ڏکڻ آمريڪا جو ڏکيو سمنڊ ۽ پينگئن پکي
اهي هنڌ جتي ٻه سمنڊ هڪ ٻئي سان ملن ٿا اتي سمجھو ته ٽي چار سؤ ميلن تائين سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ وڏي اٿل پٿل رهي ٿي، ويرون لوهي جهاز کي به ڇوڏي وانگر مٿي کنيو وڃن ۽ ٻي گهڙيءَ اهو هيٺ پاڻيءَ مٿان اچيو ڦهڪو ڪري جنهن سان جهاز جي جسم (لوهي ڀتين، ڇتين، گرڊر، ڪامن) کي هڪ طرف نقصان رسي ٿو ته ٻئي طرف جهاز ۾ سوار کي ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هن جا آنڊا پيٽ مان نڪري وات ۾ ٿا اچن. سمنڊن جي اٿل پٿل ڪري سامونڊي ڪُنَ (Under Currents) به بيشمار ٿين ٿا جيڪي جهاز جي رفتار تي اثر ڪن ٿا ۽ جهاز کي پنهنجي مقرر رستي کان ڊرفٽ ڪندا (ٿيڙهيندا) رهن ٿا. ويتر جي سخت سيءُ ۽ طوفان آهن ته جهاز ۽ جهاز هلائڻ وارن جي حالت خراب ٿيو وڃي. جهاز ۾ چڙهيل مسافر ته وري به ننڊ جي گوري کائي ستا رهن ٿا پر جهاز هلائڻ وارن مان ته هر هڪ کي چار ڪلاڪ ڏينهن جا ۽ چار ڪلاڪ رات جا جهاز هلائڻو ئي هلائڻو آهي جيئن هن مصيبت واري سمنڊ مان جان ڇٽي. اهڙن سمنڊن جو خطرناڪ ميلاپ هڪ ته ڏکڻ آفريڪا کنڊ جي هيٺان آهي جتي هندي وڏو سمنڊ (Indian Ocean) ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ملن ٿا ۽ سمنڊ جو اهو حصو جنهن کي اڪرڻ ۾ ٻه اڍائي ڏينهن لڳيو وڃن ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ سڏجي ٿو. اهڙي طرح ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي هيٺ وارو حصو ”ڪيپ آف هارن“ سڏجي ٿو جتي اولهه کان ”پئسفڪ سمنڊ“ ۽ اوڀر کان ”ائٽلانـٽڪ سمنڊ“ ملن ٿا. انهن ٻن هنڌن مان ڪيپ آف هارن وارو وڌيڪَ ڏکيو سفر آهي جو اتي سمنڊ جي بگڙيل رهڻ کان علاوه سخت طوفان لڳن ٿا جو ڏکڻ آمريڪا کنڊ جو هيٺيون حصو تمام گهڻو ڏکڻ قطب جي ويجھو آهي ان ڪري اتي اونهاري ۾ به سخت سيءُ رهي ٿو. ايتريقدر جو ٿورو وڌيڪَ ڏکڻ ڏي وڃڻ تي ڄميل سمنڊ شروع ٿيو وڃي جن جي مٿان پينگئنون نظر اچن ٿيون. ٻي ڳالهه اها ته آفريڪا کنڊ جي هيٺان ڪافي ويڪرو سمنڊ آهي ۽ ڪجهه پري کان لنگهڻ ۾ خطرو ناهي. وڌ ۾ وڌ سفر وڏو ٿيندو پر ڏکڻ آمريڪا جي هيٺان يعني ڪيپ آف هارن وٽان لنگهندي وڏو خيال رکڻو پوي ٿو جو سامونڊي لنگهه تمام سوڙهو آهي. اهو لنگهه جيڪو Strait of Magellan (مئگيلان ڳچي سمنڊ) سڏجي، پورچوگالي جهازران ۽ کوجنا ڪندڙ (Explorer) ”فرڊيننڊ مئگيلان“ اسپين جي بادشاهه ”چارلس اول“ جي چوڻ تي 1520 ۾ دنيا جي چوڌاري ڦرڻ دوران هن ڳچي سمنڊ کي ڳوليو هو. ان ڪري هن ڳچي سمنڊ جو نالو سندس نالي رکيو ويو ۽ ان جي جهاز وارن کي جيڪي ان علائقي ۾ خاص پينگئنون (Penguins) نظر آيون انهن کي پڻ اڄ تائين مئگيلان جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
”مئگيلان ڳچي سمنڊ“ سوڙهوSea Passage هجڻ ڪري ان مان جهاز اڪاري پئسفڪ سمنڊ ۾ گهڙڻ ڏاڍو خوفناڪ ڪم رهي ٿو. ائين ته ملاڪا وارو ڳچي سمنڊ يا ٻيا ڪيترا سمنڊ پڻ سوڙها ٿين ٿا پر ڏکڻ آمريڪا ڏي طوفاني ٿڌيون هوائون ۽ سمنڊ ۾ بي پناهه اٿل پٿل جهازن ۽ انهن جي هلائڻ وارن کي بتال ڪريو ڇڏي. پاناما ڪئنال ٺهڻ بعد هاڻ هرڪو اها ڪوشش ڪري ٿو ته اٺ ڏهه لک رپيا ٽال ڏئي پاناما ڪئنال مان لنگهي وڃجي.
پهرين لکي چڪو آهيان ته ”ڳچي سمنڊ“ سمنڊ جو اهو سوڙهو لنگهه جيڪو ٻن وڏن سمنڊن کي ملائي ۽ جنهن جي ٻنهي پاسن کان زمين هجي. مٿين ڳچي سمنڊ جي هڪ پاسي ته ڏکڻ آمريڪا کنڊ جو آخري ملڪ ”چِلي“ آهي ۽ ٻئي پاسي ويران ٻيٽن جي قطارَ (Archipelago) آهي. انهن ۾ وڏي ۾ وڏو ٻيٽ Tierra del Fuego آهي جنهن جي ايراضي 48000 چورس ڪلوميٽر آهي. انهن کي ويران ٻيٽ ان ڪري لکيو اٿم جو ڏکڻ قطب جي ويجھو هجڻ ڪري اتي ايڏي ته ٿڌ آهي جو ٻارهوئي برف ڄمي رهي ٿي ۽ جيئن اتر قطب ۾ رڳو ڀورا رڇ نظر اچن ٿا تيئن هن پاسي ڏکڻ قطب جي هنن ٻيٽن تي رڳو پينگئن پکي نظر اچن ٿا. هاڻ مڙيئي ”تيرا ڊيل فيوگو“ مان تيل نڪرڻ ڪري چلي ۽ ارجنٽائين ملڪن ان کي اڌواڌ ڪري ورهايو آهي ۽ ان مان تيل ڪڍڻ کان علاوه ان تي تيل جا ڪارخانا پڻ کوليا اٿن. ڏکڻ قطب تي کوجنائون ڪرڻ وارن ۽ پينگئن کي ڏسڻ ۽ انهن تي کوجنا ڪرڻ وارن سياحن لاءِ هوٽلون پڻ کلي رهيون آهن.
هاڻ جڏهن پاناما، سائوٿ آمريڪا ۽ ڏکڻ قطب جي ڳالهه کنئي اٿئون ته هتي پنهنجي پڙهندڙن لاءِ ڪجهه سٽون پينگئن (Penguins) بابت به لکندو هلان جن جو ديس ڏکڻ قطب (South Pole) آهي. جيتوڻيڪ ٻارهوئي برف ته اتر قطب جي ملڪن آئسلئنڊ، گرين لئنڊ، اتر ناروي ۽ اتر سئيڊن پاسي به آهي پر اتي توهان کي هڪ به پينگئن نه ملندي. اتي وري ڀورا رڇ (Polar Bears) آهن جيڪي ڏکڻ قطب ڏي نه آهن. نوڪري دوران توڙي اڄ به پنهنجي ملڪ يا ڌارئين ملڪن ۾ گهمڻ وڃان ٿو ته اتي جي اسڪولن يا ڪاليجن جي شاگردن سان خبر چار ڪرڻ پسند ڪريان ٿو. ظاهر آهي اوساڪا، نگويا، يوڪوهاما (جپان) توڙي ڪوالالمپور، ملاڪا (ملائيشيا) يا ڪولمبو (سري لنڪا) جي اسڪولن جي شاگردن سان جڏهن پنهنجي جوانيءَ جون ڳالهيون ڪريان ٿو، جڏهن اهي مئٽرڪ يا انٽر جا شاگرد پاڻ ته ڇا هنن جون ڪلاس ٽيچرون به ڄاول نه هيون ته هنن کي حيرت ٿئي ٿي ته هنن جا شهر جيڪي هاڻ ماڊرن ٿي ويا آهن گذريل صديءَ جي سٺ ۽ ستر واري ڏهي ۾ ڪهڙا ته هئا! هو هڪ سامونڊي سياح جي حيثيت ۾ مونکان سمنڊ ۽ جهازن بابت پڻ ڪيترائي سوال ڪن ٿا جن سوالن کي اهم سمجھي آئون انهن بابت تفصيلي مضمون به لکندو آهيان جيئن ته جل پرين، برمودا ٽڪنڊي، ڪوهه قاف جبلن، زهريلي مڇي فوگو بابت. خط استوائي ملڪ (ملائيشيا، ٿائلنڊ، سنگاپور ويندي اسانجو ملڪ) اتر ڏکڻ قطب کان تمام گهڻو پري آهن انهن ملڪن جا ٻار اڪثر پينگئن بابت پڇندا آهن. بلڪه ائين چئجي ته انهن بابت اهڙا ئي سوال ڪيا ويندا آهن جيڪي چمڙي بابت ته جانور آهي يا پکي؟ چمڙو پکين وانگر اڏامي ته ٿو پر پکين وانگر آنا ڏيڻ بدران ٻار ڄڻي ٿو ۽ انهن کي ٿڻن ذريعي کير پياري ٿو. يا شتر مرغ پکي آهي يا جانور؟ هو جي پکي آهي ۽ پر اٿس ته اڏامي ڇو نٿو؟
پينگئن پکي اسان جهڙن گرم ملڪن ۾ رهي نٿو سگهي. هو اڪثر چڙيا گهرن ۾ ئي نظر اچي ٿو جيڪي وڏو خرچ ڪري پينگئن ۽ قطبي ڀورن رڇن لاءِ هنن جي پڃرن ۾ برف جهڙي ٿڌڪار رکن ٿا. مون به پينگئن کي پهريون دفعو ڪولمبو (سري لنڪا) جي ئي ’چڙيا گهر‘ ۾ ڏٺو. آئون نٿو سمجهان ته ڪو ڪراچيءَ جي چڙيا گهر ۾ اڄ به اهي قطبي جاندار آهن جو اتي ته ڪالهه جي اخبار مطابق هاٿيءَ ۽ شينهن جي لاءِ مقرر خوراڪ ۾ ئي گهوٻيون هنيون وڃن ٿيون ۽ Under Nourishment هجڻ ڪري اهي جانور ڪمزور ۽ بيمار رهن ٿا سو پينگئن لاءِ ڪيئن هر مهيني لکها رپيا خرچ ڪري انهن جو رهائش گاهه ريفريجريٽر جهڙو ٿڌو ڪندا. ٻي ڳالهه ته بجليءَ جو بحران ايڏو وڌي ويو آهي جو ماڻهن جي پيئڻ لاءِ گهر جي ريفريجريٽرن ۾ ئي برف نٿي ڄمي. هن وقت به ٽي وي تي ڏيکاري رهيا آهن ته ڪراچيءَ جي علائقي لي مارڪيٽ ۾ گذريل 12 ڪلاڪن کان لائيٽ نه آهي. ماڻهن سحري به اوندهه ۾ ڪئي آهي. ملائيشيا ۽ سنگاپور لاءِ ته کڻي چئجي ته هاڻ پئسي وارا ملڪ آهن پر سري لنڪا اسانجي مقابلي ۾ ته بيحد غريب ملڪ آهي پر ان هوندي به هنن جو چڙيا گهر ڏسڻ لاءِ اسان جا ماڻهو به وڃن ٿا. ٻارهوئي مينهن پوي ٿو پر اسان جي روڊ رستن کان اهي ڇا ته مضبوط آهن. ورلي ڪو روڊ حادثو ٿئي ٿو سو به تڏهن جڏهن جھنگلن مان گذرندڙ رستن تي ڪو مست هاٿي چڙهيو اچي.
پينگئن پکي دراصل اسان جي ڳوٺن جي گهرن ۾ هلندڙ وڏي بدڪ ۽ ڪاز وانگر پکي آهي جيڪو اڏامي ته نٿو سگهي پر پاڻيءَ ۾ تري سگهي ٿو. هو ماڻهوءَ وانگر اڪثر بيٺل ئي نظر اچي ٿو ۽ سندس اڳ جو اڇو رنگ ۽ پٺ جي کنڀڙاٽين جي ڪاري رنگ مان ڪارو ڪوٽ پهريل وڪيل جو ڏيک ڏئي ٿو. ان کان علاوه هن پکيءَ جون ڪجهه ٻيون مختلف ڳالهيون هن ريت آهن:
شتر مرغ وانگر نه اڏامي سگهڻ ڪري هي پکي Flightless Bird سڏجي ٿو.
پينگئن کي جيتوڻيڪ Wing Bones آهن پر اهي عام پکين وانگر کنڀن وارا نه پر لڌڙي وانگر کنڀڙاٽين (Flipper) جهڙا آهن جيڪي هن کي ترڻ ۾ ڪم ڏين ٿا.
پينگئن جو گذارو ننڍڙين مڇين، اِسڪڊ ۽ ڪرل جهڙي سامونڊي مخلوق تي ٿئي ٿو جنهن جي ڳولا ۾ هن کي ڏينهن جو وڏو عرصو سمنڊ ۾ گذارڻو پوي ٿو.
پينگئن جون ڪيتريون ئي جنسون آهن. ڪي ننڍي قد جون ته ڪي وڏي جون. سڀ کان وڏي سائيز جي Emperor Penguin آهي جنهن جو قد ساڍا ٽي فٽ ۽ وزن 35 ڪلو ٿيندو. ننڍي ۾ ننڍي جيڪا ”بلو“ يا ”فيئري“ پينگئن سڏجي ٿي، 16 انچ ڊگهي ٿيندي جنهن جي تور هڪ ڪلو ٿئي ٿي.
پينگئن جو اڳ اڇو ۽ کنڀڙاٽين سميت پٺيءَ جو ڪارو رنگ کيس شارڪ، اورڪا (خوني وهيل) ۽ ٻين سامونڊي جانورن (Leopard Seal) وغيره کان بچائي ٿو هو جڏهن سمنڊ ۾ تري ٿي ته کانئس هيٺ ترندڙ شڪاري جانورن کي هن جي هيٺين جسم جو اڇو رنگ مٿي جي روشني جهڙو لڳي ٿو ۽ سندس مٿان هلندڙ خونخوار سامونڊي جانور هن جي مٿئين حصي جي ڪاري رنگ کي سمنڊ جي ڪاري اونداهيءَ جو حصو سمجھن ٿا.
پينگئن جنهن وقت سمنڊ اندر گُهت هڻي ٿي يعني Dive ڪري ٿي ته هن جي رفتار 6 کان 12 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رهي ٿي. ننڍيون پينگئنون اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ کان گريز ڪن ٿيون. هنن کي پنهنجي جسم مطابق کاڌو سمنڊ جي مٿاڇري واري حصي ۾ ئي مليو وڃي ۽ هنن جو سمنڊ اندر اهو غوطو ٻن منٽن تائين مس رهي ٿو. پر وڏيون پينگنون، جيئن ته ايمپرر پينگئنون تمام گهڻو اونهو غوطو هڻن ٿيون (اٽڪل 600 کن ميٽر، يعني 2000 فوٽ) ۽ هو ٻاهر نڪري ساهه کڻڻ بنا ويهه ٻاويهه منٽ سمنڊ اندر رهي سگهن ٿيون.
قدرت پينگئن کي شڪاري جانورن کان بچاءَ لاءِ ان حساب سان رنگ ضرور ڏنا آهن جيئن مٿي لکي چڪو آهيان پر ان هوندي به هو ٿورو گهڻو شڪار ٿينديون رهن ٿيون آخر قدرت کي وڏن شڪاري جانورن کي به ته رزق مهيا ڪرڻو آهي. سمنڊ ۾ موجود برف جي وڏين ڇپن (Ice Bergs) مٿان پينگئن جا ڌڻ نظر اچن ٿا انهن جي چوڌاري سمنڊ اندر خونخوار لڌڙا انتظار ۾ رهن ٿا. جيئن ئي ڪا پينگئن پنهنجي يا ٻچن جي کاڌي خوراڪ لاءِ برف جي ڇپ تان ترڪي سمنڊ اندر غوطو هڻي ٿي ته لڌڙا کيس جھلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي (لڌڙا) ڪڏهن ڪڏهن ئي ڪامياب ٿين ٿا ۽ پينگئن پاڻ بچايو وڃن.
پينگئن جي ٻڌڻ جو حواس ڪافي بهتر آهي. هو هڪ ٻئي جو ۽ ٻچن جو آواز يڪدم سڃاڻيو وٺن ۽ وڏي ميڙ ۾ به هڪ ٻئي کي ڳوليو وٺن.
پينگئن تمام سوشل ٿين ٿيون. هو ٽولن ۾ گڏ رهن ۽ ڪي ٽولا ته هزارن جي تعداد ۾ ٿين ٿا. هونءَ ته ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊ جي ڏاکڻي حصي ۾ نظر ايندڙ برفاني ڇپن تي ڪجهه ڪجهه پينگئن ڏسڻ ۾ ضرور آيون پر هزارن جي تعداد ۾ سمنڊ جي ڪناري تي پسار ڪندي چليءَ جي ڏاکڻي شهر ”پُنتا اريناس“ ۾ نظر آيون. ”پنتا اريناس“ ڏکڻ آمريڪا جو ڇيڙي وارو بندرگاهه ائين آهي جيئن انڊيا جو ”ڪنهيا ڪماري“ شهر. پاناما ڪئنال کلڻ کان اڳ تائين ته هي شهر پنتا اريناس بلي بلي بندرگاهه هوندو هو جتان پئسفڪ کان ائٽلانٽڪ سمنڊ ڏي ايندڙ ويندڙ هر جهاز لنگهندو هو ۽ ڏينهن ٻه ترسي ساهي پٽيندو هو. پنتا اريناس اڄ به اهميت رکي ٿو، جنهن بابت ڪجهه احوال خاص ڪري انهن سک ۽ سنڌي هندن جي حوالي سان اڳتي کڻي ڪبو جيڪي هندستان جي ورهاڱي کان به گهڻو گهڻو اڳ هتي آيا ۽ واپار تي قابض ٿي ويا.
پينگئن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي Monogamous پکي آهن يعني سڄي عمر نه ته به گهٽ ۾ گهٽ سڄي سيزن هڪ ئي پارٽنر سان گذارين ٿا. يعني اها ڳالهه پکين تي کوجنا ڪندڙ سائنسدان ٿا چون. اسان جهڙن عام ماڻهن لاءِ اها ناممڪن ڳالهه آهي ته هزارن جي تعداد ۾ هڪ جهڙن پکين کي ڌار ڌار ڪري سگهون. اسان لاءِ ته يونيفارم ۾ فوجي يا پٽڪن ۽ ڏاڙهين ۾ سک - سڀ هڪ جهڙا لڳن ٿا. تعليم دوران جڏهن سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ هوس ته فيلڊ ٽرپ دوران ناروي جي ڏورانهن ٻيٽن ڏي به وڃڻو پيوٿي جتي ٻيڙين ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن. هڪ اهڙي ٻيٽ تي ٽي چار ڏينهن رهڻو پيو ۽ شپ يارڊ ايندي ويندي جنهن ڀاڙي جي لانچ ۾ سفر ڪندو هوس اها سمنڊ ۾ موجود هڪ وڏي ٽڪريءَ وٽان لنگهندي هئي. ان ٽڪريءَ کي هيٺ کان مٿي چوٽيءَ تائين اتي جا هڪ خاص قسم جا پکي چهٽيل هوندا هئا. تعداد ۾ جيڪڏهن لکين نه ته هزارين هوندا. سڄي ٽڪري ننڍن ننڍن سوراخن (ٻِرن) سان ڀريل هئي جنهن ۾ اندر ماديءَ آنن تي آرو ڪيو ٿي ۽ سوراخ جي منهن وٽ ”نر صاحب“ نگهباني ڪئي ٿي. ڪنهن ڪنهن وقت رکي رکي ڦڙڪو ڏئي سڀ اڏاڻا ٿي ته اسان جي ٻيڙي مٿان جهڙو ڪڪر لنگهي ويو ٿي ۽ اها گهڙي جهڙ ٿي ويو ٿي. ڪبوتر وانگر آسمان ۾ غوطا هڻي ٻي گهڙيءَ ان ٽڪريءَ کي چهٽي ويا ٿي. منهنجي مقامي پروفيسر ٻڌايو ته هي پکي اها ٿوري دير ته ڇا ٻه ٻه ڏينهن پري سمنڊ تي مڇي ڦاسائڻ بعد به وري پنهنجي ساڳي پارٽنر کي ڳولي ان وٽ اچن ٿا. ظاهر آهي ان ڳالهه جي کوجنا اتي جي سائنسدانن پکين جي ٽنگن ۾ ”آءِ سي“ (Integrated Circuits) جون چپس هڻي ڪمپيوٽر ذريعي حاصل ڪئي هوندي جنهن کوجنا ۾ هنن کي سال ٻه به لڳيو وڃي. باقي اسان لاءِ پکي سڀ هڪ جهڙا. ڏهن پکين کي به ڌار ڪرڻ مشڪل ڪم آهي. اڃان به هو انسانن وانگر ڪپڙا ۽ جتيون ٽوپيون پائين ته پوءِ ڏهه ويهه پکي ياد رکي سگهجن ٿا ته فلاڻو بلو جينز وارو نر پکي هر وقت ڳاڙهي چولي واري ماديءَ سان نظر اچي ٿو. پر ڪي ڪي اسان وٽ اهڙا شاطر ۽ تکي ذهن جا مرد آهن جو بنا ڪنهن سائنسي ذريعي جي، هڪ نظر سان تاڙيو وٺن ته هي پکي Monogamous آهي يا Polygamous (يعني گهڻين زالن سان گذارو ڪرڻ وارو) گهٽ ۾ گهٽ نيٽ تي پڙهيل هڪ لطيفي مان ته اهو ئي ظاهر ٿو ٿئي. هڪ زال جيڪا صبح کان دريءَ تي اچي وهندڙ جهرڪ ۽ جھرڪيءَ کي هڪ ٻئي سان پيار ڪندو ڏسي رهي هئي تنهن پنهنجي مڙس سان ماڻو ڪندي چيو ته توکان بهتر ته هي جھرڪ آهي جنهن شام تائين جھرڪيءَ سان چار دفعا پيار ڪيو آهي. مڙس ٽهڪ ڏيندي چيس: ”پر اهو تو شايد غور نه ڪيو ته هن سان گڏ هر دفعي نئين جھرڪي هئي.“
جيئن ٻليءَ جون اکيون قدرت طرفان اهڙيون آهن جو اوندهه ۾ ماڻڪيون وڏيون ٿيڻ ڪري هن کي اوندهه ۾ به چٽو نظر اچي ٿو. اهڙي طرح پينگئن جون اکيون پاڻيءَ اندر چٽو ڏسڻ جي خاصيت رکن ٿيون جيئن هو سمنڊ اندر گهڻو هيٺ وڃي (جتي روشني گهٽ ٿئي ٿي) پنهنجي شڪار جي ڳولا ڪري سگهن ۽ ساڳي وقت کين مارڻ وارن شڪاري جانورن (شارڪ، وهيل، خونخوار لڌڙن) کي پري کان ئي ڏسي پنهنجو بچاءُ ڪري سگهن.
پينگئن جي جسم تي خاص قسم جي ننڍن کنڀن (پرن) جو تهه ڄميل ٿئي ٿو جنهن ۾ Insulation جي خاصيت آهي ۽ ٿڌو پاڻي سندن جسم کي گهڻي ٿڌ نٿو پهچائي نه ته ائنٽارڪٽڪ (ڏکڻ قطب) واري علائقي ۾ جتي سياري جا ڇهه مهينا هڪ ته راتيون وڏيون ٿين ٿيون ۽ ٻيو ٿڌ جو پد ڪاٽو چاليهه وڃيو ٿئي، سمنڊ ۾ وڃي کاڌو ڳولڻ يا ٻاهر برف تي ڏينهن جا ڏينهن ٿڌي هوا ۾ بيهڻ ڪو سؤلو ڪم ته ناهي. هڪ اهو به سبب آهي جو هي پکي هزارن جي تعداد ۾ گڏ رهن ٿا ۽ اهڙي ٿڌ ۾ هڪ ٻئي سان لڳي بيهن ٿا جيئن سندن جسم جي گرمائش گهٽ ضايع ٿئي. ساڳي وقت هنن ۾ ايڏو عقل آهي جو هو واري وٽيءَ تي گول گهمي پنهنجو پاسو بدلائين ٿا جيئن هر هڪ کي اندر وچ ۾ بيهي گرمائش حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي.
قدرت جا ڪيڏا ڪمال آهن جو هنن پکين جي جسم ۾ ٿڌي رت کي گرم ڪرڻ لاءِ Heat Exchanger لڳل آهن جيڪي سائنسي زبان ۾ Humeral Plexus سڏجن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو هو منفي چاليهه ڊگرين ۾ زندهه رهن ٿا جيڪا ٿڌ ريفريجريٽر جي فريزر واري خاني کان به وڌيڪَ آهي.
سمنڊ جو پاڻي ايترو ته کارو آهي جو ان جو هڪ ڍڪ ڀرڻ به عذاب آهي پر هي پکي جن جو گذارو سمنڊ يا سامونڊي ڪناري تي ٿئي ٿو سمنڊ جو کارو پاڻي پيو وڃن جو قدرت طرفان هنن جي جسم ۾ هڪ اهڙو غدوود آهي (جيڪو Supraorbital Gland سڏجي ٿو) سندن رت مان فالتو لوڻ ڇاڻيو وٺي جيڪو سنگهه جي صورت ۾ نڪ مان وهيو وڃي.
پينگئن پکين جون ڪيتريون جنسيون آهن. انهن ۾ اٽڪل 50 هزار پکين ۾ هڪ اهڙو پيدا ٿئي ٿو جنهن جي پٺ ۽ کنڀڙاٽين جو رنگ ٻين وانگر ڪارو هجڻ بدران برائون ٿئي ٿو. هي پينگنون اِيسا بيلين (Isabelline) سڏجن ٿيون. سندن ڪارو رنگ نه هجڻ ڪري يعني سٺي طرح Camouflaged نه هجڻ ڪري هو جلد شڪاري جانورن جو کاڄ ٿيو وڃن.
سال ۾ هڪ دفعو هنن پکين جي ميلاپ ۽ آنا ڦوڙڻ جي موسم اچي ٿي. ميلاپ بعد تقريبن هر پينگئن ٻه بيضا ڏئي ٿي جيتوڻيڪ ٻه وڏي قدبت واريون جنسون: ايمپرر ۽ ڪنگ پينگنون فقط هڪ بيضو ڏين. پينگئن جا بيضا سندن قدبت جي مقابلي ۾ ٻين پکين کان ننڍا ٿين ٿا. آنن کي ڦوڙڻ لاءِ آري تي نر پينگئن وهي. هو ٻئي پير ملائي چهنب سان ماديءَ جي ڏنل هڪ يا ٻن آنن کي ريڙهي انهن مٿان رکي ۽ پوءِ پڇ وٽ ٺهيل گھاٽن کنڀن واري کل (Skin) انهن مٿان رکي ٿوجيئن آنا گرم رهن. اهو ڪم هفتو ڏيڍ نه پر 60 کان 65 ڏينهن لڳاتار هلي ٿو. ذرا سوچيو ته قطبي علائقن ۾ ڇا ٿڌ، جسم ۾ چڀندڙ هوائون ۽ اُکيڙي ڇڏيندڙ طوفان لڳن ٿا. ان موسم ۽ حالت ۾ هي مرد مجاهد ـــ يعني پيءُ بنجڻ وارو ”نر پينگئن“ اُڀ پيرو ٻه مهينا بيٺو رهي ٿو ۽ مادي صاحبه سمنڊ ڏي هلي وڃي ٿي جيڪا ٻن مهينن بعد کاڌي سان گڏ موٽي ٿي جيڪو اها اوڳر (regurgitate) ڪري ٿي يا ڪجهه چهنب ۾ کڻي اچي آني مان ڦٽل ٻچن کي کارائي ٿي. نر صاحب ماديءَ جي اچڻ سان، شڪار جي سيشن تي سمنڊ جو رخ رکي ٿو ۽ پوءِ سندس غير حاضريءَ ۾ ٻچن جي سنڀال جي سموري ذميواري ماءُ تي ٿئي ٿي. جڏهن ٻچا ڪجهه وڏا ٿين ٿا ته انهن کي ٻين جي ٻچن سان گڏ گروپ جي شڪل ۾ سمنڊ ڏي روانو ڪيو وڃي ٿو ته وڃي پاڻ پيٽ گذر ڪن.
پينگئن جي چمڙيءَ جو مٿيون تهه هزارين ننڍڙن ۽ سخت کنڀن جو ٿئي ٿو. انهن کنڀن جي وچ ۾ ڦاٿل هوا Insulation جو ڪم ڏئي ٿي. سال ۾ هڪ دفعو نانگ وانگر پينگئن پنهنجي جسم جي کل(Skin) ڇاڻي ٿي ۽ ٻي نئين کل ڄمي ٿي. پينگئن جا پراڻا کنڀ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪرندا آهن ۽ انهي ئي وقت انهن جاين تي نوان کنڀ ايندا ويندا آهن. هن ڪم ۾ ٽي هفتا لڳيو وڃن جنهن دوران پينگئن نه ڪجهه کائيندي آهي ۽ نه سمنڊ ۾ ترندي آهي.
پينگئن کي پنهنجن ٻچن سان نه فقط پيار ٿئي ٿو پر اهي هن لاءِ وندر جو به سبب ٿين ٿا. جتي چوڌاري رڳو ٿڌ ۽ برف جون ڇپون هجن اتي هر هڪ لاءِ پنهنجو ٻار ئي سڀ ڪجهه آهي. ڪنهن جو ٻچو مري وڃڻ تي هوءَ ٻئي جو ٻار چوري ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪري ٿي پر ڪامياب نٿي ٿئي جو ڀر ۾ بيٺل ٻيون پينگئنون غير حاضر ماءُ پاران ”چور پينگئن“ جا ڄنڊا پٽيو رکن.
پينگئن پکين کي لڳي ٿو ته انسان ذات کان ڊپ نٿو رهي جو هو آيل سياحن ۽ کوجنا ڪندڙ سائنسدانن ڀرسان آرام سان گذريو وڃن. ان لاءِ اهو ئي چيو وڃي ٿو ته هنن کي ڪناري (زمين) تي ڪو به جانور ماري نٿو. کين مارڻ وارا شڪاري سڀ جانور سمنڊ اندر ئي آهن. شروع جي ڏينهن ۾ جڏهن انجڻ ايجاد نه ٿي هئي ۽ ماڻهو ”ڪتي گاڏين“ (Sledges) ۾ ڏکڻ قطب جي هنن برفاني علائقن ۾ سياحت ۽ کوجنا لاءِ ايندا هئا ته پوءِ ڪتن کي ڇڏيو ويندو هو ته پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ پاڻ ئي هڪ ٻن پينگئن کي چيري ڦاڙي کائين. پر هاڻ هن ائنٽارڪٽا واري سموري علائقي ۾ پاڻ سان ڪتو آڻڻ تي پابندي لڳل آهي. ۽ سياحن ۽ سائنسدانن کي اهو به چيل آهي ته هو پينگئن کان نو فوٽ پري رهن، جيڪڏهن ڪا پينگئن پاڻهي هلي اچي ويجھو بيهي ته پوءِ هن کي هڪلجي هرگز نه. ڇو جو سائنسدانن اهو نوٽ ڪيو آهي ته هن پکيءَ جي اڳيان جڏهن ڪو ويجهو بيهي ٿو ته اهو نروس ٿيو وڃي.
هونءَ عام طرح دنيا ۾ هي پکي (پينگئن) سندن اڀو ٿي بيهڻ، لڏي هلڻ ۽ انسان ذات کان خوف نه کائڻ کان مشهور آهن. پينگئن (Penguins) جو نالو ڪيترن ئي ڳالهين ۽ شين ۾ استعمال ٿئي ٿو. پينگئن نالي پبلشرس جن جي ڪتابن کان ته هر پڙهندڙ واقف هوندو. پينگئن بابت ڪيترائي ڪتاب، فلمون، ڪارٽون ۽ ٽي وي سيريز فلمون آهن. مزاحيه ڪارٽون فلم جنهن ۾ ”چِلي ولي“ Chilly Willy نالي هڪ مزاحيه ڪردار پينگئن جو آهي جنهن کي الاسڪا (اتر قطب جي شهر) جو رهاڪو ڏيکاريو ويو آهي جيتوڻيڪ حقيقت ۾ الاسڪا، آئس لئنڊ ۽ گرين لئنڊ (اتر قطب) ڏي پينگئن جو وجود ئي ناهي. پينگئن جو هي ڪردار (Character) پال جي سمٿ نالي آرٽسٽ 1953ع ۾ تخليق ڪيو ۽ اڄ دنيا ۾ ڪاٺڪٺي Woody Wood Pecker بعد ٻئي نمبر تي مشهور آهي.
هن پکيءَ تي ڪيتريون ئي فيچر فلمون پڻ ٺهيل آهن جيئن ته:
Happy Feet
Surf’s Up
The Penguins of Madagascar
March of the Penguins
وغيره ان کان علاوه ٻارن جا ڪتاب:
Mr Popper’s Penguins
Farce of the Penguins وغيره
جيئن اسان وٽ شاهين، شهباز، عقاب پکين نالي ڪرڪيٽ، فٽ بال يا هاڪي ٽيمون آهن تيئن آمريڪا پاسي ڪيترن ئي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي رانديگرن جي ٽيمن جا نالا پينگئن پٺيان آهن، جيئن ته:
Pittsburgh Penguins
Youngstown state Penguins وغيره