ڦوجو حرامي
هي ڏهين جماعت جي ڳالهه آهي، هڪ ڏينهن يارن دوستن هن کي چيو ”ڦوجا! جي تون پنهنجا ڪپڙا لاهي اگهاڙو ٿي سڄي اسڪول جو چڪر لڳائيندين ته اسان توکي هڪ رپيو ڏينداسين.“ ڦوجو رپيو وٺي ڪن ۾ ڦاسايو، پنهنجا ڪپڙا لاهي ٿيلهي ۾ وڌا ۽ سڀني جي سامهون هلڻ لڳو، ڪلاسن کان گذرندو اچي هيڊ ماستر صاحب جي آفيس وٽ پهتو، در کوليائين ۽ زڙاپ اندر نه ڄاڻ ڇا ٿيو، هيڊ ماستر صاحب هڪو ٻڪو ٿي ٻاهر نڪتو ۽ پٽيوالي کي گهرائي چيائين، ”وڃ، ڀڄندو وڃ ڦوجي حراميءَ جي گهران ان جا ڪپڙا کني اچ، چوي ٿو ته مان مسجد جي ڀر ۾ وهنجان پيو ته منهنجا ڪپڙا ڪو چور کڻي هلي ويو.“
دينيات جو ماستر مولوي پوٽيٽو هو، خبر ناهي، ان کي پوٽيٽو ڪهڙِي خيال کان چوندا هئا ڇو ته پٽاٽن کي ته ڏاڙهي ناهي هوندي. ان کان ڦوجو ڪجهه ڊڄندو هو، پر هڪ ڏينهن اهڙو آيو جو انجمن جي ميمبرن جي سامهون مولوي صاحب غلطيءَ وچان هن کان هڪ آيت جو ترجمو پڇي ويٺو، ڪرڻ ته ائين کپندو هوس ته خاموش رهي ها، پر ڦوجو حرامي ڪيئن سڃاتو وڃي جيڪو زبان تي آيس، ڦهڪائي ويٺو. مولوي پوٽيٽو جا پگهر وهي پيا، ميمبر ٻاهر نڪتا ته هن ڪاوڙ مان ڏڪندي ٿڙڪندي پنهنجو ڏنڊو کنيو ۽ ڦوجي کي ٻه ٽي وهائي ڪڍيائين، پر هي وڏي ادب سان چوندو رهيو. “مولوي صاحب ! منهنجو ڏوهه ناهي، مون کي ته ڪلمو به چڱي طرح ناهي ايندو ۽ توهان وري هڪڙي سچي آيت جو مطلب پڇيو“
مارڻ سان مولوي پوٽيٽو صاحب جي دل نه ٺري ته هو ڦوجي حراميءَ جي پيءُ وٽ دانهن کڻي ويو. ڦوجي جي پيءَ ان جون سڀ ڳالهيون ٻڌيون ۽ پوءِ رحم واري لهجي ۾ چيو”مولوي صاحب! مان پاڻ هن کان بيزار ٿي ويو آهيان. مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هن جي اصلاح آخر ٿيندي ڪهڙيءَ ريت، هاڻي ڪلهه جي ئي تازي ڳالهه آ ته مان غسل خاني ۾ هيس ته هن ٻاهران ڪڙو ڏئي ڇڏيو. ڏاڍي ڪاوڙ مان گاريون ڏنيون مانس، پر هن چيو ته اٺ آنا ڏيڻ جو واعدو ڪندين ته دروازو کلندو ۽ جيڪڏهن ڦري وئين ته ٻئي ڀيري ڪڙي ۾ تالو به لڳائيندس ۽ پوءِ مجبور ٿي اٺ آنا ڏيڻا پيا. هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته اهڙي نٺ ڇوري کي مان ڪيان ڇا! رب ٿو ڄاڻي ته هن جو ڇا ٿيندو. پڙهي ڌوڙ به ڪونه ٿو.“ جڏهن انٽرنس جو امتحان ٿيو ته سڀني کي پڪ هئي ته هي فيل ٿيندو پر نتيجو نڪتو ته ڪلاس ۾ سڀني کان وڌيڪ مارڪون ئي هن جون هيون! هن جي پنهنجي ڪوشش هئي ته هو ڪاليج ۾ داخلا وٺي، پر پيءُ جي خواهش هيس ته هي ڪو هنر سکي، انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو جو هي ٻه سال آواره رلندو رهيو، انهيءَ عرصي دوران هن جيڪي حرام پايون ڪيون انهن جي تمام وڏي فهرست آهي. بيزار ٿي آخر ڪار سندس پيءُ هن جي ڪاليج ۾ داخلا ڪرائي. اتي پهرئين ئي ڏينهن اها حرڪت ڪيائين ته مئٿمئٽڪس جي پروفيسر جي سائيڪل کڻي وڻ جي مٿئين ڏار تي لڙڪائي ڇڏيائين. سڀ پريشان ته سائيڪل اتي پهتي ڪيئن ، پر اهي ڇوڪرا جيڪي اسڪول ۾ ڦوجي سان گڏ پڙهندا هئا سي سمجهي ويا ته هي ڪارنامو ڦوجي کان سواءِ ٻي ڪنهن جو ٿي ئي نه ٿو سگهي ۽ ان هڪ ئي حرڪت جي ڪري هن جو سڄي ڪاليج سان تعارف به ٿي ويو. اسڪول ۾ هن جي سرگرمين جو ميدان ڪجهه محدود هو پر ڪاليج ۾ اهو ميدان وسيع ٿي ويو. پڙهائي ۾، راندين ۾، مشاعرن ۾ ۽ بحث مباحثن ۾ هر هنڌ ڦوجي جو نالو روشن ٿيل هو ۽ وري ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ايترو ته روشن ٿي ويو جو سڄي شهر ۾ هن جي داداگيري جو ڌاڪو ڄمي ويو. ۽ وڏا وڏا ڍنگ بدمعاش به هن کان ڪئه کائڻ لڳا. بندرو قد پر بدن ڪسرتي هيس. هن جي ٽڪر هڻڻ جو اندازو ڏاڍو مشهور هوندو هو ايڏي ته زور سان سامهون واري جي سيني يا پيٽ ۾ پيٽ ۾ ٽڪر هڻندو هو جو اڳلي جي سڄي وجود ۾ زلزلو اچي ويندو هو.
انٽر ۾ پهتو ته ائين ئي مزي وٺڻ خاطر هن ڪاليج جي پرنسپال جي نئين گاڏيءَ جي پيٽرول واري ٽانڪيءَ ۾ چار آنا کنڊ وجهي ڇڏي. پرنسپال کي ڪٿان خبر پئجي وئي ته اها خطرناڪ حرڪت ڦوجي جي ئي آهي پر حيرت جي ڳالهه اها هئي ، ته پرنسپال هن کي معاف ڪري ڇڏيو. اها خبر بعد ۾ پئي ته ڦوجي کي ان جي گهڻن رازن جي خبر هئي. هونءُ ڦوجو پاڻ قسم کڻي چوندو هو ته مان پرنسپال کي ڪنهن به قسم جي ڌمڪي وغيره نه ڏئي هئي ته مون کي سزا ڏيندين ته راز فاش ڪندو مانءِ.
هي اهو زمانو هو جڏهن ڪانگريس جو ڏاڍو زور هو، انگريزن خلاف کلي عام جلسا جلوس ٿيندا هئا، حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جون ڪيتريون ئي ناڪام ڪوششون ٿي چڪيون هيون، گرفتارين جي ڀرمار هئي، سڀئي جيل باغين سان ڀريل هئا. آئي ڏينهن تي ريل جون پٽڙيون اکيڙيون وينديون وينديون هيون، خطن جي دٻن ۾ گندرف وارا مادا وڌا ويندا هئا، بم ٺهڻ لڳا ها، پستول پڪڙيا ويندا هئا، مطلب ته هڪ افراتفري وارو ماحول هو ۽ ان ۾ اسڪول ۽ ڪاليج جا شاگرد به شامل هئا. ڦوجو سياسي ماڻهو بلڪل نه هو، منهنجي خيال ۾ ته هن کي اها به خبر نه هئي ته مهاتما گانڌي ڪير هو، پر هڪڙي ڏينهن جڏهن اوچتو هن کي پوليس گرفتار ڪيو سو به هڪ سازش جي سلسلي ۾، نه سڀني کي ڏاڍي حيرت ٿي.
ان کان اڳ ۾ ڪيتريون ئي سازشون پڪڙيون ويون هيون. سانڊرس جي قتل جي سلسلي ۾ ڀڳت سنگهه ۽ دت کي ڦاسي اچي چڪي هئي، ان ڪري هي معاملو به ڏاڍو سنگين ٿي لڳو. الزام هي هو ته مختلف ڪاليجن جي ڇوڪرن پاڻ ۾ گڏ ٿي هڪ ڳجهي جماعت ٺاهي آهي. جنهن جو مقصد ملڪ جو تختو اونڌو ڪرڻ آهي. انهن مان ڪجهه ڇوڪرن ڪاليج جي ليباريٽريءَ مان پڪرڪ ايسڊ چورايو هو جيڪو بم ٺاهڻ جي ڪم ايندو آهي. ڦوجي جي باري ۾ شڪ هو ته هي انهن جو اڳواڻ آهي ۽ کيس سڀني ڳجهن رازن جي خبر آهي. هن سان گڏ ڪاليج جا ٻه ٻيا ڇوڪرا به پڪڙيا ويا، انهن ۾ هڪ مشهور بئريسٽر جو پٽ هو ۽ ٻيو رئيس. انهن جو ته ڊاڪٽري معائنو ڪرايو ويو، جنهن ڪري پوليس جي مارڪٽ کان بچي ويا پر غريب ڦوجي کي ناهوڪي گڏ آئي. ٿاڻي ۾ ويچاري کي ابتو ٽنگي ڪٽيو ويو، برف جي نادين تي بيهاريو ويو. مطلب ته هن کي هر قسم جي جسماني اذيت پهچائي وئي ته راز جون ڳالهيون ٻڌائي پر هي به ڪتي جي هڏي هو، ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍيائين بلڪه اتي به هي پنهنجن حرڪتن کان نه مڙيو. هڪ ڀيرو جڏهن مار برداشت نه ڪري سگهيو ته هن صوبيدار کي هٿ روڪڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ واعدو ڪيائين ته سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿو. بلڪل بيحال ٿي ويو هو ان ڪري هن گرم گرم کير ۽ جليبيون گهريون، طبعيت سامت ۾ آيس ته صوبيدار قلم ۽ ڪاغذ کنيو ۽ چيائين ته ”ها ڀائو، هاڻي ٻڌاءِ.“ ڦوجي پنهنجي مار کاڌل عضون جو جائزو وٺي جواب ڏنو، ”هاڻي ڇا ٻڌايان، طاقت اچي وئي آهي، وري چاڙهيو پنهنجي ٽڪٽڪيءَ تي.“
اهڙا ٻيا به ڪيترائي قصا آهن، جيڪي ياد ناهن پر آهن ڏاڍا پر لطف ملڪ حفيظ جيڪو اسان جو هم جماعت هو، ان جي زباني ٻڌجن ها ته وڌيڪ مزو اچي ها.
هڪ ڏينهن پوليس جا ٻه سپاهي ڦوجي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ وٺي اچي رهيا هئا ته ضلعي ڪچهريءَ ۾ هن جي نظر ملڪ حفيظ تي پئي جيڪو اتي ڪنهن ڪم سان آيل هو. کيس ڏسندي ئي رڙ ڪيائين ”السلام عليڪم ملڪ صاحب !“ ملڪ صاحب ڇرڪي پيو. ڦوجو هٿڪڙين ۾ ان جي سامهون بيٺو مرڪي رهيو هو.
”ملڪ صاحب ! ڏاڍو اداس ٿي ويو آهيان، دل ٿي چئي توهان به اچو مون ڏي. بس منهنجي زبان مان تنهنجو نالو نڪرڻ ئي ڪافي آهي.“ ملڪ حفيظ جڏهن اهو ٻڌو ته سندس روح قبض ٿي ويو. ڦوجي هن کي ڏاڙهي ڏيکاري. ”گهٻراءِ نه ملڪ! مذاق ٿو ڪيانءِ، هونءَ مون لاءِ ڪا خدمت هجي ته ٻڌاءِ جانءِ.“
هاڻي اهو توهان ئي ٻڌايو ته هو ڇا ٿي ڪري سگهيو. ملڪ حفيظ گهٻرائي رهيو هو اک وٺي ڀڄڻ وارو ئي هو ته ڦوجي چيس ”ادا، ٻيو ته اسان کان ڪجهه به نه ٿي سگهندو، چوين ته تنهنجي بدبو دار کوهه جو گند ڪڍرايان.“
ملڪ حفيظ ئي توهان کي ٻڌائي سگهندو ته ڦوجي کي ان کوهه کان ڪيترن نفرت هئي، ان جي پاڻي مان هن کي مئل ڪوئن جي ڌپ ايندي هئي، نه ڄاڻ ڇو ماڻهو ان کي صاف نه ڪرائيندا هئا.
ملڪ حفيظ جي بيان مطابق هڪ هفتو پوءِ، هو ٻاهر وهنجڻ لاءِ نڪتو، ڇا ڏسي ته ٻه ٽي ٽوٻا کوهه جي گندگي ڪڍڻ ۾ مصروف آهن. ڏاڍو حيران ٿيو ته ڳالهه ڇا هي، هنن کي گهرايو ڪنهن آ، پاڙيسرن جو اندازو هو ته وڏي ملڪ صاحب کي ويٺي ويٺي خيال اچي ويو هوندو ته کوهه جي صفائي ڪرائي وٺجي، ماڻهو به ڇا ياد ڪندا. پر جڏهن انهن ماڻهن کي اها خبر پئي ته ننڍي ملڪ صاحب کي ته ان باري ۾ ڪابه سڌ ناهي ۽ وڏو شڪار تي ويل آهي، ته کين اڃا وڌيڪ حيراني ٿي. پوليس جا بنا وردي وارا سپاهي ڏسي خبر پئي ته ڦوجي جي نشاندهي تي هو کوهه مان بم ڳولي رهيا آهن. ڪافي دير تائين گند نڪرندو رهيو، پاڻي صاف شفاف ٿي ويو ، پر بم ته ڇا، ڪو ڦٽاڪو به نه نڪتو، پوليس ڏاڍي ڪاوڙ مان ڦوجي کان ٻيهر پڇا ڪئي، ته هن مسڪرائيندي صوبيدار کي چيو. ”مون کي ته پنهنجي يار جو کوهه صاف ڪرائڻو هو سو ٿي ويو.“ ڏاڍي معصوم شرارت هئي، پر پوليس هن کي ايترو ته ماريو، ايترو ته ماريو جو اڌ مئو ڪري ڇڏيائونس، ۽ هڪ ڏينهن اها خبر آئي ته ڦوجو سلطاني گواهه بڻجي ويو آهي ۽ ان واعدو ڪيو آ ته سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندو.
چون ٿا، هن تي وڏي ڦٺ لعنت ٿي. هن جي دوست ملڪ حفيظ به کيس ڏاڍيون گاريون ڏنيون، جيڪو ڦوجي کان اڳ ئي ڏاڍو ڊنل هو ته متان سندس نالو نه کڻي وجهي، هاڻي خبر ناهي ڪنهن ڪنهن کي ڦاسائيندو . اصل ۾ ڳالهه اها هئي ته هي مار کائي کائي ٿڪجي پيو هو، جيل ۾ هن سان ڪنهن کي ملڻ به نه ٿي ڏنو ويو، مرغيون وغيره کائڻ لاءِ ڏيندا هئس پر سمهڻ نه ٿي ڏنائونس، هي ننڊ جو ڏاڍو پيارو، ان ڪري تنگ ٿي هن سچي دل سان واعدو ڪيو ته بم ٺاهڻ واري سازش جا سڀ راز ٻڌائي ڇڏيندو. هي هيو ته جيل ۾ ئي، پر مٿس ڪنهن به قسم جي سختي نه هئي، ڪيترائي ڏينهن ته هن آرام ڪيو سندس انگ انگ ڍلو ٿي ويو هو. جڏهن سٺي خوراڪ مليس، بدن تي مالشون ٿيس، ته همراهه بيان لکرائڻ جي لائق ٿيو. صبح جو لسيءَ جا ٻه گلاس پي پنهنجو داستان بيان ڪرڻ شروع ڪندو هو، ٿوري جهٽ رکي ناشتو ايندو هو ان کان فارغ ٿي پندرهن ويهه منٽ آرام ڪندو هو ۽ وري ڪڙيءَ سان ڪڙي ملائي بيان جاري رکندو هو. توهان محمد حسين اسٽينو گرافر کان پڇو. جنهن هن جو بيان ٽائيپ ڪيو هو. ان جي چوڻ موجب ڦوجي پورو هڪ مهينو ورتو ۽ ان سموري راز جو ڄار کولي رکيو جيڪو سازشين ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين وڇايو هو يا وڇائڻ جو ارادو رکن پيا. هن ڪيترين ئي ماڻهن جا نالا ورتا، اهڙين هزارين جڳهن جا نالا ٻڌايا جتي سازشي ماڻهو لڪي لڪي ملندا هئا ۽ حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ترڪبيون سوچيندا هئا. محمد هسين اسٽينو گرافر مطابق ته هن جو اهو بيان اڍائي سئو فل اسڪيپ صحفن تي مشتمل هو. جڏهن اهو ختم ٿيو ته پوليس ان کي سامهون رکي پلان ٺاهيو، ان ڪري فورن نيون گرفتاريون ڪيون ويون ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڦوجي جي ماءُ ڀيڻ پٽجڻ لڳيون، اخبارن ۾ دٻيل لفظن ۾ ڦوجي جي خلاف زهر اوڳاڇيو، اڪثريت حڪمرانن جي خلاف هئي، ان ڪري هن جي غداريءَ جي هر هنڌ تي مذمت ٿي. هي وڏو ڪلف لڳل پٽڪو ٻڌي، ڊبل گهوڙي بوسڪي جي قميص ۽ چاليهه هزار لٺي جي گهيردار شلوار پائي جيل ۾ ائين هلندو هو، جيئن ڪو آفيسر معائنو ڪري رهيو هجي. جڏهن سڀ گرفتاريون ٿيون ۽ پوليس پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪري ورتي ته سازشين جو اهو ڪيس عدالت ۾ پيش ٿيو. ماڻهن جي رش ٿي وئي هئي، پوليس جي حفاظت ۾ جڏهن ڦوجو ظاهر ٿيو ته ڪاوڙيل ماڻهو نعرا هڻڻ لڳا. ”ڦوجو حرامي مرده باد، ڦوجو غدار مرده باد“ هجوم ۾ ڪاوڙ هئي، خطرو هو ته ڦوجي تي ٽٽي نه پون، ان ڪري پوليس کي لاٺي چارج ڪرڻي پئي، جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. عدالت ۾ مقدو پيش ٿيو، ڦوجي کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته ان بيان لاءِ ڇا ٿو چوين جيڪو پوليس کي ڏنو اٿئي، ته هن پنهنجي لاعلميءَ جو اظهار ڪيو. ”جناب! مان ته ڪو بيان ڏنو ئي ناهي، هنن هڪ وڏو پنن جو دستو تيار ڪيو هو، جنهن تي مون کان صحيح ڪرائي ورتي هئائون، اهو ٻڌي بقول ڦوجي جي انسپيڪٽر جون وايون بتال ٿي ويون ۽ جڏهن اها خبر اخبارن ۾ ڇپي ته سڀ حيران ٿي ويا، ڦوجي هي وري ڪهڙو نئون چڪر ڦيرايو آهي!
چڪر نئون ئي هو، ڇا لاءِ ته عدالت ۾ هن هڪ نئون بيان لکرائڻ شروع ڪيو، جيڪو پهرئين بيان کان بلڪل مختلف هو، اهو به تقريبن پندرهن ڏينهن جاري رهيو، جڏهن ختم ٿيو ته فل اسڪيپ جا 158 پنا ڪارا ٿي چڪا هئا. ڦوجي جي چوڻ موجب ان بيان سان پوليس جيڪا عمارت جوڙي راس ڪئي هئي، سا هڪ ڌڪ ۾ ڊهي وئي، سڄو ڪيس درهم برهم ٿي ويو. نتيجو اهو نڪتو جو ان سازش ۾ جيترا گرفتار ٿيا هئا. انهن مان اڪثر آزاد ٿي ويا، ٻن ٽن کي ٽي ٽي سال ۽ چئن پنجن کي ڇهه ڇهه مهينن جي سزا ملي، جيڪي ٻڌي رهيا هئا انهن مان هڪ پڇيو ”۽ ڦوجي کي؟“ مهر فيروز چيو، ”ڦوجي کي ڇا ٿيڻو هو، هو ته واعدي معاف گواهه هو.“
سڀني ڦوجي جي حيرت انگيز ذهانت کي ساراهيو هن پوليس کي ڪيڏي صفائيءَ سان بيوقوف بڻايو. هڪ همراهه جنهن کي هن جي شخصيت ڏاڍو متاثر ڪيو هو، مهر فيروز کان پڇيو ”ڦوجو اڄ ڪلهه ڪٿي هوندو آهي؟“
”هتي ئي لاهور ۾ دڪان اٿس،“ ائين ڪندي بيرو بل کڻي آيو ۽ پليٽ مهر فيروز جي سامهون اچي رکيائين، ڇا لاءِ ته چاءِ وغيره جو آرڊر هن ئي ڏنو هو. ڦوجي جي شخصيت کان متاثر ٿيندڙ همراهه بل ڏٺو ۽ ان جو اڳتي وڌندڙ هٿ رڪجي ويو ڇا لاءِ ته بل وڌيڪ هو. پوءِ هو مهر فيروز سان مخاطب ٿيو، ”توهان جي ان ڦوجي حراميءَ سان ڪڏهن ملڻ گهرجي“
مهر فيروز اٿيو، ”توهان ان سان ملي چڪا آهيو. هي خاڪسار ئي ڦوجو حرامي آهي، بل توهان ڏئي ڇڏجو السلام عليڪم“ اهو چئي هو تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو.
سنڌيڪار :رضوان گل