ملاوٽ
علي محمد مذهبي قسم جو ماڻهو هو. گهڻو منافعو وٺڻ هن جي نظر ۾ گناهه هو. اڪيلو ماڻهو هو ان لاءِ جائز منافعو ئي ڪافي هو. هو سڄو ڏينهن دڪان تي ويهندو هو، گراهڪن جي رش لڳل هوندي هئي. هن کي ڪڏهن ڪڏهن افسوس ٿيندو هو جڏهن هو ڪنهن گراهڪ کي سن لائٽ صابڻ جي هڪ ٽڪي نه ڏئي سگهندو هو، يا ڪيلي فورنين پوپي تيل جي بوتل ڇو ته اهي شيون هن کي گهٽ تعداد ۾ ملنديون هيون، بليڪ نه ڪرڻ جي باوجود هو خوشحال هو. هن وٻهه هزار رپيا گڏ ڪري رکيا هئا. جوان هو، هڪ ڏينهن دڪان تي ويٺي ويٺي هن سوچيو ته هاڻي شادي ڪرڻ گهرجي. خراب خراب خيال دل ۾ اچن ٿا. شادي ڪيان ته زندگيءَ ۾ مزو اچي ويندو. ٻار ٻچا پيدا ٿيندا انهن جي پالڻ لاءِ مان اڃا به وڌيڪ ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندس.
هن جا والدين گهڻو عرصو اڳ مري چڪا هئا، هن جو نه ڪوئي ڀاءُ هو ۽ نه وري ڪا ڀيڻ هئي. دنيا ۾ بلڪل اڪيلو هو. شروع شروع ۾ جڏهن هو ڏهن سالن جو هو ته اخبارون وڪڻڻ شروع ڪيائين. ان کان پوءِ قلفيون وڪڻڻ لڳو. جڏهن هن وٽ هڪ هزار رپيا جمع ٿي ويا ته هن هڪ ننڍو دڪان ڪرائي تي ورتو ۽ ريزڪي سامان خريد ڪري ويهي رهيو. ماڻهو ايماندار هو، ان ڪري هن جو دڪان ٿوري ئي عرصي ۾ هلي پيو، ۽ جيستائين آمدني جو تعلق هو ته هو ان مان بي فڪر هو پر هن چاهيو پئي ته پنهنجو گهر وسائي، هن جي زال هجي ٻار هجن ۽ هو انهن لاءِ گهڻي کان گهڻو ڪمائڻ جي ڪوشش ڪري، ان لاءِ هن جي زندگي جي مشين اهڙي بڻجي ويئي هئي، صبح جو دڪان کوليندو هو، گراهڪ ايندا هئا انهن کي سودو ڏيندو هو. شام جو دڪان بند ڪندو هو ۽ هڪ ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾ جيڪا هن شريف پوره ۾ ورتي هئي سمهي پوندو هو. گنجي جي هوٽل تان صرف هڪ وقت ماني کائيندو هو، صبح جو نيرن شانڀي حلوائي جي دڪان تي ڪندو هو، پنهنجو دڪان کوليندو ۽ شام تائين گدي تي ويٺو رهندو هو. هن جي اندر ۾ شادي جون خواهشون زور وٺنديون ويون. پر سوال هي ٿي اٿيو ته ان معاملي ۾ هن جي مدد ڪير ڪري. امرتسر ۾ سندس نه ڪو دوست ۽ نه ڪو مٽ مائٽ هو جو هن لاءِ ڪوشش ڪري هو ڏاڍو پريشان هو. شريف پوره جي ڪوٺيءَ ۾ رات جو سمهڻ وقت هو ڪيئي دفعا رنو. ان لاءِ ته هن جا پيءُ ماءُ ايترو جلدي ڇو مري ويا. هن لاءِ ٻيو ڪجهه نه ته تيستائين ته زندهه رهن ها جو گهٽ ۾ گهٽ هن جي شاديءَ جو ته بندوبست ڪري وڃن ها، هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو شادي ڪيئن ڪري. هو گهڻي دير تائين سوچيندو رهندو هو. انهيءَ دوران هن وٽ ٽي هزار جمع ٿي ويا. هن هڪ ننڍو گهر جيڪو صاف سٿرو ۽ سٺو هو، ڪرائي تي وٺي ڇڏيو پر رهندو شريف پوره واري ڪوٺي ۾ ئي هو. هڪ ڏينهن هن اخبار ۾ هڪ اشتهار ڏٺو جنهن ۾ لکيل هو شاديءَ جا خواهشمند صاحب اسان سان رابطو ڪن. ليڊي ڊاڪٽر ۽ هر قسم جا رشتا موجود آهن، خط لکو يا خود اچي ملو. آچر ڏينهن هو دڪان ڪونه کوليندو هو. ان ڏينهن هو شادي دفتر واري ائڊريس پڇائيندو اتي پهتو، جتي هن جي ملاقات هڪ ڊگهي ڏاڙهيءَ واري بزرگ سان ٿي. علي محمد پنهنجو مقصد بيان ڪيو. ڏاڙهي واري بزرگ ميز جي خاني مان ويهه پنجويهه فوٽو ڪڍيا ۽ هن کي هڪ هڪ ڪري ڏيکاريا جيئن علي محمد انهن مان ڪوئي هڪ پسند ڪري. هڪ ڇوڪريءَ جو فوٽو علي محمد کي پسند اچي ويو. ڇوڪري ننڍي عمر جي ۽ خوبصورت هئي، هن شادي ڪرائڻ واري ايجنٽ کي چيو:”جناب! هيءَ ڇوڪري مون کي پسند آهي.“
ايجنٽ کليو”تو هيرو پسند ڪيو آهي.“
علي محمد ائين محسوس ڪيو ڄڻ اها ڇوڪري سندس پناهه ۾ اچي وئي آهي. هن ايجنٽ کي چيو:”بس جناب توهان ڳالهه پڪي ڪري ڇڏيو.“
ايجنٽ سنجده ٿيندي کيس چيو: ”ڏسو ...... هيءَ ڇوڪري جيڪا توهان پسند ڪئي آهي، حسين هئڻ کان سواءِ هڪ تمام وڏي خاندان سان تعلق رکي ٿي، پر توهان کان زياده فيس ڪونه گهرندس.“
”توهان جي وڏي مهرباني ٿيندي جناب..... مان يتيم ڇوڪرو آهيان، جيڪڏهن توهان منهنجو اهو ڪم ڪري ڇڏيو ته توهان کي سڄي عمر پنهنجو پيءُ سمجهندس.“
ايجنٽ جي مڇن ڀريل چپن تي مسڪراهٽ وري ظاهر ٿي.”جيئندو رهه. مان توهان کان صرف 3 سئو رپيا رپيا فيس وٺندس.“
”سائين جي وڏي مهرباني. مون کي منظور آهي.“
علي محمد ايجنٽ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ کيس کيسي مان ٽي نوٽ سئو سئو جا ڪڍي ڏنا. تاريخ ٻڌجي وئي نڪاح ٿيو. رخصتي به ٿي وئي. علي محمد جيڪو ننڍو گهر ڪرائي تي ورتو هو تنهن کي سينگاريو هو ۽ ان ۾ وڏي چاهه سان پنهنجي ڪنوار کي وٺي ويو. پهرين رات جو تصور خبر ناهي هن جي دل ۽ دماغ ۾ ڪهڙِ قسم جو هو پر جڏهن هن ڪنوار جو منهن تان رئو پنهنجي ڏڪندڙ هٿن سان مٿي ڪيو ته ذري گهٽ بيهوش ٿي ويو. نهايت بد شڪل عورت ڪنڌ جهڪايو هن جي اڳيان ويٺي هئي. ايجنٽ هن سان دولاب ڪيو هو. علي محمد ٿڙندو ٿاٻڙندو ٻاهر نڪري ويو ۽ شريف پوره وڃي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ دير تائين سوچيندو رهيو ته هي ٿيو ، پر هن جي سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيو. صبح جو هن پنهنجو دڪان نه کوليو، ٻه هزار هن پنهنجي زال کي حق مهر ان ئي رات ڏئي ڇڏيا هئا. ٽي سئو رپيا ايجنٽ کي. هاڻي هن وٽ صرف ست سئو رپيا هئا. هو ايتري تائين بد دل ٿي ويو هو جو سوچيائين شهر ئي ڇڏي ڏي. سڄي رات جاڳندو رهيو ۽ سوچيندو رهيو، آخر هن فيصلو ڪري ئي ڇڏيو. صبح ڏهين بجي هن پنهنجو دڪان پنجين هزارن ۾ وڪڻي ڇڏيو ۽ ٽڪيٽ وٺي لاهور هليو ويو. لاهور ويندي گاڏي ۾ ڪنهن وڏي صفائي سان هن جو کيسو ڪٽيو ۽ سمورا پئسا کڻي ويو. علي محمد تمام گهڻو پريشان ٿي ويو پر هن سوچيو ته شايد خدا کي اهو ئي منظور هو.
لاهور پهتو ته هن جي ٻئي کيسي ۾ صرف ڏهه رپيا ۽ يارنهن آنا هئا. انهن مان هن ڪجهه ڏينهن گذارو ڪيو پر پوءِ فاقن جي نوبت اچي وئي. انهيءَ دوران ڪٿي نه ڪٿي ملازم ٿيڻ جي به تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيو هو ايستائين مايوس ٿي ويو جو هن خودڪشي جو ارادو ڪيو پر هن ۾ ايتري جرئت نه هئي. انهيءَ جي باوجود هڪ رات هو ريل جي پٽڙي تي ليٽي پيو. ٽرين اچي رهي هئي پر ڪانٽو بدليو ۽ ٽرين ٻي لائين تي هلي وئي جو هن کي اوڏانهن ئي وڃڻو هو. هن سوچيو شايد موت دوکو ڏئي ويندو آهي. هن خودڪشي جو خيال ڇڏي ڏنو ۽ هيڊ ۽ مرچ پيهڻ واري هڪ چڪي تي ويهه رپيا مهيني تي نوڪري اختيار ڪئي هتي هن کي پهرين ڏينهن ئي معلوم ٿي ويو ته دنيا دوکو ئي دوکو آهي. هيڊ ۾ پيلي مٽي جي ملاوٽ ڪئي ويندي آهي ۽ مرچن ۾ ڳاڙهين سرن جي .
ٻه سال هو ان چڪيءَ ۾ ڪم ڪندو رهيو. ان جو مالڪ هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ سئو رپيا مهيني جي حساب سان ڪمائيندو هو. ان دوران علي محمد پنج سئو رپيا جمع ڪيا هئا. هڪ ڏينهن هن سوچيو جڏهن سڄي دنيا ۾ فريب آهي ته پوءِ به ڇو نه فريب ڪري.
هن هڪ جدا چڪي قائم ڪئي ۽ ان ۾ مرچ ۽ هيڊ ۾ ملاٽ جو ڪم شروع ڪري ڏنو. هن جي آمدني هاڻي ڪافي وڌڻ لڳي. هن کي شاديءَ جو ڪافي دفعا خيال آيو پر جڏهن هن جي اکين جي سامهون ان پهرين رات وارو نقشو ايندو هو ته هو ڏڪي ويندو هو.
علي محمد خوش هو، هن فريبڪاري پوري طرح سکي ورتي هئي. هن کي هاڻي ان جا سڀ گر معلوم ٿي ويا هئا. هڪ مڻ مرچن ۾ ڪيتريون سرون پيهي ملايو وڃن. هيڊ ۾ ڪيتري هيڊي رنگ جي مٽي وڌي وڃي ۽ وري وزن جو حساب، اهي سڀ هن کي چڱي طرح معلوم هئا.
پر هڪ ڏينهن هن جي چڪي تي پوليس جو ڇاپو لڳو، هيڊ ۽ مرچن جا نمونا بوتلن ۾ وجهي مهر بند ڪيا ويا ۽ جڏهن ڪيميڪل اگزمنر جي رپورٽ آئي ته انهن ۾ ملاوٽ آهي ته هن کي گرفتار ڪيو ويو. هن جو لاهور ۾ ڪير هو جو هن جي ضمانت ڏي. ڪيئي ڏينهن هو لاڪ اپ ۾ بند رهيو، آخر مقدمو عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ هن کي ٽي سئو رپيا ڏنڊ ۽ هڪ مهيني جي قيد با مشقت سزا ملي. جرمانو هن ادا ڪيو ۽ هڪ مهيني جي قيد بامشقت سزا به ڀوڳيائين. اهو هڪ مهينو هن جي زندگيءَ جو خراب ۽ ڏکيو مهينو هو. ان دوران هو اڪثر سوچيندو هو ته هن بي ايماني ڇو ڪئي. جڏهن ته هن پنهنجي زندگيءَ جو اهو اصول بڻايو هو ته هو فريبڪاري وغيره نه ڪندو. وري هو سوچيندو هو ته هن کي پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ گهرجي، انهيءَ لاءِ جو هو نه هتان جو رهيو هو ۽ نه ئي هتان جو. هن جو ڪردار مضبوط ناهي بهتر اهو ئي آهي ته هو مري وڃي، جيئن هن جي ذهني پريشاني به ختم ٿي وڃي.
جيل کان ٻاهر نڪتو، مضبوط ارادو ڪري چڪو هو ته خودڪشي ڪندو. جيئن سڄو معاملو ئي ختم ٿي وڃي. ان غرض سان هن ست ڏينهن مزدوري ڪئي ۽ ٻه ٽي رپيا گڏ ڪري هن سوچيو ته اهو ڪهڙو زهر آهي جيڪو ڪارائتو ٿي سگهي ٿو.
هن صرف هڪ ئي نالو ٻڌو هو زهر جو، جيڪو وڏو قاتل هوندو آهي..... سنکيو..... پر سنکيو ڪٿان ملندو؟
هن تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. آخر هن کي هڪ دڪان تان سنکيو ملي ويو. هن عشاءَ جي نماز پڙهي، خدا کان پنهنجي گناهن جي معفي گهريائين. سنکيو کاڌائين ۽ فٽ پاٿ تي سمهي پيو.
هن ٻڌو هو ته سنکيو کائڻ واري جي وات مان گج نڪرندي آهي. ان تي تشنج جا دورا پوندا آهن، ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي پر هن کي ڪجهه به نه ٿيو، سڄي رات هو پنهنجي موت جو انتظار ڪندو رهيو، پر موت نه آيس. صبح جو اٿي هو ان دڪان واري وٽ ويو. جنهن کان هن سنکيو خريد ڪيو هو ۽ ان کان پڇيائين:”جناب! هي توهان مون کي ڪهڙو سنکيو ڏنو هو جو ان جي کائڻ سان مون کي اڃا تائين موت ناهي آيو.“
دڪان واري هڪ آهه ڀري ۽ کيس وڏي افسوسناڪ لهجي ۾ چيو،”ڇا چوانءِ منهنجا ڀاءُ.... اڄڪلهه هر شيءِ نقلي پئي اچي يا وري ان ۾ ملاٽ ٿئي پئي”
ترجمو: سومرو شبير احمد