برونائيءَ ۾ اسلام جي آمد
ملايا..... يعني اڄ وارو مغربي ملائيشيا ته دنيا جي گولي تي جنهن هنڌ تي آهي اتان هر جهاز جو سامونڊي لنگهه آهي ۽ اتي ايندڙ عرب سوداگرن ۽ جهازرانن ذريعي مقامي ماڻهن کي اسلام جي ڄاڻ ٿي. پڙهندڙن کي سوچڻ کپي ته هي فقط ڏيڍ صدي کن اڳ جي ڳالهه آهي جو انجڻيون ايجاد ٿيون آهن ۽ جهاز مرضي مطابق انجڻن ذريعي هلڻ شروع ٿيا آهن نه ته حضرت نوح عليه السلام جي ڏينهن کان وٺي هندستان جي تحريڪ آزادي 1857 تائين سنڌ، گجرات، ڪڇ، سرانديپ (سلون) يا بنگال جي بندرگاهن تي جيڪي جهاز آيا ٿي اهي Sailing Ships هئا.... يعني اهي ٿلهي ڪپڙي جي سڙهن تي هوا جي زور تي هليا ٿي. چاهي اهي مال بردار ۽ مسافر بردار جهاز ايرن ۽ عرب ملڪن کان آيا ٿي يا يورپ کان.... يا اڀرندي پاسي چين کان.... سڀ جهاز سڙهن ذريعي هليا ٿي. منجھن Rowing يعني چَپُوئن سان هلائڻ جو به بندوبست هو پر چَپوئن سان فقط چند ڪلاڪ امرجنسيءَ ۾ اڳتي ريڙهيا ويا ٿي جو انسان ۾ ايڏي طاقت ناهي جو چپوئن ذريعي جهاز کي سمنڊ اڪاري.
ٻي ڳالهه اها ذهن نشين ڪرڻ کپي ته ايشيا ۽ آفريڪا جي اوڀر ڪناري جي ملڪن ۾ يورپ پاسي جا جهاز فقط سورهين صدي کان پوءِ اچڻ شروع ٿيا. جن مان پهريون جهاز جيڪو ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ يعني ”سائوٿ آفريڪا“ کي ڦيرو ڪري ”هندي وڏي سمنڊ“ ۾ داخل ٿي انڊيا جي بندرگاهه ڪاليڪٽ ۾ داخل ٿيو اهو 1498 ۾ پورچوگال جي واسڪوڊاگاما جو هو. ان کان اڳ هڪ پاسي کان عربن ۽ ايرانين جا جهاز ته ٻئي پاسي چين پاسي کان جهاز هوائن جي رخ ۽ موسمن مطابق هڪ ٻئي جي ملڪن ڏي ايندا ويندا رهيا ٿي ۽ رستي تي ڪيترن ئي بندرگاهن سان واپار وڙو هليو ٿي. رستي جي تڙن (بندرگاهن) جا عرب، ايراني،بلوچ سنڌي، گجراتي، ملباري، ڪوڪني، بنگالي، ملئي سڀ سٺا ناکئا ۽ وڻجارا هئا.
عرب ۽ ايران کان جيڪي جهاز سياري جي موسم ۾ اتر جي هوا لڳڻ سان ڏکڻ ڏي نڪرندا هئا انهن مان ڪجهه پسني، گوادر (مڪران ڪوسٽ) ۽ سنڌ ۽ ڪڇ جو ڪنارو، ان بعد مالابار ڪوسٽ ڏئي ڪولمبو پهچندا هئا. عرب ۽ ايرن کان ٻيا جهاز آفريڪا جو ڪنارو ڏئي جبوتي، سوماليا کان ٿيندا ممباسا، دارالسلام، زنجبار ۽ موزمبق تائين پهچي ويا ٿي. انهن بندرگاهن جي نالن مان ئي توهان کي لڳندو ته اهي عربي نالن وارا آهن، جيتوڻيڪ آفريڪا جي ملڪن ۾ سواحلي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. ايرانين ۽ عربن جي مقابلي ۾ آفريڪي جا مڪاني ماڻهو سٺا جهازران يا سوداگر نه هئا. جهازن تي ڪنٽرول گهڻو تڻو عربن جو هو سو انهن بندرگاهن جا نالا به جيڪي هنن رکيا سي پنهنجن ئي نالن سان. ٿوري گهڻي ڦير ڦار سان اڄ تائين ساڳيا ئي آهن جيئن اڄ جي موزمبق ملڪ جو نالو ”موسيٰ البيق“ عرب تان پيو جيڪو هتي پهرين پهتو هو.
اهڙيءَ طرح عرب ناکئا جن تارن ذريعي رستو ڳوليندا هئا اهي به اڄ تائين ساڳين نالن يا ٿوري گهڻي ڦير ڦار سان اسانکي ائسٽرانامي ۽ نيويگيشن جي انگريزن ڪتابن ۾ پڙهايا وڃن ٿا.
تارن جي جھڳٽن ۽ ڪهڪشائُن کان علاوه فقط عام عربي نالن وارا تارا به 165 ٿين ٿا جن جي روشني جو مقدار، زمين کان ڏوري ۽ سائيز جو حساب ڪتاب سڀ کان اڳ عربن لڳايو. ڪجهه مشهور تارا جيڪي بنا دوربين جي نظر اچن ٿا، پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هيٺ ڏيان ٿو. انهن جا انگريزي نالا عربي ٻوليءَ تان کنيل آهن. جيئن ته:
انگريزي نالو عربي اصل نالو
Acrab عقرب (وڇون)
Albali البالح (ڳڙڪائيندڙ)
Alchibah الخباء (تنبو)
Algol (راس) الغول
Algorab الغراب (ڪانگ)
Altair الطائر (پکي)
Arrakis الراقص (ناچو)
Fomalhaut فم الحوت (مڇيءَ جو وات)
Phacta فاخته (ڳيرو)
Rasalased راس الاسد (شينهن جو مٿو)
Thuban الثعبان (نانگ)
Unukalhai عنق الحية (نانگ جي ڳچي)
وغيره وغيره
هي سڀ ڪجهه لکڻ مان منهنجو مطلب اهو ٻڌائڻ آهي ته عرب اسلام کان به گهڻو گهڻو اڳ کان وٺي تارن، هوائن ۽ سامونڊي لهرن جي ڄاڻ رکڻ ڪري جهازراني ۾ بيحد قابل هئا. سو عيسوي سن کان به اڳ هو عربي سمنڊ، هندي سمنڊ، خليج بنگال ۽ چيني سمنڊ لتاڙي چين تائين پهچي ويا هئا. اسلام کان اڳ هو چين جي مختلف شهرن ۾ رهيا ٿي ۽ چيني ڳالهائي ٿي. هنن چيني عورتن سان شادي ڪئي ۽ گهر ٻار چين ۾ ٺاهيو.... خاص ڪري ڪئنٽن بندرگاهه ۾ جنهن کي ان وقت (۽ هاڻ وري) گئانگ زو جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن بندرگاهه ۾ ايندڙ عرب مسلمانن ۾ ڪجهه اصحابي سڳورا جن مان حضرت سعد بن ابي وقاص جو تمام گهڻو ذڪر ڪيو وڃي ٿو، هتي رهائش اختيار ڪئي.
محمد بن قاسم ته سنڌ ۾ 711 ۾ آيو. ان کان سؤ سال کن اڳ حضرت سعد بن ابي وقاص چين ۾ 18-616 دوران اسلام متعارف ڪرايو. ان بعد هو ٽيون دفعو 651 ۾ حضرت عثمان رضه (ٽئين خليفي) جي حڪم تي هڪ سفارتڪار جي حيثيت ۾ گئانگ زو (ڪئنٽن) آيو. هڪ ٻيو اصحابي جنهن جو پڻ چين ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيو اهو حضرت جعفر ابن ابي طالب هئو.
حضور صلعم جن تي وحي 611 ۾ نازل ٿيو. 622ع ۾ مڪي کان مديني هجرت ٿي ۽ 630 ۾ مڪو فتح ٿيو. اسان جي ننڍي کنڊ جي پهرين مسجد جنهن بابت انڊيا واري سفرنامي ”بمبئي منهنجي ڀاڪُرَ ۾“ ۾ لکي چڪو آهيان ته اها ”چيرامن پيرو مل مسجد“ آهي جيڪا مڪي فتح ٿيڻ کان سال اڳ 629 ۾ ٺهي پر ڪئنٽن واري مسجد ”هئائي شينگ“ جيڪا Ximen Kou سب وي ريلوي اسٽيشن کان اڌ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي، انڊيا واري پيرومل مسجد کان به ٻه سال اڳ 627ع ۾ ٺهي.... يعني اڄ ان مسجد کي 1390 سال اچي ٿيا آهن. هي سال (627ع) اهو سال هو جنهن ۾ حضرت امام حسين رضه جن جنم ورتو ـــ يعني بدر جي لڙائي جيڪا 624ع ۾ لڳي هئي، ان کان ٽي سال پوءِ.
ڪجهه لفظ حضرت جعفر ابن ابي طالب لاءِ لکڻ ضروري سمجھان ٿو. اسلام کان اڳ ۽ اسلام کان پوءِ جيڪي عرب سنڌ، هند جي ڪناري مالابار، ملايا ۽ چين وغيره ايندا رهيا انهن ۾ ڪيترا اصحابي سڳورا به هئا. جيئن ڏکڻ هندوستان جي ڪيرالا رياست جي شهر ڪڊغلور (Kodungallur) ۾ جتي جي مسجد دنيا ۾ مسجد نبوي صه بعد ٻيو نمبر پراڻي مسجد آهي، اتي جا ماڻهو حضرت مالڪ بن دينار اصحابي جي ڳالهه ٿا ڪن ته هو اتي وڏو عرصو رهيا. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ڪيترن اصحابي سڳورن جو اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو ٿي. اسانجي لاڙڪاڻي جو دوست انجنيئر عبدالوهاب سهتو ٻڌائي ٿو ته سکر کان شڪارپور واري رستي تي مهرن جي ڳوٺ وٽ پڻ ٻن اصحابين جون قبرون آهن جن جون ٻڌايل حديثون هن تر جي ماڻهن جي زبان تي عام آهن. اهڙيءَ طرح چين پاسي جن اصحابين جو اچڻ ۽ ذڪر عام هلي ٿو انهن ۾ سعد ابن ابي وقاص ۽ جعفر ابن ابي طالب (ڄم: 590، وفات 629ع) تمام گهڻو مشهور آهن.
حضرت جعفر، حضرت عليءَ جو وڏو ڀاءُ ۽ ابو طالب جو ٽيون نمبر پٽ هو.... يعني حضور صلعم جن جو سؤٽ هو. پاڻ انهن مان هڪ هو جن شروع شروع ۾ اسلام قبول ڪيو. جڏهن مسلمانن کي مڪي جي ماڻهن تنگ ڪيو ته هنن مان ڪيترا حبش (Abyssinia) ڏي لڏي ويا. حضرت جعفر ٻئي ٽولي سان گڏ 616ع ۾ حبش پهتو جتي هن 12 کن سال گذاريا ۽ جنهن دوران هن حضرت سعد ابن ابي وقاص سان گڏ چٽگانگ، منيپور، تبت، کوتان ۽ چين جي مختلف علائقن ۾ تبليغ ڪئي. اڄ به چين جي زن جيانگ (Xinjiang) صوبي جي کوتان شهر جي چيني مسلمانن کان اسلام جي آمد جو پڇجي ٿو ته هو حضرت جعفر ابن ابي طالب جو نالو کڻن ٿا جن هن تر ۾ اچي اسلام جي تعليم عام ڪئي. هتي اهو به لکندو هلان ته حبش جي بادشاهه جڏهن الله تعاليٰ جي پيغام مطابق پڇيو ته هي اصحابي حضرت جعفر هو جنهن کيس قرآن جي ”مريم“ سورة پڙهي ٻڌائي هئي.
سن 628 ۾ حضرت جعفر ۽ هن جا ٻار حبش کان مديني پهتا. ان وقت حضور صلعم جن خيبر جي جنگ ۾ هئا. حضرت جعفر يڪدم اوڏانهن روانو ٿيو جيئن پاڻ به مسلمانن جي فوج ۾ شامل ٿي سگهي. اتي پهچڻ تي کيس مسلمانن جي سوڀ جي خبر پيئي. چون ٿا ته حضور صلعم جن حضرت جعفر سان ملندي هنن لفظن جو اظهار ڪيو: ”خبر ناهي مون لاءِ ڪهڙي وڏي خوشخبري آهي.... خيبر جي فتح يا جعفر جي آمد.“
سال بعد 629ع ۾ جيڪا مسلمانن جي رومين سان لڙائي ٿي ان ۾ حضرت جفعر عه تمام گهڻو دليريءَ سان وڙهيو ۽ شهادت ماڻيائين. چون ٿا ته حضرت جعفر عه جو مقبرو اردن جي شهر ڪيراڪ (Kerak) ڀرسان المزار ۾ آهي. سندس قبر جي چوڌاري سون ۽ چانديءَ جي ڄاري دائودي بوهرين جي 52 هين داعيءَ محمد برهان الدين ٺهرائي.
هي سڀ ڳالهيون ان ڪري لکي رهيو آهيان ته جيئن ان زماني جي جهازراني ۽ واپار وڙي جي ڄاڻ ڏئي سگهان ته انهن ڏينهن ۾ جهازراني اڄ وانگر نه هئي ته جدي کان ڪراچي پاڻي جو جهاز پهتو ۽ سامان لاهي يا چاڙهي انهي ڏينهن هليو ويو. انهن ڏينهن ۾ سڙهن وارا جهاز هوائن جي زور تي، موسم مطابق هليا ٿي. سياري جي موسم ۾ اتر واءُ لڳڻ سان سنڌ کان ناکئا سرانديپ ڏي جهاز هاڪاريندا هئا. ٻن يا ٽن هفتن بعد هو ڪولمبو پهچڻ سان وري يڪدم موٽي نه سگهندا هئا. موٽندا تڏهن هئا جڏهن چؤماسي جون هوائون لڳن.... يعني ڏکڻ لڳي. تيسين هو ڪولمبو ۾ ٻيڙين جا ٻاهران پاسا پيا صاف ڪندا هئا. تيل پيا هڻندا هئا.... ڦاٽل سڙهه پيا سبندا هئا.... ڪي ته ڪنهن زميندار وٽ وڃي ٻني ٻارو ڪندا هئا.... ڪي مڪاني مايُن سان شادي ڪري اتي رهي پوندا هئا.... موٽڻ وقت جهازن جا ناخدا (ڪپتان) پيا کين منٿون ميڙيون ڪندا هئا ته اچو ته سامان چاڙهي وطن ورون ڪڏهن ته خلاصين سان گڏ جهاز جا ناکئا (نائوخدا) به جهاز تي ٽي قل پڙهي ان پرائي ديس ۾ رهي پوندا هئا ڀلي سندن جويون ديبل ۽ ڀنڀور ۾ يا بندر عباس ۽ عدن ۾ پيون پڙ باسين ۽ سکائون ڪن.
سو منهنجو مطلب اهو آهي ته 711 م جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو ته ان وقت پهريون دفعو عرب سنڌ ۾ نه آيا. ان کان گهڻو گهڻو اڳ کان سنڌ ۾ عرب رهيا پيا هئا جيئن اسان جا سنڌي ٻُڌ ۽ هندو ”عرب ملڪن“ ۽ ”ايران“ ۾ اسلام کان به اڳ رهيا پيا هئا ۽ هو عربي ۽ فارسي کان اهڙو ئي سٺي طرف واقف هئا جهڙيءَ طرح سنڌ ۾ رهندڙ عرب سنڌي، گجراتي ۽ ڪوڪني (مالابار ڪوسٽ جي ٻولي) کان.
اهڙيءَ طرح فلپين ۽ چين جي بندرگاهن ڏي وڃڻ لاءِ جهاز کي سامونڊي سوڙهي ڳچي (ملاڪا Strait) مان لنگهڻو پيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ نه ڪوالالمپور هو نه پينانگ .... اهي سڀ شهر ۽ بندرگاهه هاڻ ٻه اڍائي سؤ سال اڳ جي ڳالهه آهن. انهن ڏينهن مان اڄ وارو ملاڪا شهر وارو بندرگاهه ئي هڪ قدرتي بندرگاهه هو جتي ملاڪا ڳچي سمنڊ مان لنگهندي جهازرانن، سوداگرن توڙي قذاقن ساهي پٽي ٿي. ملاڪا ڳچي سمنڊ جنهن کي ”سامونڊي درياهه“ ڪري سمجھجي، انڊونيشيا جي ٻيٽ سماترا ۽ ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) جي وچ ۾ وهي ٿو ۽ 800 کن ڪلوميٽر ٿيندو. اڄ جي ماڊرن جهازن کي به اهو لتاڙي ڇيڙي تي موجود سنگاپور ٻيٽ وٽ پهچڻ ۾ ٻه ڏينهن لڳن ٿا. پراڻي دؤر ۾ جڏهن عرب اسلام کان اڳ ۽ پوءِ پنهنجي سڙهن وارن جهازن (Sailing Ships) ۾ هتان لنگهيا ٿي ته هنن کي هي سامونڊي سوڙهو Passage اڪرڻ ۾ هفتو کن لڳي ويو ٿي. ڪن ته ملاڪا ڳچي سمنڊ ۾ موجود ملاڪا بندر گاهه وٽ (جيڪو بلڪل اڌ رستي تي آهي) مهينو ٻه ترسي آرام ڪيو ٿي. ڪن ته پنهنجو آندل سامان اتي لاٿو ٿي ۽ چين کان ايندڙ سندن عربن ۽ ايرانين جي جهاز، يا چينين جي جهازن جي اتي پهچڻ تي هنن سان سودو ڪري سامان جي ڏي وٺ ڪئي ٿي.
انهن ڏينهن ۾ يعني اسلام جي آمد کان اڳ ۽ ڪجهه صديون پوءِ تائين هن بندرگاهه يا سامونڊي درياهه جو نالو ”ملاڪا“ نه پيو هو. بس هي بندرگاهه هڪ مڊوي هائوس طور استعمال ٿيو ٿي جتي هڪ طرف کان.... يعني اولهه کان عربن ايرانين، سنڌين، گجراتين ۽ بنگالين جا جهاز اچي نڪتا ٿي ته اوڀر پاسي کان چينين جا، جن ۾ ڪجهه ويٽنامين ۽ فلپينين جا به هئا. ”ملاڪا“ نالو ته 1400ع ڌاري وجود ۾ آيو جڏهن سنگاپور (جيڪو انهن ڏينهن ۾ تيماسڪ سڏبو هو..... سنگاپور نالو، انگريزن 1819 ڌاري هي ٻيٽ خريد ڪرڻ بعد رکيو) جو راجا پرميشور سماترا پاسي جي حاڪمن جي حملي کان جان بچائي ڪجهه لشڪر سان گڏ ملايا پاسي نڪري پيو جيڪو ان وقت سڄو جھنگ ئي جھنگ هو. انهن ڏينهن ۾ سفر جو واحد ذريعو پنڌ يا ٻيڙين ذريعي هو. هو هن ملاڪا ڳچي سمنڊ مان لنگهندي آخر هڪ هنڌ کي سڻائو سمجھي ترسي پيا. اهو هنڌ اڄ وارو ملاڪا بندرگاهه هو جنهن کي ملئي ٻولي ۾ Melaka لکجي ٿو جنهن کي بعد ۾ انگريزن پنهنجي راڄ ۾ Malacca لکيو. بهرحال سنگاپور جي راجا جيڪو پنهنجي ڪجهه رعيت/پوئلڳن سان اتي پهتو هو، ان کان اڳ هن گھاٽ (تڙ) جو ڪو نالو نه هو. بس ايئن ئي جهازرانن جي ساهيءَ لاءِ ٿلهو سڏيو ويو ٿي. راجا پرميشور وارن به پنهنجيون ٻيڙيون اتي ٻڌيون ۽ جنهن وڻ هيٺان هو اچي ليٽي پيو اهو ”پوڪوڪ ملاڪا“ هو. ملئي ٻوليءَ ۾ Pokok معنيٰ وڻ. هن بادشاهه وڻ هيٺان ننڊ ڪري اٿڻ مهل پنهنجن ساٿين کي چيو ته: ”بابا اڄ ڏينهن کانپوءِ پاڻ کي هتي سلطنت ٺاهڻي آهي ۽ هن هنڌ جو نالو هن وڻ وارو ”ملاڪا“ ٿيندو.
ڪجهه سالن بعد هي هندو راجا پرميشور عرب سوداگرن ۽ ناکئن جي اخلاق کان متاثر ٿي پاڻ مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو اسڪندر شاهه رکيو. اٽڪل سٽڪل ڪري هن چين جي حاڪمن سان به دوستي ڪري ورتي جيئن هن سان اوسي پاسي جا سيامي (ٿائي) حاڪم ڏاڍائي نه ڪن. انهن ڏينهن ۾ چين تي مِنگ گهراڻي جي بادشاهن جو راڄ هو.
مِنگ گهراڻو 1368ع کان 1644ع تائين حڪومت ۾ رهيو ۽ چين جي تاريخ ۾ هي دور اسلام جي وڌڻ لاءِ سونهري دور سڏيو وڃي ٿو. هن ئي دور ۾ چين جي مسلمان ائڊمرل ”زهينگ هي“ جهازن جا ٻيڙا آفريڪا ڏي وٺي وڃڻ کان اڳ ملاڪا ۾ به ترسايا هئا. ان ڪري ”ملاڪا سلطنت“ جي اوسي پاسي ۾ وڏي ڌاڪ ويهي وئي.
اسڪندر شاهه جو پوٽو منصور شاهه جڏهن ملاڪا جو سلطان ٿيو ته هن چيني حاڪمن سان وڌيڪَ تعلقات پيدا ڪرڻ لاءِ چين جي مِنگ گهراڻي جي هڪ شهزاديءَ ”هئنگ لِي پو“ سان شادي ڪئي.
چيني ڪنوار Hang Li Po جڏهن چين کان ملاڪا موڪلي وئي ته ٻئي ڏيج سان گڏ هن سان 500 خذمتگار چيني ڇوڪريون پڻ هيون جن ملاڪا ۾ ملئي نوجوانن سان شادي ڪئي ۽ ملاڪا ۾ ”بڪت چينا“ واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي. اڄ انهن جو اولاد ۽ ٻولي ملئي ۽ چيني ٻولين جو مڪسچر آهي ۽ هي مرد ”باباز“ ۽ عورتون ”نونياز“ سڏجن ٿا ۽ اڄ به هنن جي گهڻي تڻي رهائش ملاڪا ۾ آهي. هي چيني نسل جا ماڻهو جيڪي سلطان منصور شاهه جي ڏينهن ۾ آيا طبيعت ۽ مزاج ۾ انهن چينين کان بلڪل مختلف آهن جيڪي گهڻو گهڻو پوءِ انگريزن جي حڪومت ۾ (يعني اوڻهين ويهين صديءَ ۾) مزدوريءَ خاطر چين کان ملايا آيا. ملاڪا شهر ۾ هنن ’باباز‘ ۽ ’نونياز‘ چينين کي مَلئي ماڻهن سان ملندڙ جلندڙ ڊريس ۽ ٻولي ڳالهائيندو ڏسي توهان کي حيرت ٿيندي. ڪي ڪي گهر ته اڄ به ان ئي نموني جا رکيا ويا آهن جيڪي سلطان منصور شاهه جي دؤرِ حڪومت 1477-1456ع ۾ هئا. هتي اهو به لکندو هلان ته ملاڪا جي هندو سلطان پرميشور جي مسلمان ٿيڻ بعد باقي عوام به مسلمان ٿي وئي. اهڙيءَ طرح سماترا، جاوا ۽ بورنيو ٻيٽ (ويندي برونائي) جا حاڪم ۽ انهن جي رعيت مسلمان ٿيندي وئي. باقي اهي هندو يا ٻُڌ جيڪي اسلام جي دائري ۾ نه آيا اهي ”بالي“ ٻيٽ تي هليا ويا. بالي ٻيٽ جو اڄ به سرڪاري مذهب هندو ڌرم آهي ۽ انڊيا بعد بالي اها جاءِ آهي جتي تمام گهڻا هندو رهن ٿا.
بهرحال هتي آئون اها ڳالهه چوڻ چاهيان ٿو ته ملاڪا هجي يا ديبل ٺٽو، اتي جي حاڪم يا عوام جي مسلمان ٿيڻ کان اڳ به اتي عرب رهيا ٿي. اسلام کان اڳ ڪيترن عربن جيئن چين ۾ چينين سان شادي ڪئي تيئن سنڌ ۾ سنڌي عورتن سان شادي ڪئي. چينين لاءِ ته عربستان ڏورانهين پنڌ تي هو پر سنڌين لاءِ ته ايران (پرشيا) ۽ عربستان سڏ پنڌ تي هو ۽ ڪيترن سنڌي هندن عربستان ۾ رهي عرب ڇوڪرين سان شادي ڪئي جو اسلام کان اڳ ته جهڙا عرب بي دين ۽ بت پرست هئا تهڙا سنڌي (جيڪي هندو هئا يا ٻڌ) ۽ اهڙي طرح سماترا، جاوا، برونائي ۽ بورنيو جا مڪاني ماڻهو جيڪي هندو هئا يا برونائي ۾ رهندڙ چيني ٻُڌ ۽ ايراني آتش پرست هئا. اسلام جي آمد کان پوءِ جتي عرب مسلمان ٿيا اتي انهن جون چيني، ملئي يا هندو زالون ۽ ڪجهه ڪجهه سندن مڪاني دوست، مسلمان ٿيا. پر وڏو ريلو تڏهن آيو جڏهن محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي، ملاڪا جو راجا پرميشور پاڻ مسلمان ٿيو..... اهڙيءَ طرح برونائي جو هندو سلطان ”اوانگ الاڪ بيتاتار“ (جنهن برونائي تي 1368 کان 1402 تائين حڪومت ڪئي) مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو ”محمد شاهه“ رکيو. جيئن ملاڪا جي سلطان پرميشور 1414 ۾ مسلمان ٿي پنهنجو نالو ”اسڪندر شاهه“ رکيو.
برونائيءَ جي حاڪم ۽ رعيت 1390ع ڌاري اسلام ضرور قبول ڪيو پر برونائيءَ ۾ ان کان اڳ به ڪيترائي عرب ۽ چيني مسلمان رهيا ٿي جيڪي جهازراني ۽ واپار وڙي جي سلسلي ۾ بورنيو ٻيٽ جي مختلف علائقن ۾..... خاص ڪري برونائيءَ ۾ ايندا ويندا رهيا ٿي. ڪجهه اهڙيون نشانيون مليون آهن جن مان ظاهر ٿئي ٿوته برونائيءَ ۾ ٻارهين صديءَ کان اسلام جا پوئلڳ رهڻ لڳا هئا. انهن ۾ ڪيتريون ئي قبرون چيني مسلمانن جون آهن جن تي لڳل ڪتبن مان انهن جي خبر پوي ٿي. هڪ ته ”پُو ڪُنگ چيح مُو“ جي آهي جنهن جي دفن جو سال 1264 لکيل آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته برونائي جو جيڪو پهريون سلطان مسلمان ٿيو ان کان به هڪ سؤ سال اڳ هن چيني مسلمان برونائيءَ ۾ وفات ڪئي.
چيني ماڻهو نالي جي اڳيان ذات لکن ٿا. جيئن سنگاپور جي وزير اعظم ”لي ڪئان يو“ جي نالي ۾ لِي (Lee) سندس ذات آهي ۽ ”ڪئان يو“ نالو. سو مٿئين چينيءَ جي نالي ۾ پُو (Pu) ذات آهي ۽ اها ذات گهڻو تڻو چيني مسلمانن جي رهي آهي. قبر جي ڪتبي تي اهو به لکيل آهي ته هن جو تعلق چين جي ”چئان چائو“ شهر سان هو. چئان چائو ”فوڪيئن“ (Fukien) صوبي ۾ آهي. چين ۾ سُنگ گهراڻي (1279-960ع) جي ڏينهن ۾ تمام گهڻا عرب ۽ ايراني فوڪيئن صوبي جي ڪوانگ تنگ صوبي (خاص ڪري ”ڪوانگ چو“ شهر ۾، جيڪو پوءِ ”ڪئنٽن“ سڏجڻ لڳو) ۾ اچڻ لڳا.
برونائيءَ ۾ نه فقط مٿين چيني مسلمان ”پُو ڪنگ“ جي قبر آهي پر ٻين به ڪيترن چيني مسلمانن جون آهن. انهن ۾ خاص ”لي چئان تِزو“ جي آهي جيڪو فوڪيئن صوبي جو هو ۽ سندس وفات 1876ع ۾ ٿي. 1880ع ۾ هڪ انگريز Groenveldt نالي جو ڇپيل ڪتاب: “Notes on the Malay Archipelago & Malacca Complied from Chinese Sources” ۾ آهي ته: هڪ چيني مسلمان سوداگر 977ع ۾ برونائيءَ ۾ آيو. هن جو نالو هو ”پُو ـــ لُو ـــ شيح“ (Pu-Lu-Shieh). هو سوداگر سان گڏ سفارتڪار به هو. سنگاپور جي ”سوشالاجيڪل ريسرچ انسٽيٽيوٽ“ جي 1963ع ۾ ڇپيل پيپر Islam Comes to Malaysia موجب اهو نالو ”پولو سيح“ دراصل عربي نالو ”ابوالليث“ آهي.
ان وقت برونائيءَ جو بادشاهه ”هيانگ تا“ هندو هو جنهن چين کان آيل هن سوداگر ۽ سفارتڪار جي وڏي شان مان سان آڌر ڀاءُ ڪئي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ته اهو ئي چيو ويندو ته برونائي ۾ اسلام 977ع يعني ڏهين صديءَ کان اچي چڪو هو.
ڪيترا ته اهو به چئي سگهن ٿا ته چين کان آيل هن مسلمان ”سوداگر ـــ ڊپلومئٽ“ برونائيءَ ۾ اچي ڇا ڪيو؟ هو ته فقط چين جي حاڪم جون کيڪارون (Greetings) کڻي آيو. پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان جي موٽ ۾ برونائيءَ جي هندو بادشاهه جيڪا چين جي بادشاهه ڏي ڊيليگيشن موڪلي ان جو اڳواڻ ”پُو ــ اَ ـــ لي“ (Pu A-Li) نالي مسلمان چيني هو جنهن جو دراصل عربي نالو ”ابو علي“هو.
ان مان لڳي ٿو ته جيتوڻيڪ برونائي جا حاڪم اڃا مسلمان نه ٿيا هئا پر هنن جي درٻار ۾ ڪيترائي عرب ۽ چيني مسلمان موجود هئا. انهن جي ۽ ٻين ايندڙ ويندڙ عرب، ايراني ۽ هندستاني مسلمانن جي اخلاق ۽ وهنوار مان متاثر ٿي آخرڪار برونائيءَ جو بادشاهه ”اوانگ الاڪ“ پهريون مسلمان بادشاهه ٿيو جنهن برونائيءَ تي 30 سال 1368ع کان 1402ع تائين حڪومت ڪئي.
هونءَ برونائي.ءَ ۾ اسلام جون ٻه لهرون آيون. هڪ عربستان، ايران، انڊيا ۽ چين کان ايندڙ مسلمان سوداگرن جي اچڻ سان ۽ ٻي ملڪ جي بادشاهه جي اسلام قبول ڪرڻ تي. ان کان پوءِ طائف سعودي عرب کان آيل عالم دين شريف علي جي اچڻ کان پوءِ، جيڪو اهل بيت هو ۽ جنهن برونائيءَ ۾ اچي دين جي تبليغ ڪئي ۽ جنهن سان برونائي جي ٻئي سلطان احمد شاهه پنهنجي ڌيءَ پرڻائي. احمد شاهه جي وفات بعد جيئن ته هن کي پٽ ٻار جو اولاد نه هو ان ڪري برونائيءَ جو ٽيون مسلمان بادشاهه (سلطان) هن جو ناٺي (هي عرب عالم شريف علي) ٿيو. هن عرب سلطان جي ڏينهن ۾ برونائي جو عوام وڏي پئماني تي مسلمان ٿيو. بندر سري بيگوان واري مسجد هن سلطان ٺهرائي. سلطان پاڻ جمع ڏينهن خطبو ڏيندو هو ۽ نماز پڙهائيندو هو. سو سلطان شريف علي 1424ع کان 1432ع تائين نه فقط برونائيءَ جو بادشاهه هو پر ملڪ جي واحد مسجد جو امام به هو. سندس ايمانداري ۽ پرهيزگاريءَ ڪري کيس سلطان برڪت (يعني جنهن تي برڪتون هجن) به سڏيو ويو ٿي.
سنگاپور جي گورنر ٿامس اسٽئمفورڊ رئفلس پنهنجي ڪتاب The History of Java ۾ لکيو آهي ته: ”برونائي جي سلطان شريف علي جي تبليغ فقط برونائي تائين محدود نه هئي هو اسلام جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ جاوا ٻيٽ تي به ويندو هو.“
برونائيءَ جي سلطان اسلام کي نه فقط بورنيو ٻيٽ تي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر انڊونيشيا جي مختلف ٻيٽن ۽ ٿائلنڊ جي ڏاکڻن ٻيٽن ۾ پڻ. ياد رهي ته فلپين هڪ ٻيٽ نه پر انيڪ ٻيٽن جو جھڳٽو آهي ۽ هتان جا ڏاکڻا ٻيٽ برونائي جي تمام ويجھو آهن. جڏهن ملاڪا سلطنت تي 1511 ۾ پورچوگالين جو قبضو ٿيو ته برونائيءَ وارا ئي هن تَرَ ۾ اسلام پکيڙڻ جي خذمت سرانجام ڏيندا رهيا.
16 هين صديءَ ڌاري برونائي ۾ هڪ تمام وڏي مسجد ٺاهي وئي. 1578 ۾ اسپيني سياح ”الونسو بيلتران“ جڏهن برونائي آيو ته هُنَ هِنَ مسجد لاءِ لکيو ته اها پاڻيءَ مٿان پنج ماڙ مسجد آهي. بد قسمتيءَ سان اها مسجد ان ئي سال جون جي مهيني ۾ اسپيني فوجين جي حملي ۾ تباهه ٿي وئي.
***