جي هن سلطان پنهنجي اڪيلي اولاد، ڌيءَ جي شادي عربستان کان آيل هڪ عالم دين ’امير شريف عليءَ‘ سان ڪرائي. اڄ جي عرب جو اميج هڪ امير ماڻهوءَ جو آهي جيڪو گذريل صديءَ کان تيل نڪرڻ بعد ٿيو آهي نه ته عربستان ۾ ايڏي غربت هئي جو ويندي اتي جي شهرن ۾ ٻرندڙ فانوسن لاءِ تيل حيدرآباد دکن جو ناظم موڪليندو هو. ٻي ڳالهه ته اڄ به گهڻا ماڻهو پئسي ڏوڪڙ کي ترجيح ڏين ٿا ۽ پنهنجيءَ ڌيءَ جي شادي ڪوشش ڪري پئسي واري سان ڪرائين ٿا. اهڙي تناظر ۾ برونائي جو سلطان - جنهن جو درجو اسان جي پيرن، ميرن، سردارن کان، بنا ڪنهن شڪ جي، مٿانهون چئي سگهجي ٿو - پئسي ڏوڪڙ توڙي فالوشپ (مريدي) ۾، پنهنجي اڪيلي ڌيءَ جي شادي پنهنجي خاندان يا ملڪ جي ڪنهن امير يا سهڻي جوان بدران هڪ غريب پرديسي عرب سان ڪرائي، ان مان پڻ ثابت ٿئي ٿو ته برونائي جي سلطانن هڪ ديانتدار، نيڪ ۽ مذهبي ماڻهوءَ جو قدر ڪيو ٿي.
هڪ ٻي ڳالهه. اسان وٽ رڳو ڪو سرڪاري ڪامورو ٿو ٿئي ته ان کان وڌيڪَ سندس پٽ، ڀائٽيا، ڀاڻيجا لئه ٿا رکن ۽ ڏوهن جهڙا ڪم ڪندي به فخر محسوس ڪن ٿا. پر شريف علي هڪ اهڙو نيڪ انسان هو جيڪو ملڪ جي بادشاهه جو ناٺي ٿيڻ جي باوجود سادگي جي زندگي گذارڻ لڳو ۽ اسلام جي تبليغ ڪندو رهيو.
سلطان احمد جي وفات بعد، جيئن ته کيس پٽ ٻار جو اولاد نه هو، ان ڪري سندس هن عرب ناٺيءَ کي ملڪ جو حاڪم بنايو ويو. هونءَ ته اهڙي حالت ۾ خانداني جھيڙا پيدا ٿين ٿا ته پٽ ٻار نه هجڻ تي هن جي ڀائرن يا سوٽن جي اولاد مان ڇو نه سلطان چونڊيو وڃي ـــ هڪ ڌارئين غريب ملڪ جي ماڻهوءَ کي ان ملئي قوم جو ڇو سلطان بنايو وڃي جيڪا هن سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ اتم اتاهين سمجھي وئي ٿي. پر برونائي جو شاهي خاندان ۽ عوام هن عرب ملڪ جي پرهيزگار ۽ نيڪو ڪار کان واقف هئي ۽ هنن عالمِ دين جو قدر ڪيو ٿي، ان ڪري هنن کي، هڪ ڌارئين کي سلطان بنائڻ ۾ آر محسوس نه ٿيو. عوام لاءِ هي عرب سلطان شريف علي هڪ پير و مرشد کان گهٽ نه هو.
ڏٺو وڃي ته اڄ تائين جيڪي برونائي جا سلطان ٿيندا اچن انهن ۾ عربن جو رت آهي جو اهي هن شريف عليءَ جو ئي اولاد آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته شريف علي سلطان ٿيڻ بعد عيش و عشرت جي زندگيءَ کي ترجيح نه ڏني. اسانجا حاڪم ته عوام جو به پئسو هضم ڪري پنهنجي لاءِ محل ۽ ڪارخانا ٺاهين ٿا ۽ ٻارن ٻچن ۽ پنهنجن خوشامدڙين سان عوام جي خرچ تي ولايت جون ٽوئرون ڪن ٿا پر سلطان شريف عليءَ خزانن سان ڀريل ٽجوڙين هوندي به پنهنجو پاڻ کي سادگيءَ ۾ رکيو. هو هر وقت پنهنجي اولاد کي به سمجھائيندو رهيو ته هي مال ملڪيت قدرت طرفان هڪ ٽرسٽ آهي ۽ حاڪم جو ڪم آهي ان کي صحيح استعمال ڪرڻ ـــ يعني عوام جي سک جو خيال ڪرڻ. پاڻ پهريون ڪم مسجد ٺهرائڻ جو ڪيائين ۽ پنج ئي وقت پاڻ امامت ڪندو رهيو. تبليغ خاطر هو ڀر وارن ٻيٽن ۽ ملڪن ۾ هليو ويندو هو جنهن بابت اسٽئمفورڊ رئفلس جهڙن انگريزن به پنهنجن ڪتابن ۾ لکيو آهي.
سلطان شريف علي بعد سندس فرزند شهزادو سليمان برونائيءَ جو چوٿون مسلمان سلطان ٿيو. اهو به هڪ نيڪ حاڪم ٿي گذّريو آهي جنهن کي پڻ عوام پير جو درجو ڏنو ٿي. هو پنهنجي جيئري ئي تخت تان دست بردار ٿي ويو ۽ سندس پٽ بولقياح برونائيءَ جو پنجون سلطان ٿيو. هن 1485 کان 1524 تائين حڪومت ڪئي ۽ هن سلطان جي نالي اڄ جو موجوده سلطان حسن پاڻ کي ”البولقياح (البوليخا)“ سڏرائي ٿو.
بهرحال برونائيءَ جا ڪيترا حاڪم نيڪ ۽ ديندار ٿي گذريا آهن جنهن ڪري سندن اولاد کي به اڄ جو عوام ائين ئي پيراڻو درجو ڏئي ٿو جيئن اسان وٽ هند سنڌ ۾ آهي ـــ ويندي انهن کي به پير ۽ مرشد سڳورو سڏيو وڃي ٿو جيڪي سڄي رات شراب ۽ شباب جي زندگي گذاري فجر جي ٻانگ تي سمهي رهن ٿا ۽ ٻئي ڏينهن منجھند ڌاري اٿڻ سان ڏينهن جي شروعات بيئر يا ٻئي نشي سان ڪن ٿا. برونائي پاسي به اهو ئي حساب آهي جتي ڪي حاڪم نيڪ ٿي رهيا اتي بي انتها دولت ڪن حاڪمن کي اهڙو عياش ڪري ڇڏيو جو نه فقط پنهنجي صحت خراب ڪري ويٺا پر سندن ڪڌن ڪرتوتن کين کلڻهارڪو بڻائڻ سان گڏ اسلام جي نالي کي به شرمسار ڪري ڇڏيو. ان جو مثال اڄ جو برونائي جو سلطان به آهي. پر وري به هن ايتري بدنامي نه ڪئي آهي جو هن جي چڱن ڪمن جي به وڏي لسٽ آهي باقي سندس ننڍي ڀاءُ شهزادي حاجي جيفري بوليخا جي ڇا ڳالهه ڪجي ـــ سندس پلي بئاء ۽ جنس پرستي جي قصن سان اسپين جا ڪاسانووا به مقابلو نه ڪري سگهن. هن ننڍي هوندي کان ملڪ جي دولت ڪيئن ڪيئن لٽي آهي ان جي ڪهاڻين کان به هتي جو ٻچو ٻچو واقف آهي.
شهزادو جيفري (Jefri Bolkiah) 6 نومبر 1954 تي ڄائو. 1986ع کان 1998ع تائين ملڪ جو وزير خزانا رهيو. هڪ ته ابي ڏاڏي جي ورثي ۾ مليل اڻ مئي ملڪيت ۽ ٻيو وري کيس وزارت به ناڻي واري ملي. ننڍو ۽ لاڏلو هجڻ ڪري ماءُ پيءُ هن کي دين ۽ اخلاق جي به صحيح طرح تعليم و تربيت نه ڏني سو هي ڇڙواڳ ٿي دولت سان کيڏڻ لڳو ۽ ڏينهون ڏينهن عياش ٿيندو ويو. برونائي جهڙي دولتمند ملڪ جي خزاني جو وزير هجڻ کان علاوه BIA (برونائي انويسٽمينٽ ايجنسي) جو چيئرمئن به هي ٿيو. BIA ملڪ جي ناڻي کي مختلف ملڪن ۽ پروجيڪٽس ۾، Invest ڪرڻ جو ادارو آهي. 1997ع ۾ برونائي جي سلطان BIA جا ڪاغذ پٽ آڊٽ ڪرايا ته خبر پيئي ته چيئرمئن صاحب يعني سندس ننڍي ڀاءَ، ان۾ 15 بلين يعني 15 ارب ڊالرن جي هير ڦر ڪري ڇڏي آهي. پهرين ته هو باسي نه ته هن پنهنجا شوق پورا ڪرڻ لاءِ خرچي ڇڏيا آهن پر پوءِ آخر سن 2000ع ۾ هن قبول ڪيو ۽ وعدو ڪيو ته ملڪ جي اها چوري ڪيل رقم هو پنهنجا ٽپڙ وڪڻي واپس ڪندو. سلطان طرفان ساڻس ايتري سا رعايت ڪئي وئي ته هن کي سندس ذاتي گهر رکڻ جي موڪل ڏني وئي. باقي ٻيون جايون وڪڻڻ لاءِ چيو ويو.
شهزادي جيفري جي ان مقامي ڪيس کان علاوه ڪيترائي ٻاهرين ملڪن ۾ ڪيس هلندا رهن ٿا ۽ هو عيش عشرت جي زندگي کان سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. سندس ذاتي ملڪيت ۾ ڪيتريون ئي آرٽ جون شيون آهن. برطانيا جي مشهور ڳهن واري ڪمپني Asprey، آمريڪا جي نيو يارڪ پئلس هوٽل، لاس اينجلس واري هوٽل بيل ايئر، پئرس جو پلازا پڻ هن جي ملڪيت رهيا آهن.
شهزادي جيفريءَ پنج شاديون ڪيون جن مان ٻن ته کانئس طلاق ورتي باقي ٽي هن جي نڪاح هيٺ آهن جن مان هن کي 18 ٻار آهن جن جون هن وقت عمرون 12 کان 45 سال آهن. پاڻ به هن وقت 62 سالن جو آهي. انهن زالن کان علاوه هن جي حرم ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ديسي ۽ ولائتي عورتون رهنديون آيون آهن. شهزادي جي عياشي لاءِ ڪن عورتن کي ته خاص يورپ ۽ آمريڪا کان برونائي گهرايو ويو ٿي. انهن ۾ ڪيتريون ڳائڻيون، اداڪارائون، ليکڪائون ۽ ٻيون اهم عورتون پڻ هيون جن مان ڪن جي مٿس ڪيل ڪورٽ ڪيسن به سندس خزاني جي ٽجوڙي خالي ڪري رکي. شهزادي جيفري لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته هن جي حرم ۾ان قسم جون چاليهه کن عورتون هر وقت رهيون ٿي جن ۾ جيلين لورين (Jillian Lauren) نالي ليکڪا به هئي جنهن هن شهزادي سان گذاريل راتين جو احوال پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي. هوءَ لکي ٿي ته برونائي جي هن شهزادي جيفري جي اِها خواهش هوندي هئي ته حرم ۾ موجود رنون کيس ”رابن“ سڏين. ايتري قدر جو هن هڪ ڪار ”بينٽلي ڪانٽينينٽل RS“ تي نمبر بدران “Robin” لکرايو هو.
مٿي ذڪر ڪيل ليکڪا لورين اڄ ڪلهه لاس اينجلس ۾ رهي ٿي. هوءَ آمريڪا جي رياست نيوجرسي جي شهر لونگسٽن ۾ پلي نپني ۽ نيويارڪ يونيورسٽيءَ مان ”اداڪاري“ جي سبجيڪٽن تي تعليم حاصل ڪئي. اڃان 17 سالن جي هئي ته هن هوٽلن ۽ مئخانن ۾ اوگھڙ وارا ناچ (Strip Dances) ڪري پئسو ڪمايو ان بعد ساٿياڻي (Escort) جو ڪم ڪيو جنهن دوران هن جي برونائي ۾ اچڻ جي راهه کُلي.
هتي انگريزي لفظ Escort لاءِ مون ’ساٿياڻي‘ لفظ استعمال ڪيو آهي. Escort ڇا آهي؟ مون به پهريون دفعو 1970 واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ هانگ ڪانگ ۾ ٻڌو. انهن ڏينهن ۾ بئنڪاڪ کان وڌيڪَ ”هانگ ڪانگ“ دنيا جو وڏو چڪلو هو جتي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ اگھاڙن ناچ گهرن ۽ مساج پالرن جا بورڊ نظر آيا ٿي. اهڙن بورڊن جي وچ ۾ انهن ادارن جا به اشتعار هئا جن مختلف اگهن تي في ڪلاڪ جي حساب سان چيني، ٿائي، ويٽنامي ۽ ٻين ملڪن جون ڇوڪريون مهيا ڪيون ٿي. هنن جو ڪم هانگ ڪانگ ۾ آيل امير مسافرن جو ساٿ ڏيڻ هو. يعني هنن پاڻ کي رنڊيون نٿي سڏرايو پر امير واپاري يا ڪنهن ملڪ جي شاهي خاندان جي سياح کي اڪيلپڻي کان بچائڻ لاءِ هنن جو ساٿ ٿي ڏنو. هنن سان گڏ فلم ڏسڻ، هوٽلن تي ماني کائڻ، ڪلبن ۾ ناچ ڪرڻ، شهر گهمائڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ هو پر هر عقلمند ماڻهو سمجھي ٿو ته هن معاملي ۾ جيڪو جيترو ڳڙ وجھندو اوترو مٺاڻ حاصل ڪندو. في ڪلاڪ جي ڳرين فين سان گڏ Escort عورتن ساٿ ڏيڻ لاءِ مهانگن تحفن ۽ ٻين شين جي به ڊمانڊ ڪئي ٿي.
آمريڪا ۾ اچڻ تي برونائي جي شهزادي جيفري لاءِ مڪاني دلالن هڪ کان هڪ ايسڪرٽ ڳولي رکي ٿي جنهن سان گڏ هو مختلف دوستن سان پارٽين ۽ آفيسن ۾ ملڻ ويو ٿي جيئن ٻين تي سندس لئه وهي ته ملڪ جي حسين ترين يونيورسٽيءَ جي پڙهيل ڳڙهيل يا فلمي اداڪارا شهزادي جيفري سان گڏ گڏ پئي هلي.
ان بعد اهو دؤر آيو جو آمريڪا ۾ رهندڙ شهزادي جيفري جا چمچا شهزادي جو سندس ملڪ برونائي ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ يورپ ۽ آمريڪا مان مختلف ڇوڪرين جي چونڊ ڪري اهي ڇوڪريون برونائي موڪلڻ لڳا. جيليان لورين پنهنجي يادگيرين ۾ لکي ٿي ته پنجن ڇوڪرين مان سندس چونڊ ٿي. هر هڪ جا پهرين ڪڇن ۾ فوٽا ورتا ويا ۽ آواز جي ايڊشن به ٿي. انهن ۾ فقط سندس چونڊ ٿي. کيس اهو ٻڌايو ويو ته سنگاپور جي هڪ امير بزنيس مئن کي وندرائڻ لاءِ هن کي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ هن وٽ رهڻو پوندو جنهن جو کيس 20,000 ڊالر (يعني ويهه لک رپيا) ۽ ڪجهه گفٽ اُجورو ڏنو ويندو. ”نيو يارڪ کان 9000 ميلن جو سفر طيءِ ڪري جڏهن هوائي جهاز ايئرپورٽ تي لٿو ته اهو ملڪ بورنيو ٻيٽ جو برونائي هو ۽ مونکي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي سلطان جي امير ڀاءُ شهزادي جيفري کي عيش ڪرائڻو آهي. ساڻس گڏ شراب ۽ شباب جي محفلن ۾ ساٿ ڏيڻو آهي. مون دل ئي دل ۾ سوچيو ته اهو به خوب آهي ته مغرب جي هڪ ڇنال يهودڻ عورت مشرق ۾ مسلمانن جي ملڪ برونائي جي هڪ پير وٽ اچي پهتي آهي .... برونائيءَ ۾ مون ٻه سال شهزادي جي حرم ۾ يعني ”مسلمانن جي چڪلي“ ۾ گذاريا. آمريڪا موٽڻ مهل مون وٽ 30 لک ڊالر ڪئش، ڪيترائي ڳهه ڳٺا ۽ قيمتي تحفا هئا. پنهنجي وطن پهچي پهرين انهن ڏينهن جي يادگيرين جو ڪتاب “Some Girls: My Life in Harem” لکيو جيڪو ”نيويارڪ ٽائيمس“ اخبار وارن طرفان سال جو بهترين “Best Selling” ڪتاب قرار ڏنو ويو.“
هي ڪتاب ويهن کان مٿي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سنڌي يا اڙدو ۾ ٿيو آهي يا نه اها مونکي خبر ناهي..... بهرحال هن قسم جا ڪتاب پڙهي احساس ٿو ٿئي ته اسان جي مسلمان حاڪمن، پيرن، وڏيرن، سلطانن وٽ پئسو ٿو اچي ته ڇا ته عياشيءَ ۾ غرق ٿيو وڃن جو ڌاريان ڪتاب ڇپرائي ٺٺوليون ڪن ٿا. اهو به چڱو جو هن پاسي (برونائي، ملائيشيا پاسي) جا پير، سلطان، حاڪم پنهنجين ڀيڻين ۽ ڌيئرن جي شادي ڪرائين ٿا، سندن حق بخشرائي انهيءَ محل ۾ نٿا رکن جتي هو چڪلي نما حرم کولي رهن ٿا ۽ ڀينرون، ڌيئرون سندن هي کيل تماشا ڏسنديون رهن ٿيون.
هن ليکڪا جي مٿين ڪتاب “Some Girls” جي فلم به اچي چڪي آهي ۽ گذريل سال 2015ع ۾ سندس يادگيرين (Memories) جي هڪ ٻي فلم Everything you Ever Wanted پڻ رليز ٿي هئي. ان کان علاوه لورين جو هڪ ناول “Pretty” پڻ مشهور آهي. سندس ٻئي ڪتاب Penguin اشاعتي اداري وارن جا ڇپرايل آهن. لورين باقاعدگيءَ سان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجا ڪالم ڏيندي رهي ٿي ان کان علاوه ٽي وي تي ٽاڪ شوز ۽ انٽرويوز ۾ به ايندي رهي ٿي.
لورين 1995ع ۾ جڏهن برونائي ڇڏي واپس پنهنجي وطن آمريڪا موٽي ته هن جي عمر 20 سال هئي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ برونائيءَ جي هن شهزادي جي 40 عورتن تي مشتمل حرمسراءِ جا اهي راز کوليا آهن جو دنيا حيرت ٿي کائي. لورين لکي ٿي ته حرم ۾ موجود چاليهن ئي عورتن جي اها ڪوشش هوندي هئي ته شهزادو رات لاءِ هن کي پسند ڪري ۽ محفل ۾ پنهنجي ڀرسان ويجھو وهاري. شهزادي طرفان هر رات شراب ۽ ناچ گانن جون محفلون ٿينديون هيون جن ۾ ڪيتريون ڳائڻ ۽ اگھاڙا ناچ ڪرڻ واريون عورتون ۽ شهزادي جا مرد دوست ايندا هئا. هر رات شهزادو جيفري ڪنهن هڪ ڇوڪريءَ کي پاڻ سان همبستري لاءِ وٺي ويندو هو. ان وقت منهنجي عمر 18 سال هئي پر حرم ۾ رکيل ڪيترن ئي ملڪن جون ڇوڪريون سورهن ۽ ان کان گهٽ سالن جون به هيون.
شهزادي جي دلپسند ڇوڪري هميشه هن جي ڀرسان وهاري وئي ٿي. منهنجي هوندي هن جي نمبر ون محبوبا فلپين جي فيونا (Miss Fiona) هئي جيڪا هتي اچڻ کان اڳ فلپين جي ٽي ويءَ جي مشهور اداڪارا هئي. هن جي ادائن شهزادي کي اهڙو ته گھائل ڪري ڇڏيو جو شهزادي کيس چوٿين زال ٿيڻ جي آفر ڪئي پر هن فلپينو ٽي وي اداڪارا ريزڪاريءَ تي ڪم هلائڻ ۾ وڌيڪَ منافعو سمجھيو. زال بڻجي ٻين نڪاح ۾ آيل زالن وانگر سوني جي پڃري ۾ قيد ٿي رهڻ کان آزاد پکي ٿي زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏني ٿي ۽ نيٺ برونائي جي پيٽرول مان پيدا ٿيل ناڻي سان بئگون ڀري پنهنجي وطن ڇُومنتر ٿي وئي.“
لورين پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ لکي ٿي ته حرم ۾ رهڻ دوران (جنهن کي هوءَ هر وقت چڪلي سان مشابهت ڏئي ٿي) هڪ دفعو پاڻ به شهزادي جي نور نظر رهي ۽ کيس شهزادي جيفريءَ پنهنجي کاٻي پاسي وهاريو. ساڄي پاسي هميشه مٿين فلپينو ڇوڪري ويٺي ٿي جيڪا هن جي نمبر ون هئي. هڪ دفعي شهزادي فلپينو ڇوڪري فيونا سان گڏ هن کي به شاپنگ لاءِ سنگاپور وٺي هليو جيڪا هڪ وڏي عزت جي ڳالهه سمجھي وئي ٿي. شهزادي سان گڏ هنن به ڇا ته خريداري ڪئي. ڊرائيور لوئيس وئيتان ڪمپنيءَ جو ٿيلهو ڪئش سان ٽٻ کڻي پئي هليو ۽ هن خوب دل کولي اعليٰ برانڊن جا عطر، پرس ۽ ٻيو سامان خريد ڪيو. لورين لکي ٿي ته شهزادي جيفري سان گڏ کيس خريداريءَ جو هڪ ٻيو به موقعو مليو.
”ان دفعي اسان جو ملائيشيا مان خريداري ڪرڻ جو پروگرام هو پر عين موقعي تي جڏهن اسان جي ملائيشيا لاءِ روانگي ٿي رهي هئي ته شهزادي جيفري جي وڏي ڀاءُ يعني برونائيءَ جي سلطان جي ڪنهن آمريڪن ڇوڪريءَ سان دلپشوري ڪرڻ تي دل چاهيو. جيتوڻيڪ پرنس جيفري جي حرم ۾ مون کان علاوه ٻيون به پنج آمريڪن ڇوڪريون هيون پر هو مونکي مسواڙ تي هن حوالي ڪري پاڻ ڪنهن ٻي ڇوريءَ سان روانو ٿي ويو.“
لورين لکي ٿي ته شهزادي جي حرم ۾ هن جي بهتر پوزيشن ان ڪري ٿي يعني شهزادي جي نظرن ۾ هوءَ ان ڪري وڻڻ لڳي جو هن جو سُر سُٺو هو ۽ هن شهزادي جيفري جي پسند جو هڪ ملئي گانو ياد ڪري ڇڏيو ۽ هڪ محفل ۾ ڳائڻ سان هن جي واهه واهه ٿي وئي ۽ هن جو رتبو يڪدم وڌي ٻي نمبر تي اچي ويو. پر وقت سان گڏ شهزادي جي دلچسپي به بدلجندي رهي ۽ لورين تي پيار جي نظر گهٽجندي رهي. لورين لکي ٿي ته ”مقابلو ڪرڻ بدران مون ٽپڙ ٻڌڻ ۾ بهتري سمجھي ۽ اچي نيو يارڪ کان نڪتيس.“
جنهن نموني سان شهزادي جيفريءَ پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو پئسو لٽيو ان جو مثال عرب ملڪن جي شهزادن ۾ به نٿو ملي. پيءُ جي ملڪيت مان کيس مليل حصو هڪ طرف ته وزير خزانه ۽ ملڪ جي انويسٽمينٽ اداري جو چيئرمين هجڻ ڪري ناڻي تي ڪنٽرول ٻئي طرف هو.... هن کي ٻئي ڪهڙي پئسي جي ضرورت! ان ڪري ته خريداري لاءِ جڏهن نڪتو ٿي ته نوٽن (ڊالرن) جا ٿيلها نوڪر کڻي ٿي هليا. ٻه لک رپين جي هفتيوار پگهار تي حرم ۾ چاليهه ڇوڪريون رکيو هئائين جن کي تحفا ۽ سونا زيور الڳ ٿي ڏنائين. مختلف وڏن شهرن ۾ بنگلا ۽ هوٽلون هجڻ کان علاوه کيس ٻه هزار اوچيون ڪارون هيون، آرٽ ورڪ جي وڏي ڪليڪشن هئس جن ۾ مئنيٽ، رينئائر ۽ ديگاس آرٽسٽن جي هڪ هڪ پينٽنگ لکها روپين جي هئي. 747 بوئنگ جيٽ کان علاوه هڪ وڏي ياچ (پاڻيءَ جو جهاز) هئس جنهن جو نالو رکيو هئائين. Tits ان ياچ (Yacht)تي بچاءَ لاءِ جيڪي ٻه ننڍيون ٻيڙيون هيون انهن جا نالا ”نپل ون“ ۽ ”نپل ٽو“ هئا. هن جي فقط هن جي انهن شين جي قيمت ڏيڍ بلين ڊالر چئي وئي ٿي .... (جيڪا پاڪستاني رپين جي حساب ۾ هڪ ارب پنجاهه ڪروڙ رپيا ٿي.)
پئسي جي لٽ مار جي به هڪ حد ٿئي ٿي. سن 2000ع ڌاري برونائيءَ جي حڪومت سرڪاري خزاني کي پاڻ تي خرچ ڪرڻ جا شهزادي تي ڪيس ڪيا ۽ هن کي مجبور ڪيو ويو ته پنهنجا ٽپڙ وڪڻي حڪومت کي پئسو واپس ڪري. جنهن بعد هو ملڪ ڇڏي ويو پر ٻاهر جي دنيا ۾ به کيس سک پَٽڻ نه ڏنو ويو جو ڪيترين ئي ڇوڪرين جن کي هو دل وندرائڻ لاءِ حرم ۾ وٺي آيو ٿي تن مان ڪجهه مٿس طرح طرح جا ڪيس ڪيا ته ڪيئن هو وحشيانه طريقن سان جنسي خواهشون پوريون ڪندو هو. هڪ ڇوڪري ”شئنان مارڪيٽڪ“ (Shannon Marketic) جيڪا حسن جي مقابلي ۾ مس آمريڪا به رهي چڪي هئي ان شهزادي جيفري ۽ سلطان حسن تي آمريڪا جي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو ته ڪيئن کيس ۽ ٻين ڇوڪرين کي پنهنجيون ڪنيزائون بنائي حرم ۾ رکڻ جي ڪوڙي وعدي سان برونائيءَ ۾ گهرائي درٻار جي شاهي خاندانن جي ماڻهن ذريعي کين ڏاڍئيءَ جو شڪار بڻايو ويو. شهزادي جيفريءَ پنهنجي حوس ۽ Sexual Whims کي پورو ڪرڻ لاءِ هن سان ڇا ڇا نه ڪيو. ايتريقدر جو هن کي ڪڏهن ڪڏهن جيفري جي سڄي اگھاڙي جسم کي زبان سان چٽي صاف ڪرڻو پيو ٿي.
شهزادي جيفريءَ وڏو خرچ ڪري هن ڪيس کي اڳتي هلڻ کان روڪيو ۽ شئنان کي سندس دل وٽان پئسو ڏئي ڪورٽ کان ٻاهر ئي نبيرو ڪري ڇڏيو.
شئنان 1971ع ۾ آمريڪا ۾ ڄائي. هوءَ 1992ع ۾ مس آمريڪا ٿيڻ کان علاوه مشهور ائڪٽريس پڻ هئي. هن عيسائين بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. شئنان اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ براڊڪاسٽر، ميڊيا ڊائريڪٽر ۽ ائڪٽريس/پروڊيوسر آهي.
برونائي جي هن عياش شهزادي تي رڳو اهي ڪيس نه هئا. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي هليا جن جو ذڪر اخبارن ۾ ايندو رهي ٿو.
ڏٺو وڃي ته شهزادي جيفري جو پيءُ سلطان عمر سيف علي وڏو نيڪ ماڻهو هو جنهن جيئري ئي پنهنجو تخت ۽ تاج وليعهد حوالي ڪري پاڻ سادگيءَ جي زندگي گذاري پر سندس هن ننڍي شهزادي جيفريءَ سڄي عمر شراب ۽ سيڪس پٺيان پئسو ۽ پنهنجي صحت وڃائي. ايتري قدر جو پنهنجي سابقه مڱيندي مِشا (Mischa Raines) جا ساڻس هم بستري جي اگھاڙن پوزن جا وڏا Statues ٺهرائي گهر جي لان تي رکيا. اُهي بت (Statues) هن آمريڪا جي مشهور بت تراش ’سيوارڊ جانس‘ کان 13 لک ڊالرن ۾ ٺهرايا.
مِشا رئنيز دنيا ۾ ان وقت مشهور ٿي جڏهن شهزادي جيفريءَ پنهنجي آمريڪي وڪيل جوڙي ”ٿامس“ ۽ ان جي زال” فيٿ زمان“ تي 5 ملين پائونڊن جو ڪيس ڪيو ته جڏهن هن پنهنجو Sunning هِل وارو ٽيويهن ڪمرن وارو بنگلو وڪڻڻ لاءِ هنن وڪيلن جون خذمتون حاصل ڪيون ته هو دغا ڪري شهزادي جيفريءَ جو پئسو کائي ويا. ڪورٽ ۾ جيفريءَ جي سابقه مڱيندي مِشا رئنيز، جنهن مان جيفريءَ کي هڪ پٽ ٻار به آهي، ان کي شاهديءَ لاءِ گهرايو ويو ته هوءَ پنهنجي سابقه مڙس جيفريءَ بابت بيان ڏئي ته هن جو ڇا بزنيس رهيو آهي ۽ ڇا ڪم اٿس. مِشا مئن هٽن (نيويارڪ) جي ڪورٽ ۾ جج کي ٻڌايو ته برونائي جي هن شهزادي جي حرم ۾ 40 کن ڇوڪريون آهن ۽ سندس مڱڻو هن سان لاس ويگاس ۾ ٿيو هو.
ان مشهور ڪورٽ ڪيس دوران جيڪو 2010ع ۾ هليو، انهن قدِ آدم بتن (Statues) جو پڻ ذڪر هليو جنهن کان دنيا واقف ٿي. اهي ڀاڪرن ۾ چار بت مِشا ۽ شهزادي جيفريءَ جا اگھاڙي حالت ۾ آهن جن جا فوٽو سوشل ميڊيا تي پڻ عام آهن. مِشا ٻڌايو ته برونائي جو هي عياش شهزادو هن وقت نه سندس ٻار کي نه کيس خرچ پکو ڏئي ٿو پر 1996ع کان 2005ع تائين مِشا جيڪو وقت جيفريءَ سان گذاريو ان ۾ هن کي شهزادي وٽان هر مهيني 33000 پائونڊ (پنجاهه لک رپيا) مليا ٿي ۽ لاس ويگاس وارو گهر جنهن ۾ هو پنهنجي پٽ سان رهي ٿي اهو پڻ جيفريءَ 6 ملين پائونڊ (90 ڪروڙ روپين) ۾ خريد ڪري کيس گفٽ ڪيو هو. مِشا ٻڌايو ته شهزادو هينئر به مهيني ۾ ٻه ٽي دفعا کيس فون ڪري ٿو.
بهرحال زال سان گڏ همبستري وارن پوزن وارن بتن (Statues) تي جتي مغرب جي ماڻهن کي انهن جي ٺهرائڻ تي آيل اجائي خرچ 13 لک ڊالرن (13 ڪروڙ رپين) تي حيرت آهي اتي مشرق جي ماڻهن کي خاص ڪري مسلمانن کي اها حيرت آهي ته هي ڪهڙو مسلمان آهي جنهن جا ابا ڏاڏا ته وڏا نيڪ ماڻهو هئا پر هي وتي پنهنجي ۽ پنهنجي زال جي اوگھڙ جي نمائش ڪندو.
سال 2004ع ۾ شهزادي جيفريءَ پنهنجي پنجاهين جنم ڏينهن تي 17 ملين ڊالر يعني 17 ڪروڙ رپيا مائيڪل جئڪسن کي ڏنا ته برونائيءَ ۾ اچي ڳائي. جنهن اسٽيڊيم ۾ اهو شو ڪيو ويو، اهو اسٽئڊيم خاص برٿ ڊي ملهائڻ لاءِ سرڪاري خرچ تي ٺهرايو ويو.
بئڊمنٽن سکڻ لاءِ هن انگريز ڪوچ کي ڏيڍ ملين ڊالر ڏنا يعني 15 ڪروڙ رپيا.
حرم جي هڪ ڇوڪريءَ کي هن هڪ دفعي ڪرسٽي ڪمپني جو هڪ لک ڊالرن جو نيڪليس تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو.
اهو ته شڪر آهي جو برونائي جي عوام لاءِ تعليم کان صحت تائين هر قسم جا سک آهن. ان هوندي به دنيا ههڙن عياش مسلمان حاڪمن تي کلي ٿي. ان مان اندازو لڳايو ته دنيا اسان جهڙي غريب ملڪ پاڪستان جي چونڊيل نمائنده حاڪمن تي ڪيڏي حيرت کائيندي هوندي جيڪي عوام کي ته بنيادي سهولتون به ميسر نٿا ڪن ايتري قدر جو عوام ٻه ويلا ماني ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ سڪي رهيو آهي. تعليم ۽ دوا درمل لاءِ پريشان آهي پر حاڪم وڃن پنهنجا ڀَڀَ ڀريندا. ترقياتي فند به کايو وڃن. IMF ۽ ورلڊ بئنڪ جهڙن ادارن کان وياج تي قرض کڻي اسانجي ملڪ جي هر فرد کي هڪ لک رپين کان مٿي جو قرضي بنائي ڇڏيو آهي پر پاڻ وتن ولايتن ۾ عيش ڪندا ۽ محل ماڙيون اڏيندا.
***