ڪھاڻيون

سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون

منٽو جي ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي جو سهيڙيندڙ جبران زيب آهي. سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن. سنڌي پڙهندڙن لاءِ پڻ منٽوءَ جو نالو نئون ناهي. ڪيترن ئي سالن کان هن جون ڪهاڻيون مختلف وقتن تي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن مان ڪجهه ترجمن جا ننڍا ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن ، پر هن ڪتاب جي صورت ۾ پهريون دفعو منٽوءَ جي ڪهاڻين جو هڪ وڏو تعداد سهيڙيو ويو آهي ، جنهن سان سنڌي ادب جا پڙهندڙ سعادت حسن منٽو جي فن ۽ فڪر کان واقف ٿي سگهندا.
Title Cover of book سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون

ٻوڙن جي پويان

اهو ڪهڙو شهر هو، ان بابت مان سمجهان ٿو، ته اوهان کي پڇڻ جي ضرورت آهي، نه مون کي ٻڌائڻ جي. بس ايترو ئي ٻڌڻ ڪافي آهي ته اهو هنڌ، جيڪو هن ڪهاڻيءَ سان تعلق رکي ٿو سو پشاور جي اوسي پاسي ۾ آهي، سرحد جي ويجهو جتي اها عورت رهندي هئي. سندس گهر جهوپڙي نما هو، ٻوڙن جي پويان.
گهاٽا ٻوڙا هئا جن جي پويان انهيءَ عورت جو گهر هو، ڪچي مٽيءَ مان جڙيل، گهاٽن ٻوڙن جي ڪري سندس گهر لڪيل هو جنهن ڪري ٻاهرين سڙڪ تان گذرندڙ به ڏسي نه سگهندو.
ٻوڙا بلڪل سڪل هئا پر زمين ۾ اهڙيءَ ريت کتل هئا جو هڪ ڀت بڻجي ويا هئا. نه ڄاڻ ان عورت اهي پاڻ پوکيا هئا يا اڳ ۾ موجود هئا. بهرحال چوڻ جو مطلب ته اهي هڪ وڏو پردو بڻيل هئا.
گهر چئو يا مٽيءَ جي جهوپڙي، فقط ٽي ننڍيون ننڍيون ڪوٺڙيون هيون پر صاف سٿريون. سامان مختصر هو پر سٺو، پوئين ڪمري ۾ هڪ تمام وڏو نهوار وارو پلنگ هو. ان سان گڏ هڪ ڏيئو به هو جنهن ۾ هر روز نئون تيل ۽ نئين وٽ وڌي ويندي هئي.
هاڻي مان توهان کي ان عورت جو نالو ٻڌايان. جيڪا ان ننڍڙي گهر ۾، جيڪو ٻوڙن جي پويان لڪل رهندو هو، پنهنجي جوان ڌيءَ سان گڏ رهندي هئي.
مختلف روايتون آهن. ڪافي ماڻهو چون ٿا ته اها هن جي ڌيءَ ناهي. اها هڪ يتيم ڇوڪري هئي جنهن کي پالي نپائي وڏو ڪيو هئائين. گهڻا وري ائين به چون ٿا ته اها هن جي ناجائز اولاد هئي. ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي چون ٿا ته اها هن جي سڳي ڌيءَ آهي. بهرحال حقيقت جيڪا به هجي ان بابت ڪا به ڳالهه يقين سان نه ٿي چئي سگهجي. هيءَ ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ توهان پاڻ ئي ڪا راءِ قائم ڪري وٺجو.
ڏسو ، مون کان ان عورت جو نالو ٻڌائڻ وسري ويو. ڳالهه دراصل اها آهي ته ان جو نالو ڪائي اهميت نه ٿو رکي، توهان سندس نالو جيڪو به سمجهو، سڪينا، مهتاب، گلشن يا ڪو ٻيو... ڀلا نالي ۾ ڇا هي رکيو، پر توهان جي سهولت لاءِ مان هن کي سردار چوندس.
سردار پڪي عمر جي هئي، ڪنهن زماني ۾ يقينن خوبصورت هوندي. سندس ڳاڙهن ڀورن ڳلن ۾ جهريون پئجي ويون هيون پر هن جي عمر ايڏي وڏي هئي ڪونه پر هتي سندس ڳلن سان ڪوبه واسطو ناهي.
ان جي ڌيءَ (نه ڄاڻ هوءَ ان جي ڌيءَ هئي يا نه) خوبصورتيءَ جو هڪ دلڪش نمونو هئي. هن جي ظاهري ڏيک ويک مان ائين بنهه نه ٿي لڳو ته ڪو هوءَ فحش آهي پر اها به حقيقت آ، ته سندس ماءُ هن کان ڌنڌو ڪرائيندي هئي ۽ جام پئسا ڪمائيندي هئي ۽ اها به حقيقت آهي ته ان ڇوڪريءَ، جنهن جو نالو کڻي نواب ٿا رکون، کي ان ڌنڌي کان نفرت نه هئي، اصل ۾ هي آباديءَ کان پري هڪ اهڙي هنڌ تي پلي هئي جتي کيس صحيح ازدواجي زندگيءَ بابت ڪا خبر چار نه هئي..... جڏهن سردار هن سان پهريون مرد. بستري تي ان نهواري پلنگ تي متعارف ڪرايو ته هن ائين ئي سمجهيو ته شايد سڀني ڇوڪرين جي جوانيءَ جي شروعات ۾ ائين ئي ٿيندو آهي، هاڻي هيءَ پنهنجي انهيءَ زندگيءَ کان واقف ٿي چڪي هئي، مرد جيڪي پري پري کان هن وٽ ايندا هئا انهن سان گڏ ان وڏي نهواري پلنگ تي سمهندي هئي. هن ائين ئي سمجهيو ٿي ته بس اهو ئي سندس زندگيءَ جو مقصد آهي.
هونءَ ته هوءَ هر لحاظ کان هڪ فاحشه عورت هئي پر سچ پڇو ته هن کي ان ڳالهه جو قطعي طور احساس نه هو ته ڪو هوءَ گناهه واري زندگيءَ گذاري رهي آهي. هوءَ انهيءَ ڳالهه تي غور به ڪيئن ٿي ڪري سگهي، ڇا لاءِ ته هن کي ان قسم جو ڪو موقعو ئي نه مليو هو.
هن جي بدن ۾ خلوص هو، هوءَ هر مرد جيڪو هفتي ڏيڍ هفتي کانپوءِ ڊگهي مسافري ڪري ايندو هو، پنهنجو پاڻ ان جي حوالي ڪري ڇڏيندي هئي. ان ڪري ته هوءَ سمجهندي هئي ته هر عورت جو اهو ئي ڪم آهي. هوءَ ان مرد جي هر قسم جي آسائش ۽ آرام جو خيال رکندي هئي. انهيءَ جي ننڍڙي تڪليف به برداشت ڪري نه سگهندي هئي.
هن کي شهر جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ جي ڪابه ڄاڻ نه هئي، هن قطعي طور اهو نه ٿي ڄاتو ته جيڪي مرد هن وٽ موٽرن ۾ چڙهي ايندا آهن سي صبح جو سوير پنهنجا ڏند برش سان صاف ڪرڻ جا عادي آهن، ۽ اکيون کولڻ سان ئي سڀ کان پهريون بستري ۾ ئي چاءِ جي پيالي پيئندا آهن ۽ پوءِ ضروري حاجت لاءِ ويندا آهن. پر هن مردن جي عادتن مان اهو اندازو لڳائي ورتو هو کيس ڏکيائي ضرور ٿيندي هئي ڇو ته سڀ مرد هڪ جهڙا نه هوندا هئا. ڪو صبح جو ساجهرئي سگريٽ گهرندو هو، ڪو چاءِ ۽ ڪجهه وري اٿڻ جو اصل نالو ئي ڪونه کڻندا هئا. ڪجهه سڄي رات جاڳندا رهندا هئا ۽ صبح جو موٽر ۾ سوار ٿي ڀڄي ويندا هئا.
سردار بي فڪر هئي، هن کي پنهنجي ڌيءَ تي، يا جيڪا به هيس. پورو پورو اعتماد هو ته هوءَ پنهنجي گراهڪن جي سٺي ريت سنڀال ڪندي. ان ڪري هوءَ آفيم جي هڪ گولري کائي ستي پئي هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن هن جي ضرورت پوندي هئي. مثال طور جڏهن ڪنهن گراهڪ جي طبعيت وڌيڪ شراب واپرائڻ سبب يڪدم خراب ٿي ويندي هئي ته هوءَ نشي واري حالت مان اٿي نواب کي هدايت ڪندي هئي ته ان کي کٽاڻ کارائي ڇڏي، يا ڪوشش ڪري ته گرم پاڻيءَ ۾ لوڻ ملائي گرڙا ڪرائي ڇڏيس ۽ پوءِ ٿڦڪيون هڻي سمهاري ڇڏينس.
سردار ان معاملي ۾ وڏي محتاط هئي ته جيئن ئي ڪو گراهڪ ايندو هو ته هيءَ ان کان نواب جي فيس اڳ ۾ ئي وصول ڪري محفوظ ڪندي هئي. ۽ پنهنجي مخصوص انداز ۾ دعائون ڏيندي هئي ته آرام سان..... ۽ پاڻ آفيم جي هڪ گوري دٻيءَ مان ڪڍي وات ۾ وجهي سمهي پوندي هئي.
جيڪي پئسا ايندا سي سردار جا ۽ جيڪي تحفا وصول ٿيندا ها سي نواب وٽ ئي هوندا هئا. هن وٽ اچڻ وڃڻ وارا دولتمند هئا ان ڪري هيءَ سٺي کان سٺا ڪپڙا پائيندي هئي ۽ قسمين قسمين ميوا ۽ مٺايون کائيندي هئي.
هوءَ خوش هئي مٽيءَ سان ليپو آيل ان گهر ۾ جيڪو صرف ٽن ننڍين ڪوٺين تي مشتمل هو، هوءَ پنهنجي مختصر ڄاڻ مطابق ڏاڍي خوشگوار زندگي گذاري رهي هئي. هڪ فوجي آفيسر هن کي گرامو فون ۽ ڪافي رڪارڊ آڻي ڏنا هئا. واندڪائيءَ ۾ انهن کي وڄائي فلمي گانا ٻڌندي هئي ۽ انهن جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. هن جي ڳلي ۾ ڪا رس نه هئي. شايد هيءَ ان کان بي خبر هئي. سچ پڇو ته کيس ڪنهن ڳالهه بابت ڪابه ڄاڻ نه هئي ۽ نه ئي وري هن کي اها خواهش هئي ته هيءَ ڪنهن ڳالهه کان واقف ٿي. جنهن رستي تي هن کي هلايو ويو هو ان کي هن قبول ڪري ورتو هو سو به بي خبريءَ ۾.
ٻوڙن جي هن پار دنيا ڪيئن هوندي، ان بابت هن کي ڪابه ڄاڻ نه هئي، سواءِ ان جي ته هڪ ڪچي سڙڪ آهي، جتان هر ٻئي ٽئين ڏينهن هڪ موٽر ڌوڙ اڏائيندي ايندي آهي ۽ رڪجي ويندي آهي، هارون وڄندو آهي، سندس ماءُ يا جيڪا به هئي، کٽ تان اٿندي آهي ۽ ٻوڙن جي ڀرسان وڃي موٽر واري کي چوندي آهي ته موٽر ڪجهه پرڀرو بيهاري اندر هليو اچي ۽ هو اندر هليو ايندو آهي ۽ نهواري پلنگ تي هن سان گڏ ويهي مٺين ڳالهين ۾ مشغول ٿي ويندو آهي.
هن وٽ اچن وڃڻ وارن جو تعداد ڪو گهڻو نه هو. لڳ ڀڳ پنج ڇهه مستقل گراهڪ هئا ۽ سردار اهڙي ريت انتظام ڪري ڇڏيو هو ته جيئن گراهڪن جو هڪ ٻئي سان ملڻ نه ٿئي، وڏي هوشيار عورت هئي. هن هر گراهڪ لاءِ خاص ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو هو سو به اهڙي سيبتائب سان جو ڪنهن کي به شڪايت جو موقعو نه ملندو هو. ان کان علاوه ضرورت وقت ان جو به انتظام ڪندي رهندي هئي ته نواب ماءُ نه بڻجي وڃي. جن حالتن ۾ نواب زندگي گذاري رهي هئي تن ۾ هن جو ماءُ بڻجن يقيني هو پر سردار ٻن اڍائي سالن کان ان قدرتي خطري سان منهن ڏيندي رهي هئي.
ٻوڙن جي پويان اهو سلسلو ٻن اڍائي سالن کان ڏاڍي هموار طريقي سان هلي رهيو هو، پوليس وارن کي ڪوبه علم نه هو، بس فقط اهي ئي ماڻهو ڄاڻيندا هئا جيڪي اتي ايندا هئا. ٻوڙن پويان، هڪ ڏينهن مٽيءَ سان جڙيل ان گهر ۾ هڪ انقلاب آيو، هڪ تمام وڏي موٽر غالبن ڊوج هئي، اتي اچي بيٺي، هارن وڳو، سردار ٻاهر آئي ته هن ڏٺو ته ڪو اجنبي آهي. هن ان سان ڪجهه به نه ڳالهايو، اجنبيءَ به هن کي ڪجهه نه چيو، موٽر پرڀرو بيهاري لهي آيو ۽ سڌو هنن جي گهر ۾ گهڙي آيو جيئن ڪو سالن کان ايندڙ ويندڙ هجي. سردار ڏاڍي پريشان ٿي، پر نواب دروازي وٽان ان اجنبيءَ جي کلي آجيان ڪئي ۽ ان کي ڪمري ۾ وٺي وئي جنهن ۾ نهواري پلنگ هو، ٻئي ان تي گڏ ويٺا ئي مس هئا ته سردار اچي وئي. وڏي هوشيار عورت هئي، ڏٺائين ته اجنبي ڪنهن دولتمند گهراڻي جو ماڻهو آهي، سٺي شڪل صورت اٿس، صحتمند آهي، هن ڪوٺيءَ ۾ داخل ٿيندي ئي سلام ڪيو ۽ پڇيائينس ته کيس هيڏانهن جو رستو ڪنهن ڏيکاريو؟
اجنبي کليو ۽ وڏي پيار ڀري انداز سان نواب جي گوشت سان ڀريل ڳلن ۾ پنهنجي آڱر هڻي چيو ”هن.“
نواب اوچتو هڪ پاسي سري وئي ۽ پنهنجي خاص ادا سان چيائين ”هان..... مان ته توهان سان ڪڏهن ملي ئي ناهيان.“
اجنبيءَ جي مرڪ چپن تي اڃا به وڌيڪ ڦهلجي وئي”اسان ته ڪيترا ئي ڀيرا ملي چڪا آهيون“
نواب پڇيو، ”ڪٿي؟ڪڏهن؟“ حيرت وچان سندس ننڍڙو منهن اهڙو تاثر ڏيڻ لڳو جو سندس دلڪشيءَ ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ٿي ويو. اجنبي هن جو نرم هٿ پڪڙيو ۽ سردار ڏانهن ڏسندي چيائين. ”تون اهي ڳالهيون هاڻي سمجهي نه سگهندينءَ. پنهنجي ماءُ کان پڇ“
نواب اڻ ڄاڻائي واري معصوم انداز ۾ پنهنجي ماءُ کان پڇيو ته هي شخص ساڻس ڪٿي مليو هو. سردار سڄو معاملو سمجهي وئي ته اهي ماڻهو جيڪي هن وٽ ايندا آهن انهن مان ئي ڪنهن هن سان نواب جو ذڪر ڪيو هوندو ۽ سڄو ڏس پتو ٻڌائي ڇڏيو هوندو، هن نواب کي چيو،”مان ٻڌائي ڇڏينديس تو کي.“
اهو چئي هوءَ ٻاهر هلي وئي، کٽ تي ويهي هن آفيم جي دٻي مان گوري ڪڍي کاڌي ۽ سمهي پئي. هوءَ مطمئن ٿي وئي ته ماڻهو چڱو آهي ڪا گڙ ٻڙ نه ڪندو.
اجنبي، جنهن جو نالو هيبت خان هو ۽ هزارا ضلعي جو تمام وڏو وڏيرو هو، نواب جي حسن ۽ دلڪشيءَ مان ايڏو ته متاثر ٿيو جو موڪلائڻ وقت سردار کي چيائين ته آئينده نواب ڏي ڪو به نه اچڻ گهرجي، سردار ڏاڍي هوشيار عورت هئي. هن هيبت خان کي چيو”خان صاحب اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي.... ڇا توهان ايڏا پئسا ڏئي سگهندو!“
هيبت خان سردار جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ سئو سئو جي نوٽن جي هڪ دستي ڪڍي نواب جي قدمن ۾ ڦٽي ڪئي، پوءِ هن پنهنجي هيري جي منڊي آڱر مان لاهي نواب کي پارائي ۽ تيزيءَ سان ٻوڙن جي هن پار هليو ويو.
نواب نوٽن طرف اک جي پڇڙيءَ سان به نه ڏٺو، بس دير تائين پنهنجي سينگاريل آڱر کي تڪيندي رهي، جنهن تي وڏي هيري مان رنگ برنگي شعاع نڪري رهيا هئا. موٽر اسٽارٽ ٿي ۽ ڌوڙ اڏائيندي هلي وئي. هوءَ ٻوڙن جي اڃا به وڌيڪ ويجهو اچي بيٺي پر هاڻي ڌوڙ کان سواءِ سڙڪ تي ڪجهه به نه هو سردارن نوٽن جي دستي کڻي ڳڻين چڪي هئي. هڪ نوٽ ٻيو به هجي ها ته پورا ٻه هزار هجن ها، پر هن کي ان جو افسوس نه هو. سڀئي نوٽ هن پنهنجي گهير دار شلور جي کيسي ۾ وڌا ۽ نواب کي اتي ئي ڇڏي پنهنجي ڪوٺي ڏانهن وڌڻ لڳي ۽ دٻيءَ مان آفيم جي هڪ وڏي گوري ڪڍي وات ۾ وڌائين ۽ اطمينان ڪري دير تائين سمهي پئي.
نواب ڏاڍي خوش هئي. گهڙي گهڙي پنهنجي ان آڱر کي تڪي رهي هئي، جنهن ۾ هيري جي منڊي پيل هئي. ٽي چار ڏينهن گذري ويا، ان دوران هن جو هڪ پراڻو گراهڪ آيو، جنهن کي سردار چيو ته پوليس جو خطرو آهي جنهن ڪري هن ڌنڌو هاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، اهو گراهڪ جيڪو ڪو خاص دولتمند نه هو، ناڪام ٿي واپس هليو ويو. سردار هيبت خان کان تمام گهڻي متاثر ٿي هئي. هن آفيم کائي پرباش ٿي سوچيو هو ته جيڪڏهن آمدني ايتري ئي رهي جيتري پهريون هئي ۽ ماڻهو فقط هڪ ئي هجي ته وڌيڪ بهتر آهي ۽ هاڻي هن اهو فيصلو ڪيو هو ته باقي ٻين کي به آهستي آهستي اهو چئي ٽرخائيندي ته پوليس وارا هنن جي پويان آهن ۽ هيءَ اهو نه ٿي ڏسي سگهي ته سندن عزت خطري ۾ پئجي وڃي.
هيبت خان هڪ هفتي کان پوءِ ظاهر ٿيو، ان دوران سردار ٻين گراهڪن کي منع ڪري چڪي هئي ته هو هاڻي هيڏانهن جو رخ نه ڪن.
هو انهيءَ ساڳئي شان سان آيو جنهن شان سان پهرئين ڏينهن آيو هو. اچڻ سان ئي هن نواب کي پنهنجي ڇاتيءَ سان چهٽائي ڇڏيو، سردار ان سان ڪجهه به نه ڳالهايو. نواب ان کي..... بلڪه ائين ٿيو ته هيبت خان هن کي ڪوٺڙيءَ ۾ وٺي ويو، جتي نهواري پلنگ هو، هن ڀيري سردار اندر نه آئي ۽ پنهنجي کٽ تي آفيم جي گوري کائي چنگهندي رهي. هيبت خان کي نواب جي الهڙ جواني ڏاڍي پسند آئي هئي، هوءَ پيشيور عورتن جي چالن کان قطعي ناواقف هئي، هن ۾ اهو گهريلو عورتن وارو انداز به نه هو جيڪو عام گهرن جي عورتن ۾ هوندو آهي، هن ۾ ڪا اهڙي ڳالهه هئي جيڪا سندس پنهنجي ئي هئي ٻين کان بلڪل مختلف هوءَ ان سان هنڌ ۾ ائين سمهندي هئي جيئن ڪو ٻار پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ سمهندو آهي ان جي ڇاتيءَ تي هٿ ڦيريندو آهي، ان جي نڪ ۽ ناسن ۾ هٿ وجهندو آهي، ان جا وار پٽيندو آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي ننڊ پئجي ويندو آهي.
هيبت خان لاءِ هي هڪ نئون تجربو هو، هن لاءِ عورت جو اهو قسم بلڪل نرالو، دلچسپ ۽ فرحت ڏيندڙ هو. هو هاڻي هفتي ۾ ٻه ڀيرا اچڻ لڳو هو. نواب ان لاءِ هاڻي بي انتها ڪشش جو باعث بڻجي چڪي هئي.
سردار خوش هئي ڇا لاءِ ته هاڻي هن جي کيسي ڀرجڻ لاءِ ڪافي نوٽ ملي ويندا هئا پر نواب پنهنجي معصوميت باوجود به اڪثر سوچيندي هئي ته هيبت خان ڊنل ڊنل ڇو آهي، جيڪڏهن ڪچي سڙڪ جي هن پار ڪا لاري يا موٽر گذريندي آهي ته هي گهٻرائجي ڇو ويندو آهي ۽ هن وٽان اٿي ٻاهر وڃي لڪي لڪي تڪيندو آهي ته ڪير هو.
هڪ رات ٻارهين وڳي ڌاري سڙڪ جي ويجهو ڪا لاري گذري. هيبت خان ۽ نواب ٻئي هڪ ٻئي سان گڏ سمهيا پيا هئا ته هيبت خان هڪدم ڪنبڻ لڳو ۽ اٿي ويهي رهيو. نواب ڪچي ننڊ ۾ هئي، هو ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ ڏڪڻ لڳو ته نواب جي پوري جسم ۾ لرزش اچي وئي، جيئن ڪو سندس اندر ۾ زلزلو اچي ويو هجي رڙ ڪري هن پڇيو ”ڇا ٿيو؟“
هيبت خان هاڻي ڪجهه سامت ۾ اچي ويو هو، هن پاڻ کي اڃا به وڌيڪ سنڀاليو ۽ چيو ته ”ڪا ڳالهه ناهي مان.... مان شايد خواب ۾ ڊڄي ويو هوس.“
لاري جو آواز رات جي سانت ۾ پري کان هاڻي به اچي رهيو هو. نواب کيس چيو ، ”نه خان، ڪا ٻي ڳالهه آهي، جڏهن به ڪا لاري يا موٽر سڙڪ تان گذرندي آهي، ته تنهنجي اها ئي حالت ٿيندي آهي.“
هيبت جي شايد اها ڏکندڙ رڳ هئي جنهن تي نواب هٿ رکيو هو. هن پنهنجي مردانگيءَ جي لڄ رکڻ لاءِ تيز لهجي ۾ چيو، ”تون بڪواس ڪري رهي آهين. موٽرن ۽ لارين کان ڊڄڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو.“
نواب جي دل ڏاڍي نازڪ هئي، جنهنڪري کيس صدمو رسيو ۽ هن روئڻ شروع ڪيو، هيبت خان جڏهن کيس پرچايو ته نواب جو جسم هن جي اڃا به ويجهو اچي ويو.
هيبت خان سٺي قد ڪاٺ وارو خوبصورت ماڻهو هو، هن جي ڀاڪر ۾ پهريون ڀيرو نواب پنهنجي اندر هڪ چرپر محسوس ڪئي هئي، هن کي جسماني لذت جي الف ب پهريون ڀيرو هيبت خان ئي سيکاري هئي. هاڻي هي ساڻس محبت ڪرڻ لڳي هئي. ائين کڻي چئجي ته محبت جي اصل معنيٰ هن کي هاڻي سمجهه ۾ اچڻ لڳي هئي. هو جيڪڏهن هڪ هفتو گم ٿي ويندو هو ته نواب گرامو فون تي درديلا گانا ٻڌندي هئي ۽ پاڻ به انهن سان گڏ ڳائيندي ۽ آهون ڀريندي هئي پر هن کي اها ڳالهه الجهائي وجهندي هئي ته هيبت خان موٽرن ۽ لارين کان گهٻرائيندو ڇو آهي!
مهينا گذري ويا، هنن ٻنهي جي وچ ۾ اڃا به وڌيڪ ويجهڙائي ٿيندي وئي پر ان سان گڏوگڏ هن جي الجهن ۾ به اضافو ٿيندو رهيو، هاڻي هيبت خان چند ڪلاڪن لاءِ ايندو هو ۽ افراتفريءَ واري صورتحال ۾ واپس هليو ويندو هو، نواب محسوس ڪندي هئي ته اهو سڀ ڪجهه مجبوريءَ سببان پيو ٿئي، نه ته هيبت خان دلي طور اهو چاهيندو هو ته هتي گهڻي دير ترسي، نواب ڪيترائي ڀيرا هن کان پڇيو هو پر هن ڳالهه کي ٽار صحيح جواب نه ٿي ڏنو.
هڪ ڏينهن صبح جو سوير ان جي ڊوج ٻوڙن جي هن پار اچي بيٺي نواب ستل هئي، هارن وڳو ته ڇرڪ ڀري اٿي، اکيون مهٽيندي ٻاهر آئي تيستائين هيبت خان پنهنجي موٽر پري بيهاري گهر جي ويجهو پهچي چڪو هو، نواب ڊڪندي اچي هن کي چنبڙي پئي. هيبت هن کي اندر ان ڪمري ۾ کڻي آيو جتي نهواري پلنگ پيل هو. ڪافي دير تائين ٻئي ڳالهيون ڪندا رهيا، پيار ۽ محبت جون ڳالهيون..... نه ڄاڻ نواب ڇا سوچيو جو هن جي دل ۾ زندگيءَ جي پهرئين فرمائش ڪرڻ جو خيال جاڳيو، چيائين ”خان..... مون کي سون جا ڪڙا وٺي ڏي.“
هيبت خان هن جي گوشت سان ڀريل ڳاڙهين ڀورين ٻانهن کي ڪئي ڀيرا چميو ۽ چيو، ”سڀاڻي ئي اچي ويندا، تنهنجي لاءِ ته منهنجي جان به حاضر آهي.“
نواب پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو ” خان صاحب...... ڇڏيو به ... جان ته اسان کي ڏيڻي پوندي.“
هيبت خان اهو ٻڌي سوين ڀيرا صدقي ٿيو ۽ ڏاڍو بر لطف وقت گذاري هليو ويو ۽ اهو واعدو ڪري ويو ته سڀاڻي ايندو ۽ سون جا ڪڙا هن جي نرم نرم هٿن ۾ پاڻ پهرائيندو.
نواب خوش هئي، ان رات هوءَ دير تائين ان ڪوٺڙيءَ ۾ نچندي رهي جنهن ۾ نهواري پلنگ هو. سردار به خوش هئي. ان رات هن وري دٻيءَ مان آفيم جي هڪ وڏي گوري ڪڍي ۽ ڳهي سمهي پئي.
ٻي ڏينهن نواب اڃا به وڌيڪ خوش ٿي رهي هئي ته اڄ سون جا ڪڙا اچڻ وارا آهن ۽ هيبت خان اهي پاڻ پهرائيندو. اهو سڄو ڏينهن منتظر رهي پر هو نه آيو. هن سوچيو شايد موٽر خراب ٿي پئي هوندس. شايد رات جو ئي اچي وڃي. هيءَ سڄي رات جاڳندي رهي پر هيبت خان نه آيو، هن جي نازڪ دل کي ڏاڍو صدمو پهتو هن پنهنجي ماءُ کي، يا هوءَ جيڪا به هيس، هر هر ٿي چيو ”خان ناهي آيو.... واعدو ڪري ڦري ويو.“ پر وري هن سوچيو ۽ چيو ”ائين ته ناهي ته ڪجهه ٿي ويو هجي“ ۽ وري وسامي ٿي وئي.
ڪيتريون ئي ڳالهيون سندس ذهن ۾ اچي رهيون هيون، موٽر جو حادثو، اچانڪ بيماري، ڪنهن ڌاڙيل جو حملو... پر هر هر هن کي لارين ۽ موٽرن جي آوازن جو خيال ايندو هو جن کي ٻڌي هيبت خان گهٻرائجي ويندو هو.... هيءَ انهيءَ بابت پهرن جا پهر سوچيندي رهندي هئي پر سندس سمجهه ۾ ڪجهه به نه ايندو هو.
هڪ هفتو گذري ويو. ان دوران هن جو ڪو پراڻو گراهڪ به نه آيو، ڇا لاءِ ته سردار انهن سڀني کي منع ڪري چڪي هئي. ٽي چار موٽرون ۽ لاريون البته ان سڻڪ تان ڌوڙ اڏائينديون گذري ويون، نواب کي هر ڀيري اهو خيال ٿي آيو ته ڊڪندي انهن جي پويان وڃي ۽ انهن کي باهه لڳائي اچي. هن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته اهي ئي شيون آهن، جيڪي هيبت خان کي هتي اچڻ لاءِ رڪاوٽ جو سبب بڻيل آهن پر وري سوچيندي هئي ته موٽر ۽ لاريون رڪاوٽ جو سبب ڪيئن ٿيون ٿي سگهن ۽ پنهنجي ڪم عقليءَ تي کلندي هئي. پر اها ڳالهه هن جي عقل کان مٿي هئي ته هيبت خان جهڙو مرد انهن آوازن کي ٻڌي گهٻرائجي ڇو ويندو آهي. ان حقيقت کي هن جي دماغ جو ڪوبه دليل وساري نه سگهندو هو ۽ پوءِ هوءَ ڏاڍي پريشان ۽ غم زده ٿي گرامون فون تي درديلا گانا ٻڌڻ شروع ڪندي هئي ۽ سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هو.
هڪ هفتي کان پوءِ منجهند جو نواب ماني کائڻ کان پوءِ فارغ ٿي چڪي، ڪجهه وقت آرام ڪرڻ لاءِ سوچي رهي هئي ته اوچتو ٻاهر سڙڪ تي موٽر جي هارن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ٻئي اهو آواز ٻڌي ڇرڪيون، ڇا لا ته اهو هيبت خان جي ڊوج جو آواز نه هو. سردار ٻاهر نڪتي ته ڪو پراڻو ماڻهو هجي ته کيس واپس ڪري، پر هوءَ جڏهن ٻوڙن وٽ پهتي ته هن ڏٺو ته هڪ نئين موٽر ۾ هيبت خان ويٺو آهي ۽ پوئين سيٽ تي هڪ خوش پوش ۽ خوبصورت عورت ويٺل آهي.
هيبت خان موٽر ڪجهه پرڀرو بيهاري ۽ ان خوبصورت سان گڏ هنن جي گهر طرف وڌڻ لڳو. سردار سوچيو ته هي ڇا سلسلو آهي، عورت جي لاءِ ته هيبت خان ايڏو پريان هتي ايندو آهي پوءِ هيءَ عورت جيڪا ايڏي خوبصورت آ، جوان آ، قيمتي ڪپڙا پهريل اٿس، ان سان گڏجي هتي ڇا ڪرڻ آيو آهي.
هيءَ اڃا اهو سوچي ئي رهي هئي ته هيبت خان ان خوبصورت عورت جنهن کي قيمتي زيور پهريل هئا، گهر ۾ وٺي آيو، هن سندن پويان پويان هلڻ شروع ڪيو، هن طرف انهن ٻنهي مان ڪنهن به ڌيان نه ڏنو.
جڏهن هيءَ اندر آئي ته هيبت خان، نواب ۽ اها عورت ٽئي ان نهواري پلنگ تي ويٺل هئا ۽ سانت لڳي پئي هئي. عجيب قسم جي سانت زيورن سان سٿيل عورت البته ڪجهه حد تائين ٿوري حيران ٿي لڳي ۽ هن جي هڪ ٽنگ ڏاڍي زور سان لُڏي رهي هئي.
سردار چانئٺ جي ڀر م ئي بيهجي وئي. سندس قدمن جو آواز ٻڌي هيبت خان هن طرف ڏٺو ته هن سلام ڪيو. هيبت خان ڪوبه جواب نه ڏنو، هو سخت گهٻرايل هو.
انهيءَ عورت جي ٽنگ لڏڻ بند ٿي وئي ۽ هوءَ سردار سان مخاطب ٿي، ”اسان آيا آهيون ته ڪجهه کائڻ پيئڻ جو ته بندوبست ڪر.“
سردار مهمان نوازيءَ واري ڀرپور انداز ۾ چيو”جيڪو تون چوين هاڻي تيار ٿي ويندو.“
ان عورت جنهن جي مهانڊن مان صاف ظاهر هو ته هو وڏي ترڪ تال عورت آهي. هن سردار کي چيو، ”ته پوءِ تون هن هل بورچي خاني ۾ چلهه ٻار، وڏي ديڳڙي آهي گهر ۾؟“
”ها آهي!“ سردار پنهنجو وزني مٿو چوريو.
”ته پوءِ وڃ، ان کي ڌوئي صاف ڪر، مان اجهو آيس.“ اها عورت پلنگ تان اٿي ۽ گرامون فون ڏسڻ لڳي. سردار معذرت واري لهي ۾ چيو ”گوشت وغيره ته هتي نه ملندو.“
ان عورت هڪ رڪارڊ تي سئي رکي چيو، ”ملي ويندو، تو کي جيڪو چيو آ سو ڪر ۽ ها باهه گهڻي هجي.“
سردار اهي حڪم وٺي هلي وئي. هاڻي اها خوش پوش عورت مرڪندي نواب سان مخاطب ٿي ”نواب اسان تو لاءِ سون جا ڪڙا کڻي آيا آهيون.“
اهو چئي هن پنهنجي پرس کولي ۽ ان مان نفيس ڳاڙهي ڪاغذ ۾ ويڙهيل ڪڙا ڪڍيا، جيڪي ڪافي وزني ۽ خوبصورت هئا.
نواب پنهنجي ڀر م ويٺل خاموش هيبت خان کي تڪي رهي هئي. نواب هڪ نظر ڪڙن تي وڌي ۽ ڏاڍي نرم ۽ نازڪ پر هيسيل لهجي ۾ پڇيو، ”خان، هيءَ ڪير آهي؟“
هن جو اشارو ان عورت ڏانهن هو.
ان عورت ڪڙن سان کيڏندي ڳالهايو”مان ڪير آهيان؟ مان هيبت خان جي ڀيڻ آهيان.“ ۽ ائين چئي هيبت خان طرف ڏٺائين، جيڪو هن جي ان جواب تي سڪڙجي ويو هو. پوءِ هن نواب کي ڏانهنس تڪيندي چيو، ”منهنجو نالو هلاڪت آهي.“
نواب کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو. هوءَ انهي عورت جي اکين کان ڊڄي رهي هئي، جيڪي يقينن خوبصورت ته هيون پر ڀوائتي انداز ۾ کليل هيون، انهن مان جهڙوڪ باهه وسي رهي هئي.
هوءَ اڳتي وڌي ۽ گهٻرايل هيسيل نواب جون ٻانهون پڪڙيون ۽ انهن ۾ ڪڙا وجهڻ لڳي، ٻانهون ڇڏيندي هيبت خان سان مخاطب ٿي، ”تون وڃ هيبت خان، مان هن کي چڱي طرح ٺاهي سنواري تنهنجي خدمت ۾ پيش ڪرڻ چاهيان ٿي.“
هيبت خان مهو لڳو پيو هو. جڏهن هو نه اٿيو ته ان عورت جنهن پنهنجو نالو هلاڪت ٻڌايو هو، ڪجهه زور سان چيو ”وڃ.... تو ٻڌو نه !“
هيبت خان نواب کي ڏسندو، ٻاهر هليو ويو. هو ڏاڍو پريشان هو. سندس سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته هو ڪيڏانهن وڃي ۽ ڇا ڪري؟
گهر جي ٻاهران جيڪو ورانڊي جيان هو، ان جي هڪ ڪنڊ ۾ ننڍڙو بورچي خانو هو، هي جڏهن ان جي ويجهو پهتو ته ڏٺائين ته سردار باهه ٻاري رهي هئي، هن ان سان ڪجهه به نه ڳالهايو ۽ ٻوڙن جي هن پار سڙڪ تي هليو ويو... سندس حالت نيم ديوانن جهڙي هئي. ٿوري کڙڪي تي به هي ڇرڪي پوندو هو.
جڏهن هن کي پريان کان هڪ لاري ايندي نظر آئي ته هن سوچيو ته هو ان کي روڪي ۽ ان ۾ چڙهي هتان گم ٿي وڃي پر جڏهن اها ويجهو آئي ته اهڙي ڌوڙ اٿي جو هي ان ۾ گم ٿي ويو هن سڏ ڪيا پر مٽيءَ جي ڪري هن جو ڳلو ان لائق ئي نه رهو جو وڏو آواز ڪڍي سگهي.
مٽِي گهٽ ٿي ته هيبت خان بي حال هو. هن چاهيو ٿي ته ٻوڙن پويان ان گهر ۾ وڃي جتي هن ڪيترائي ڏينهن ۽ ڪيتريون ئي راتيون نواب جي مست جواني جي ڀر ۾ گذاريون هيون پر هي نه وڃي سگهيو، سندس قدم ئي نه ٿا کڄيا.
هي ڪافي دير تائين ڪچي سڙڪ تي بيهي سوچيندو رهيو ته هي معاملو ڇا هي؟ اها عورت جيڪا هن سان گڏ آئي هئي انهيءَ سان هن جا ڪافي پراڻا واسطا هئا، فقط انهيءَ حوالي سان ته هو ان جي مڙس جي تعزيت لاءِ ويو هو جيڪو هن جو گهاٽو دوست هو، پر اتفاق سان اها تعزيت هنن جي تعلق ۾ تبديل ٿي وئي. مڙس جي موت کان ٻئي ڏينهن تي ئي هو ان جي گهر ۾ هو ته ان عورت هن کي اهڙو محڪوم بڻايو ۽ پنهنجو پاڻ هن جي حوالي ڪيو جو ڄڻ ته هي ڪو سندس غلام هجي. هيبت خان عورت جي معاملي ۾ بلڪل اڻ ڄاڻ ۽ ڪورو هو. جڏهن شاهينا هن سان پنهنجي عجيب و غريب انداز ۾ مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪيون ته هن لاءِ اها ئي تمام وڏي ڳالهه هئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شاهينا وٽ بي انداز دولت هئي ڪجهه پنهنجي ۽ ڪجهه پنهنجي مرحوم مڙس جي، پر هيبت کي هن جي دولت سان ڪا به دلچسپي نه هئي. کيس شاهينا ۾ فقط انهيءَ ڪري دلچسپي هئي جو هوءَ هن جي زندگيءَ ۾ ايندڙ پهرئين عورت هئي. هي ان جي حڪم جو بندو ان ڪري به ٿي ويو هو جو بلڪل اڻ ڄاڻ هو.
ڪافي دير تائين هي ڪچي سڙڪ تي سوچيندو رهيو، آخر ڪار هن کان رهيو نه ٿيو ۽ ٻوڙن پويان گهر طرف هلڻ لڳو. هن ورانڊي واري ننڍڙي بورچي خاني ۾ سردار کي ڪجهه پڃندي ڏٺو، هو اندر ان ڪمري طرف ويو جتي نهواري پلنگ هو پر دروازو بند ٿيل هو. هن آهستي در کڙڪايو، چند گهڙين بعد دروازو کليو ڪچي فرش تي سڀ کان پهريون هن کي خون ئي خون نظر آيو، هي ڇرڪي پيو. پوءِ هن شاهينا کي ڏٺو جيڪا دروازي جي تاڪ سان لڳي بيٺي هئي، هن هيبت خان کي چيو ”مان تنهنجي نواب کي سنبرائي ڇڏيو آهي.“
هيبت خان پنهنجي خشڪ نڙي کي ٿڪ سان ڪجهه تر ڪري کانئس پڇيو، ”ڪٿي آهي؟“
شاهينا جواب ڏنو ”ڪجهه ته هن پلنگ تي آهي پر.... پر هن جو بهترين حصو بورچي خاني ۾ آهي“
هيبت خان تي هن جو مطلب سمجهڻ کان بغير ئي هيبت طاري ٿي وئي. هو ڪجهه به نه ڪڇي سگهيو، اتي ئي چانئٺ جي ڀر ۾ بيٺو رهيو. پر هن ڏٺو ته فرش تي گوشت جا ننڍا ننڍا ٽڪرا به پيل آهن ۽ هڪ تيز ڇري به پيل آهي ۽ نهواري پلنگ تي ڪو ئي ليٽيل آهي، جنهن تي خون لڳل چادر به پيل آهي.
شاهينا مسڪرائيندي چيو ”چادر کڻي ڏيکاريان..... تنهنجي ٺهيل. سنواريل نواب آهي... مان هن کي پنهنجي هٿن سان سينگاريو آهي... پر تون پهرين ماني کائي وٺ..... تو کي بک لڳي هوندي. سردار ڏاڍو لذيز گوشت ڀڃائي رهي آهي. ان جون ٻوٽيون مان خود پنهنجن هٿن سان ڪٽيون آهن.“
هيبت خان جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون. تيز رڙ ڪري چيائين،
”شاهينا تو هي ڇا ڪيو؟“
شاهينا مرڪي چيو، ”جان من، هي پهريون ڀيرو ناهي... ٻيو ڀيرو آهي. منهنجو مڙس الله کيس جنت نصيب ڪري تو وانگر ئي بي وفا هو، مان خود ان کي ماريو هو پنهنجي هٿن سان ۽ سندس گوشت پچائي ڪانون ۽ هِلن کي کارايو هو... تو سان مون کي پيار هو.... ان ڪري مان تنهنجي بدران...“
هن جملو پورو نه ڪيو ۽ پلنگ تان خون لڳل چادر هٽائي ڇڏي، هيبت خان جي رڙ سندس نڙي اندر ئي رهجي وئي ۽ هو بيهوش ٿي ڪري پيو.
جڏهن هن کي هوش آيو، ته هن ڏٺو، شاهينا ڪار هلائي رهي آهي، ڪنهن غير علائقي ۾.

سنڌيڪار :رضوان گل