ڪھاڻيون

سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون

منٽو جي ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي جو سهيڙيندڙ جبران زيب آهي. سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن. سنڌي پڙهندڙن لاءِ پڻ منٽوءَ جو نالو نئون ناهي. ڪيترن ئي سالن کان هن جون ڪهاڻيون مختلف وقتن تي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن مان ڪجهه ترجمن جا ننڍا ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن ، پر هن ڪتاب جي صورت ۾ پهريون دفعو منٽوءَ جي ڪهاڻين جو هڪ وڏو تعداد سهيڙيو ويو آهي ، جنهن سان سنڌي ادب جا پڙهندڙ سعادت حسن منٽو جي فن ۽ فڪر کان واقف ٿي سگهندا.
Title Cover of book سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون

سوڳنڌي

سڄي ڏينهن جي ٿڪي ماندي، هوءَ هينئر ئي بستري تي ليٽي هئي ۽ ليٽندي ئي کيس گهري ننڊ اچي وئي هئي. ميونسپل ڪاميٽي جو داروغو، جنهن کي هو سيٺ صاحب سڏيندي هئي، هن جي جسم کي چُور چُور ڪري، شراب جي نشي ۾ مست، هينئر ئي گهر ڏانهن روانو ٿيو هو. هو رات اتيئي گذاري ها پر هن کي پنهنجي زال جو، جا کيس بي حد ڀائيندي هئي، ڏاڍو خيال هو.
اهي رپيا جي هي داروغي کان، پنهنجي جسماني محنت عيوض وصول ڪيا هئا، هن جي چست، ٿُڪن سان آلي ٿيل ڪوٽيءَ هيٺان، ٻاهر تي اڀريل نظر اچي رهيا هئا. ساهه جي کڻڻ سبب ٽامي مليل چانديءَ جا اهي سِڪا وڄڻ ٿي لڳا ۽ انهن جي جهنڪار هن جي دل جي خاموشي ڌڙڪنن ۾ سمائجي ٿي ويئي. ائين ٿي محسوس ٿيو ڀانءِ انهن سڪن جي چاندي پگهرجي هن جي دل جي خون ۾ ٽپڪي رهي هئي!
هن جي ڇاتي اس ۾ پيل لڪڙي جيان، تتل هئي. اها گرمي ڪجهه ته ان ”برانڊيءَ جي باعث هئي، جنهن جو آڌيو داروغي پاڻ سان آندو هئو ۽ ڪجهه ان بيڙ جو جنهن ۾ سوڍا ختم ٿي وڃن سبب، هنن پاڻي ملائي پيتو هو.
هوءَ ساڳوان جي ڊگهي ۽ ويڪري پلنگ تي، اونڌي منهن ليٽي پيئي هئي. هن جون ڪلهن تائين اگهاڙيون اگهاڙيون ٻانهون پلنگ تي ائين ڦهليون پيون هيون، ڄڻ اهي بي جان هيون.
ڪمرو تمام ننڍڙو هو، جنهن ۾ بيشمار شيون هيڏانهن هوڏانهن ٽڙيون پکڙيون پيون هيون، پلنگ هيٺان ٽي چار سڪي ٺوٺ ٿي ويل چمپل پيا هئا، جن مٿان خارش جي بيماريءَ ۾ ورتل ڪتو، ليٽيو پيو هو. گهڻو کنهڻ سبب ڪتي جي جسم تان ڪيترا وار ڇڻي ويا هئا ۽ پريان ائين ٿي لڳو ڄڻ پير اگهڻ لاءِ پراڻو ٽاٽ ٻيڻو ڪري رکيو ويو آهي.
ڪمري ۾ هڪ طرف تختي تي سينگار جو سامان رکيو هو ۽ ان تختي جي بلڪل ئي مٿان لوهي پڃري ۾ هڪ طوطو پنهنجي ڳچي پٺيءَ طرف موڙي کنڀن ۾ لڪائي سمهيو پيو هو. هن جي چئوطرف زيتون جون زريون پيون هيون، جن مٿان مڇر لامار ڏيئي رهيا هئا.
پلنگ جي ڀر ۾ بيد جي هڪ آرام ڪرسي رکيل هئي، جا گهڻي سنڀال باوجود به مر کان پاڻ بچائي نه سگهي هئي. ڪرسيءَ جي کاٻي طرف ڪاٺ جي هڪ ننڍڙي ٽپائي تي ”هز ماسٽر وائس“ جو گرامو فون رکيو هو، جنهن کي هوءَ اڪثر گراهڪ جي اڻ موجودگيءَ وقت وڄائيندي هئي، ٽپائيءَ جي بنهه مٿان ڀت ۾ چئن ماڻهن جون جدا جدا فريمن ۾ مڙهيل تصريون ٽنگيل هيو. انهن کان ٿورو ئي پريان ”گڻيش ڀڳوان“ جي تصوير ٽنگيل هئي، جنهن جي گرد تازن ۽ ڪومايل گلن جا هار نظر اچي رهيا هئا. تصوير جي گهاٽن رنگن مان ائين ئي لڳو ڀانءِ اها ڪنهن ڪپڙي جي تاڪئي تان لاٿي وئي هئي. گڻيش مهراج جي تصوير ويجهو ئي هڪ تختي تي تيل سان ڀريل لوهه جو هڪ پيالو ۽ مٽيءَ جو هڪ ڏيئو رکيا هئا.
جڏهن هوءَ بوهڻي ڪندي هئي، تڏهن گڻيش ڀڳوان جي تصوير اڳيان اچي، انهن پيسن کي تصوير سان ڇهائي، پنهنجي مٿي جي سينڌ تائين آڻي، پنهنجي چوليءَ ۾، مٿئين حصي کان وجهي ڇڏيندي هئي. ڇاتي اڀريل هئڻ سبب، اها جهجهن رپين کي پاڻ ۾ سمائي سگهندي هئي، البته جڏهن ماڌو پوني مان ايندو هئو تڏهن هن کي رپيا اتان ڪڍي پلنگ جي پائي هيٺان کوٽيل کڏ ۾ لڪائڻا پوندا هئا. ماڌوءَ کان پئسا لڪائڻ جو اهو طريقو سوڳنڌيءَ کي رام لال دلال ٻڌايو هو، هن کي جڏهن اها سڌ پيئي ته ماڌو ور ور ڪري پوني کان اچي سوڳنڌيءَ کان ٿورا گهڻا پيسا ڦري ٿو وڃي، تڏهن هو خاموش رهي نه سگهيو.
”سوڳنڌي! تو ان حراميءَ کي ڪڏهن لاڪڙ يار بڻايو آهي؟ پنهنجي کيسي مان پائي خرچ ته نٿو ڪري، اٽلندو عيش ڪرڻ کان سواءِ تو کان ئي ڪجهه نه ڪجهه ڦري ٿو وڃي! سوڳنڌي، دال ۾ ضرور ڪو ڪارو آهي. حرامزادي ۾ ضرور ڪا اهڙي ڳالهه آهي جو تون کيس ڀانئڻ لڳي آهين- ستن سالن کان هيءُ ڌنڌو ڪري رهيو آهيان. مان توهان ڇوڪرين جي سڀني ڪمزورين کان وقاف آهيان.“
ائين چئي، رام لال جو بمبئي جي مختلف پاڙن ۾ رهندڙ هڪ سو ويشيائن، جن جو اگهه ڏهن رپين کان سئو رپين تائين هو، جي دلالي ڪندو هو، هن کي سمجهائڻ لڳو، ”پنهنجي خون پسيني جي ڪمائي، ائين نه اڏاءِ حرام زادي!- ڏسجانءِ، اهو ماڻهين جو.....“ هن گار ڏيندي چيو، ”تنهنجي انگ تان ڪپڙا به لاهي ويندو. منهنجي صلاح مڃ- پلنگ جي پائي هيٺان، ننڍڙي کڏ کوٽي ان ۾ پنهنجا پئسا لڪائي ڇڏيندي ڪر- ۽ جڏهن ماڌو اچي، تڏهن کيس هينئن چوندي ڪر، ماڌو! تنهنجو قسم، اڄ صبوح کان ڪجهه به نه کاڌو اٿم، ٻاهران هڪ ڪپ چانهه ۽ ٿورا بسڪوٽ نه گهرائيندين؟- بک وچان منهنجي پيٽ ۾ ڪوئا ڊوڙِي رهيا آهن!- سمجهيئه ؟- تمام نازڪ وقت اچي ويو آهي. ڪانگريسن شراب بندي ڪري، بازار به مندي ڪري ڇڏي آهي- پر تو کي ڇا آهي؟ توکي ته ڪٿان نه ڪٿان چڪي، ڀيڻ لاءِ ملي ٿي وڃي، ڀڳوان جو قسم، جڏهن به تو وٽ ڪا خالي ٿيل بوتل ڏسندو آهيان، ۽ دارونءَ جي بانس سگهندو آهيان، تڏهن دل چاهيندي آهي ته جونءَ بڻجي، تنهنجن وارن ۾ پاڻ لڪائي ڇڏيان!“
سرڳنڌيءَ کي پنهنجي ڇاتي بيحد پسند هئي، هڪ ڀيري جمنا کيس چيو هئو، ”مئي! ان سختائيءَ جي سنڀال نه ڪيئه ته اها حسن جي جهلڪ جلد ئي غائب ٿي ويندءِ.“
سوڳنڌيءَ اهو ٻڌي کلي ڏنو هئو،”جمنا! تون سڀني کي پاڻ جهڙو ڇو ٿي سمجهين؟- ڏهه رپيا ڏيئي، ماڻهو تنهنجي جسم جي هڏي هڏي چور ڪري ٿا وڃن ته تون ائين ٿي سمجهين ته ٻين سان به ائين ٿيندو هوندو؟- ائين ڪرڻ جي ڪنهن کي مجال آهي؟“ ۽ کن پل لاءِ ترسي، هوءَ وري چوڻ لڳي، ”اڙي! ها، مٺي راتوڪي ڳالهه ٻڌ. رات جو ٻي بجي رام لال دلال هڪ پنجابي گراهڪ وٺي آيو هئو. مون رات جا ٽيهه رپيا وٺڻا ڪيا ۽ هو پلنگ تي ليٽيو ئي مس ته مون بتي وسائي ڇڏي. ٻڌين ٿي، جمنا؟ - بس اوندهه ٿينديئي هن جو بدن ڏڪڻ لڳو ۽ هن جو سمورو جوش غائب ٿي ويو. هو ور ور ڪري بتي پاڙڻ لاءِ چئي رهيو هو ۽ مان کلي رهي هيس. مان ٿورو وڌيڪ ڏانهسن کسڪيس ته هن هيٺ ٽپ ڏيئي بتي ٻاري. هو سارو پگهرجي ويو هو ۽ بتي ٻاري، هو پلنگ تي آيو ته مون ٽپ ڏيئي بتي وسائي ڇڏي – سچ، جمنا ! ڏاڍو مزو آيو. اونداهه ۽ روشني اک ٻوٽ، راند ڪري رهيون هيون. ڪڏهن روشني اوندهه مٿان پئي غالب پيئي ته ڪڏهن اوندهه روشني مٿان! ۽ ٽرام جي کڙ کڙ ٿينديئي هو اٿي ڀڳو- حرامز ادي ٽيهه رپيا پڪ ئي پڪ سٽي ۾ ڪمايا هوندا، جو ائين مفت ۾ ڏيئي ويو.- جمنا، تون بلڪل الهڙ آهين، ڪيترا طريقا آهن مون وٽ، انهن کي سڌي رستي تي آڻڻ لاءِ!“
سوڳنڌيءَ وٽ واقعي ڪيترا طريقا هئا ۽ هوءَ اهي پنهنجن سڀني ساهيڙين کي به ٻڌائيندي هئي، ”گراهڪ شريف لڳي، ۽ گهڻي بڪ بڪ نه ڪري ته کيس خوب ڇيڙيو، هن کي ڪتڪتائي ڪريو، ڏاڙهي وڏي هجيس ته ٻه چار پيار ڀريا هٿ ڦيري سندس ڏاڙهيءَ مان ٻه ٽي وار ڇڪ ڏيئي ڇني وٺو- هو ڏند ڏيکارڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڪندو - ۽ جي وڏي پيٽ وارو سيٺ هجي ته هن جي پيٽ تي هٿ گهمائينديون رهو ۽ کيس پنهنجو مطلب سڌ ڪرڻ جو موقعو ئي نه ڏيو. وقت گذرندي ئي کيس هلي وڃڻو پوندو ۽ اوهان جي جان بچي پوندي. ۽ ها، سانتيڪا مرد ڏاڍا خطرناڪ ٿيندا آهن. جيڪڏهن هنن جو داءُ ڪامياب ويندو آهي ته هڏي هڏي چور ڪري ڇڏيندا آهن.“
پر سوڳنڌي ايترو چالاڪ نه هئي، جيترو هوءَ خود کي ٻين اڳيان ظاهر ڪندي هئي. هن جا گراهڪ تمام ٿورا هئا ۽ هوءَ حد درجي جي جذباتي ڇوڪري هئي ۽ انهيءَ سبب ڪري ئي اهي سڀ طريقا جي هن کي ياد هئا، هن جي دماغ مان وهي هن جي پيٽ ۾ هليا ويندا هئا، جنهن مٿان هڪ ٻار پيدا ڪرڻ سبب گهنج پئجي ويا هئا. انهن گهنجن کي پهريون ڀيرو ڏسڻ وقت هن ائين محسوس ڪيو هو ڀانءِ هن جي خارش ۾ ورتل ڪتي، پنهنجي پنجي سان اهي نشان هن جي پيٽ تي اڪيري ڇڏيا هئا. جڏهن به ڪا ڪتي بي رخائي سان هن جي پالتو ڪتي ويجهو گذري ويندي هئي، تڏهن هو شرمندگي دور ڪرڻ لاءِ ڌرتي تي پنهنجن پنجن سان اهڙي ئي قسم جا نشان بڻائيندو هو!
هوءَ ڏاڍي گرم مزاج هئي پر جيئن ئي، ڪوئي ڪا نرم ۽ نازڪ ڳالهه، ڪري ڪومل ٻول هن کي چوندو هو، ته اها گرمي جهٽ، پگهرجي، هن جي جسم جي ٻين حصن ۾ ڦهلجي ويندي هئي.
جيتوڻيڪ مرد ۽ عورت جي جسماني ميلاپ کي هن جو دماغ بلڪل فضول سمجهندو هئو، هن جي جسم جا باقي عضوا، ان جا مشتاق هئا! هن ٿڪ ٿي چاهيو- اهڙو ٿڪ، جو انهن کي جهنجهوڙي، انهن کي مار ڏيئي سمهارڻ تي مجبور ڪري!- اها ننڊ ٿڪجڻ، ٽٽجڻ بعد ايندي آهي، ڪيتري نه مزيدار هوندي آهي!- اها بي هوشي، جا مار کائڻ بعد طاري ٿيندي آهي، ڪيترو نه آنند ڏيندي آهي؟ ڪنهن وقت ائين محسوس ٿيندو آهي ته تون آهين نه ڪنهن وقت ائين سمجهيو آهي ته تون نه آهين! ۽ ان هئڻ ۽ نه هئڻ جي وچ ۾ ڪنهن ڪنهن وقت ائين محسوس ٿيندو آهي. ته تون هوا ۾ تمام مٿي لٽڪي پئي آهين، مٿان هوا، هيٺان هوا ساڄي هوا، کاٻي هوا، چوطرف بس هوائي ئي هوا آهي، ۽ ان هوا ۾ ساهه ٻوساٽجڻ به هڪ خاص لطف ڏيندو آهي!
ننڍپڻ ۾ جڏهن هوءَ اک ٻوٽ راند ڪندي هئي، ۽ پنهنجي ماءُ جي وڏي صندوق کولي ان ۾ لڪي ويهندي هئي، تڏهن ٿوري هوا ۾ ساهه گهٽجڻ سان گڏ پڪڙجي پوڻ جي خوف وچان اها تيز ڌڙڪن، جا هن جي دل ۾ پيدا ٿيندي هئي، ڪيترو نه مزيدار هوندي هئي!
هن چاهيو ٿي ته هوءَ پنهنجي سڄي زندگي اهڙي ئي هڪ صندوق ۾ لڪي گذاري، جنهن ٻاهران ڳولهيندڙ ڦرندا رهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن کي ڳولهي لهن، جيئن هوءَ به کين ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري! هي زندگي، جا هوءَ پنجن سالن کان گذاري رهي هئي. اکٻوٽ راند ئي ته هئي!- ڪڏهن هوءِ ڪنهن کي ڳولهي لهندي هئي ۽ ڪڏهن ڪو ٻيو اچي هن کي ڳولهي لهندو هو! - ۽ ائين هن جي زندگي گذري رهي هئي.
هوءَ خوش هئي، انهيءَ لاءِ جو هن کي خوش رهڻو ٿي پيو، هر روز رات جو ڪونه ڪو مرد، ساڳئي ئي ان ويڪري پلنگ تي هوندو هو ۽ سوڳنڌي کي، انهن کي خوش ڪرڻ جا بيشمار طريقا ياد هئا، پر باوجود اهو فيصلو ڪرڻ جي ته هوءَ انهن اڳيان بي رخي سان پيش ايندي، هوءَ هميشه جذبات جي ڌارا ۾ وهي ويندي هئي ۽ پوءِ فقط هڪ پياسي عورت باقي رهجي ويندي هئي!-
هر رات هن کي ساڳي ڪهاڻي دهرائڻي پوندي هئي. جيڪو به نئون يا جهونو چهرو اتي ايندو هئو، چوندو هئو ”سوڳنڌي! مان تو کي پيار ٿو ڪريان!“ ۽ سوڳنڌي اهو سمجهڻ باوجود ته هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، ان مهل موم بڻجي ويندي هئي، ۽ ائين محسوس ڪندي هئي، گويا سچ پچ هن سان پيار ڪيو ويندو هئو ... پيار-! ڪهڙو نه سندر لفظ ...! ڪيتري نه مستي ڀريل آهي ان لفظ ۾! هوءَ چاهيندي هئي جيڪر اهو ”پيار“ پگهرجي وڃي ۽ هوءَ ان سان پنهنجي جسم جي هڪ هڪ انگ تي تيل جيان مالش ڪري ، جيئن اهو هن جي رڳن ۾ سمائجي وڃي، يا ان کي پنهنجي اکين ۾ آڻي پلڪن کي بند ڪري ڇڏي. جڏهن به پيار ڏيڻ ۽ پيار وٺڻ جو اهو جذبو هن ۾ جاڳندو هئو، تڏهن هوءَ هڪ وار تڙپي اٿيندي هئي ۽ هوءَ چاهيندي هئي ته ڀر ۾ پيل مرد کي گود ۾ کڻي، ٿڦي، لوليون ڏيئي، اتي پنهنجي گود ۾ ئي سمهاري ڇڏي!
پريم ڪرڻ جي شڪتي هن ۾ ايتري قدر ته هئي جو هوءَ هر نئين گراهڪ سان سچ پچ محبت ڪري سگهندي هئي ۽ وري ان محبت کي نباهي به سگهندي هئي. اڄ تائين هوءَ انهن چئن مردن سان، جن جا فوٽا سندس ڪمري جي ڀت ۾ لٽڪي رهيا هئا، پنهنجو پريم اڃا نباهي رهي هئي. هر وقت اهو احساس هن جي دل ۾ موجود رهندو هئو ته ”هوءَ ڏاڍي سٺي آهي“ پر اها خوبي مردن ۾ ڇو نه آهي؟- اها ڳالهه هوءَ نه سمجهي سگهندي هئي. هڪ ڀيري آئينو ڏسندي، بي اختيار هن جي زبان مان نڪري ويو هئو. ”سوڳنڌي! زماني تو سان سٺو ورتاءُ نه ڪيو!“
اهو زمانو ، يعني پنجن سالن جا ڏينهن ۽ راتيون، هن جي جيون جي هر تار سان ٻڌل هئو. جيتوڻيڪ ان زماني مان هن کي اها خوشي نصيب نه ٿي هئي، جنهن جي خواهش هن جي دل ۾ موجود هئي، هوءَ چاهيندي هئي نه ائين ئي هن جا ڏينهن ڪٽجندا رهن. هن کي ڪهڙا محل کڙا ڪرڻا هئا؟
هن جو عام اگهه ڏهه رپيا هئو، جنهن مان اڍائي رپيا رام لال دلاليءَ جا ڪاٽيندو هئو باقي ساڍا ست رپيا هن کي ملي ئي ويندا هئا. اهي هن جي اڪيلي سر لاءِ ڪافي هئا ۽ ماڌو جڏهن پوني مان سوڳنڌيءَ کي ٺڳڻ ايندو هئو تڏهن هوءَ ڏهه پندرنهن رپيا هن کي ڀيٽا طور ڏيندي هئي! ۽ اها ڀيٽا انهيءَ لاءِ هئي جو هن کي ماڌوءَ سان ڪجهه ٿي ويو هئو... رام لال دلال ٺيڪ ٿي چيو، هن ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ضرور هئي جيڪا سوڳنڌيءَ کي وڻي وئي هئي... سوڳنڌيءَ جي جڏهن ماڌوءَ سان پهرين ملاقات ٿي هئي، تهن هن چيو هو، ”لڄ نٿي اچيئي، پنهنجو اگهه ٻڌائيندي؟ ڄاڻين ٿي، تون مون سان ڪهڙي شيءَ جو سودو ڪري رهين آهين؟ ۽ جيئن تون چئين ٿي، اڍائي رپيا دلال جا، باقي رهيا ساڍا ست، ٿيا نه ساڍا ست ؟.... ۽ تون ساڍن ستن رپين ۾ مون کي اها شيءَ ڏيڻ جو وچن ڏين ٿي، جا تون ڏيئي نٿي سگهين. ۽ مان اها شيءَ وٺڻ آيو آهيان جا وٺي نٿو سگهان!- مونکي عورت کپي، پر ڇا تو کي هن ويل ڪنهن مرد جي ضرورت آهي؟ هر گز نه- تو کي منهنجي ضرورت سان ٻڌجڻو ٿو پوي، تون مجبور آهين- مان آزاد آهيان- تنهنجو مهنجو ناتو ئي ڪهڙو آهي؟- ڪوبه نه- بس اهي ڏهه رپيا، جن مان اڍائي دلالي ۾ هليا ويندا ۽ باقي هيڏانهن هوڏانهن پکڙجي ويندا. تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ اهي ڏهه رپيا وڃي رهيا آهن!... انهن جو وڄڻ تون به ٻڌي رهي آهين، ۽ مان به ٻڌي رهيو آهيان- تنهنجو من هڪ ڳالهه سوچي رهيو آهي ۽ منهنجو ڀي- ڇو نه ڪو اهڙو رستو وٺجي، جنهن تي هلڻ لاءِ تو کي منهنجي ضرورت پوي ۽ مون کي تنهنجي؟ ٻوني ۾ حوالدار آهيان، مهيني ۾ هڪ دفعو اچي، ٽي چار ڏينهن رهي هليو ويندس. تون هيءَ ڌنڌو ڇڏي ڏي خرچ پکو مان تو کي موڪلي ڏيندس. گهڻي مسواڙ ڏيندي آهين هن ڪمري جي؟“
ماڌوءَ اڃا به گهڻو ڪجهه چيو هو ۽ ان سوڳنڌي جي ذهن تي اهڙو ته گهرو اثر ڪري ڇڏيو هو جو هوءَ ماڌو کي پنهنجو سمجهي رهي هئي ۽ خود کي حوالدارڻ سمجهڻ لڳي هئي. ڳالهيون ڪرڻ بعد ماڌوءَ ڪمري ۾ ٽريل پکڙيل شين کي ٿانيڪو ڪري رکيو هئو ۽ اهي اگهاڙيون تصويرون جي وهاڻي هيٺان رکيون هيون، سوڳنڌي کان پڇڻ بنا ڦاڙيندي چيو هئو، ”سوڳنڌي! مان اهڙيون تصويرون هت رکڻ نه ڏيندس ۽ هيءُ دلو – ڪيترو نه ميرو آهي؟ ۽ هي- هي ڪپڙا ؟- هي چنديون – ڪيتري نه ڌپ ٿي اچي انهن مان !؟ کڻي ٻاهر ڦٽي ڪر انهن کي- ۽ هي تو پنهنجن وارن جي ڪهڙِ نه ستيا ناس ڪري ڇڏي آهي؟- ۽- ۽- !“
ٽن ڪلاڪن بعد سوڳنڌي ۽ ماڌو پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا هئا ۽ سوڳنڌي کي ته ائين ٿي محسوس ٿيو، ڀانءِ هوءَ سالن کان ان حوالدار کي سڃاڻندي هئي. ان وقت تائين ڪنهن به ميرن، بدبِودار ڪپڙن، ميري دلي اگهاڙين تصويرن بابت سوچيو به نه هئو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪنهن هن کي اهو محسوس ڪرڻ جو موقعو ڏنو هئو ته هن جو هڪ گهر آهي، جنهن ۾ سامان ٿانيڪو رکي سگهجي ٿو. ماڻهو ايندا هئا ۽ بستري جي غلاضت کي به محسوس ڪرڻ کان سواءِ هليا ويندا هئا. ڪوبه سوڳنڌي کي ائين نه چوندو هئو ته ”ڏس ته، اڄ تنهنجو نڪ ڪهڙو نه ڳاڙهو ٿي ويو آهي! زڪام نه ٿي پويئي- مان تو لاءِ دوا وٺي ٿو اچان!“ پر ماڌو ڪيترو نه سٺو هو. هن کي محسوس ٿيڻ لڳو ته هن کي ماڌوءَ جي ضرورت آهي- ۽ هنن ٻنهي جو ناتو گهرو ٿي ويو.
سڳنڌي ماڌوءَ جي ان پنهنجائپ تي اصل پگهرجي ويئي هئي ۽ هن سان هوءَ ايترو هري مِري ويئي گويا هوءَ هن کي سالن کان سڃاڻندي هئي.
مهيني ۾ هڪ دفعو ماڌو هن وٽ ايندو هئو ۽ واپس ورڻ وقت هميشه آئين چوندو هئو، ”ڏس سوڳنڌي! جي تو اهو ڌنڌو شروع ڪيو ته تو سان منهنجو ڪوبه واسطو نه رهندو. ڪنهن به ڌارئي کي هت رهايئه ته تو کي چوٽيءَ کان گهلي گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو مانءِ! ها! هن مهيني جي خرچ لاءِ رپيا پوني پهچندي ئي تو کي مني آرڊر ڪندس. ها، گهڻي مسواڙ آهي ڪمري جي؟“
پر نه ماڌو ڪڏهن پوني مان پئسا موڪليا هئا ۽ نه ئي وري سوڳنڌيءَ اهو ڌنڌو ڇڏيو هئو. جيڪي ڪجهه ٿي رهيو هئو، تنهن جي ٻنهي کي چڱي ريت خبر هئي پر نه سوڳنڌيءَ ڪڏهن ماڌو کي چيو هئو، ”تون ايتري ڦڙ ڦڙ ڇا جي ٿو ڪرين، هڪ ڪوڙِي به ڏني آهي تو؟“ ۽ نه ئي وري ماڌو ڪڏهن هن کان پڇيو هو، ”مون تو کي ڪڏهن به پيسا نه ڏنا آهن. پوءِ تو وٽ اهي اچن ڪٿان ٿا؟“ ٻئي ڪوڙا هئا. ٻئي هڪ ملمعو چڙهيل زندگي گذاري رهيا هئا، پر سوڳنڌي خوش هئي، جنهن کي سڄو سون نه ملي، سو سون جو پاڻي چڙهيل ڳهڻن تي ئي راضي ٿي ويندو آهي!
سوڳنڌي انهيءَ وقت ٿڪجي ٽٽجي سمهي پيئي هئي، بجليءَ جو بلب، جنهن کي وسائڻ هوءَ ڀلجي وئي هئي، هن جي سر مٿان لٽڪي رهيو هئو ۽ سندس تيز روشني هن جي اکين سان ٽڪرائجي رهي هئي، پر هوءَ گهري ننڊ ۾ هئي-
دروازو کڙڪيو. رات جو ٻي بجي ڪير ٿو اچي سگهي؟ ڪڙي جي کڙ کڙاهٽ، مکين جي ڀون ڀون جو روپ وٺي، سوڳنڌي جي ڪنن تائين پهتي ۽ جڏهن دروازو زور سان کڙڪايو ويو تڏهن هوءَ حيران ٿي اکيون مهٽيندي اٿي. پلنگ تي هوءَ اڪيلي هئي. هن جهڪي پلنگ هيٺان ڏٺو ته ڪتو سڪل چمپلن مٿان منهن رکيو سمهيو پيو هئو ۽ ننڊ ۾ کيس چيڙائي رهيو هئو ۽ طوطو پٺيءَ جي وارن ۾ منهن لڪائي سمهيو پيو هئو.
دروازو وري کڙڪيو . هوءَ اٿي کڙي ٿي- سور وچان هن جو مٿو ڀانءِ ڦاٽي رهيو هئو. دلي مان پاڻي ڀري هن گرڙي ڪئي ۽ باقي پاڻي ڳيت ڪري پي هن دروازي جو هڪ ٽاڪ کوليو. ”رام لال؟“ هن چيو.
”ڪو اندر آهي ڇا؟“ رام لال پڇيو.
”نه.“
”نه پوءِ دروازو ڇو نه پئي کوليئه؟“ رام لال جي آواز ۾ زور اچي ويو. ”ائين جي هڪ هڪ ڇوڪريءَ منهنجو ڪلاڪ ڪلاڪ وڃايو ته پوءِ مون به دلالي ڪئي! چڱو، جلد ڪر، منهنجو منهن ڇا ٿي تڪين؟- اها ساڙهي لاهي، هوءَ گلن واري واري ساڙهي پاءِ ۽ چهري کي چمڪائي، مون سان گڏ هل- ٻاهر موٽر ۾ هڪ سيٺ تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي.“
سوڳنڌي ڪوبه جواب ڏيڻ کان سواءِ پنهنجو پاڻ آرام ڪرسي مٿان اڇلايو ۽ رام لال هن طرف ڌيان نه ڏيئي، آرسيءَ سامهون بيهي وارن ۾ ڦڻي ڏيڻ لڳو. سوڳنڌي هٿ وڌائي، ٽپائيءَ تان بام جي شيسي کڻندي چيو، ”رام لال! منهنجي طبعيت ٺيڪ نه آهي. مان ٻاهر نه هلي سگهنديس. ان سيٺ کي هت وٺي اچين ته سٺو.“
”هو هت ڪيئن ايندو؟ جينٽلمين آهي- هو ته گهٽي جي موڙ وٽ موٽر بيهاريندي به ڇرڪي رهيو هئو. تون ڪپڙا بدلائي، هيٺ هل، سڀ چڱي ٿيندي!“ رام لال جواب ڏنو.
ساڍن ستن رپين جي ئي ڳالهه هئي. طبيعت ٺيڪ نه هوندي، هوءَ ڪڏهن به اهو سودو منظور نه ڪري ها- پر- پر هن کي رپين جي سخت ضرورت هئي. هن جي پاڙي ۾ رهندڙ مدراسڻ جو مڙس موٽر هيٺان اچي مري ويو هو ۽ هن پنهنجي ڌيءَ سميت ڳوٺ وڃڻ ٿي چاهيو، پر هن وٽ ڀاڙي لاءِ پيسا نه هئا ۽ سوڳنڌي همدرديءَ ڀرئي لهجي ۾ هن کي چيو هئو”تون ڪوبه خيال نه ڪر، ڀيڻ! منهنجو مرد پوني مان اچڻ وارو ئي آهي. جيئن ئي ايندو تيئن ئي مان تو لاءِ رپين جو بندوبست ڪنديس.“ هن اٿي ڪپڙا بدلايا، منهن تي پائوڊر هنيو ۽ پاڻيءَ جو هڪ گلاس پي، هوءَ رام لال سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار ٿي.
گهٽِِيءَ ۾، جا شهر جي عام روڊن کان به ويڪري هئي، بلڪل خاموش ڇانيل هئي. گئس جا اهي فانوس، جي لوهه جي ٿنڀن مان لڳل هئا، اڳ بنسبت ڌنڌلي روشني ڦهلائي رهيا هئا. جنگ سبب انهن فانوسن جي شيشن کي ميرو ڪيو ويو هئو ۽ انهن جي ڌنڌليءَ روشنيءَ ۾، گهٽيءَ جي موڙ وٽ هڪ موٽر نظر اچي رهي هئي.
موٽر جي در ويجهو پهچي، رام لال موٽر ۾ ويٺل جينٽلمين کي چيو، ”سائين، هوءَ اچي ويئي... ٿورا ڏينهن مس ٿيا اٿس، ڌنڌو شروع ڪئي....“ ۽ ائين چئي، هن سوڳنڌي طرف منهن ڪري چيو، ”اڳيان اچ، سوڳنڌي!.... سيٺ تو کي سڏي رهيو آهي....“
ساڙهيءَ جي پلؤ کي آڱر هيٺان ويڙهندي، هوءَ موٽر جي در ٻاهران اچي بيهي رهي. موٽر جي اندران ٽارچ جي روشني ٻاهر نڪري، سوڳنڌي جي چهري تي پيئي... هن جون خمار واريون اکيون روشني جو تاب نه سهي، ٻوٽجي ويون.... ٽارچ بند ٿيڻ جو آواز آيو... روشني غائب ٿي وئي.... سيٺ جي زبان مان ”اون- هون“ لفظ نڪتا ۽ ٻئي کن ۾ موٽر جي اسٽارٽ ٿيڻ جو آواز آيو....
سوڳنڌي ڪجهه سمجهي ئي سمجهي، تنهن کان اڳ موٽر اڳتي وڌي ويئي. هن جي اکين ۾ ٽارج جي روشني جو اثر باقي هئو، هوءَ سيٺ جو چهرو به پوري ريت ڏسي نه سگهي هئي. آخر اهو ٿيو ڇا هئو؟ ”اون هون“ لفظ هن جي ڪنن ۾ مکين جي ڀون ڀون جيان گونجي رهيا هئا. ڇا مطلب هئو آخر ان ”اون – هون“ جو؟ ڇا؟ - ڇا-؟
”سوڳنڌي! تون پسند نه پيئين!.... ٻن ڪلاڪن جي محنت اجائي وئي- چڱو ، مان هلان ٿو.“ رام لال ائين چئي هليو ويو.
سوڳنڌي جا ٺپ تي ٺري ويا. هن جي گول گول ٻانهن، هن جي ٽنگن، هن جي سڄي جسم ۾ هڪ قسم جي لرزش اچي وئي. هن جو بدن ڏڪڻ لڳو.... ”ڪٿي آهي اها موٽر؟- اهو سيٺ؟..... سو هن مون کي پسند نه ڪيو؟..... هن جي ......“ گار هن جي دل مان نڪري، زبان جي سر تائين پهچي. ٻاهر نه نڪري سگهي، هوءَ گار ڪنهن کي ڏئي؟ سيٺ جي موٽر گهڻو پري وڃي چڪي هئي، موٽر جي ڳاڙهي بتي به آهستي آهستي رات جي وانده ۾ غائب ٿيندي پئي وئي، هن کي ائين محسوس ٿيو ڀانءِ اها ڳاڙهي بتي، ”اون- هون“ جو روپ وٺي هن جي جسم ۾ داخل ٿي ويئي هئي. هن جي دل چاهيو ته هوءَ زور سان رڙ ڪري چوي، ”او سيٺ! ذرا موٽر روڪ....... صرف هڪ منٽ لاءِ موٽر روڪ.....“ پر سيٺ جو پٽ، لعنت آهي هن جي ذات تي، تمام پري هليو ويو هئو! سنسان بازار ۾ هوءَ اڪيلي بيٺي هئي... ريشمي ساڙهي جنهن تي وڏا وڏا گل ڀريل هئا، جا هوءِ خاص موقعن تي پائيندي هئي، پوئين پهر جي هوا جي جهوٽن ۾ جهومي رهي هئي پر اڄ اها ساڙهي ۽ ان جي ريشمي سراسراهٽ، هن کي نانگ جيان ڏنگي رهي هئي. هن چاهيو پئي ته اها ساڙهي ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري ڇڏي، جا هوا ۾ جهومندي ”اون- هون“ چئي رهي هئي. ڳلن تي هن گلابي پائوڊر هنيو هئو ۽ چپن تي سرخي... جڏهن هن کي اهو خيال آيو ته هن اهو سينگار خود کي پسند ڪرائڻ لاءِ ڪيو هئو، تڏهن شرم وچان هوءَ پگهر ۾ شل ٿي وئي... ۽ اها شرمندگي دور ڪرڻ لاءِ هوءَ دل ۾ چوڻ لڳي، ”مون ڪو ان مئي سيٺ کي ڏيکارڻ لاءِ ٿورو ئي پاڻ سينگاريو هئو..... اها نه منهنجي عادت آهي... منهنجي ڇا، اها سڀني جي عادت آهي... پر- پر-” هوءَ ويچارن لڳي، ”رات جو ٻي بجي جو وقت- رام لال دلال - ۽ - ۽ هي بازار- ۽ هوءَ موٽر- ۽ ٽارچ جي روشني...“
اهو سوچينديئي هن جون نگاهون روشني کي چيرينديون ان طرف وڌڻ لڳيون، جنهن طرف موٽر وئي هئي ۽ هن کي هوا جي هر جهوٽي ۾ موٽر جي انجڻ جي ڦڙڦڙاهٽ ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي.
هن جي نرڙ تان بام جي ليپ، جو سينگار ڪرڻ جي دوران ۾ غائب ٿي ويو هئو، پگهر اچڻ باعث هن جي مسامن ۾ داخل ٿيڻ لڳو ۽ هن کي پنهنجي مٿي تي ڪنهن ٻئي جو مٿو هئڻ جو گمان ٿيڻ لڳو - ۽ جڏهن هوا جو هڪ جهوٽو هن جي نرڙ کي ڇهندو گذري ويو تڏهن هن کي محسوس ٿيو ڀانءِ سرد ٽين جو ٽڪرو ڪپي، هن جي نرڙ تي لنبيو ويو آهي. مٿي جو سور جيئن جو تيئين قائم هئو پر خيالن جي ڊڪ ڊوڙ ۽ گوڙ شور ان سور کي پنهنجي هيٺان دٻائي ڇڏيو هئو. سوڳنڌيءَ ڪيترا ڀيرا ان سور کي پنهنجن خيالن هيٺان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن کي ڪاميابي نصيب نه ٿي. هن چاهيو ته هن جو انگ انگ ڏکڻ لڳي- هن جي مٿي ۾ سور ٿئي- هن جي ٽنگ- هن جي پيٽ- ۽ هن جي ٻانهن ۾ سور ٿئي- اهڙو سور جو هن کي صرف ان سور بابت ئي سوچڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پوي ۽ هن کان ٻيو سڀ ڪجهه ڀلجي وڃي، اهو سوچيندي سوچيندي هن جي دل ۾ ڪجهه ٿيڻ لڳو- ڇا اهو سور هئو؟ هڪ کن لاءِ هن جي دل سسي وئي ...
اهو ڇا هئو؟.... لعنت ! اها ته اها ئي ”اون هون“ هئي، جا هن جي اندر ۾ ڪڏهن سڪڙجي نه ڪڏهن ڦهلجي ٿي وئي.
هن گهر وڃڻ چاهيو پر هن جي ٽنگن هلڻ کان انڪار ڪيو ۽ هوءَ چپ چاپ سوچڻ لڳي، رام لال جو خيال آهي ته هن کي منهنجي شڪل شبيهه پسند نه آئي- پر شڪل شبيهه بابت ته هن ڪونه چيو هئو؟- هن چيو هئو، ”سوڳنڌي، تون پسند نه پيئنءَ!“ – هن کي – هن کي- منهنجي شڪل ئي پسند نه آئي – نه آئي ته ته ڇا ٿيو؟ مون کي به ته ڪيترن گراهڪن جون شڪيون نه وڻنديون آهن؟ - اهو، جو اماس ڏينهن آيو هئو، ڪيتري نه ڀيانڪ شڪل هئس؟- ڪيتري نه ڪراهت پي آئي هن مان؟- ڇا منهنجي دل ڪچي ڪچي نه پئي ٿئي؟- ٺيڪ آهي، پر سوڳنڌي – تو ته کيس ڪونه ڌڪاريو هئو - تو ته کيس ڪونه ٺڪرايو هئو- پر هن هوٽل واري سيٺ ته تنهنجي چهري تي ٿڪيو آهي- ”اون هون!“ ان ”اون- هون“ جو ٻيو مطلب ٿي ڪهڙو ٿو سگهي؟ سوڳنڌي اهو سوچي رهي هئي، ۽ هن جي پير جي آڱوٺي کان مٿي جي چوٽِيءَ تائين باهه ٻري رهي هئي. هن کي ڪنهن وقت پاڻ مٿان غصو پئي آيو ته ڪنهن وقت رام لال دلال مٿان، جنهن رات جو ٻي بجي هن کي بي آرام ڪيو هئو پر ٻئي ئي کن انهن ٻنهي کي بيقصور سمجهي، ان سيٺ بابت سوچڻ لڳي. سيٺ جو خيال اينديئي هن جا ڪن، هن جون ٻانهون ٽنگون، هن جي جسم جا سڀ انگ ڏڪندي، سيٺ کي هڪ وار وري ڏسڻ جو خيال ظاهر ڪرڻ لڳا- هن جي دل ۾ اها خواهش، ڏاڍي شدت سان پيدا ٿي رهي هئي، ته جيڪي ڪجهه ٿي چڪو هئو، هڪ وار وري ٿئي- صرف هڪ وار- هوءَ آڱر تي ساڙهي جو پلئه ويڙهيندي، آهستي آهستي موٽر طرف طرف وڌي... ٽارچ جي روشني موٽر مان نڪري هن جي چهري تي پوي، ”اون هون“ جو آواز اچي ۽ هوءَ- سوڳنڌي- انڌا ڌنڌ پنهنجن ٻنهي پنجن سان هن جي چهري تان ماس نوچڻ لڳي- وحشي ٻلي جيان هن مٿان ٽپو ڏئي ۽- ۽ پنهنجن آڱرين جا ڏهه ئي ننهن، جي هن فيشن طور وڏا ڪيا هئا، ان سيٺ جي چهري ۾ ٽنبي ڇڏي- وارن کان جهلي کيس موٽر مان ٻاهر گهلي، ڌڙا ڌڏڙ کيس مڪون هڻڻ لڳي، ۽ جڏهن ٿڪجي پوي- تڏهن روئڻ لڳي .....
روئڻ جو خيال، سوڳنڌيءَ کي صرف انهيءَ لاءِ آيو هو جو هن جي اکين ۾ غصي جي شدت ۽ بيوسيءَ سب ٽي چار وڏا وڏا ڳوڙها ٺهي رهيا هئا يڪا يڪ سوڳنڌيءَ پنهنجين اکين کان سوال ڪيو”توهان روئو ڇو ٿيون؟ ڇا ٿيو آهي، جو توهان وهڻ لڳيون آهيو؟-“
اکين کان ڪيل سوال چند گهڙين تائين انهن ڳوڙهن ۾ ترندو رهيو، جي هينئر پلڪن تي ڪنبي رهيا هئا. سوڳنڌي انهن ڳوڙهن مان دير تائين ان طرف گهوريندي رهي، جنهن طرف سيٺ جي موٽر ويئي هئي.
ڦڙ ڦڙ ڦر- اهو آواز ڪٿان آيو!؟- سوڳنڌي حيران ٿي هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙائي ، پر اتي ڪوبه ڪونه هئو – اڙي! اهو ته منهنجي دل جي ڌڙڪڻ جو آواز هئو ۽ مون سمجهيو هئو ته اهو موٽر جو آواز آهي- منهنجي دل .... ڇا ٿي ويو آهي منهنجي دل کي؟ اڄ ئي ان کي ڪو روڳ ٿيو آهي- ڪي گهڙيون اڳ نه چڱي ڀلي هئي، پوءِ هينئر هڪ هنڌ بيهي ”ڌڪ ڌڪ“ ڇو ٿي ڪري؟ - ڀانءِ اها دل نه پر اهو گسيل رڪارڊ آهي، جو سئي هيٺان اچي بيهي ”رات ڪٽي گن گن تاري تاري تاري جي رٽ لڳائي ڏيندو آهي!- آسمان ۾ تارا چمڪي رهيا هئا.- سوڳنڌيءَ انهن طرف ڏسندي چيو، ”ڪهڙا نه سندر....!“- هن چاهيو ٿي ته پنهنجو من ڪنهن ٻيءَ شيءِ ۾ لڳائي پر جڏهن هن ”سندر“ چيو تڏهن جهٽ هڪ خيال هي جي اندر ۾ ٽپو ڏنو ”هي تارا سندر آهن پر تون ڪيتري نه بدصوت آهين؟- ايتري ۾ ئي ڀلائي ويٺيئن ته هينئر ئي تنهنجي چهري تي ٿڪيو ويو آهي؟“
سوڳنڌي بدصورت ته نه هئي، اهو خيال اينديئي اهي تمام عڪس هڪ هڪ ڪري، هن جي اکين ۾ ڦرڻ لڳا، جي گذريل پنجن سالن ۾ هوءَ آئيني ۾ ڏسي چڪي هئي. ان ۾ شڪ نه آهي ته هن جو رنگ روپ هينئر اهو نه رهيو هو، جو اڄ کان پنج سال اڳ، جڏهن هوءَ سڀني ڳڻتين کان آجي، پنهنجي ماءُ پيءَ سان گڏ رهندي هئي پر هوءَ بدصورت ته ڪانه ٿي ويئي هئي. هن جي شڪل شبيهه انهن عام عورتن جهڙِي هئي، جن کي، گهمندي ڦرندي، مرد گهوريندا رهندا آهن. هن ۾ اهي سڀ خوبيون موجود هيون، جي هن جي خيال ۾، هر مرد ان عورت ۾ هئڻ ضروري سمجهندو آهي، جنهن سان هن کي هڪ ٻه راتيون گذارڻيون هونديون آهن. هو جوان هئي! هن جا عضوا چست هئا! سنان ڪندي، ڪڏهن ڪڏهن جڏهن هن جون نگاهون پنهنجي رانن تي پونديون هيون تڏهن خود هوءَ به انهن جي گولائي ۽ چڪڻاهٽ پسند ڪندي هئي. هوءَ خوش خلق هئي، انهن پنجن سالن ۾ شايد ئي ڪو ماڻهو هن وٽان خوش نه ٿي موٽيو هئو! هوءَ ڏاڍي رحمدل هئي! گذريل ناتال ۾، جڏهن هوءَ ٻئي علائقي ۾ رهندي هئي، هڪ نوجوان ڇوڪرو هن وٽ آيو هو، صبح جو اٿي جڏهن هن ٻئي ڪمري ۾ وڃي ڪليءَ تان پنهنجو ڪوٽ لاٿو تڏهن ٻٽون غائب ڏٺائين. سوڳنڌيءَ جو نوڪر ٻٽون کڻي ڀڄي ويو هئو، هو ڏاڍو پريشان ٿي ويو. هو موڪلون گذارڻ لاءِ حيدرآباد کان بمبئي آيو هئو ۽ واپس وڃڻ لاءِ هينئر هن وٽ پائي به نه هئي. سوڳنڌي ترس کائي هن کي سندس ڏهه رپيا واپس موٽائي ڏنا هئا! مون به ڪهڙي خراب آهي؟ اهو سوال سوڳنڌي هر ان شيءَ کان ڪيو، جا هن جي اکين سامهون هئي، هن واري واري سان، گيس جي انڌن فانوسن ، لوهه جي ٿنڀن، فٽ پائري جي چوڪنڊن پٿرن، ۽ سڙڪ جي اکڙيل بجري طرف ڏٺو ۽ پوءِ آسمان طرف، جو سندس مٿان جهڪيل هئو، آليون اکيون کڻي نهاريو، پر هن کي هن جي سوال جو ڪو جواب نه مليو؟- پر جواب هن جي اندر ۾ موجود هئو، هن کي خبر هئي ته هوءَ خراب نه پر سٺي آهي، پر هن چاهيو ٿي نه ڪو ٻيو به انهيءَ ڳالهه جي ساک پري. ڪو- ڪوبه- هن جي ڪلهن تي هٿ رکي صرف ايترو چوي، ”سوڳنڌي! ڪير ٿو چوي ته تون خراب آهين؟ جيڪو تو کي خراب ٿو سمجهي، اهو خود خراب آهي.“ پر نه، ايترو چوڻ جي به ڪا ضرورت نه هئي. ڪنهن جو هيترو چوڻ تي ڪافي هئو، ”سوڳنڌي! تون ڏاڍي سٺي آهين!“
هوءَ سوچڻ لڳي ته هن ڇو ٿي چاهيو ته ڪو هن جي ساراهه ڪري؟ - هن کان اڳ ان بابت ايتري شدت سان نه هن ڪڏهن به نه سوچيو هئو؟ پوءِ اڄ ڇو هوءَ بي جان شين کي به اهڙين نظرن سان ڏسي رهي هئي. ڀانءِ هوءَ پنهنجي سٺي هئڻ جو احساس انهن مٿان طاري ڪرڻ چاهي رهي هئي! هن جي جسم جو ذرو ذرو ڇو ماءُ بڻجي رهيو هئو؟ هوءَ ماءُ بڻجي، ڌرتي جي هر شيءِ کي پنهنجي گود ۾ کڻڻ لاءِ ڇو تيار ٿي رهي هئي؟ هن جي دل ڇو چاهي رهي هئي ته سامهون واري لوهه جي ٿنڀي کي ڀاڪي پائي ۽ ان جي سرد لوهه تي پنهنجا گرم گرم ڳل رکي ڇڏي ! - ۽ ائين ان جي سڄي سردي چوسي وٺي !
ٿوري دير لاءِ هن کي ائين محسوس ٿيو ته گئس جا انڌا فانوس، لوهه جا ٿنڀا، فٽ پائري جا چوڪنڊا پٿر ۽ هر ڪا اها شيءِ، جا رات جي سناٽي ۾ هن جي آسپاس هئي، همدردي جي نظرن سان هن کي ڏسي رهي هئي، ۽ هن مٿان جهڪيل آسمان ميرانجهڙي چادر جيان لڳي رهيو هو، جنهن ۾ بي شمار سوراخ هئا، هن جون ڳالهيون سمجهي رهيو هئو ۽ سوڳنڌي کي به ائين محسوس پئي ٿيو گويا هوءَ تارن جي ٻولي سمجهي رهي هئي، پر هن جي اندر ۾ آخر هي الجهن ٿي ڪهڙي هئي؟- هوءَ ڇو پنهنجي اندر ۾ ان موسم جو اثر محسوس ڪري رهي هئي، جا بارش کان اڳ طاري ٿيندي آهي- هن جي دل چاهي رهي هئي ته هن جي جسم جو هر مسام کلي پوي ۽ جيڪي ڪجهه هن جي اندر ۾ اڀري رهيو آهي ان رستي ٻاهر نڪري وڃي- پر اهو ڪيئن ٿئي؟ - ڪيئن؟
سوڳنڌي گهٽيءَ جي موڙ وٽ، پوسٽ جي ڳاڙهي دٻي ويجهو بيٺي هئي- هوا جي تيز جهوٽن سبب، دٻي جي لوهي ڄڀ، جا ان جي کليل وات ۾ لٽڪندي رهندي آهي، وڄڻ لڳي ته سوڳنڌي جون نگاهون هڪدم ان طرف ڊوڙي ويون، جنهن طرف موٽر وئي هئي، پر هن کي ڪجهه به نظر نه آيو. هن جي ڪيتري نه خواهش هئي ته اها موٽر هڪ ڀيرو وري اچي ۽- ۽- ٻئي لمحي ۾ هن خود کي دلاسو ڏيندي چيو ته ”نه ٿي اچي نه نه اچي- مان ڇو پنهنجي جيءَ کي جلايان؟- گهر هلي آرام ڪرڻ گهرجي- آخر انهن جهڳڙن ۾ رکيو ئي ڇا آهي؟- ڪجهه به نه – هل سوڳنڌي، گهر هل ... ٿڌي پاڻي جو هڪ گلاس پي، ٿورو بام مکي سمهنديئن ته فرسٽ ڪلاس ننڊ اچي ويندئي ۽ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو – سيٺ ۽ سندس موٽر جي.....“
۽ ائين هن جي دل تان بار گهٽجي ويو ۽ هن ائين محسوس ڪيو گويا هوءَ ڪنهن ٿڌي پاڻيءَ جي تلاءَ مان سنان ڪري ٻاهر نڪتي هئي. پوڄا ڪرڻ بعد جيئن هوءَ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪرڻ لڳي ۽ گهر طرف هلڻ وقت، خيالن جي بار کان آجي هئڻ سبب ، هن جا قدم ڪيترائي ڀيرا لڙکڙايا.
هوءَ پنهنجي پاڙي وٽ پهتي ته هڪ وار وري سڄو واقعو، جو ساڻس گذري چڪو هئو، هن جي ذهن ۾ ڊوڙڻ لڳو ۽ سور جيان هن جي روم روم ۾ ڇانئجي ويو- هن جا قدم وري ڳورا ٿي ويا ۽ هوءَ اها ڳالهه ڏاڍي شدت سان محسوس ڪرڻ لڳي ته ڪنهن کيس گهران سڏ ڪرائي، ٻاهر بازار ۾، منهن ٽي روشني جي چماٽ هنئي هئي، هڪ شخص، هينئر ئي هن جي بيعزتي ڪئي هئي ۽ اهو خيال اينديئي هن پنهنجين پاسيرين تي ڪنهن جا سخت آڱوٺا محسوس ڪيا، ڀانءِ ڪو هن کي ڀيڙ ٻڪريءَ جيان چڱي طرح پرکي رهيو هو . جسم ۾ ته آيا، گوشت به هئس يا وارن سبب بدن ڀريال هئس!- هن چاهيو ته سيٺ کي بددعا ڏئي – پر - پر، هن سوچيو، بددعا مان ڇا ورندو؟ - مزو نه تڏهن اچي ها، جڏهن هو سامهون هجي ها ۽ هوءَ هن جي وجود جي هر ذري تي لعنت وجهي ها- هن کي ڪي اهڙا لفظ چوي ها، جو زندگي ڀر هن کي بي چين رهڻو پوي ها- ڪپڙا ڦاڙي، هن سامهون، اگهاڙي ٿي بيهي رهي ها- ۽ چويس ها-” اهو ئي نه وٺڻ آيو آهين تون؟ - وٽ پيسا ڏيڻ کان سواءِ ئي اهو کڻي وڃ – پر جيڪي ڪجهه مان آهيان، جيڪي ڪجهه منهنجي اندر ۾ لڪل آهي، اهو تون ته ڇا، تنهنجو پيءُ به نٿو خريد ڪري سگهي-“
انتقام جا نوان نوان طريقا، سوڳنڌي جي ذهن ۾ اچي رهيا هئا پر جڏهن هن سوچيو ته سيٺ جو هن سان ملڻ محال هئو تڏهن هن کي هڪ ننڍڙي گار ڏيڻ تي ئي پاڻ کي راضي ڪري ورتو – بس صرف هڪ گار- جا هن جي نڪ جي چهنب تي ماکيءَ جي مک جيان ويهي ۽ هميشه اتي ڄمي پيئي هجي-
سوچيندي سوچيندي هوءَ ٻي ماڙ تي، پنهنجي ڪمري ٻاهران پهچي ويئي. چوليءَ مان ڪنجي ڪڍي هن ڪلف کولڻ لاءِ هٿ وڌايو، ته هن جي حيرانيءَ جي ڪا حد نه رهي!- ڪنڊي ۾ ڪلف ڪونه هئو!- هن زور سان دروازي جي تاڪن کي ڌڪو ڏٺو، پر دروازو اندران بند هئو. هڪ کن بعد اندران، ڪنڍي کلڻ جو آواز آيو ۽ سوڳنڌي اندر داخل ٿي. ماڌوءَ مسڪرائيندي دروازو بند ڪري سوڳنڌي کي چيو، ”سو آخر تو اڄ کان منهنجي چوڻ تي عمل ڪرڻ شروع ئي ڪيو آهي!- صبح جو سير ڪرڻ، تندرستي لاءِ نهايت فائدي مند آهي، روز اڄ جيان صبح جو گهمڻ ويندينءَ ته تنهنجي بدن مان سموري سستي غائب ٿي ويندي- ۽ تنهنجي ڪمر جو به سور به ويندو رهندو- وڪٽوريا گارڊن تائين ته چڪر هڻي آئي هونديئن؟- ڪيئن؟“
سوڳنڌي خاموش رهي ۽ ماڌوءَ به جواب ملڻ جي خواهش ظاهر نه ڪئي. دراصل جڏهن ماڌو ڳالهائيندو هئو تڏهن ان جو اهو مطلب نه هوندو هئو ته سوڳنڌي انهيءَ ۾ ضرورت حصو وٺي ۽ سوڳنڌي جڏهن ڪا ڳالهه ڪندي هئي ته ماڌوءَ لاءِ به انهيءَ م حصو وٺڻ ضروري نه هوندو هئو- کين ڳالهه چوڻي هوندي هئي ۽ هو چئي ڏيندا هئا.
ماڌو بيد جي ڪرسي تي ويهي، ٽنگ مٿان ٽنگ رکي مڇن تي آڱريون ڦيرڻ لڳو.
سوڳنڌي پلنگ تي ويهندي چيو، ”مان اڄ تنهنجو انتظار ڪري رهي هئس“
”انتظار؟- تو کي ڪيئن خبر پيئي ته مان اچي رهيو آهيان؟“
سوڳنڌي جا ڀيڪوڙيل چپ کليا، انهن مٿان هڪ پيلي مسڪراهٽ ظاهر ٿي، ”مون رات تو کي سپني ۾ ڏٺو هو- پر جاڳيس ته ڪوبه ڪونه هئو- سو ٻاهر چڪر هڻڻ نڪري ويس-“
ماڌوءَ خوش ٿي چيو ”۽ مان اچي ويس- ڪنهن ٺيڪ چيو آهي، دل کي دل سان راهه ٿيندي آهي- تو اهو خواب ڪهڙي وقت ڏٺو هو؟“
”اٽڪل چئين بجي-“
ماڌو ڪرسي تان اٿي، سوڳنڌي جي ڀر ۾ ٿي ويٺو، ”۽ مون تو کي ٺيڪ ٻي بجي، سپني ۾ ڏٺو هئو- تون اها ئي گلن ڀريل ساڙهي پهري، منهنجي ڀر ۾ بيٺي هئينءَ- تنهنجن هٿن ۾- ڇا هئو تنهنجن هٿن ۾ ؟- ها، تنهنجي هٿن ۾ رپين جي ڳوٿري هئي، تو اها ڳوٿري مون طرف وڌائي چيو،”ماڌو، تون فڪر ڇو ٿو ڪرين؟ وٺ، هي ڳوٿري- اڙي، ڇا منهنجا پئسا تنهنجا نه آهن؟ سوڳنڌي! تنهنجو قسم؟ مان ان گهڙي ئي ٽڪيٽ وٺي تو طرف هليو آيس- ڇا ٻڌايانٰ، ڏاڍو پريشان آهيان! راهه گناهه هڪ ڏوهه ۾ اڙجي ويو آهيان- پنجويهه ٽيهه رپيا هجن ته جيڪر انسپيڪٽر جي مٺ گرم ڪري، ڇوٽڪارو حاصل ڪريان، ٿڪجي ته نه پيئي آهين نه تون؟- سمهي پئه ته مان ٿورا زور ڏيانءِ- سير جي عادت نه هجي ته اڪثر ٿڪ ٿيندو آهي- هيڏانهن پير ڪري سمهه !“
سوڳنڌي، ٻنهي ٻانهن جو وهاڻو ٺاهي، ان مٿان ڪنڌ رکي، ليٽي پيئي - ۽ هن ماڌو کي چيو، “ماڌو! ڪهڙِي مئي، توتي ڪيس ڪيو آهي؟ جيل ٻيل جو ڊپ هجي ته مون کي ٻڌاءِ – پنجويهه ٽيهه ڇا، اهڙن موقعن تي سو سوا سئو جو به خيال نه ڪرڻ گهرجي- جان آهي ته جهان آهي- بس هاڻي بس ڪر- ٿڪ ڪو خاص نه آهي- ها، مون کي سربستي ڳالهه ٻڌايءِ- ڪيس جو نالو ٻڌندي ئي، منهنجي دل ڌڪ ڌڪ پيئي ڪري- واپس ڪڏهن ويندين؟-“
ماڌوءَ سوڳنڌيءَ جي وات مان شراب جي بانس سنگهي، موقعي جو فائدو وٺندي چيو، ”ٻنپهرن جي گاڏيءَ ۾ ئي واپس وڃڻو پوندو- جيڪڏهن سانجهيءَ کان اڳ پنجاهه سئو رپيا ڏئي انسپيڪٽر جي مُٺ گرم نه ڪيم ته .... وڌيڪ ڏيڻ جي ضرورت نه آهي- پنجاهه رپين مان ڪم هلي ويندو.“
”پنجاهه !“ ائين چئي، سوڳنڌي اٿي انهن چئن تصويرن ويجهو ويئي، جي ڀت تي ڏنگيون پيئون هيون. کاٻي طرف کان ٽئين فريم ۾ ماڌوءَ جي تصوير مڙهيل هئي ۽ گلدار پردي اڳيان رکيل ڪرسي تي هو، رانن تي پنهنجا هٿ رکي ويٺو هئو. قريب ئي ٽپائي تي ٻه ٿلها ڪتاب رکيا هئا. فوٽو ڪڍائڻ وقت، فوٽو ڪڍائڻ جو خيال ماڌو مٿان ايتري قدر غالب هئو، جو هن جي هر ڪا شئي، فوٽي مان ٻاهر نڪري گويا پڪاري رهي هئي، ”اسان جو فوٽو نڪرندو؟ اسان جو فوٽو نڪرندو!؟“
ڪئميرا طرف ماڌو اکيون ڦاڙي ڏسي رهيو هئو ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ فوٽو ڪڍائڻ وقت هن کي ڏاڍي تڪليف محسوس ٿي رهي هئي.
سوڳنڌي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي- هن جي کل اهڙي ته تکي ۽ چڀندڙ هئي جو ماڌو جي جسم ۾ سيون چڀڻ لڳيون پلنگ تان اتي، هو سوڳنڌي جي ويجهو ويو. ڪنهن جي تصوير ڏسي، تو کي ايتري کل پئي آئي؟“
سوڳنڌي کاٻي طرف جي پهرين تصوير طرفا اشارو ڪيو، جا ميونسپالٽي جي داروغي جي هئي،”منشي پالٽي جي داروغي جي.... شڪل نه ڏسينس، ڄڻ پاروٿو واڱڻ!- چيائين ٿي، مان مٿائنس عاشق ٿي پئي آهيان! هيءَ منهن ۽ مسور جي دال ... ائين چئي، هن فريم کي اهڙو ته زور سان ڇڪيو، جو فريم سان گڏ ڀت مان ڪوڪو به پلسٿر سوڌو نڪري آيو!
ماڌو جي حيرت اڃا درو نه ٿي هئي ته سوڳنڌي فريم کي دريءَ مان ٻاهر ڦٽي ڪري ڇڏيو. ٻه ماڙ تان اهو فريم، هيٺ ڏامرجي جي پڪي فرش مٿان ڪريو ۽ شيشو ڀڄڻ جو آواز ٻڌي، سوڳنڌي چيو، ”راڻي ڀنگياڻي، گند ميڙڻ ايندي ته منهنجي ان راجا کي به کڻي ويندي!“
هڪ وار وري ان تکي ۽ نوڪدار کل جو ڦوهارو، سوڳنڌي جي چپن مان وهڻ لڳو، ڀانءَ هوءَ انهن تي چاقو يا ڇري جي ڌار تيز ڪري رهي هئي.
ماڌوءَ ڏاڍي تڪليف سان مشڪي، کلڻ لڳو، ”هي..... هي..... هي.....“
سوڳنڌي ٻيو فريم به سٽ ڏيئي ڇڪي، دريءَ مان ٻاهر ڇليو، ”هن حرامزادي جو هتي ڪهڙو ڪم آهي؟- ڀونڊيءَ شڪل جو ڪوبه ماڻهو هت نه رهندو- ڪيئن ماڌو؟“
ماڌو هڪ وار وري ڏاڍي مشڪل سان مشڪي کلڻ لڳو. ”هي... هي...“
هڪ هٿ سان سوڳنڌي پڳڙي واري ماڻهو جي تصوير لاٿي ۽ ٻيو هٿ ان فريم ڏانهن وڌايو، جنهن ۾ ماڌو جي تصوير مڙهيل هئي. ماڌو جتي ويٺو هو، اتي ڄمي ويو. ڄڻ هٿ فوٽو طرف نه پر هن طرف وڌي رهيو هو! ۽ ٻئي ئي کن ۾ فوٽو ڪوڪي سميت سوڳنڌي جي هٿ ۾ هئو!
زوردار ٽهڪ ... هن ”ڇي“ چئي ۽ ٻئي فريم کڏ تي، دريءَ مان ٻاهر ڦٽي ڪري ڇڏيا، ٻه ماڙ مان جڏهين فريم ڏامرجي پڪي فرش تي ڪريا ۽ شيشو ڀڄڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو تڏهن ماڌو کي ائين محسوس ٿيو، ڀانءِ هن جي جسم جو ڪو انگ ڀڄي پيو هئو پر ان هوندي به هن چپن تي مشڪ آڻيندي چيو، ”چڱو ڪيئي مون کي به اهو فوٽو پسند نه هئو.“
هوءَ آهستي آهستي ماڌو طرف وڌي ۽ هن جي ڀرسان اچي چيو، ” تو کي اهو فوٽو پسند نه هئو پر مان پڇان ٿي ته تو ۾ اهڙي ڪهڙي خوبي آهي، جا ڪنهن کي وڻندي هجي؟ هيءَ تنهنجو ڪوڙِ جهڙو نڪ- هي تنهنجو وارن سان ڀريل مٿو- هي تنهنجا مڙيل ڪن. هيءَ تنهنجي وات مان ايندڙ بانس- هيءَ تنهنجي بدن جي مر؟ تو کي پنهنجو فوٽو پسند نه هئو، ڇي- پسند به ڪيئن پوي؟ تنهنجا عيب جو هن لڪائي ڇڏيا هئا!.... اڄ ڪالهه جو زمانو ئي اهڙو آهي!“
ماڌو پٺتي هٽندو ويو. آخر جڏهن هن جي پٺ ڀت سان وڃي لڳي تڏهن هن پنهنجي آواز ۾ زور پيدا ڪري چيو، ”ڏس، سوڳنڌي! مون کي ائين ٿو لڳي، تون پنهنجو اکيون ڌنڌو وري ڪرڻ لڳي آهين- مان تو کي آخرين ڀيرو چوان ٿو-“
سوڳنڌي ماڌو کي اڌ ۾ ڪٽي، سندس ئي لهجي ۾ چوڻ لڳي، ”جيڪڏهن تو وري پنهنجو ڌنڌو شروع ڪيو ته بس، تنهنجو منهنجو ناتو هميشه لاءِ ٽٽي پوندو.... تو وري ڪنهن کي پاڻ وٽ رهايو ته چوٽي کان پڪڙي، گهر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو سانءِ. هن مهيني جي خرچ لاءِ پئسا، بوني پهچنديئي، مني آرڊر ڪري موڪليندو سانءِ- ها، ڪيتري مسواڙ ڏيندي آهين، هن ڪمري جي؟“
ماڌو جو مٿو چڪر کائڻ لڳو!
سوڳنڌي وري چوڻ شروع ڪيو، ”ٻڌايان ٿي- پنرنهن رپيا مسواڙ آهي، هن ڪمري جي- ۽ ڏهه رپيا منهنجي مسواڙ آهي- ۽ جيئن تو کي خبر آهي، تنهن مان اڍائي رپيا دلاليءَ جا ويندا آهن، باقي ٿيا ساڍا ست! ساڍا ست ٿيا نه؟ انهن ساڍن ستن رپين ۾، مون اها شيءِ ڏيڻ جو وچن ڏنو هئو، جا مان ڏيئي ئي نٿي سگهيس، ۽ تون اها شيءِ وٺڻ آيو هئين، جا تون وٺي ئي نٿو سگهئين!- تنهنجو منهنجو ناتو ئي ڪهڙو هئو؟- ڪو به نه – بس اهي ڏهه رپيا تنهنجي ۽ مهنجي وچ ۾ وڄي رهيا هئا- سو اسان ٻنهي اهڙو رستو اختيار ڪيو هئو جيئن تو کي منهنجي پيئي ۽ مون کي تنهنجي – اڳ تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڏهه رپيا وڄندا هئا، اڄ پنجاهه وڄي رهيا آهن ! ۽ انهن جو وڄڻ تون به ٻڌي رهيو آهين ۽ مان به انهن جو وڄڻ ٻڌي رهي آهيان- اڙي ! هي تو وارن جي ڪهڙي ستيا ناس ڪري ڇڏي آهي؟“
ائين چئي سوڳنڌي ماڌو جي ٽوپي، آڱر سان هڪ طرف اڏائي ڇڏي. اها حرڪت ماڌو کي تمام خراب محسوس ٿي ۽ هن تمام ڪوڙي آواز ۾ چيو، ”سوڳنڌي!“
سوڳنڌيءَ ماڌو جي کيسي مان رومال ڪڍي سنگهي، ڌرتي تي ڦٽي ڪندي چيو، ”ڪيتري نه ڌپ ٿي اچي منجهانئس!- کڻي ٻاهر ڦٽي ڪر!“
”سوڳنڌي!“ ماڌوءَ رڙ ڪئي.
”سوڳنڌي جا پٽ ! تون هت آيو ڇا لاءِ آهين؟- هت ڪا ماڻهين رهندي آهي، جو تو کي پنجاهه رپيا ڪڍي ڏيندي.؟ يا تون ڪو اهڙو ڳڀرو جوان آهين، جو مان تو تي هرک هاري ويٺي آهيان؟ - ڪتا، ڪميڻا، مون تي ٿو رعب ڄمائين؟- بکاري ، تون ڇا ٿو سمجهين پاڻ کي؟ مان پڇان ٿي، تون آهين ڪير؟ چور يا ڳنڍيڪپ- ڪهڙي خيال سان هت آيو آهين؟
سڏايان پوليس کي ؟- پوني ۾ تو مٿان ڪيس ٿئي نه ٿئي، هت ته تو مٿان هڪ ڪيس ڪيان.“
ماڌو هيسجي ويو. دٻيل لهجي ۾، هو صرف ايتري قدر چئي سگهيو، ”سوڳنڌي! تو کي ڇا ٿي ويو آهي؟“
” مون کان اهڙو سوال پڇڻ وارو، تون ڪير آهين؟- ڀڄ هتان، نه ته-“
سوڳنڌي جو بلند آواز ٻڌي، هن جو خارش ۾ ورتل ڪتو، جو سڪل چمپلن مٿان، ڪنڌ رکي سمهيو پيو هئو، اٿي کڙو ٿيو ۽ ماڌو طرف منهن ڪري ڀونڪڻ لڳو. ڪتو ڀونڪڻ لڳو ۽ سوڳنڌي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي.
ماڌو ڊڄي ويو، اڇلايل ٽوپي کڻڻ لاءِ هو هيٺ جهڪيو ته سوڳنڌي گجندي چيو، ”خبردار- اتي ئي رهڻ ڏي- پوني پهچنديئي، تو کي مني آرڊر ڪنديس!“
ائين چئي هوءَ زور سان کلڻ لڳي ۽ کلندي کلندي، بيد جي ڪرسي تي ڪري پيئي. هن جي ڪتي ڀونڪي ڀونڪي ماڌو کي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڏاڪڻ تان هيٺ لاهي، جڏهن هو ڏنگو ڦڏو پڇ لوڏيندو، سوڳنڌي وٽ موٽِي آيو ۽ هن جي پيرن وٽ ويهي پنهنجا ڪن لوڏڻ لڳو، تڏهن سوڳنڌي ڇرڪ ڀريو. هن پنهنجي طرف هڪ گهرو سناٽو ڏٺو، اهڙو سناٽو جو هن اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هن کي هر ڪا شئي خالي پئي ڏسڻ ۾ آئي- ڀانءِ مسافر جي گاڏي، سڀني اسٽيشنن تي مسافر لاهي، هينئر لوهه جي شيڊ ۾ بلڪل اڪيلي بيٺي هئي. اهو خال، جو اچانڪ سوڳنڌي ۾ پيدا ٿيو هو، هن کي بي حد تڪليف پهچائي رهيو هئو، هن ڪافي دير تائين، ان خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بي سود، هوءَ هڪ ئي وقت بي شمار خيال، پنهنجي دماغ ۾ ٺونسي رهي هئي، پر هن جو دماغ ڄڻ ڇاڻِي ٿي پيو هئو، هيڏانهن هوءَ دماغ کي خيالن سان ڀري رهي هئي ۽ هوڏانهن اهو خالي پئي ٿي ويو.
ڪافي دير تائين هوءَ بيڊ جي ڪرسي تي ويٺي رهي، ڪافي ويچارڻ بعد به جڏهن هن کي پنهنجي دل پرچائڻ جو ڪو طريقو نه سمجهيو، تڏهن هن پنهنجي خارش ۾ ورتل ڪتي کي گود ۾ کنيو ۽ کيس ساڳي ويڪري پلنگ تي، پنهنجي پهلوءَ ۾ ليٽائي، سمهي پئي!


ترجمو: ٺاڪر چاولا