هاڻي ٻيو ڪجهه چوڻ جي ضرورت ناهي
ڪنهن اخبار تي آفت اچڻي هجي ته اچي وڃي، پر ان جو مالڪ محفوظ رهندو، ان ڪري جو پرنٽ لائن ۾ ڪنهن ڪاسائيءَ يا ڌوٻي جو نالو بحيثيت پرنٽر پبلشر ۽ ايڊيٽر جي درج ٿيندو، ڇو جو جيڪڏهن اخبار ۾ ڪا اهڙي تحرير ڇپجي وڃي، جنهن تي سرڪار کي اعتراض ٿئي، ته اصل مالڪ بجاءِ ڪاسائي يا ڌوٻي گرفت ۾ اچي ويندو ۽ هن تي ڏنڊ وڌو ويندو يا قيد ڪيو ويندو. ڏنڊ ظاهر آهي، ته اخبار جو مالڪ ادا ڪندو، پر قيد ته هو ڪاٽي نه ٿو سگهي. ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ ان قسم جو معاهدو ٿيندو آهي، ته جيڪڏهن هو قيد ٿيو ته اخبار جو مالڪ هن جي گهر مقرر، پئسا هر مهيني پهچائي ڇڏيندو ۽ اهڙي معاهدي ۾ خلاف ورزي تمام گهٽ ٿيندي آهي.
جيڪي ماڻهو ناجائز طور تي شراب وڪڻندا آهن، انهن وٽ ٻه ٽي اهڙا ماڻهو ضرور موجود هوندا آهن، جن جو ڪم صرف اهو هوندو آهي ته جيڪڏهن پوليس ڇاپو اچي هڻي ته اهي گرفتار ٿي وڃن ۽ ڪجهه مهينن جي قيد ڪٽي واپس اچي وڃن. ان جو معاوضو انهن کي مناسب ملندو رهي ٿو.
ڇاپو هڻندڙ به پهرين ئي انهن کي آگاهه ڪري ڇڏيندا آهن، ته اسين اچي رهيا آهيون، توهين پنهنجو انتظام ڪري وٺو. اهڙي طرح فورن انتظام ٿي وڃي ٿو. يعني مالڪ غائب ٿي ويندو ۽ ڪرائي جا ماڻهو گرفتار ٿي ويندا آهن. اها به هڪ قسم جي ملازمت آهي پر دنيا ۾ جيتريون ملازمتون آهن، ڪجهه ان ئي قسم جون آهن.
آءُ جڏهن امين پهلوان سان مليس، ته هو ٽن مهينن جي قيد جي سزا ڪاٽي آيو هو. پڇيومانس، ”امين! هن دفعي ڪيئن جيل ۾ وئين؟“
امين کليو:”پنهنجي ڪاروبار جي سلسلي.“
”ڪهڙو ڪاروبار هو؟“
”جيڪو هو، اهو ئي آهي.“
”پريار ٻڌاءِ ته ....“
”ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. تون چڱي طرح ڄاڻين ٿو، پر ته به پڇي رهيو آهين.“
مون ٿوري دير کان پوءِ هن کي چيو:”امين! تو کي آئي ڏينهن جيل ۾ وڃڻ پسند آهي ڃا؟“
امين پهلوان کليو:”سائين پسند ۽ ناپسند جو سوال ئي نه ٿو پيدا ٿي! ماڻهو مون کي پهلوان سڏيندا آهن، حالانڪه مون اڄ تائين آکاڙي جي شڪل ئي ناهي ڏٺي! اڻ پڙهيل آهيان! ٻيو ڪو هنر به نه ٿو اچيم! بس جيل وڃڻ ٿو اچي. اتي آءُ خوش رهندو آهيان ۽ مون کي ڪا به تڪليف محسوس نه ٿي ٿئي. توهان روزانو آفيس ٿا وڃو، ڇا اهو جيل ناهي!؟“
آءُ ڪڇي نه سگهيس ۽ هن کي چيم: ”تون صحيح ٿو چوين امين، پر آفيس وڃڻ وارن جو معاملو ٻيو آهي. ماڻهو انهن کي خراب نظرن سان نه ٿا ڏسن.”
”ڇو نه ٿا ڏسن سائين! هتي جا جيڪي به منشِي ۽ ڪلارڪ آهن، انهن کي ڪير سٺي نظرن سان ڏسندو آهي!؟ رشوتون وٺن ٿا، ڪوڙ ڳالهائين ٿا ۽ پهرين نمبر جا فريبي ٿين ٿا! مون ۾ ته اهڙو ڪو به عيب ناهي. آءُ پنهنجي روزي تمام گهڻي ايمانداريءَ سان ڪمائيندو آهيان!“
مون هن کان پڇيو: ”اهو ڪيئن ڀلا !؟“
هن جواب ڏنو: ”اهو ائين ته جي ڪنهن جو ڪم ڪندو آهيان ۽ جيل ۾ سزا دوران محنت ۽ مزدوري ڪندو آهيان. پوءِ ان شخص کان جنهن جي خاطر مون سزا ڀوڳي هئي، مون کي ڪجهه رپيا ملندا آهن ته اهو منهنجو معاوضو هوندو آهي. ان تي ڪنهن کي ڪهڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو. آءُ رشوت ته نه ٿو وٺان. حلال جي ڪمائي کائيندو آهيان. ماڻهو مون کي غنڊو ٿا سمجهن، وڏو خطرناڪ غنڊو! پر آءُ توهان کي ٻڌايان ٿو، ته مون اڄ تائين ڪنهن کي چماٽ به ناهي هنئي. منهنجي لائين بلڪل الڳ آهي.“
هن جي لائين واقعي ٻين کان مختلف هئي، مون کي حيرت ٿي ته ٽي چار ڀيرا جيل وڃڻ جي باوجود هن ۾ ڪا به تبديلي ڪانه ٿي، هو تمام گهڻو سنجيده پر سادي قسم جو ماڻهو هو، جنهن کي ڪنهن جي به پرواهه ڪانه هئي. قيد ڪاٽڻ کان پوءِ جڏهن به ايندو هو، ته سندس وزن گهٽ ۾ گهٽ ڏهه پائونڊ کن وڌيڪ هوندو هو.
هڪڙي ڏينهن مون هن کان پڇيو: ”امين! ڇا جيل جو کاڌو توکي راس اچي ويو آهي؟“
هن پنهنجي مخصوص انداز ۾ جواب ڏنو: ”کاڌو ڪهڙو به هجي، ان کي راس ڪرڻ ماڻهوءَ جو پنهنجو ڪم آهي. مون کي دال کان نفرت هئي پر جڏهن پهريون ڀيرو مون کي اتي پٿرن سان ڀريل دال ڏني وئي ته مون چيو، يار امين هي سڀ کان سٺو کاڌو آهي. کاءُ ۽ پهلوان ٿي پنهنجي رب جو شڪر بجا آڻ. اهڙيِءَ طرح آءُ هڪ ٻن ڏينهن ۾ عادي ٿي ويس. محنت مزدوري ڪري کاڌو کائيندو هوس ۽ ائين محسوس ڪندو هئس جيئن مون گنجي جي هوٽل تان پيٽ ڀري ماني کاڌي آهي.”
مون هڪڙي ڏينهن هن کان پڇيو، ”تو ڪڏهن ڪنهن عورت سان محبت ڪئي آهي؟“
هن پنهنجا ٻئي ڪن پڪڙي چيو: ”خدا بچائي ان محبت کان. مون کي صرف پنهنجي ماءُ سان محبت آهي.“
مون هن کان پڇيو:”تنهنجي ماءُ جيئري آهي!؟“
”جي ها! خدا جي فضل ۽ ڪرم سان تمام گهڻي پوڙهي آهي، پر توهان جي دعا سان، ان جو سايو منهنجي سر تي دير تائين قائم رهندو ۽ هوءَ ته هر وقت منهنجي لاءِ دعائون گهرندي ٿي رهي. ته خدا مون کي نيڪيءَ جي هدايت ڪري!“
مون هن کي چيو:”خدا تنهنجي ماءُ کي سلامت رکي، پر توکي ڪنهن عورت سان محبت ٿي آهي يا نه! ڏس مون سان ڪوڙ نه ڳالهائجان!“
امين پهلوان تمام تيز لهجي ۾ چيو: ”مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اڄ تائين ڪڏهن به ڪوڙ ناهي ڳالهايو، مون ڪنهن عورت سان محبت ناهي ڪئي.“
مون پڇيو: ”ڇو؟“
هن جواب ڏنو:”ان ڪري جو مون کي ان سان دلچسپي ئي ناهي.“
آئون خاموش رهيس.
ٽئين ڏينهن هن جي ماءُ کي فالج ٿي پيو ۽ هوءَ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي، امين وٽ هڪ پئسو به نه هو. هو سوڳوار، مغموم ۽ دلشڪسته ٿيو ويٺو هو ته شهر جي هڪ سيٺ محمد دين جي طرفان هن کي سڏ آيو.
هو پنهنجي عزيز ماءُ جي لاش کي ڇڏي، سيٺ وٽ ويو ۽ ان کان پڇيائين: ” ڇو سيٺ صاحب! توهان مون کي سڏايو آهي؟“
سيٺ صاحب چيو:”تو کي ڇو سڏايو آهي!؟ هڪ خاص ڪم آهي.“
امين جي دل ۽ دماغ تي پنهنجي ماءُ جي ڪفن دفن جو خيال تري رهيو هو، هن حيرانگيءَ مان پڇيو: ”سائين اهو خاص ڪم ڪهڙو آهي؟“
سيٺ صاحب سگريٽ دکايو:”بليڪ مارڪيٽ جو قصو آهي. مون کي خبر پئي آهي، ته اڄ منهنجي گودام تي ڇاپو هنيو ويندو مون سوچيو ته امين پهلوان تمام سٺو ماڻهو آهي، جيڪو ان کي چڪائي سگهي ٿو.“
امين غمگين انداز ۾ چيو:”توهان فرمايو آءُ توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو؟“
”يار خدمت ٻدمت جي ڳالهه تون نه ڪر. بس فقط ايتري ڳالهه آهي. ته جڏهن ڇاپو لڳي، ته گودام جو مالڪ تون هوندين ، گرفتار ٿي ويندين. ڏنڊ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي لک هوندو ۽ هڪ يا ٻه سال قيد جي سزا.“
”مون کي ڇا ملندو؟“
”جڏهن اتان آزاد ٿي ايندين ته معاملا طئه ڪري وٺنداسين.“
امين سيٺ صاحب کي چيو:”سائين! اها تمام پري جي ڳالهه آهي. ڏنڊ توهان ڀريندؤ، پر قيد ته آءُ ئي ڪاٽيندس. توهان هينئر ئي سودو ڪريو.“
سيٺ صاحب کليو: ”اڄ تائين مون تو سان ڪڏهن واعدي خلافي ڪئي آهي؟ گذريل دفعي مون تو کان ڪم ورتو ۽ تو کي ٽن مهينن جي قيد جي سزا ملي هئي ته ڇا مون جيل ۾ هر قسم جي سهولت تو کي ڪانه پهچائي! تو ٻاهر اچي مون کي ڇا چيو، ته تو کي جيل ۾ ڪا به تڪليف ڪانه ٿي هئي. جيڪڏهن تون ڪجهه عرصي لاءِ جيل هليو وئين ته اتي تو کي هر آسائش ملندي رهندي.”
امين چيو:”ها سائين اهو سڀ صحيح آهي پر....“
”پر ڇا!؟“
امين اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا:”سيٺ صاحب منهنجي ماءُ گذاري وئي آهي.“
”ڪڏهن؟“
”اڄ صبح جو.“
سيٺ صاحب افسوس جو اظهار ڪندي چيو: ”ڀلا تدفين ڪرائي ڇڏيئي!؟“
امين جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا:”سائين اڃا تائين ڪجهه به انتظام نه ٿي سگهيو آهي.... مون وٽ ته آفيم کائڻ لاءِ به پئسو ناهي.“
سيٺ صاحب ڪجهه وقت غور ڪرڻ کان پوءِ امين کي چيو:”تون هيئن ڪر. منهنجو مطلب آهي، ته ڪفن دفن جو بندبوست آءُ هينئر ئي ٿو ڪري وٺان. تون ڪنهن به قسم جو فڪر نه ڪر، تون گودام تي وڃ ۽ وڃي پنهنجي ڊيوٽي سنڀال.“
امين پنهنجي ميري قميض جي ڪف سان ڳوڙها اگهيا:”پر سائين آءُ پنهنجي ماءُ جي جنازي کي ڪلهو به نه ڏيان!“
سيٺ صاحب فلسفياني انداز ۾ چيو:”اهي سڀ رسمون آهن. مرحومه کي دفنائڻو آهي. سو اهو ڪم تمام سٺيءَ طرح سان ٿي ويندو. تو کي جنازي سان گڏ وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. تنهنجي وڃڻ سان جنازي کي ڪهڙي راحت ملندي هوءَ ويچاري ته هن دنيا مان هلي وئي آهي. هن جي جنازي سان ڪير به گڏ وڃي. ڪهڙو ٿو فرق پوي، حقيقت ۾ توهين جاهل آهيو، آءُ جي مري وڃان ته مون کي ڪهڙي خبر ته منهنجي جنازي ۾ ڪهڙِ ڪهڙي عزيز ۽ دوست شرڪت ڪئي. مون کي ساڙيو وڃي ته ڪهڙو فرق پوندو يا منهنجي لاش کي جانورن حوالي ڪيو وڃي ته مون کي ڪهڙي خبر پوندي. تون اجايو جذباتي نه ٿي. دنيا ۾ سڀ کان ضروري شئي اها آهي ته پنهنجي ذات جي متعلق سوچيو وڃي. آءُ تو کان پڇان ٿو ته تنهنجي ڪمائي جا ڪهڙا وسيلا آهن؟“
امين سوچڻ لڳو، ڪجهه وقت پنهنجي حيثيت تي غور ڪرڻ بعد چيائين:”ائين! منهنجي ڪمائي جا وسيلا توهان کي معلوم آهن. مون کان ڇا ٿا پڇو؟“
”مون ان ڪري پڇيو جو تو کي منهنجي ڪم ڪرڻ ۾ ڪهڙو اعتراض آهي. آءُ تنهنجي ماءُ جي ڪفن دفن جو بندوبست هينئر ئي ٿو ڪري وٺان ۽ جڏهن تون جيل مان واپس ايندين ته....“
امين پهلوان اڍنگي انداز ۾ چيو:”ته پوءِ توهان منهنجو به بندوبست ڪري وٺو!“
سيٺ صاحب وائڙو ٿي ويو:.”تون ڪهڙيون پيو ڳالهيون ڪرين امين پهلوان!“
امين پهلوان ٿورو سخت انداز ۾ چيو”امين پهلوان جي اهڙي جي تهڙي توهان ٻڌايو ته مون کي ڪيترا پئسا ملندا، آءُ پنجاهه هزار کان گهٽ ڪونه وٺندس!“
”پنجاهه هزار ته تمام وڏي رقم آهي!“
امين چيو:”گهڻا آهن يا گهٽ، آءُ ڪجهه به نه ٿو ڄاڻان. آءُ جڏهن قيد ڪاٽي ايندس، ته پنهنجي ماءُ جي قبر سنگ مرمر جي ٺهرائيندس، هوءَ مون کي گهڻو ڀائيندي هئي!“
سيٺ صاحب هن کي چيو:”ٺيڪ آهي يار، تون پنجاهه هزار وٺجان.“
امين پهلوان سيٺ صاحب کي چيو:”مون کي پئسا ڏيو ته آءُ ڪفن دفن جو بندوبست ڪري وٺان، ان کان پوءِ آءُ توهان جي خدمت جي لاءِ حاضر ٿي ويندس.“
سيٺ صاحب پنهنجي کيسي مان ٻٽون ڪڍيو:”تنهنجو ڪهڙو ڀروسو آهي!“
امين کي ائين محسوس ٿيو ته ڪنهن هن کي ڪچي گار ڏني هجي:”سيٺ صاحب! توهان مون کي بي ايمان ٿا سمجهو؟ بي ايمان توهان آهيو! ان ڪري ته پنهنجي افعالن جو بار منهنجي ڪلهن تي وجهي رهيا آهيو!“
سيٺ صاحب وقت جو ڄاڻو هو، هو سمجهي ويو ته امين ناراض ٿي ويو آهي تنهن ڪري هن پنهنجي غلط زباني جي هڪدم معذرت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر امين تي ان جو ڪوبه اثر نه ٿيو.
جڏهن امين گهر پهتو، ته هن ڏٺو ته غسل ڏيندڙ هن جي ماءُ کي غسل ڏئي چڪا هئا ۽ ڪفن ڏئي رهيا هئا. امين حيران ٿيو ته ان تي هن وقت ۾ هيءَ مهرباني ڪنهن ڪئي آهي؟ سيٺ صاحب! پر هن ته سودو ڪرڻ ٿي چاهيو! هن هڪ ماڻهو کان جيڪو قبر کي سينگارڻ لاءِ گل ٺاهي رهيو هو پڇيو: ”هي انتظام ڪنهن ڪيو آهي!؟“
گل واري جواب ڏنو:”سائين توهان جي زال ڪيو آهي.“
امين اندر ويو ڏٺائين ته هڪ نوجوان خوبصورت ڇوڪري سندس کٽ تي ويٺي هئي. امين هن کان پڇيو: ”تون ڪير آهين- هتي ڇو آئي آهين!؟“
آءُ سيٺ محمد دين جي ڌيءَ آهيان، ان سان توهان جي جيڪا گفتگو ٿي هئي. اها مون سڄي ٻڌي ورتي ۽... ۽...“
امين چيو:”هاڻي ٻيو ڪجهه چوڻ جي ضرورت ناهي!“
ترجمو: ميرزا دبير