مزوري
هڪ ماڻهو هارمونيم جي پيٽي کنيو خوش خوش ڳائيندو پيو وڃي.
هڪ ننڍڙو ٻار جهولي ۾ پاپڙ کنيو ڀڳو پيو وڃي. ٿُڏو جو ان کي آيو ته ڪجهه پاپڙ ڪري پيا. ٻار انهن کي کڻڻ لاءِ جهڪيو ته هڪ ماڻهو، جنهن جي مٿي تي ڪپڙن سبڻ جي مشين هئي، هن کي چيو:
”رهڻ ڏي پٽ.“
بازار ۾ آواز سان هڪ ڀريل ٻوري ڪري. هڪ شخص جلدي ۾ وڌي پنهنجي ڪاتيءَ سان ان جو پيٽ چيريو ته آنڊن بدران کنڊ، اڇن اڇن داڻن واري کنڊ ٻاهر نڪري پئي. ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ پنهنجون جهوليون ڀرڻ لڳا. هن جلدي ۾ پنهنجو ويڙهيل لٽو ڪڍيو ۽ مٺيون ڀري ڀري ان ۾ وجهڻ لڳو.
”پري ٿيو- پري ٿيو-“ هڪ ٽانگي وارو تازو رڱيل الماريون کنيو گذري ويو.
ڊگهي گهر جي دري مان ململ جو تاڪيو ڦڙلاٽ ڪندو ٻاهر نڪتو. شعلي جي زبان آهستگي سان هن کي چٽيو... روڊ تائين پهتو ته خاڪ جو ڍير هو.
”پوُن پُون- پُون پُون-“ موٽر ڪار جي هارن جي آوز سان گڏ ٻن عورتن جون رڙيون به شامل هيون.
لوهه جي هڪ سيف ڏهن پندرهن ماڻهن ڇڪي ڪڍي ۽ لٺين جي مدد سان ان کي کولڻ شروع ڪيو.
ڪائو اينڊ گيٽ کير جا ڪيترائي دٻا ٻنهي هٿن تي کنيو پنهنجي گاڏي سان ان کي ٽيڪ ڏيندو هڪ ماڻهو دڪان مان ٻاهر نڪتو ۽ آهستي آهستي بازار ۾ هلڻ لڳو.
ڏاڍيان آواز آيو: ”اچو! اچو! ليموينڊ جون بوتلون پئو. گرمي جي موسم آهي.“
ڪنڌ ۾ ڪار جو ٽائر وڌل هڪ ماڻهو ٻه بوتلون ورتيون ۽ مهرباني مڃڻ کان سواءِ هليو ويو.
هڪ آواز آيو: ”ڪو باهه وسائيندڙن کي اطلاع ڏي. سڀ ڪجهه سڙي ويندو.“ ڪنهن به ان مفيد مشوري تي ڌيان نه ڏنو.
ڦرلٽ جي بازار انهي طرح گرم رهي ۽ ان گرمي ۾ چئني پاسي ڀڙڪندڙ باهه لاڳيتو واڌارو آڻيندي رهي، گهڻي دير کان پوءِ ٽڙ ٽڙ جا آواز آيا. گوليون وسڻ لڳيون.
پوليس کي بازار خالي نظر آئي. پر پوءِ پري دونهين ۾ موڙ ڀرسان هڪ ماڻهو جو پاڇو نظر آيو. پوليس جا ماڻهو سيٽيون وڄائيندا هن جي پٺيان ڀڳا. پاڇو تيزيءَ سان دونهين ۾ گهري ويو. پوليس جا سپاهي به هن جي پٺيان ويا.
دونهين جي حد ختم ٿي ته سپاهين کي هڪ ڪشميري مزور پٺيءَ تي ڳوري ٻوري کنيون ڀڄندي نظر آيو. سيٽين جون نڙيون خشڪ ٿي ويون پر اهو ڪشميري مزور نه بيٺو. هن جي پٺيءَ تي وزن هو، معمولي نه، هڪ ڀريل ٻوري هئي. پر هو ايئن ڀڄي رهيو هو ڄڻ پٺيءَ تي ڪجهه هجيس ئي نه.
سپاهي سهڪڻ لڳا. تنگ اچي هڪ ڄڻي پستول ڪڍي گولي وهائي ڪڍي، جيڪا ڪشميري مزور جي پٺيءَ ۾ لڳي. ٻوري هن جي پٺيءَ تان ڪري پئي. گهٻرائجي هن پٺيان ايندڙ سپاهين کي ڏٺو. پٺيءَ مان وهندڙ رت تي به هن غور نه ڪيو، پر هڪ ئي جهٽڪي سان ٻوري کنئي ۽ پٺيءَ تي رکي وري ڀڄڻ لڳو.
سپاهين چيو: ”وڃڻ ڏيوس، جهنم ۾ وڃي.“
اوچتو منڊ ڪائيندي ڪشميري مزور لڏيو ۽ ڪري پيو. ٻوري هن جي مٿان اچي پئي.
سپاهين هن کي پڪڙيو ۽ ٻوري سميت وٺي ويا.
رستي ۾ ڪشميري مزور ڪيترائي ڀيرا چيو ته ”سائين توهان مون کي ڇو ٿا پڪڙيو، مان ته غريب ماڻهو آهيان، چانورن جي هڪ ٻوري آهي، گهر ۾ کائيندم. توهان ناحق مون کي گولي هنئي.“ پر هن جي هڪ به نه ٻڌي وئي.
ٿاڻي ۾ به ڪشميري مزور پنهنجي صفائيءَ ۾ گهڻو ڪجهه چيو. ”سائين، ٻين ماڻهن وڏو وڏو مال کنيو مان ته رڳو هڪ چانورن جي بوري کنئي. سائين مان ڏاڍو غريب آهيان. هر روز ڀت کائيندو آهيان.“
جڏهن هو همت هاري بيٺو ته هن پنهنجي ميري ٽوپيءَ سان مٿي جو پگهر اگهيو ۽ چانورن جي ٻوري کي حسرت سان ڏسندي ٿاڻيدار آڏو هٿ ڊگهيري چيو: ”چڱو سائين! تون ٻوري پاڻ وٽ رک، مون کي پنهنجي مزوري ڏيو. چار آنا!“
ترجمو: رياضت ٻرڙو