برقعو
ٿرڊ ايئر ۾ داخلا ملڻ کانپوءِ پهرين ڏينهن جڏهن ڪاليج کان گهر پهتو ته دل ۾ ڏاڍو خوش هو ڄڻ کيس داخلا نه پر لڪل خزانو مليو هجي. هو جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿيڻ وارو هو ته هن جي نظر هڪ ٽانگي تي پئي ۽ ٽانگي مان لهندڙ هڪ ڇوڪري. هن ٽانگي مان لهندي هزارين ڇوڪريون ڏٺيون هيون پر هيءَ ڇوڪري سندس دل جي پاتال ۾ پهچي وئي.
ڇوڪري ٽانگي واري کي ڀاڙو ڏئي ظهير جي ڀر واري گهر ۾ داخل ٿي. ظهير سوچيو ته هو ان جي موجودگي کان ايترو غافل ڪيئن رهيو آهي.
حقيقت هي هئي ته ظهير آوره قسم جو نوجوان ڪونه هو. هن کي صرف پنهنجي ذات سان دلچسپي هئي. سوير اٿندو، ڪاليج ويندو، ليڪچر ٻڌندو ۽ گهر واپس ايندو، ٿورو آرام ڪندو ۽ پوءِ پڙهائي ۾ مصروف.
هونئن به ڪاليج ۾ ڪيتريون ڇوڪريون سندس ڪلاس ميٽ هيون پر هن اڄ تائين ڪنهن سان نه ڳالهايو هو. اها ڳالهه ڪونه هئي ته هو ڪو رکو هو پر حقيقت ۾ ته هن جو سڄو وقت پڙهائي ۾ گذرندو هو. پر جڏهن هن پهريون ڀيرو ان ڇوڪريءَ کي ڏٺو هو ته ان ڏينهن جو پوليٽڪل سائنس جو ليڪچر ۽ حافظ جا شعر ڦر ڪري سندس ذهن مان اڏامي ويا. صرف هو انهن هٿن بابت سوچڻ لڳو هو جنهن ۾ هن ڪتاب ڏٺا هئا. سنهڙيون- سنهڙيون اڇيون آڱريون. ظهير ان جي صورت ڏسڻ چاهي پر هن جي برقعي جو ڪپڙو ايترو ته ٿلهو هو جو کيس ڪجهه به نظر نه آيو، ڇوڪري تيز تيز وکون کڻي هن جي ڀر واري گهر ۾ هلي وئي هئي پر هو اڃا تائين اُت بت بڻيو بيٺو رهيو. هن سوچيو ٿي ته ايترو ويجهو هوندي به ڄاڻ سڃاڻ ڪونهي.
گهر ۾ گهڙندي ئي هن ماءُ کان سوال ڪيو.
”اسان جي پاڙي ۾ ڪير رهن ٿا؟“
سندس ماءُ لاءِ اهو سوال حيرت ۾ وجهندڙ هو.
”ڇو؟“
”بس ائين ئي پڇيم.“
”ٽي ڀينر ۽ هڪ ڀاءُ آهن، سندن ماءُ پيءَ مري چڪا آهن، سندن ڀاءُ وڏو آهي اهو ئي سندن لاءِ سڀ ڪجهه آهي. ڏاڍو سٺو ڇوڪر آهي. هن پنهنجي شادي ان لاءِ نه ڪئي آهي ته پهريون سندس ڪلهن تان ڀينرن جو بار لهي.“
ظهير کي انهن ڳالهين سان ڪابه دلچسپي نه هئي. هو صرف ڄاڻن چاهي پيو ته ان ڇوڪريءَ جي باري ۾ جيڪا هٿ ۾ ڪتاب کڻي ناز سان ڀر واري گهر ۾ داخل ٿي هئي ۽ هوءَ انهن ٽنهي مان هڪ هئي.
ماني کائي هو پکي هيٺان ليٽي پيو. هن جي عادت هئي ته ماني کائڻ کان پوءِ هڪ ڪلاڪ ضرور سمهندو هو پر ان ڏينهن کيس ننڊ نه آئي. سوچون وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ويس.
ڪئي ڏينهن گذريا پر وري ان ڇوڪري سان ميل نه ٿيو. ڪئي ڏينهن هو گهر جي ڇت تي بيهي ان جي اچڻ جي اوسيڙي ۾ رهيو. پر هن کي نه اچڻو هو نه آئي. ظهير مايوس ٿي ويو. هن سوچيو هي ڳالهيون سڀ بيڪار آهن، پر عشق کيس بيهڻ نٿي ڏنو.
هن آخر ۾ سوچيو ته ڇا به ٿي پوي هو ان ميدان ۾ مڙس ماڻهو نڪرندو.
گهڻن ڏينهن کان پوءِ جڏهن هو ڪاليج کان واپس وريو ٿي ته هن پنهنجي اڳيان هڪ ٽانگو ڏٺو. جنهن ۾ برقعي واري ڇوڪري ويٺي هئي. هن جو اندازو بلڪل ٺيڪ نڪتو ڇو ته اهائي ڇوڪري هئي، ٽانگو بيٺو ظهير به سائيڪل تان لهي بيٺو، ڇوڪري جي هڪ هٿ ۾ ڪتاب هئا ۽ ٻئي هٿ سان هن ڀاڙو ادا ڪيو. ۽ هلڻ لڳي، پر ٽانگي واري کيس پويان سڏ ڪيو.
”اي بيبي اوهان ڇا ڏنو.“
هن جي لهجي ۾ بدتميزي هئي، ڇوڪري بيٺي. هن برقعي جي نقاب مان ٽانگي واري کي ڏٺو. ”ڇا ڳالهه آهي؟“
ٽانگي وارو لهي آيو ۽ هن جي هٿ تي اٺ آنا رکي چوڻ لڳو ”اٺ آنا ڪرايو نه ٿيندو.“
ڇوڪري ڏڪندڙ لهجي ۾ وراڻيو. ”مان روزانو ايترو ڏيندي آهيان.“
ٽانگي وارو ڏاڍو واهيات هو، چوڻ لڳو. ”اوهان سان رعايت ڪندم پر!“
اهو ٻڌي ظهير جوش ۾ اچي ويو، سائيڪل ڦٽي ڪري، سڌو اچي هن ٽانگي واري کي هڪ ٺونشو وهائي ڪڍيو. هو ٿڙي ڪري پيو. ظهير ڇوڪريءَ کي چيو، ”اوهان وڃو مان هن حرامي سان پاڻ ئي منهن ڏيندس.“
ڇوڪري چوڻ چاهيو شايد مهرباني جا لفظ نڙي ۾ اٽڪي پيس، هوءَ ڪجهه چوڻ بنائي هلي وئي.
ظهير ڏاڍو خوش هو ڇو جو پنهنجي محبوبه جي اڳيان بهادري ڏيکاري هئي. ۽ هن ائين به محسوس ڪيو هو ته ڇوڪريءَ گهر ۾ گهڙندي هن کي غور سان تڪيو هو.
ان بعد ئي ظهير مٿي کان پيرن تائين هن جي عشق ۾ گرفتار ٿي ويو ۽ هن پنهنجي ماءُ کان جاچ ڪري هن جو نالو ڄاڻي ورتو هو. ياسمين هن جي محبوبه جو نالو هو.
نالي ڄاڻڻ کانپوءِ هن سوچيو ته پنهنجي محبوبه کي هڪ زوردار خط لکي. هن ڪيئي خط لکيا ۽ ڦاڙي ڇڏيا پر آخر ڪار هن هڪ ڊگهو خط لکي رکيو ۽ سوچيائين ته هن کي اهو خط ضرور ڏيندو.
گهڻن ڏينهن کان پوءِ ظهير سائيڪل تي ڪاليج کان واپس وريو ٿي ته هن جي نظر سامهون ويندڙ ٽانگي تي پئي. جنهن ۾ ياسمين ويٺل هئي. هوءَ جڏهن گهر وڃڻ لڳي هئي ته هن همٿ ڪري، کيسي مان خط ڪڍي ان کي ڏيندي چيو. ”هي اوهان جو ٽانگي ۾ وسري ويو هو.“
ياسمين هن کي برقعي مان گهور ڪري ڏٺو ۽ پوءِ مرڪي چيو. ”مهرباني“
اهو چوندي ئي هوءَ هلي وئي. ظهير پرسڪون ٿي ويو پر سندس دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي ڇو جو هن کي پتو نٿي پيو ته خط جو حشر ڇا ٿيندو اڃا اتي ئي بيهي حشر متعلق سوچي رهيو هو ته هڪ ٻيو ٽانگو اچي بيٺو. ان مان به هڪ برقعي واري ڇوڪري لٿي ۽ ڪرايو ادا ڪري گهر هلي وئي پر ظهير کي ائين لڳو ته اها ڄڻ ياسمين هجي. ظهير سوچيو ته شايد اها سندس ننڍي ڀيڻ هجي.
ظهير خط ڏئي اهو سمجهيو ٿي ته ڄڻ اڌ فتح حاصل ڪري چڪو آهي پر ٻئي ڏينهن هڪ ننڍڙي ڇوڪري جي هٿان کيس هڪ ڪاغذ جو ٽڪر مليو ته هن کي يقين ٿي ويو ته هن سڄي فتح حاصل ڪئي آهي. ڪاغذ تي لکيل هو.
”اوهان جو محبت نامو مليو. جن جذبات جو اوهان ذڪر ڪيو آهي ان متعلق مان ڇا چوان، مان اوهان جي ٻانهي آهيان.“
اهو پنو پڙهندي ئي ظهير جي واڇ گودو ٿي وئي. ڪوبه پيرڊ اٽينڊ ڪري نه سگهيو رڳو وتيو ٿي باغ ۾ ڦيرا پائيندو ۽ ڪاغذ پڙهندو.
ٻه ڏينهن گذري ويا پر ياسمين سان سندس ڏيک ويک نه ٿي. هن کي سخت ڳڻتي ٿي ڇو ته هن هڪ ڊگهو خط لکي رکيو هو ۽ هن کي ڏيڻ ٿي چاهيو. ٽئين ڏينهن ظهير کي هوءَ ٽانگي تي نظر آئي. جڏهن هن ڀاڙو ڏنو ۽ وڃڻ لڳي ته ظهر سائيڪل کي هڪ پاسي اڇلائي هن ڏانهن مڙيو ۽ ياسمين جو هٿ پڪڙيندي چيو.
”سرڪار هي چند ڪاغذ اوهان جا ٽانگي ۾ رهجي ويا هئا.“ ياسمين ڪاوڙ مان هٿ کي جهٽڪو ڏئي هن کان هٿ ڇڏايو ۽ تکي لهجي ۾ چيو. ”بدتميز –توکي شرم ڪونه ٿو اچي“
اهو چئي هوءَ هلي وئي ۽ ظهير جا محبت ڀريل خط هوا ۾ وکري هيڏانهن هوڏانهن ڌرتي تي ڦهلجي ويا. هو وائڙو هو ته جا ڇوڪري چئي سگهي ٿي ته مان تنهنجي ٻانهي آهيان. سا وري اهڙو رويو ڪيئن اختيار ڪري سگهي ٿي. هن سوچيو ته شايد اهو به هن جو انداز هجي.
ڏينهن گذرندا رهيا، ظهير جي ذهن تي ياسمين جا اهي لفظ هر وقت سوار رهيا بدتميز تو کي شرم نٿو اچي، پر ان سان گڏ کيس اهي لفظ به چٽي نموني ياد هئا ته ”مان تنهنجي ٻانهي آهيان“
ظهير ان دوران ڪيئي خط لکيا ۽ ڦاڙي ڇڏيا. هن سوچيو ته سٺن لفظن ۾ هو ياسمين کي چوي ته هن سندس محبت جي توهين ڪئي آهي. پر هن کي لفظ نٿي مليا. خط لکيا ئي پر سڀ بيڪار، ان ڪري هن سڀ خط ڦاڙي ٿي ڇڏيا.
هڪ ڏينهن هن وٽ هڪ ڇوڪرو چٺي کڻي آيو. ۽ کيس هٿ ۾ ڏئي هليو ويو. هن سائيڪل جي هوا ڀرڻ جي پمپ هڪ پاسي رکي اهو لفافو کوليو هڪ ننڍڙي پني تي لکيل هو.
”اوهان ايترو جلد مون کي وساري ويٺا. ڪيڏانهن ويا اوهان جا واعدا. خير اوهان وساريو ته ڀلي وساريو پر هي ٻانهي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي.“
ظهير حيران پريشان ٿي ويو. هن اهي چٺي ور ور ڪري پڙهي. سندس سامهون ٽانگي ۾ ياسمين وئي ٻي هن تڪڙ ڪئي ۽ ٽانگي هلڻ کان اڳ ئي هن ياسمين جي ڀر ۾ ايندي چيو ”توهان جي چٺي ملي. خدا واسطي پاڻ کي ٻانهي نه چوندي ڪر. مون کي ڏک ٿيندو آهي“
ياسمين برقعي جو پلئو مٿي ڪيو ۽ ڪاوڙ وچان چون لڳي.
”بدتميز توکي شرم نٿو اچي، مان تنهنجي ماءُ کي اڄ ئي چوندس ته تون مون سان حرڪت پيو ڪرين.“
ٽانگو پل کن ۾ اکين اڳيان غائب ٿي ويو. ظهير جي هٿ ۾ چٺي رهجي وئي ۽ سوچيندو رهيو ته هي ڇا پيو ٿئي. هڪ پاسي اقرار ٻئي پاسي انڪار، پوءِ هن جي ذهن ۾ هڪ ڳالهه پئي آئي ته اهو محبوبن جو انداز آهي. هو چاهينديون آهن ته اهڙي کليل نموني رستي تي هنن سان اهڙو اظهار نه ڪيو وڃي. خط و ڪتابت سان ئي سڀ ڳالهيون حل ڪيون وڃن. ان ڪري ٻئي ڏينهن تي هن هڪ ڊگهو خط لکيو ۽ هو جڏهن ڪاليج کان واپس وريو ته هن ياسمين کي ٽانگي ۾ ڏٺو جيڪا ٽانگي کان لهي ڀاڙو ڏئي رهي هئي. هن هڪ پاسي سائيڪل بيهاري خط هن جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو. هن ڪجهه نه ڪڇيو صرف برقعي مان ظهير ڏي نهاري هلي وئي.
ظهير ائين محسوس ڪيو ته هوءَ برقعي اندران مرڪي رهي هئي. هن جو حوصلو وڌي ويو. انڪري ٻئي ڏينهن هو جيئن ئي ڪاليج وڃن لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتو ته هوءِ بيٺل هئي. شايد ٽانگي جو اوسيئڙو پئي ڪيائين. سڄي هٿ ۾ ڪتاب هيس ۽ کاٻو هٿ خالي هيس، جيڪو هوا ۾ جهوليو ٿي.
ميدان خالي هو يعنيٰ بازار ۾ آمدرفت ڪونه هئي. ظهير موقعي جو فائدو وٺڻ خاطر، هٿ ۽ حوصلو ڪري ان جي ڀر ۾ اچي بيٺو ۽ هن جو هڪ هٿ پنهنجي هٿ ۾ ڪري جذباتي لهجي ۾ وراڻيو ته ڊارلنگ اها ڪهڙي شرافت آهي، هڪ پاسي تون خطن ۾ پيار جو اقرار پئي ڪرين ته ٻئي طرف گاريون پئي ڏئين.
ظهير اڃا مس ابتدائي لفظ چيا ته ياسمين سينڊل لاهي هن جي مٿان وسڪارو لائي ڏنو. ظهير جا حوصلا خطا ٿي ويا. ياسمين هن کي بيشمار گاريون ڏنيون پر هن جي حوصلي خطا ٿيڻ سان هن هڪ ٻه گار نه ٻڌي. هو وائڙو ٿي پنهنجي گهر طرف وڌيو متان ڪو ڏسي وٺي. هن سائيڪل کنئي ۽ ڪاليج ڏانهن وڃڻ وارو ئي هو ته ٽانگو هليو ۽ ياسمين هلي وئي. هن کي مس مس سانت آئي. ايتري ۾ هڪ برقعي واري ٻي ڇوڪري ان ئي گهر مان نڪتي جنهن گهر مان ياسمين نڪتي هئي هن ظهير کي ڏسي هٿ سان اشارو ڪيو پر ظهير ڊنل هو بيٺو رهيو.
جڏهن ڇوڪري ڏٺو ته ظهير نه چريو ته هوءَ سندس ڀر ۾ ايندي هڪ ڪاغذ جو پرزو سندس اڳيان ڪيرائي هلي وئي.
”ظهير ڪاغذ کنيو، لکيل هو.
”تون مون کي ڪيستائين بيوقوف بڻائيندين تنهنجي ماءُ منهنجي ماءُ سان ڇو نٿي ملي. اڄ پلازه سئنيما تي مل ٺيڪ 3 وڳي.
تنهنجي پروين.
ترجمو: رانجهو جماڻي