سعادت حسن منٽو : بيباڪ ۽ وڏو ڪهاڻيڪار
هن پنهنجي فني ۽ صحافتي سفر جي شروعات 1943ع کان ڪئي. هن ڪجهه وقت لاهور جي هڪ اخبار ۾ به ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ هن بمبئي جي ڪجهه اخبارن ۾ صحافيءَ جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو. ساڳئي وقت هو آل انڊيا ريڊيو لاءِ ڊراما ۽ فيچر به لکندو رهيو ته مببئي جي فلم ڪمپنين سان به ليکڪ طور وابسته رهيو. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ 1948ع ۾ سعادت حسن منٽو لاهور لڏي آيو.
سعادت حسن منٽو پنهنجي ادبي زندگيءَ جي ابتدا ترجما نگار جي حيثيت سان ڪئي ۽ هن دنيا جي مشهور ليکڪن آسڪر وائلڊ ، ميڪسم گورڪي ۽ انتونيو چيخوف جي لکڻين کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن پنهنجي پهرين اصلوڪي ڪهاڻي ”تماشا“ جي عنوان سان لکي، جنهن کان پوءِ هو لڳاتار ڪهاڻيون لکندو رهيو. سندس قلم جي پختگي ڏسي ڪيترن ليکڪن اهو يقين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته اهي سعادت حسن منٽوءَ جون اصلوڪيون تخليقي ڪهاڻيون آهن. هن تي اها تهمت هنئي وئي ته هن اهي لکڻيون به هن ٿوري تبديليءَ سان ترجمو ڪري پنهنجي نالي سان پيش ڪيون آهن. هو الزامن جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ لکندو رهيو . هن زندگيءَ جي تلخ حقيقتن تي نهايت بي خوفيءَ سان لکيو. سندس قلم جي تلخيءَ سبب هن تي فحش نگاريءَ جا الزام به لڳا. سندس ڪجهه ڪهاڻين سبب مٿس عدالت ۾ ڪيس پڻ هلايا ويا. هن هڪ هنڌ لکيو ،”مان ڪهاڻي ناهيان لکندو پر حقيقت اها آهي ته ڪهاڻي مون کي لکندي آهي. مان تمام گهٽ پڙهيل لکيل ماڻهو آهيان. هونءَ ته مون ويهن کان مٿي ڪتاب لکيا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن مون کي حيرت ٿيندي آهي ته اهو ڪير آهي، جنهن اهڙيون سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن ، جن تي عدالت ۾ ڪيس هلندا رهن ٿا!“
منٽوءَ 200 کان وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون. جڏهن ته هن ڊراما، خاڪا ۽ مضمون به لکيا ته ساڳئي وقت هو ڪامياب اسڪرين رائيٽر به هو. هن پنهنجي لکيل هڪ فلم ۾ اداڪاري پڻ ڪئي هئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ آتش پاري ، منٽو ڪي افساني ، دهوان ، لذتِ سنگ ، چغد ، سياهه حاشيي ، خالي بوتلين خالي ڊبي ، ٺنڊا گوشت ، نمرود ڪي خدائي ، بادشاهت ڪا خاتمه ، يزيد ، سڙڪ ڪي ڪناري ، اوپر نيچي اور درميان ، بغير عنوان ، برقعي ، بغير اجازت ، شڪاري عورتين ، ڪالي شلوار ۽ رتي ماشه تولا ، گنجي فرشتي ، نورجهان سُرورِ جهان ، لائوڊ اسپيڪر ۽ منٽو ڪي مضامين شامل آهن. سعادت حسن منٽو نهايت بيباڪ ۽ حقيقت پسند ڪهاڻيڪار هو. هو اهڙو ڪهاڻيڪار هو ، جنهن جي ڪهاڻين جا ڪردار ، اڄ تائين به سماج ۾ هر طرف جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا.
سعادت حسن منٽوءَ ٻائيتاليهن سالن جي عمر ۾ 18 جنوري 1955ع ۾ لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽرن جي چوڻ موجب، ڪيترن سالن جي لڳاتار شراب نوشيءَ سبب، آخري وقت تي کيس دل جو دورو پيو، جيڪو سندس زندگيءَ جي پڄاڻي ثابت ٿيو.
سعادت حسن منٽوءَ جو سندس زندگيءَ ۾ ته اهو قدر نه ڪيو ويو ، جنهن جو هو حقدار هو، بلڪه کيس ايذايو ويو ، پر سندس وفات کان پوءِ کيس اردو ٻوليءَ جو سڀ کان وڏو ڪهاڻيڪار به چيو ويو ته شخصيت ۽ فن تي ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا ويا. سندس وفات کان پوءِ هن تي انڊيا ۾ ٻه فلمون ٺاهيون ويون، جڏهن ته پاڪستان ۾ پڻ سندس فن ۽ شخصيت تي هڪ فلم ”منٽو“ ٺاهي وئي، جيڪا 2015ع ۾ رليز ٿي. پاڪستان حڪومت طرفان کيس ”نشانِ امتياز“ (وفات کان پوءِ) ڏنو ويو ۽ پاڪستان جي پوسٽل ڊپارٽمينٽ 2005ع ۾ سندس ورسيءَ جي موقعي تي هڪ ٽڪلي پڻ جاري ڪئي.
سعادت حسن منٽو جي جنم وقت ڪنهن سوچيو به نه هوندو ته اهو ٻار جسماني طور تي ته وڏي عمر نه ماڻيندو ، پر هو اردو ادب جي تاريخ ۾ امرتا حاصل ڪري وٺندو. هو اردو ڪهاڻيءَ تي اهڙي ڇاپ ڇڏيندو ، جيڪا صدين کان پوءِ به موجود رهندي ۽ ايندڙ وقتن جا ڪيئي ڪهاڻيڪار سندس پيچري تي هلڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا، پر انهن مان ڪوبه منٽوءَ واري منزل نه ماڻي سگهندو.
سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيو آهن. سنڌي پڙهندڙن لاءِ پڻ منٽوءَ جو نالو نئون ناهي. ڪيترن ئي سالن کان هن جون ڪهاڻيون مختلف وقتن تي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن مان ڪجهه ترجمن جا ننڍا ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن ، پر هن ڪتاب جي صورت ۾ پهريون دفعو منٽوءَ جي ڪهاڻين جو هڪ وڏو تعداد سهيڙيو ويو آهي ، جنهن سان سنڌي ادب جا پڙهندڙ سعادت حسن منٽو جي فن ۽ فڪر کان واقف ٿي سگهندا.
روشني پبليڪيشن پاران مون تي اعتماد ڪري ، ”سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون“ سهيڙڻ جو ڪم سونپيو ويو ، جيڪو مان پنهنجي والد محترم زيب سنڌيءَ جي همت افزائيءَ ۽ رهنمائيءَ سان ئي تڪميل تائين پهچائي سگهيس، جنهن لاءِ مان سندن ٿورائتو آهيان.
حيدرآباد جبران زيب
1 ــ اپريل 2016 jibranzaib@hotmail.com