الطاف شيخ ڪارنر

برونائيءَ کان برازيل

هي ڪتاب برونائي ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن: پاناما، چلي، ڪوراسائو، برازيل جي سفرنامن تي مشتمل آهي جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي. الطاف شيخ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
هن ئي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ الطاف شيخ لکي ٿو:
”هڪ ٻي ڳالهه ته هي بولچند جهڙا امير ماڻهو رڳو پئسي جي زور تي وڏا واپاري نه ٿيا جيڪا غلط فهمي اسان جي ڪيترن ماڻهن، خاص ڪري انهن ”سنڌي مسلمانن“ کي رهي ٿي جن کي واپار جو تجربو نه آهي. ۽ ائين به نه آهي ته پرديس ۾ وڏو نالو ۽ ناڻو پيدا ڪندڙ ”سنڌي هندوءَ“ کي هر وقت سهولتون ۽ آسانيون مليون. هرگز نه. هنن تي ڏکيا ڏينهن به آيا. هنن جي سالن جي ڪمائي ۽ واپار هڪ جهٽڪي ۾ ختم به ٿي ويو. دنيا جو امير ترين واپاري هانگ ڪانگ جو سنڌي ”هري ليلا“ ٻي جنگ عظيم ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو ۽ گهر جي اٽي لاءِ هو مٿي تي ٿالهه رکي چين ۽ هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ شيون وڪڻندو رهيو. هن جيتوڻيڪ بعد ۾ پنهنجي کيسي مان هانگ ڪانگ يونيورسٽي ٺهرائي، پر ننڍي هوندي هن کي اسڪول جي في ٻه ڊالر نه هجڻ ڪري پاڻ پڙهي نه سگهيو.“
  • 4.5/5.0
  • 4585
  • 1340
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book برونائيءَ کان برازيل

ڇا پاناما ۾ آئون پهريون سنڌي هوس

ٽي وي تي ڪنهن ٽاڪ شو ۾ مخالف ڌر جي سياستدان چيو ته پاناما ليڪس ڪري سڄي ملڪ جو عوام حڪومت خلاف ٿي ويو آهي. ان تي حڪومتي نمائندي ان ڳالهه کي رد ڏيندي چيو ته ”ليڪس ته ٿي پوءِ جي ڳالهه، سواءِ اسلام آباد جي باقي ملڪ ۾ ڪيترا ماڻهو هوندا جيڪي پاناما ملڪ کان واقف هوندا؟“
واقعي صحيح ڳالهه آهي. اڄ جي انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر جي دؤر ۾ به ڪٿي آهي اسان جي ماڻهن کي اها ڄاڻ ته پاناما ڪٿي آهي؟ پاناما، ڪاسٽا ريڪا، نڪراگئا، هونڊرس يا گئاٽمالا جهڙا وچ آمريڪا يا ڏکڻ آمريڪا جا ڏورانهان ملڪ اسان جي ماڻهن لاءِ ائين اجنبي آهن جيئن آمريڪا ۾ رهندڙن لاءِ اسان جا شهر ٽنڊو مستي، چمبڙ، ڪنري، ٽنڊو سومرو يا جھڏو.
ٽي ويءَ جو مٿيون پروگرام آئون پنهنجي دوست ڪئپٽن مظهر حسين زيديءَ سان گڏ سندس گهر ڏسي رهيو هوس. ڪئپٽن زيديءَ سان مون وڏو عرصو مختلف جهازن تي ـــ جيڪي اڪثر آمريڪا ۽ ڏور اوڀر (چين، جپان، ڪوريا وغيره) روٽ تي هليا ٿي، سفر ڪيو. منهنجي مٿين رمارڪ تي هن ٽهڪ ڏيندي چيو ته ”الطاف! گهٽ ۾ گهٽ تون ته ائين نه چئه.“
”ڇا مطلب؟“ مون پڇيو.
”اسانجي ملڪ جي ٻين صوبن جي ماڻهن کي انهن ڏوراهن ڏيهن جي خبر ڀلي نه هجي پر سنڌي ته جاگرافيءَ جا وڏا ڄاڻو آهن“ هن چيو.
”خبر ناهي تنهنجو مطلب ڇا آهي!“ مون چيومانس، ”گذريل سال مون سنڌ يونيورسٽي جي جاگرافي ڊپارٽمينٽ جي ڪجهه شاگردن کان ڪجهه ڏورانهن ملڪن جا نالا ۽ لوڪيشن پڇي ته هو به ٻڌائي نه سگهيا.“
”ته پوءِ چئبو ته تو وارو دوست ”دادا دولترام“ وڏو قابل سنڌي چئبو جنهن کي اڄ کان سؤ سال اڳ جڏهن ته نه ٽيليفون عام هو ۽ نه ٽي وي ڪمپيوٽر، هو پاناما کان اچي نڪتو هو.“
سندس اها ڳالهه ٻڌي هاڻ مونکان به ٽهڪ نڪري ويو ۽ زيديءَ کي داد ڏنم ته هن کي 46 سال اڳ جي ڳالهه ياد آهي جڏهن هڪ جهاز تي هو ڪئڊٽ مان پروموٽ ٿي فورٿ آفيسر ٿيو هو ۽ آئون جونئر انجنيئر مان ففٿ انجنيئر ٿيو هوس ۽ اسانجو جهاز پاناما کان اڳ ڪوراسائو (Curacao) نالي هڪ ننڍڙي ٻيٽ تي اچي لنگر انداز ٿيو هو. ڊچ حڪومت جو هي ٻيٽ ”ڪوراسائو“ اسپين جي ٻيٽ لاس پاماس (ڪناري ٻيٽ) جيان ڊيوٽي فري هو جتان اسان جهاز جي اڳتي جي سفر لاءِ تيل (فيول ۽ ليوب آئل) ۽ جهاز جي عملي لاءِ راشن پاڻي ورتو ٿي. يورپ ڏي ويندي يا اتان واپسي تي اسانکي لاس پاماس بندرگاهه سَڻائي هنڌ تي لڳو ٿي ـــ يعني واٽ تي پيو ٿي ۽ هيڏانهن ڏکڻ آمريڪا، اتر آمريڪا يا پاناما ڪئنال ٽپي پئسفڪ سمنڊ ۾ گهڙڻ لاءِ هي ٻيٽ ڪوراسائو رستي تي پيو ٿي. ائين ته ڀر ۾ ئي ٽرنيڊاڊ ۽ ٽباگو (T&T) جهڙا ٻيٽ (جتي جا ڪرڪيٽ رانديگر مشهور آهن) به آهن پر جهاز وارن لاءِ دلپسند ٻيٽ ڪوراسائو هو. جتي هر هڪ جي پنهنجي مائٽن مٽن لاءِ شاپنگ سٺي ٿي وئي ٿي. انهن ڏينهن ۾ اسان ولايت مان واچون (فئورلوبا)، ايئرو جون قميصون، پينون، عطر ۽ ٻيون برانڊيڊ شيون وٺندا هئاسين جيڪي شيون اسان جي ملڪ ۾ عام نه هيون ـــ ۽ جي ڪراچيءَ جي ڪنهن خاص دڪان تي وڪرو ٿيون ٿي ته انهن جا اگهه تمام وڏا هئا. هاڻ ته هر شيءِ ويندي ڪوڪا ڪولا، سيون اپ کان نيسلي جو کير ۽ صابڻ هر ملڪ ۾ پيو ٺهي. مختلف برانڊن جون قميصون، چپل، جوتا نئين حالت ۾ ڪراچي ۽ لاهور بلڪه حيدرآباد جي ڀان آٽوز واري آچر بازار ۾ پيا ملن. پر انهن ڏينهن ۾ انهن شين ۽ ڪئميرائن ۽ ٽرانسٽر ريڊين لاءِ اسان جهازين کي اسان جامائٽ ۽ دوست خاص فرمائشون ڪندا هئا. هي جنهن زماني جي ڳالهه آهي يعني 1960ع واري ڏهي جي ان ۾ VCR ته اڃان ايجاد نه ٿيو هو پر ڪئسٽ ٽيپ رڪارڊر به عام نه ٿيو هو. اڪائي ڪمپنيءَ جا پول وارا ٽيپ رڪارڊر ممباسا، لاس پاماس، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ هن بندرگاهه ڪُوراسائو ۾ ملندا هئا. سچي ڳالهه ته اها آهي ته ڪيترن جهازين (Sailors) کي ڪوراسائو بندرگاهه ان ۾ موجود چڪلن جي گهڻائيءَ ڪري به پسند هو. اڄ ڪلهه هيڪاندا ماڊرن جهاز ٿيڻ ڪري سندن شيڊول ٽائيٽ رهي ٿو ۽ جهاز بندرگاهه ۾ گهڙي نٿو ته کيس ڪڍڻ جي تياري به شروع ٿيو وڃي. پر 1970ع کان اڳ نه هئا جهاز ماڊرن نه بندرگاهه ۽ انهن ۾ لڳل ڪرينون ۽ ڪنٽينر سروس ته شروع ئي نه ٿي هئي. جنهن بندرگاهه ۾ جهاز گهڙيو ٿي اتي هفتو ڏيڍ ته بيٺو ئي بيٺو ٿي ۽ جهازي يعني جهاز هلائيندڙ آفيسر توڙي خلاصي (جن کي عام زبان ۾ Sailors به سڏجي ٿو) گهمندا وتندا هئا ۽ انهن لاءِ 3W (ٽي ڊبليو) مشهور هئا: ورلڊ (دنيا)، وومئن (عورت) ۽ وائين (شراب).
اڄ به هر بندرگاهه وٽ شراب خانا ۽ چڪلا (پوءِ ڪي کلي عام ته ڪي رک رکاءَ ۽ ڍڪ وارا) عام آهن. ڪوراسائو جهڙن ٻيٽن ۽ بندرگاهن جي حڪومتن ٽوئرزم کي وڌائڻ ۽ ناڻو ڪمائڻ لاءِ چڪلن تي شروع کان پابندي نه لڳائي. اهڙي طرح ملڪن کي امير ٿيندو ڏسي ٿائلنڊ وارن به اهو ڌنڌو شروع ڪيو. انهن ڏينهن ۾ عرب دنيا ۾ تيل نڪرڻ ڪري اهي ملڪ رات اندر امير ٿي ويا هئا. ۽ اتي جا عرب عياشيءَ لاءِ مصر سان گڏ ٿائلنڊ جو به رخ رکڻ لڳا جتي ويٽنام ۾ هارايل جنگ جا آمريڪن به موڪلن جا ڏينهن گذارڻ آيا ٿي. ائين به نه آهي ته انهن ڪَمن ۾ فقط غير مسلم ملڪ اڳيان اڳيان آهن پر اسانجا مسلمان ملڪ پڻ..... خاص ڪري شهنشاهه ايران جي ڏينهن ۾ ايران ۽ اڄ جي دنيا ۾ دبئي پڻ ٽاپ تي آهي.
1960ع جي آخري ۽ 1970ع جي شروعاتي سالن ۾ سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري اسانکي جهاز کي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرائڻو پيو ٿي. ڏکڻ آفريڪا (ڪيپ آف گڊ هوپ) لتاڙي پوءِ يورپ لاءِ اتر جو رخ ڪرڻو پيو ٿي يا آمريڪا ڏي وڃڻ لاءِ اولهه ڏي وڃڻو پيو ٿي. ست اٺ ڏينهن ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪري ڏکڻ آمريڪا جي برازيل ۽ فرينچ گائنا ملڪن جي ڪناري ويجھو پهچي پوءِ ”سري نام“ ۽ ”وينزوئلا“ جو ڪنارو ڏئي پاناما پهچندا هئاسين. پوءِ ”هوائي ٻيٽن“ يا ”جپان“ وڃڻ لاءِ پاناما ۾ کوٽيل پاناما ڪئنال مان گذري پئسفڪ سمنڊ ۾ ايندا هئاسين پر جي نيويارڪ يا ڪئناڊا ڏي وڃڻو هوندو هو ته پوءِ پاناما ڪئنال ۾ گهڙڻ بدران اتر ڏي رخ ڪبو هو ۽ وچ آمريڪا جا ملڪ پاناما، ڪاسٽريڪا، نڪراگئا، هونڊرس، گئاٽمالا ۽ ميڪسيڪو لتاڙي ميامي، بالٽيمور، فلڊلفيا ۽ نيويارڪ جهڙن آمريڪن (USA جي) بندرگاهن ۾ پهچبو هو.
اسان وٽ آمريڪا (USA) يا ڪئناڊا جهڙن ملڪن کان ته هر هڪ واقف آهي پر ڪيترا آهن جن کي پاناما، هونڊرس، نڪراگئا يا گئاٽمالا جهڙن ننڍن ۽ ڏورانهن ملڪن جي ڄاڻ آهي؟ پر يارو ڇا اها حيرت جي ڳالهه نه آهي ته اسان جي حيدرآباد، شڪارپور، ڪوٽڙي ويندي . مانجھند، ٽلٽي ۽ خدا آباد جهڙن ڳوٺن جا هندو سنڌي اڄ کان سؤ سال اڳ ان وقت جي جھونن جهازن ۾ ست سمنڊ لتاڙي هنن ڏورانهن ڏيهن ۾ نه فقط پهچي ويا پر پنهنجو واپار اهڙو ڄمايو جو مقامي ماڻهو به مقابلو نه ڪري سگهيا.
پاناما هڪ ننڍڙو ۽ ڏورانهون ملڪ آهي جنهن جي پکيڙ 75 هزار چورس ڪلوميٽر آهي يعني خيبر پختونخواهه (KPK) صوبي جيڏو آهي. سنڌ جي تقريباً اڌ جيڏو ٿيو جو سنڌ جي ايراضي 141 هزار چورس ڪلوميٽر آهي. پاناما جي اڄ جي آدمشماري 40 لک آهي.... يعني اڄ کان سؤ سال اڳ ته هڪ لک ڪا مس هوندي. ان جي مقابلي ۾ ڪوراسائو ٻيٽ ته ڪجهه به ناهي جنهن جي ايراضي 450 کن چورس ڪلوميٽر آهي يعني اسان جي ننڍي ۾ ننڍي ضلعي مٽياريءَ جي به ٽئي حصي جيڏو ڪوراسائو ٻيٽ آهي .... ڇو جو مٽياري ضلعي جي پکيڙ 1400 چورس ڪلوميٽر آهي. هن ٻيٽ تي پهچي مون پنهنجي مٿين جهاز جي ساٿيءَ ڪئپٽن مظهر زيديءَ کي چيو ته هن ٻيٽ جي بندرگاهه ۾ آئون هڪ تختي هڻائي ٿو ڇڏيان ته ”حيدرآباد ضلعي جو الطاف شيخ پهريون ماڻهو آهي جيڪو هن ٻيٽ ڪوراسائو تي آيو.“ مونکي پڪ هئي ته اسان جي پاسي جو ڪو هتي آيو ته نه هوندو پر ڪنهن هن ٻيٽ جو نالو به نه ٻڌو هوندو. پر پوءِ منهنجي دوست ڪئپٽن زيديءَ ۽ مون کي بيحد حيرت ٿي جڏهن ٻئي ڏينهن اسان جهاز جي ڊيوٽيءَ کان واندا ٿي ٻيٽ جو واءُ سواءُ لهڻ لاءِ نڪتاسين ۽ اسان جي حيدرآباد سنڌ جي هڪ اهڙي شخص دادا دولترام بولچند نندواڻيءَ سان ملاقات ٿي جنهن جا هن ٻيٽ تي ٻه دڪان هئا جن ۾ ميز پوش، چادرون، سنڌ جا ڀرت، ٽامي ۽ پتل جا ٿانوَ، چين جا ريشمي ڪپڙا، جپان جا ڪمونو وڳا ۽ سوکڙيءَ طور ڏيڻ لاءِ مختلف رومال، گلدستا ۽ ٻيا تحفا وڪاميا ٿي.
دولترام عمر ۾ اسان کان پندرنهن ويهه سال وڏو ٿيندو. هن ٻڌايو ته هن جو پيءُ ”بولچند پيسو مل نندواڻي“ سن 1903 ڌاري جڏهن سترهن سالن جو هو ته پاناما آيو هو. ان وقت جا جهاز ڪراچي يا ممبئي کان پهچڻ ۾ ٽي مهينا وٺندا هئا....“ منهنجي پيءُ پاناما پهچي اتي هڪ شڪارپوري ”تاراچند ڀوڄرام“ جي دڪان تي سيلز مئن ٿي ڪم ڪيو.
هتي اهو به لکندو هلان ته سيلز مئن ٿي ڪم ڪرڻ ڪو سولو پورهيو ناهي. اڄ ڪلهه جيتوڻيڪ دڪان به ايئر ڪنڊيشن ٿي پيا آهن پر ان هوندي به ان ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي حالت ڏسو ته ڇاهي. هو اٺن کان ڏهه ڪلاڪ بيٺي پير ڊيوٽي ڏين ٿا ۽ گراهڪن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪڏهن هڪڙي شيءِ ته ڪڏهن ٻي شيءِ آڻي ڏيکارين ٿا. هڪ گراهڪ جي وڃڻ تي ٻيو پهچيو وڃي يا هڪ کي سامان ڪڍي ڏين پيا ته ٻيو بيٺو آهي. نقصان کان بچڻ لاءِ دڪان جو مالڪ چئن سيلز مين جي ضرورت آهي ته فقط ٽي، اڃان به ٻه رکي ٿو جيئن هو هر وقت ڪم ۾ رڌل رهن. مون اڄ به ڪيترا پاڪستاني ڏٺا آهن جيڪي وڏي شوق سان اهو سوچي آمريڪا يا ڪئناڊا جهڙن ملڪن ۾ اچن ٿا ته ٻي ڪا نوڪري نه ملي ته ڪنهن دڪان تي سيلز مئن ٿي ڪم ڪنداسين پر افسوس جو هفتي ڏيڍ ۾ ٿڪجيو پون.
بولچند ٻڌايو ته 1914 ڌاري پاناما ڪئنال ٺهڻ بعد جهازن ۽ ٽوئرسٽن جو تعداد وڌي ويو ۽ منهنجي پيءُ کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو پيو ٿي. صبح کان شام جو دير تائين ته گراهڪن کي منهن ڏيڻو پيو ٿي پر ڪڏهن ڪڏهن رات جو جهاز اچڻ جي اطلاع تي ننڊ کي ڇڏي دڪان کولڻو پيو ٿي جيئن جهاز جا آفيسر ۽ جهاز تي سوار مسافر خريداري ڪري سگهن. تقريباً هر آچر تي به دڪان کولڻو پيو ٿي. بقول دادا دولترام جي “there was no respect for personal time”.
اها ٻي ڳالهه آهي ته اهائي ڳالهه اسان کي دادا جي ڪوراسائو واري هن دڪان ۾ به نظر آئي ٿي. يعني اسان جو جهاز رات جو پهچندو هو ته ان وقت به دڪان کلي ويندا هئا ۽ سيلز مين ويچارا اٻاسيون ڏيندي گراهڪن کي سامان ڏيکاريندا هئا. اهو ئي حال اسان ڪولمبو ۽ سنگاپور ۾ سنڌي هندو دڪاندارن جو ڏسندا هئاسين. اهو ان ڪري جو اهڙن بندرگاهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن جهاز فقط تيل وٺڻ لاءِ 12 ڪلاڪ مس ٿو بيهي جنهن مان فقط چند ڪلاڪ جهاز ۾ سوار ماڻهن کي خريداريءَ لاءِ ملن ٿا. سو هوشيار دڪاندار اهڙو موقعو نٿا وڃائين. جهاز وارن جي اها مجبوري هوندي آهي ته هو مهانگي اگهه تي به خريداري ڪن ٿا جو هنن لاءِ وقت گهٽ هوندو آهي. هانگ ڪانگ، عدن يا ڪولمبو جهڙو ڪو ڊيوٽي فري پورٽ خبر ناهي ڪيترا ڏينهن سمنڊ تي رهڻ بعد اچي ٿو ۽ ٻي بندرگاهه ۾ خبر نه اها شيءِ ملي به يا نه ملي ۽ جي ملي ته ٿي سگهي ٿو وڌيڪَ مهانگي ملي.
دادا دولترام ٻڌايو ته انهن ڏينهن ۾ (يعني جڏهن سندس پيءُ سيلز مئن ٿي ڪم ڪيو ٿي) توڙي اڄ جيڪي انڊيا کان آيل نوجوان سنڌي ۽ گجراتي سندس دڪان تي سيلز مين ٿي ڪم ڪن ٿا انهن کي پنهنجي وطن وڃڻ جي ٽن يا چئن سالن بعد ٽي مهينا موڪل ملي ٿي. هينئر ته هوائي جهاز هلن ٿا ۽ ٻئي ڏينهن ئي همراهه ڪراچي يا ممبئي پهچيو وڃن پر بولچند پيسو مل جي ڏينهن ۾ پاڻيءَ جي جهاز جي سفر ۾ ٽي مهينا اوٽ ۽ ٽي مهينا موٽ لڳا ٿي جن مهنن جو پگهار به نٿي مليو.
دادا دولترام وڌيڪَ ٻڌايو ته سندس پيءُ جي لڳاتار محنت ڪري ڪجهه سالن بعد کيس دڪان جو مئنيجر بنايو ويو ۽ پوءِ اڳتي هلي هو ان دڪان ۾ ڀائيوار به ٿيو. ان بعد 1927ع ۾ هن هڪ ٻئي سنڌي واپاري ”پرسرام نارواڻيءَ“ سان گڏ پاناما ۾ دڪان کوليو. هو پاناما ۾ 1930ع تائين رهيو. ان دوران هن ڪافي پئسو ٺاهيو ۽ پنهنجو اڪيلي سر دڪان کولڻ چاهيو. هن جي نظر ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ گائنا تي هئي جتي ان وقت ٻيا به ڪيترائي سنڌي، گجراتي ۽ پارسي انڊيا کان اچي رهيا هئا. پاڪستان اڃان نه ٿيو هو ان ڪري سنڌ، پنجاب توڙي اڄ جي بنگلاديش جا ماڻهو ”انڊين“ سڏيا ويا ٿي. انهيءَ دوران دادا دولترام جي پيءُ بولچند کي پاناما جي ڪنهن سڃاڻي واپاريءَ صلاح ڏني ته هو ان ڪم لاءِ ”ڪوراسائو“ ٻيٽ کي به ڌيان ۾ رکي. هن کي اها ڳالهه دل سان آئڙي ۽ هن اتي رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان ٻيٽ جي پُونڊا واري علائقي ۾ ”هيرين اسٽريٽ“ تي ”اورينٽل آرٽ پئلس“ نالي پهريون دڪان کوليو. هن دڪان ۾ هن ٽوئرسٽن جي خريداريءَ لاءِ چين ۽ جپان جو سامان (سلڪ ۽ سووينئر) ۽ انڊيا جا رومال ۽ ساڙهين جو ڪپڙو ۽ ٻيو اهڙو سامان رکيو جيڪو ڪوراسائو جي مارڪيٽن ۾ بلڪل نئون هو. ان ڪري هن جو بزنيس ڄمي ويو. دادا دولترام ٻڌايو ته هو انهن ڏينهن ۾ سورهن سترهن سالن جو هو ۽ پوني ۾ رهيل هو ته کين سندس پيءُ جو ڪوراسائوءَ کان پهريون خط مليو. جنهن تي هو ۽ سندس ڀيڻويو پوسٽ آفيس ۾ نقشو ڏسڻ ويا ته اهو ٻيٽ ڪٿي آهي. ”اسان کي ڪوراسائو جو گادي جو شهر وليم اسٽيڊ ته نظر نه آيو پر سڄو ڪوراسائو ٻيٽ به هڪ ٽٻڪي برابر نظر آيو ۽ اسان اندازو لڳائي ورتو ته بابو دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ آهي.“
انهي دوران 1937ع ۾ بولچند جو پٽ چوهڙ مل (داد دولترام جو ڀاءُ) جا گردا خراب ٿي پيا. علاج لاءِ بولچند هن کي جپان وٺي ويو. جتان پوءِ هو انڊيا موٽيو. هتي اهو به لکندو هلان ته ڪوراسائو ۾ دڪان کولڻ کان اڳ بولچند ان وقت جي مشهور ڪروزر جهاز ”ملونا“ ۾ دنيا جو سير ڪيو. اهو جهاز ممبئي کان فرانس هليو ٿي. ان بعد هن ٻئي جهاز ”ڪئين ايلزبيٿ“ ۾ لنڊن کان نيويارڪ تائين سفر ڪيو جيڪو جهاز ڪنگسٽن، جئميڪا ۽ آخر ۾ ڪوراسائو ٻيٽ تي لنگر انداز ٿيو ته بولچند لهي پيو.
دادا دولترام جنهن سان اسان جي ڪوراسائو ۾ ملاقات ٿي ان ٻڌايو ته 1950ع ۾ جڏهن هن جي پيءُ جي وفات ٿي ته هو 38 سالن جو هو ۽ ڪوراسائو وارو بزنيس هن حوالي ٿيو.
***