ڪھاڻيون

سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون

منٽو جي ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي جو سهيڙيندڙ جبران زيب آهي. سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن. سنڌي پڙهندڙن لاءِ پڻ منٽوءَ جو نالو نئون ناهي. ڪيترن ئي سالن کان هن جون ڪهاڻيون مختلف وقتن تي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن مان ڪجهه ترجمن جا ننڍا ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن ، پر هن ڪتاب جي صورت ۾ پهريون دفعو منٽوءَ جي ڪهاڻين جو هڪ وڏو تعداد سهيڙيو ويو آهي ، جنهن سان سنڌي ادب جا پڙهندڙ سعادت حسن منٽو جي فن ۽ فڪر کان واقف ٿي سگهندا.
Title Cover of book سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون

سهڪار

چاليهه پنجاهه لٺ بردار ماڻهن جو هڪ ٽولو لٽ ڦر ڪرڻ لاءِ هڪ گهر ڏانهن وڌي رهيو هو. اوچتو ان ڀيڙ کي چيري هڪ ڏٻرو ۽ اڌيڙ عمر وارو ماڻهو ٻاهر نڪتو ۽ هن ليڊرانه انداز ۾ لٽيرن کي مخاطب ٿيندي چيو: ”ڀائرو هن گهر ۾ بيشمار دولت آهي، بي انداز قيمتي سامان آهي، اچو ته اسان سڀئي گڏجي هن تي قابض ٿيون ۽ مال غنيمت پاڻ ۾ ورهائي کڻون.“
هوا ۾ ڪيئي لٺيون اڀيون ٿيون. ڪيئي مڪون بلند ٿيون ۽ وڏي واڪ نعرن جو وسڪارو ٿيڻ لڳو. چاليهه پنجاهه ماڻهن جو ساڳيو ٽولو ان ڏٻري ۽ اڌڙوٽ عمر واري ماڻهو جي قيادت ۾ ان گهر ڏانهن تيزيءَ سان وڌڻ لڳو. جنهن ۾ بي انداز دولت ۽ بيشمار قيمتي سامان هو.
گهر جي مک دروازي وٽ بيهي ان ڏٻري ماڻهوءَ هڪ ڀيرو ٻيهر ڦورن سان مخاطب ٿيندي چيو ”ڀائرو هن گهر ۾ جيترو به مال آهي، اهو سڀ توهان جو آهي، پر ٻيلي هڪ ٻئي کان کسڻ جي ڪوشش نه ڪجو ۽ نه ئي پاڻ ۾ وڙهجو ، هليا اچو.“
هڪڙي رڙ ڪئي، ” دروازي کي تالو آ.“
ٻئي رڙ ڪري چيو ”ڀڃوس!“
”ڀڃوس...... ڀڃوس!“
هوا ۾ ڪيئي لٺيون بلند ٿيون، ڪيئي مڪون اڀيون ۽ بلند نعرن جو مينهن وسڻ لڳو.
ڏٻري ماڻهوءَ هٿ جو اشارو ڪري دروازو ڀڃڻ وارن کي روڪيو ۽ مرڪي چيو ”ڀائرو ترسو. مان ان کي چاٻيءَ سان کوليان ٿو.“ اهو چئي هن پنهنجي کيسي مان چاٻين جو ڇڳو ڪڍيو ۽ انهن مان هڪ چاٻي چونڊي تالي ۾ وجهي ان کي کوليو. ٽالهيءَ جو وزنائتو در چيڪٽ ڪري کلي پيو ۽ ماڻهن جو حجوم چرين وانگر اندر داخل ٿيڻ لاءِ اڳتي وڌيو. ڏٻري ماڻهوءَ نرڙ جو پگهر ٺوٺ سان اگهندي چيو ”ڀائرو تڪڙ نه ڪيو جيڪي ڪجهه هن گهر ۾ آهي سڀ توهان جو آهي ته پوءِ ان افراتفريءَ جي ڪهڙي لوڙ پئي آهي؟“
حجوم ۾ هڪدم ضبط پيدا ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ هڪ هڪ ڄڻو ٿي گهر ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿيو. جيئن ئي هنن سامان لٽڻ شروع ڪيو ته وٺ سٺ مچي وئي ۽ ڏاڍي بي رحميءَ سان لٽيرا شين جي لٽ ڪرڻ لڳا.
ان ڏٻري ماڻهوءَ جڏهن اهو منظر ڏٺو ته ڏاڍي ڏکاري آواز ۾ لٽيرن کي چيو ”ڀائرو ڪجهه شرم ڪيو. پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ وٺ سٺ ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. سيبتائيءَ مان ڪم وٺو. جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا وڌيڪ قيمتي شيءِ هٿ اچي وئي آهي ته ان سان ساڙ نه ڪريو. گهر تمام وڏو آهي پنهنجي لاءِ ڪا ٻي شيءِ ڳولهي وٺو. ايئن ڪرڻ ۾ وحشي نه ٿيو، تاڪوڙو وجهندؤ ته شيون ڀڄي ڀري پونديون جنهن ۾ نقصان توهان جو ئي آهي.“
هٿ کس ڪندڙن ۾ هڪ ڀيرو وري ضابطو اچي ويو. ڀريل گهر آهستي آهستي خالي ٿيڻ لڳو.
ڏبرو ماڻهو گهڙيءَ گهڙيءَ هنن کي هدايتون ڏيندو رهيو ”ڏس ڀاءُ هي ريڊيو آهي آرام سان کڻ ايئن نه ٿئي جو ڀڄي پوي. اچي وٺ هيءُ ان جي تار به ساڻ کنيون وڃ. ويڙهيس يار ويڙهيس ... اها اخروٽ جي ڪاٺيءَ جي کٽ آهي... عاج جي گينڊي ڏاڍي نازڪ آهي ... ها هاڻي ٺيڪ آ.نه نه. هتي نه پيءُ بدمست ٿي ويندين. اها کڻي گهر وڃي پيءُ.... ترس، ترس. مون کي مين سوئچ بند ڪرڻ ڏي. ايئن نه ٿئي جو متان توکي ڪرنٽ لڳي وڃي.....“
ايتري ۾ هڪ ڪنڊ کان لڙ ٿيو. چار لٽيرا ريشمي ڪپڙي جو هڪ ٿانُ هڪ ٻئي کان کسي رهيا هئا. ڏٻرو همراهه تيزيءَ سان انهن ڏانهن وڌيو ۽ ملامت ڀري لهجي ۾ انهن کي چيو ”توهان ڪيڏا نه بي سمجهه آهيو. ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيندؤ اهڙي قيمتي ڪپڙي کي. گهر ۾ سڀ شيون موجود آهن گز به هوندو رڳو ڳولهي وٺو ۽ ماپ ڪري ڪپڙو پاڻ ۾ ورهائي کڻو.“
اچانڪ ڪتي جي ڀونڪڻ جو آواز آيو . هئو هئو هئو. اک ڇنڀ ۾ هڪ وڏو ڪتو هڪ ئي بل سان اندر ٽپيو. ٽپڻ سان ئي هن ٻن ٽن ڦورن کي ڦٽي وڌو. ڏٻري رڙ ڪئي، ”ٽائيگر ٽائيگر!“
ٽائيگر جنهن جو ڀوائتو وات هڪ لٽيري جي ڪنڌ ۾ هيو، پڇ لٽڪائيندي ڏٻري ماڻهوءَ ڏانهن نيڻ نوڙائي پير مٿي کڻڻ لڳو.
ڪتي جي اچڻ سان ئي سڀ لٽيرا ڀڄي ويا. صرف هڪ ڄڻو رهجي ويو جنهن جي ڪنڌ جو ٽڪرو ٽائيگر جي وات ۾ هو. ان ڏٻري ماڻهوءَ ڏانهن ڏٺو ۽ پڇيو، ”ڪير آهين تون؟“
ڏٻرو همراهه مشڪيو ۽ چيائين، ”هن گهر جو مالڪ. ڏس ڏس خيال ڪر تنهجي هٿ مان چينيءَ جو ٿانوُ ٿو ڪري!“

ترجمو: شوڪت بخاري