منتر
رام جي مک مان ”رام نام“ ته ڪنهن به نه ٻڌو هو پر هن جي بغل ۾ ڇري بجاءِ ڇڙي ضرور هوندي هئي، جنهن سان ڪڏهن ڪڏهن هو ”فيئر بئنڪس“ يعنيٰ بغدادي چور جي تلوار بازي جو نقل ڪندو هئو.
جنهن وقت رام جي ماءُ هن کي ڪن کان ڇڪيندي شنڪر آچاريا سامهون وٺي آئي، ان وقت هو بلڪل چپ هو. اکيون خشڪ هئس ۽ هڪڙو ڪن، جيڪو ماءُ جي هٿ ۾ هئس، سو ٻئي ڪن کان ذرا وڏو پئي نظر آيو. هو هلڪو مشڪي رهيو هو ۽ هن جي مشڪ مان بلا جي ٻال ڀولائي پئي بکي. ماڻس جو چهرو ڪاوڙ سبب ڳاڙهو لعل هو ۽ رام جي چهري طرف نهارڻ سان ائين پئي محسوس ٿيو ته هو ماءُ سان راند ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجو ڪن، پنهنجي ماءُ جي هٿ ۾ ڏيئي هڪ خاص قسم جو لطف حاصل ڪري رهيو آهي.
جنهن وقت رام کي انهيءَ نموني پيءُ وٽ آندو ويو، تنهن وقت شنڪر آچاريا هن کي ڪن مهٽ ڪرڻ لاءِ، اٿي ٺهي جڙي ويٺو، جيتوڻيڪ هن، سندس ڪن ڇڪي ڇڪي ڊگها ڪري ڇڏيا هئا پر رام جي حرڪتن ۾ ڪو فرق ئي ڪونه پيو هئو، عدالت ۾ هو قانون جي زور تي گهڻو ڪجهه ڪري سگهندو هو پر هتي هن ننڍڙي ڇوڪري اڳيان هن جي دال نه ٿي ڳري.
هڪ دفعي شنڪر آچاريا ڪنهن حرڪت سبب کيس ڊيڄارڻ لاءِ چيو، ”رام! سٺو ڇوڪرو بڻج نه ته مون کي ڊپ آهي ته ڪٿي پرميشور تو کان ناراض نه ٿي وڃي.“
”سو ڇا ... توهان به ته مون کان ناراض ٿي ويندا آهيو، پوءِ توهان کي ڪونه مان مڃائيندو آهيان؟“
”پر بابا، پرميشور ڪير آهي؟“ ٿوري دير غور ڪري هن پڇيو.
”ڀڳوان، ٻيو ڪير. اسان سڀني کان وڏو آهي“
”هن جاءِ جيڏو ٿيندو؟“
”ان کان به وڏو!- ڏس، آئينده شرارت نه ڪج، نه ته هو تو کي ماري ڇڏيندو!“ شنڪر آچاريا رام کي ڊيچارڻ لاءِ، پرميشور کي خوفناڪ صورت ۾ هن پيش ڪندي ويچاريو هو ته رام سڌري پوندو ۽ آئينده شرارت ڪرڻ کان باز اچي ويندو. پر رام، جو ان وقت سانت ڪري ويٺو هو ۽ پنهنجي ذهن جي تارازي ۾ ڀڳوان کي توري رهيو هئو، تنهن ڪجهه دير غور ڪرڻ بعد نهايت معصوميت سان پڇيو، ”بابا! مون کي پرميشور ڏيکاريندا؟“
شنڪر آچاريا کي ائين محسوس ٿيو ته هن جي وڪالت جي ڊگري ڪنهن به ڪم جي نه آهي. ڪنهن مقدمي جو حوالو ڏيڻو هجين ها ته فائيل ڪڍي ڏيکاريس ها يا هند سرڪار جي ڪرمنل لاءِ امنڊمينٽ ائڪٽ يا ڊفينس، رولس بابت ڪجهه پڇيو هجيس ها ته هو پنهنجي ميز تان اهو ٿلهو ڪتاب کڻي، ان جا ورق ورائڻ شروع ڪري ها، جنهن جي جلد تي رام ڪپ سان گل ۽ ٻوٽا اڪري ڇڏيا هئا، پر هو پرميشور کي- جنهن بابت کيس به چڱي طرح خبر ڪانه هئي ته ڪير آهي ۽ ڪٿي ٿو رهي، ڪٿان پڪڙِ اچي؟
هن کي جيئن اها خبر هئي ته چوري جي ڏوهه سان 369 قلم لڳايو ويندو آهي، تئين اها به سڌ هئس ته ماريندڙ ۽ پيدا ڪندڙ کي پرميشور چئبو آهي ۽ جيئن اها خبر نه هئيس ته قانون ٺاهيندڙ اصل ڪير هئو، تيئن پرميشور جي اصليت جي به سڌ نه هئس. هو ايم اي ۽ ايل . ايل بي ته برابر هئو پر هن اهي ڊگهريون ههڙن جهنجٽن ۾ ڦاسڻ لاءِ نه، بلڪه پيسا ڪمائڻ لاءِ ئي ورتيون هيون.
هو رام کي نه پرميشور ئي ڏيکاري سگهيو ۽ نه ئي ان باري ۾ ڪو وزنائتو جواب ڏئي سگهيو. اهو سوال اهڙي نموني ۽ اچانڪ ڪيو ويو هو جو هن جو دماغ ئي خالي ٿي ويو. هو صرف ايترو چئي سگهيو،”وڃ رام، وڃ، منهنجو دماغ نه کاءُ، مون کي اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي.“
۽ هن ڀيري هن کي ڪم ته گهڻو ئي ڪرڻو هو پر جهو نين شڪستن کي وساري، هن ان کي نئين مقدمي جو فيصلو ڪرڻ ئي ٿي چاهيو.
رام ڏانهن غصي ڀريل نظرن سان ڏسندي، هن پنهنجي زال کان پڇيو، ”اڄ هن ڪهڙي نئين حرڪت ڪئي آهي. جلدي ٻڌاءِ، اڄ مان هن کي ٻيڻي سزا ڏيندس.“
مسز شنڪر آچاريا رام جو ڪن ڇڏيندي چيو. ”هن مئي منهنجي ته زندگي ئي زهر ڪئي آهي. جڏهن ڏسو نه پيو نچي، ٽپي، نه آئي جو شرم نه وئي جو لحاظ . صبح کان تنگ ڪري رهيو آهي، سٽڻ ڪٽڻ باوجود به حرڪتن کان باز نٿو اچي، رڌڻي مان ٻه ، ڪچا ٽماٽا کڻي کاڌا اٿس. هاڻي سائي ڀاڄي ۾ ڇا وجهان سندس سر ؟“
شنڪر آچاريا کي ڌڌڪو اچي ويو. هن ڀانيو هئو ته رام خلاف ڪو سنگين الزام هوندو، پر اهو ٻڌي ته هن صرف ٻه ڪچا ٽماٽا کاڌا هئا، هو ڏاڍو نا اميد ٿي ويو. رام کي ڌمڪائڻ ۽ مارڻ لاءِ هن جيڪي تياريون ڪيون هيون، سي سڀ ٿڌيون ٿي ويون. هن محسوس ڪيو ته هن جو سينو يڪا يڪ خالي ٿي ويو هو. جئن هڪ ڀيري هن جي موٽر جي ڦيٿي جي هوا نڪري ويئي هئي.
ٽماٽا کائڻ ڪو ڏوهه نه هئو. اڃا ويجهڙائي ۾ ئي، هن جي هڪ دوست، جو جرمني کان ڊاڪٽري جي اعليٰ سند وٺي موٽيو هو، هن کي ٻڌايو هو ته ٻارن کي ماني سان گڏ ڪچا ٽماٽا ضرور ڏيڻ گهرجن، جو انهن ۾ وٽامن گهڻي انداز ۾ ٿين ٿا، پر ڇاڪاڻ ته کيس رام کي ڇنڊ ڪڍڻي هئي ۽ هن جي زال جي به اها مرضي هئي، هن انهي سبب ٿوري دير غور ڪرڻ بعد هڪ قانوني نقطو خيال ۾ رکي، دل ئي دل ۾ خوش ٿي پٽ کي چيو،”منهنجي ويجهو آءُ، ۽ جيڪي پڇان ان جو صحيح جواب ڏي.“
رام جي ماءُ هلي ويئي ۽ رام چپ چاپ ۾ اچي پيءُ جي ڀر ۾ بيٺو.
”تو ٻه ڪچا ٽماٽا ڇو کاڌا؟“
”ٻه ڪٿي هئا- امي ته ڪوڙ ٿي ڳالهائي.“
”چڱو، تون ٻڌاءِ گهڻا هئا؟“
”ڏيڍ – هڪ ۽ اڌ.“ رام آڱرين سان هڪ ۽ اڌ جو نشان ڏيکاريندي چيو.”ٻئي اڌ مان ته اميءَ منجهند جو چٽڻي ٺاهي هئي.“
”چڱو ڏيڍ ئي سهين، پر تو اهي کنيا ڇو؟“
”پائڻ لاءِ.“
”ٺيڪ آهي“ پر اها تو چوري ڪئي.“
شنڪر آچاريا قانوني نقطو پيش ڪيو.
”چوري!؟ - بابا، مون چوري ڪان ڪئي آهي. ٽماٽا کاڌا اٿم، پر اها چوري ڪئين ٿي؟ ائين چئي، هو پٽ تي ويهي غور سان پيءُ ڏانهن نهارڻ لڳو.
”اها چوري آهي. ٻئي جي شيءِ بنا اجازت جي کڻڻ چوري ئي آهي.“ شنڪر آچاريا به ائين چوندي دل ۾ ويچارو ته هو سندس ڳالهه کي چڱي ريت سمجهي ويو هوندو.
”پر بابا، ٽماٽا ته اسان جا هئا- منهنجي اميءَ جا-؟!“
شنڪر آچاريا منجهي پيو، پر پاڻ سنڀالي چيائين، ”تنهنجي اميءَ جا هئا، ٺيڪ آهي، پر تنهنجا نه هئا. جا شيءِ هن جي آهي، سا تنهنجي ڪيئن ٿي، ٿي سگهي؟- ڏس، سامهون ميز تي تنهنجو رانديڪو پيو آهي. کڻي اچ ته تو کي سمجهايان“
رام سٽ ڏيئي اٿيو ۽ ڊوري ڪاٺ جو گهوڙو آڻي پيءُ کي ڏنائين.
”ڏس، هيءُ گهوڙو تنهنجو آهي نه؟“
”ها.“
”هاڻي جيڪڏهن مان تو کي پڇڻ کان سواءِ اهو کڻي پاڻ وٽ رکان ته انهيءَ کي چوري چئبو ۽ مان ٿيس چور.“
”نه بابا، توهان اهو پاڻ وٽ رکي سگهو ٿا، مان توهان کي چور ڪونه چوندس. مون وٽ راند لاءِ هاٿي جو آهي؟- ڇا توهان ڪونه ڏٺو آهي؟- ڪالهه منشيءَ دادا آڻي ڏنو اٿم. ترسو، مان توهان کي آڻي ٿو ڏيکاريان”
رام، تاڙيون وڄائيندو، ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو ۽ شنڪر آچاريا اکيون ڇيندو رهجي ويو.
ٻئي ڏينهن شنڪر آچاريا کي ڪنهن خاص ڪم سبب پوني وڃڻو پيو. هن جي وڏي ڀيڻ، اتي رهندي هئي، ڪيترن ڏينهن لاڪر، رام کي ڏسڻ لاءِ پئي تڙڦي ۽ شنڪر آچاريا ”ايڪ پنٿ، دوڪاج“ موجب رام کي به ان شرط تي وٺي ويو ته واٽ تي ڪابه حرڪت نه ڪندو. رام ”وي ٽِي“ اسٽيشن جي پليٽ فارم تي پهچڻ تائين ان شرط جي بجاءِ آوري ڪندو رهيو، پر هوڏانهن ”ڊيڪن ڪئين “ هلي ۽ هيڏانهن رام جي دماغ ۾ حرڪتون پيدا ٿيڻ شروع ٿيون.
شنڪر آچاريا سيڪنڊ ڪلاس گاڏي جي ويڪري نرم گديدار سيٽ تي ويهي اخبار پڙهي رهيو هو ۽ سيٽ جي ڇيڙي وٽ رام دريءَ مان ٻاهر نهاري رهيو هئو ۽ هوا جو زور ڏسي سوچي رهيو هئو،”اها مون يک اڏائي وڃي ته ڪيتري نه فرحت اچي.؟“
شنڪر آچاريا پنهنجي عينڪ جي پڇڙين کان رام طرف ڏٺو ۽ هن کي ٻانهن کان ڇڪي، سيٽ نه ويهاريندي چيو، ”تون آرام ڪرڻ ڏيندين ڪين نه؟.... ماٺ ڪري ويهه. “ ائين چوندي هن جي نظر رام جي نئين ٽوپيءَ تي وڃي پيئي، جا رام جي مٿي تي چمڪي رهي هئي.
”ٽپي لاهي رک، نالائق، هوا ۾ اڏامي ويندءِ.“ ۽ رام جي مٿي تان ٽوپي لاهي هن سندس گود ۾ ڪري رکي.
پر ڪجهه ئي دير بعد ٽوپي وري رام جي مٿي تي هئي ۽ هو دريءَ مان ڪنڌ ٻاهر ڪڍي، ڊوڙندڙ وڻن کي غور سان ڏسي رهيو هئو. وڻن جي ڊڪ ڊوڙ رام جي ذهن ۾ ”لڪ ڇپ“ جي دلچسپ راند جو نقشو ڇڪي رهي هئي.
هوا جي زور اخبار کي موڙي ڇڏيو ۽ شنڪر آچاريا کي برخردار جو ڪنڌ وري دريءَ مان ٻاهر نظر آيو. غصي کان پٽ کي ٻانهن کان ڇڪي پنهنجي ڀر ۾ ورهايندي چيائين،”هتان هڪ انچ به چريو آهين ته تنهنجو خير نه آهي،“ ائين چئي هن سندس ٽوپي لاهي کڻي هن جي گوڏن تي سٽي.
ان ڪم کان واندو ٿي هن اخبار کنئي ۽ اڃا اها سٽ پئي ڳولهيائين، جتي پڙهڻ ڇڏيو هئائين ته رام وري دريءَ مان ٻاهر ليئا پائڻ لڳو ۽ ٽوپي سندس مٿي تي هئي. شنڪر آچاريا کي بخيلي وٺي ويئي. هن جو هٿ بکئي جانور جي چنبي جيان ٽوپي طرف وڌيو ۽ ٻئي ئي پل، اها ٽوپي سيٽ هيٺان وڃي سوگهي ٿي. اهو سڀ ڪجهه ايترو ته جلد ٿيو جو رام کي انهيءَ جي سمجهڻ جو موقعو ئي ڪونه مليو. هن منهن ورائي پيءُ ڏانهن نهاريو پر سندس هٿ خالي ڏسي، روئڻهارڪو ٿي دريءَ مان ٻاهر ڏٺو. ريل جي پٽن مٿان ، گهڻو پٺيان، هڪ خاڪي ڪاغذ جو پرزور هيٺ مٿي اڏامندو نظر آيس، هن سمجهيو، اها سندس ٽوپي هئي.
اهو خيال اينديئي هن جي دل کي ڏاڍي ضرب پهتي، پيءُ ڏانهن شڪايت ڀريل نظرن سان ڏسندي، هن چيو، ”بابا- منهنجي ٽوپي!“
شنڪر آچاريا خاموش رهيو.
”منهنجي ٽوپي!“ رام جي آواز ۾ لرزش اچي ويئي.
شنڪر آچاريا اڃا به خاموش رهيو. پيءُ جو هٿ پڪڙِي، رام روئڻهارڪو ٿي چيو، ”منهنجي ٽوپي! بابا؟“
شنڪر آچاريا هن جي هٿ کي جهٽڪو ڏيئي چيو، ”ڪيرائي ڇڏي هوندءِ- هاڻي روئين ڇو ٿو؟“
رام جي اکين ۾ ٻه وڏا ڳوڙهي تري آيا.
”پر لوڏو ته توهان ئي ڏنو هئو؟“ چئي روئڻ ۾ اچي ڇٽڪيو.
شنڪر آچاريا ٿورو ڇڙٻيس ته هو اڃا به وڏي آواز ۾ روئڻ لڳو. هن کيس چپ ڪرائڻ جي بيحد ڪوشش ڪئي پر وريو ڪجهه به نه. رام جو روئڻ صرف ٽوپي ئي بند ڪرائي ٿي سگهي. نيٺ ڪڪ ٿي شنڪر آچاريا چيو، ”ٽوپي موٽي ايندي پر انهيءَ شرط تي ته تون وري نه پائيندين!“
رام جي اکين جا ڳوڙها ائين خشڪ ٿي ويا، جيئن تتل ريتيءَ ۾ برسات جا قطرا جذب ٿي ويندا آهن. هن پيءُ طرف رڙهي چيو، ”چڱو، ٽوپي واپس گهرايو!“
”ائين ٿورو ئي موٽي ايندي - منتر پڙهڻو پوندو!“
گاڏي جا سڀ مسافر پيءُ پٽ جي گفتگو ٻڌي مشڪي رهيا هئا.
”منتر-!“ ائين چوندي رام کي دل تي اها ڳالهه تري آئي، جنهن ۾ هڪ ڇوڪري منتر پڙهي ٻين ٻارن جون شيون گم ڪيون هيون.
”بابا، منتر پڙهو.“ ائين چئي هو غور سان پيءُ طرف نهارڻ لڳو، گويا منتر پڙهڻ وقت شنڪر آچاريا جي گنجي ٺوڙهه ئي سڱ نڪري اچڻا هئا!
شنڪر آچاريا اهو منتر ياد ڪندي، ، جو هن ننڍي هوندي ”اندر ڄار“ ۾ پڙهيو هئو، چيو،
”تون وري حرڪت نه ڪونه ڪندين؟“
”نه، بابا.“ رام منتر جي اونهائيءَ ۾ غوطا کائيندي پيءُ کي ڪابه حرڪت نه ڪرڻ جو وچن ڏنو.
شنڪر آچاريا کي منتر ياد اچي ويو ۽ هن دل ئي دل ۾ پنهنجي حافظي کي داد ڏيئي، چيو، ”اکيون بند ڪر.“
برا رام اکيون ٻوٽيون ۽ شنڪر آچاريا منتر اچارڻ شروع ڪيو، ”اونگ نما ڪاميشري، مدمديش اوتما دي ڀرينگ سواهه.“
شنڪر آچاريا جو هڪ هٿ سيٽ هيٺان ويو ۽ رام جي ٽوپي اچي سندس سٿرن تي پيئي.
رام اکيون کوليون. ٽوپي هن جي مني نڪ هيٺان پيئي هئي ۽ شنڪر آچاريا جي نڪ جي چهنب، عينڪ جي سونهري فريم هيٺان ڦڙ ڦڙ ڪري رهي هئي- عدالت ۾ ڪيس کڻڻ بعد به سندس نڪ جي چهنب ائين ڦڙ ڦڙ ڪندي هئي.
”ٽوپي اچي ويئي!“ رام صرف ايترو چئي سگهيو. شنڪر آچاريا کيس چپ ڪري ويهڻ جي هدايت ڪري اخبار پڙهڻ لڳو. هڪ خبر بيحد دلچسپ ۽ سنسني خيز هئي. هو منتر وغيره ڀلجي اها پڙهڻ ۾ محو ٿي ويو. ڊيڪن ڪئين بجليءَ جي پرن تي تيز رفتار سان اڏامي رهي هئي. ان جي لوهي ڦيٿن جي گڙ گڙاهٽ، ان سنسني پيدا ڪندڙ خبر جي هر هڪ سٽ ۾ جوش ۽ تيزي ڦوڪي رهي هئي. شنڪر آچاريا پڙهي رهيو هو:
”عدالت ۾ سناٽو ڇانيل هئو، صرف ٽائيپ رائيٽر جي ٽڪ ٽڪ پئي ٻڌڻ ۾ آئي. اچانڪ جوابدار وڏي واڪي رڙ ڪئي،”بابا!-“
عين ان وقت رام زور سان پڪاريو، ”بابا!“
شنڪر آچاريا کي ائين محسوس ٿيو ته خبر جي آخري سٽ جا لفظ ڪاغذ تي اٿي کڙا ٿيا آهن.
رام جا ڏڪندڙ چپ ٻڌائي رهيا هئا ته هن ڪجهه خاص چوڻ ٿي چاهيو.
شنڪر آچاريا ترشيءَ مان چيو،”ڇا آهي؟“ ۽ عينڪ جي هڪ ڪنڊ کان ٽوپيءَ کي سيٽ تي رکيل ڏسي ٿڌو ساهه کنيائين.
”بابا، ساڳيو منتر وري پڙهو!“ رام پيءَ ويجهو سري چيو.
”ڇو؟“ چوندي شنڪر آچاريا رام جي ٽوپي ڏانهن غور سان ڏٺو، جا سيٽ جي ڇيڙي ۾ پيئي هئي.
”توهان جا جيڪي ڪاغذ هت رکيا هئا، مون ٻاهر اڇلائي ڇڏيا.“
رام ٻيو ڪجهه به چيو پر شنڪر آچاريا جي اکين اڳيان اونداهه ڇانئجي وئي، هن دري کان ليئو پائي ٻاهر ڏٺو پر ريل جي پٽن سان گڏ پکين جيان ڦڙ ڦڙائيندڙ ڪاغذ جي پرزن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه آيس.
”تو اهي ڪاغذ اڇلائي ڇڏيا، جيڪي هت رکيا هئا؟“ هن ساڄي هٿ سان سيٽ طرف اشارو ڪندي پڇيو.
رام ڪنڌ سان ها ڪندي چيو، ”توهان ساڳيو منتر پڙهو نه؟“
شنڪر آچاريا کي اهڙو ڪوبه منتر يا ڪونه هئو. جو گم ٿيل شين کي سچ پچ واپس آڻي سگهي. هو سخت پريشان هئو، اهي ڪاغذ، جي رام اڇلائي ڇڏيا هئا، سي هڪ نئين مقدمي جا هئا، جن ۾ چاليهن هزار رپين جي دعوا جا ضروري دستاويز به هئا. شنڪر آچاريا، ايم . اي – ايل. ايل . بي، جي بازيءَ پنهنجي ئي چال کان هار کاڌي هئي. هڪ ئي پل ۾ هن جي قانوني دماغ ۾ ڪاغذن جي بابت سوين خيال آيا. ظاهر هئو ته هن جي اصيل جو نقصان، هن جو پنهنجو نقصان هئو، پر ان وقت هو ڪري ئي ڇا ٿي سگهيو؟- رڳو ايترو ته ٻيءَ اسٽيشن تي لهي، ريل جي پٽن سان گڏ هلندو ڏهه پندرنهن ميل انهن ڪاغذن جي ڳولها ڪري ۽ پوءِ به کٽي سندس قسمت.
هڪ کن اندر سوين ڳالهيون سوچڻ بعد آخر هن فيصلو ڪري ورتو ته جيڪڏهن ڪاغذ نه مليا ته اصيل اڳيان بلڪل الي ويندو ۽ چوندو” ته هن کي ڪاغذ مليا ئي ڪونه آهن. “ اخلاقي ۽ قانوني لحاظ کان اهو سراسر بي واجبي هئو پر انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪري ئي ڇا ٿي سگهيو؟
ان تسلي بخش خيال جي باوجود شنڪر آچاريا جي نڙيءَ ۾ ڪوڙاڻ پيدا ٿيندي ٿي وئي. اچانڪ هن کي خيال آيو ته ڪاغذن جي بنڊل جيان رام کي به کڻي گاڏي مان ٻاهر اڇلائي، پر خيال کي دل ۾ دٻائي هن ڏانهس نهاريو.
رام جي چپن تي هڪ عجيب و غريب مسڪراهٽ ڦهليل هئي.
”بابا، منتر پڙهو نه!“ هن آهستي چيو.
”ماٺ ڪري ويهه نه ته ڳچي مروٽي ڇڏيندو سانءِ.“ شنڪر آچاريا ڏند ڪرٽيندي چيو.
هڪ مسافر جي چپن تي، جو غور سان پيءُ ۽ پٽ جي گفتگو ٻڌي رهيو هو، معنيٰ ڀريل مسڪراهٽ نچي رهي هئي.
رام اڳيان سري آيو، ”بابا، اکيون ٻوٽيو، مان منتر ٿو پڙهان“ شنڪر آچاريا اکيون بند نه ڪيون، پر رام منتر پڙهڻ شروع ڪيو.
”رنگ ميانگ شيانگ، دومداگ....... فرودما......... سواهه.“ ۽
”سواه“ سان گڏ ئي شنڪر آچاريا جي گوشت سان ڀريل رانن تي ڪاغذن جو بنڊل اچي ڪريو.
شنڪر آچاريا جي نڪ جي چهنب عينڪ جي سونهري فريم هيٺان زور سان ڦڙ ڦڙائڻ لڳي.
رام جي مني نڪ جون ڳاڙهيون ڳاڙهيون ناسون به ڦڙڪي رهيون هيون.
ترجمو: گوپال رامسنگهاڻي