گولي
شفقت ٽوپي لاهي نرڙ تان پگهر گهيو. ”ڪير عزيز صاحب؟“
عائشه جهيڻي لهجي ۾ جواب ڏنو، ”تنهنجي بابا جو دوست“
”او..... چاچا عزيز.“
”ها، ها اهو ئي!“
شفقت حيرت وچان چيو. ” پر اهي ته آفريقا ۾ هئا.“
عائشه چپن تي آڱر رکي چيو ”ٿورو آهستي ته ڳالهايو. هو آفريقا ۾ ئي هئا پر جيڪو آفريقا ۾ هجي سو واپس نه ٿو اچي سگهي ڇا؟“
”نه . هاڻي تون شروع ٿي وئينءَ!“
”توهان ته اصل وڙهڻ ٿا لڳو.“
عائشه ڪمري ۾ ليئو پاتو.“ عزيز صاحب آفريقا ۾ ئي آهي. پر سندس زال ڌيءَ جي شادي ڪرائڻ آئي آهي. ڪنهن سٺي ڇوڪري جي ڳولها ۾ آهي.“
اندران عزيز جي گهر واري جو آواز آيو.“ عائشه تو شفقت کي ٻاهر ڇو روڪيو آهي. وٺي اچيس اچ پٽ شفقت تو کي ڏٺي ڏينهن ٿي ويا هئا.“
”اجهو آيس، چاچي !“ شفقت ٽوپي ڪوڪي ۾ ٽنگي ۽ اندر ڪمري ۾ داخل ٿيو. ”السلام عليڪم چاچي.“
عزيز جي گهر واريءَ اٿي کيس دعا ڏني ۽ مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو. شفقت ويهڻ سان ئي ڏٺو ته سامهون صوفي تي ٻه ڀوريون ڇوڪريون ويٺل هيون. هڪ ننڍي هئي ٻي وڏي. ٻنهي جا مهانڊا ملندڙ جلندڙ هئا. عزيز صاحب پاڻ به دلڪش ماڻهو هو سندس اها دلڪشي ٻنهي ڇوڪرين ۾ به هڪ جهڙي ورهايل هئي. اکيون ماءُ تي نيريون ، وار ڀورا ۽ وڏا. ٻنهين کي چوٽيون ٿيل هيون، ننڍي جو چهرو وڏي جي مقابلي ۾ وڌيڪ نکريل هو وڏي جو چهرو ضرورت کان ڪجهه وڌيڪ سنجيده هو.
سندن ماءُ کين مخاطب ٿيندي چيو ”پٽ سلام ڪيو ڀاءُ کي.“
ننڍي اٿي شفقت کي سلام ڪيو. وڏي ويٺي ئي جهجهڪندي چيو، ”سلام“
شفقت کين مناسب انداز ۾ جواب ڏنو، جنهن کان پوءِ عزيز صاحب ۽ آفريقا، بابت ڳالهين جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو. جنهن ۾ نيروبي، ٽانگا نيڪا، دارالسلام، ڪراتينا ۽ يوگنڊا جون ڳالهيون به ٿيون. ڪٿان جي موسم سٺي آهي ۽ ڪٿان جي خراب، ميوا ڪٿي سٺا ٿيندا آهن. ميون جو ذڪر نڪتو ته ننڍي چيو ”هتي هندوستان ۾ ته انتهائي خراب فروٽ ٿو ملي.“
”نه نه تمام سٺو ميوو ملندو آهي بشرطيڪه موسم هجي.“ شفقت پنهنجي هندستان جي لڄ رکڻ لاءِ چيو.
”غلط آهي.” ننڍيءَ نڪ ۾ گهنج وجهندي چيو.“ امان توهان ڪالهه هتان جيڪي مالٽا ورتا هئا، ڇا اتان جي مچنگن جو مقابلو ڪري سگهندا.“
ڇوڪرين جي ماءُ ڳالهايو”پٽ شفقت هي صحيح ٿي چوي هتان جا مالٽا اتان جي مچنگن جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهن.“
عائشه ننڍي کان پڇيو”طلعت اهو مچنگو ڇا آهي؟ نالو ته ڏاڍو عجيب و غريب اٿس.“
طلعت کلي پئي”آپا هڪ مالٽي جهڙو ئي فروٽ ٿيندو آهي. ايترو ته سواد هوندو اٿس جو مان بيان نه ٿي ڪري سگهان. ۽ رس..... هڪ نيپوڙيو.... هي جيڪو گلاس پيو آ تارئون ڀرجي وڃي.“
شفقت گلاس کي ڏسي اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، “ اهو ميوو ايترو وڏو هوندو آهي جو هڪ مچنگي مان هيڏو وڏو گلاس ڀرجي ويندو آهي؟“
طلعت وڏي فخر سان چيو.”جي ها.“
شفقت اهو ٻڌي چيو، ”ته پوءِ اهو ميوو ڪافي وڏو هوندو.“
طلعت ڪنڌ ڌوڻيو.”جي نه ، اها ئي ته ان جي خوبي آهي ته رس سان ڀريل هوندو آهي، ۽ امان اتان جو انناس مانيءَ جيترو ته ..... ڪيڏو نه هن جو هڪ هڪ داڻو ٿيندو آهي.”
ڪافي دير تائين انناس جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. طلعت گهمڻ ڳالهائڻي هئي. آفريقا سان سندس عشق هو، اتان جي هر شيءَ کيس پسند هئي.... وڏي ، جنهن جو نالو نگهت هو بلڪل چپ چاپ ويٺي هئي ته هي ان سان مخاطب ٿيو. ”توهان کي شايد هنن ڳالهين ۾ ڪا دلچسپي ناهي.“
نگهت پنهنجا چپ چوريا. ”جي نه.... مان ٻڌان پئي دلچسپيءَ سان.“
شفقت وراڻيو ”پر توهان ڳالهايو نه پئي“
عزيز جي زال جواب ڏنو. ”پٽ شفقت هن جي طبعيت ئي اهڙي آهي.“
شفقت بي تڪلف ٿيندي چيو ”چاچي هن عمر ۾ ته ڇوڪرين کي خاموشي پسند هئڻ نه گهرجي.“ پوءِ نگهت سان مخاطب ٿيو. ”توهان کي ڳالهائڻو پوندو.”
نگهت جي چپن تي هلڪي شريملي مرڪ اچي وئي. ”ڳالهايان ته پئي. ادا.“
شفقت مرڪندي چيو ”تصويرن سان دلچسپي آهي توهان کي ؟“
نگهت نظرون هيٺ جهڪائيندي جواب ڏنو ”جي آهي“
”ته پوءِ اٿو ته مان توهان کي البم ڏيکاريان... ٻئي ڪمري ۾“ اهو چئي شفقت اٿيو، ”هلو“
عائشه شفقت جو هٿ پڪڙي کيس اکين ئي اکين ۾ اشارو ڪيو، جنهن کي شفت سمجهي نه سگهيو ۽ سواليه نظرون سان پنهنجي گهر واري ڏانهن ڏسندو رهيو. هي سوچ ۾ ئي گم هو ته طلعت اٿي بيٺي. ”هلو ادا... مون کي ٻين جا البم ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي. مون وٽ پڻ ڪافي ڪليڪشن آهي.“
شفقت طلعت سان گڏ ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو. نگهت خاموش ويٺي رهي. شفقت طلعت کي تصويرون ڏيکايندو رهيو. حسب عادت طلعت ڳالهائيند رهي پر، شفقت جو ڌيان ڪنهن ٻئي طرف هو. هو نگهت بابت سوچي رهيو هو ته هوءَ ايڏي خاموش ڇو آهي. هن سان گڏ تصويرون ڏسڻ ڇو نه آئي. جڏهن هن کيس هلڻ لاءِ چيو ته عائشه هن جو هٿ ڇو پڪڙيو ۽ ان اشاري جو ڇا مطلب هو جيڪو هن اکين سان ڪيو، تصويرون ختم ٿي ويون. طلعت البم کنيا ۽ شفقت کي چيائين،“ باجيءَ کي ڏيکاريان، کيس تمام گهڻو شوق آهي تصويرون گڏ ڪرڻ جو.“
شفقت پڇڻ وارو ئي هو ته جيڪڏهن ان کي شوق آهي ته ساڻن گڏ ڇو نه آئي، پر طلعت البم کڻي ڪمري مان نڪري وئي. شفقت وڏي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته نگهت وڏي دلچسپي سان تصويرون ڏسي رهي هئي. هر تصوير کيس خوشي ڏئي رهي هئي.
عائشه ڇوڪرين جي ماءُ سان ڳالهين ۾ مشغول هئي. شفقت کين ڏسندو رهيو. هن جو چهرو جيڪو چند گهڙيون اڳ ضرورت کان وڌيڪ سنجيده هو سو هاڻي ٻهڪي پيو. ائين ٿي لڳو تصويرون جيڪي آرٽ جو خوبصورت نمونو هيون ۽ هن کي سڪون بخشي رهيون هيون. هاڻي سندس اکين ۾ چمڪ اچي وئي پر جيئن ئي هڪ گهوڙِي ۽ صحتمند عورت جي تصوير آئي ته اها چمڪ گهٽجي وئي. هڪ ننڍڙي آهه سندس سيني ۾ اڀري ۽ اتي ئي دٻجي وئي.
تصويرون ختم ٿي ويون ته نگهت شفقت ڏانهن نهاريندي پيار ڀري انداز ۾ چيو. ”ادا توهان جي مهرباني!“
شفقت نگهت کان البم وٺي رکي ڇڏيو. هن جي من ۾ ڪيترائي سوال اڀري رهيا هئا. کيس ائين ٿي لڳو ته ڪو تمام وڏو راز هن ڇوڪريءَ سان لاڳاپيل آهي. هن سوچيو شايد ڪو اڻ پورو عشق يا ڪو نفسياتي حادثو. چانهه آئي ته شفقت، نگهت سان مخاطب ٿيو، ”اٿو چانهه ٺاهيو. اهي ڪم ڇوڪرين جا آهن.“
نگهت خاموش رهي پر طلعت ٽپو ڏئي اٿي. ”ادا مان ٿي ناهيان”
نگهت جو چهرو وري ڌنڌ ۾ وڪوڙجي ويو. شفقت جو تجسس اڃا به وڌڻ لڳو. هن جڏهن هڪ ڀيرو غير ارادي طور تي نگهت کي چتائي ڏٺو ته هوءَ گهٻرائجي وئي. شفقت کي دل ئي دل ۾ ان غير مناسب حرڪت تي افسوس ٿيو.
چانهه پيئندي هتان هتان جون بي شمار ڳالهيون ٿيون جن ۾ طلعت تمام گهڻو حصو ورتو. ٽينس جو ذڪر نڪتو ته هن شفقت کي وڏي فخر واري انداز ۾ ٻڌايو ته هوءَ نيروبي ۾ پهريون نمبر ٽينس پليئر هئي ۽ پندرهن ويهه ڪپ حاصل ڪري چڪي هئي. نگهت بلڪل چپ ويٺي رهي، سندس ان چپ ۾ اداسي هئي ۽ کيس به ان ڳالهه جو احساس هو ته هوءَ خاموش هئي.
هڪ ڳالهه جيڪا شفقت خاص طور تي نوٽ ڪئي ته عزيز جي گهر واري جو نسبتن وڌيڪ خيال نگهت طرف هو. هن پاڻ اٿي وڏي پيار ڀرئي انداز ۾ کيس ڪريم رول کڻي ڏنا. وات صاف ڪرڻ لاءِ پنهنجو رومال ڏنائينس، هوءَ ڳالهين جي ذريعي به سندس مٿي تي محبت ڀريو هٿ ڦيرائي رهي هئي.
موڪلائڻ جو وقت آيو ته عزيز جي گهر واريءَ برقعو کنيو. عائشه سان ڀاڪر پائي ملي، شفقت کي دعا ڏني ۽ پوءِ نگهت جي ڀر م بيهي اکين ۾ تري آيل ڳوڙهن کي لڪائيندي پيار ڀري انداز ۾ چيو، “ڌيءَ هلو ته هلئون “
طلعت ٽپو ڏئي اٿي، عزيز جي گهر واريءَ نگهت کي هڪ ٻانهن کان ورتو، ٻئي ٻانهه کان طلعت پڪڙيو ۽ کيس اٿاريو ويو. شفقت ڏٺو ته هن جو هيٺيون ڌڙ بلڪل بي جان هو. هڪ لمحي لاءِ شفقت تي سڪتو طاري ٿي ويو. جڏهن پاڻ سنڀاليائين ته هن کي اندر ۾ هڪ ڇڪ محسوس ٿي.
ڏڪندڙ ٽنگن سان ماءُ ۽ ڀيڻ جو سهارو وٺندي هن پنهنجو هٿ نرڙ جي ويجهو آڻي شفقت ۽ عائشه کي سلام ڪيو. ڪيڏو نه پيارو ۽ معصوم انداز هو پر انهي انداز ڄڻ ته شفقت تي ڪو وار ڪيو. راز کلي چڪو هو. سڀ کان پهريون خيال جيڪو هن جي دل ۾ آيو سو هي هو ته. ”قدرت ڇو ايتري بي رحم آهي. هيڏي خوبصورت ۽ پياري ڇوڪري ۽ هن سان ايڏو ظالماڻو سلوڪ. هن معصوم جو آخر گناهه ڪهڙو هو جنهن جي کيس ايڏي وڏي سزا ڏني وئي؟“
عائشه کين ٻاهر تائين ڇڏڻ وئي. هو ڪنهن فلسفيءَ جيان سوچيندو رهيو. ان وقت ئي سندس دوست اچي ويا ۽ هو پنهنجي زال سان نگهت بابت ڪا به ڳالهه ڪري نه سگهيو. پنهنجي دوستن سان تاس کيڏڻ ۾ اهڙو ته مشغول ٿي ويو جو نگهت ۽ ان جو درد کانئس وسري ويو. جڏهن رات ٿي ۽ عائشه هن کي نوڪر ذريعي نياپو ڪيو ته اچي ماني کاءُ ته ان وقت هن کي فقط راند جي ڪري نگهت جي ڳالهه وساري ويهڻ جو شدت سان افسوس ٿيو. هن ان ڳالهه جو ذڪر عائشه سان به ڪيو. پر ان کيس چيو ”توهان ماني کائو تفصيلي ڳالهيون پوءِ ڪبيون.“
زال مڙس گڏ ستل هئا، جڏهن کان سندس شادي ٿي هئي هي ڪڏهن به رات جو هڪ ٻئي کان جدا نه ٿيا هئا پر ان عرصي ۾ کين ڪو ٻار نه ٿيو هو. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته عائشه ۾ ڪوئي نقص آهي جيڪو فقط آپريشن سان ئي ختم ٿي سگهي ٿو. زال مڙس ڏاڍي پيار محبت واري زندگي گذاري رهيا هئا. سندن وچ ۾ ڪا به رنجش نه هئي. رات جو ٻئي گڏ سمهندا هئا. حسب معمول جڏهن گڏ ستا ته شفقت کي نگهت جي ياد اچي وئي. هن هڪ ٿڌو ساهه کڻي پنهنجي گهر واري کان پڇيو ”عائشه، ويچاري نگهت کي ڇا ٿيو هو!“
عائشه آهه ڀريندي افسوسناڪ لهجي ۾ چيو ”ٽن مهينن جي هئي ته سندس هيٺيون ڌڙ بيڪار ٿي ويو.“
شفقت جي دل ۾ نگهت لاءِ همدردي جو جذبو پيدا ٿي پيو. هن پنهنجي زال جي پٺي کي پنهنجي سيني سان ملائيندي چيو“ ”عائشه خدا ڇو ايترو....؟“
عائشه ڪو به جواب نه ڏنو، شفقت کي ڏينهن وارا منظر ياد اچڻ لڳا.
”جڏهن مان هن کي چيو هو ته هلو، مان توهان کي البم ڏيکاريا ۽ تو منهنجو هٿ ان ڪري پڪڙيو هو ته....!“
”هاها، ٻيو نه ته ڇا؟.... توهان ته هر هر...“
”الله ٿو ڄاڻي مون کي خبر نه هئي.“
”ان کي پنهنجي اپاهج هئڻ جو تمام گهڻو احساس آهي.“
”تنهنجي اها ڳالهه ٻڌي مون ائين محسوس ڪيو جيئن ڪنهن منهنجي سيني ۾ ڪو تير هڻي ڇڏيو هجي.“
”جڏهن هوءَ آئي ته خدا جو قسم مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ويچاري کي پيشاب ڪرڻو هو. ماءُ ۽ ننڍي ڀيڻ سان گڏ وئي. اڳٺ کوليو... ۽ بند ڪيو... ڪيڏي نه خوبصورت آهي..... ويٺي هجي ته خدا جو قسم.... بلڪل خبر نه پوي ته فالج اٿس.“
”تمام ذهين ڇوڪري آهي“
”اڃا؟!“
”سندس ماءُ پئي ٻڌائي ته هن کيس چئي ڇڏيو هو ته امان مان شادي نه ڪنديس، ڪنواري ويٺي هونديس.“
شفقت ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي ويو. جنهن کانپوءِ هن انتهائي ڏکاري لهي ۾ چيو، ”ان جي معنيٰ ته هن کي ان ڳالهه جو شديد احساس آهي ته ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ ڪو به راضي نه ٿيندو.“
عائشه شفقت جي سيني تي آڱرين سان ڦڻي ڏيندي چيو ”شفقت صاحب ڪير ڪندو شادي هڪ معزور سان؟!“
”نه نه ائين نه چئه عائشه!“
”ايڏي وڏي قرباني آخر ڪير ڏئي سگهندو شفقت صاحب؟“
”تون ٺيڪ ٿي چوين.“
خوبصورت آهي، کاڌي پيتي گهراڻي جي ڇوڪري آهي. سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي پر....“
”مان سمجهان ٿو. پر....“
”مردن جي دل ۾ رحم ڪٿي آهي؟“
شفقت پاسو بدلائيندي چيو ”ائين نه چئه عائشه؟“
عائشه به پاسو بدلايو. ٻئي آمهون سامهون ٿي ويا. مان سڀ ڄاڻان ٿي، ڪوئي اهڙو مرد ڳولهه جيڪو هن ويچاريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي.“
”مون کي خبر ناهي، پر...“
”وڏي ڀيڻ آهي، ويچاريءَ کي ڪيڏو نه ڏک ٿيندو هوندو جو هن جي ننڍي ڀيڻ جي شاديءَ جون ڳالهيون پيون هلن.“
”صحيح ٿي چوين تون !“
عائشه هڪ ڊگهي آهه ڀري، ”ڇا ويچاري ائين ئي سڄي عمر ڪڙهندي رهندي.“
”نه“ اهو چئي شفقت اٿي ويهي رهيو.
عائشه پڇيو.” ڇا مطلب؟“
”تو کي ساڻس همدردي آهي؟“
”ڇو نه؟“
”الله جو قسم کڻي چئه“
”هاڻي اها به ڪا قسم کڻائڻ جي ڳالهه آهي، هر انسان کي ان سان همدردي هئڻ گهرجي.“
شفقت چند گهڙيون خاموش رهڻ بعد چيو، ”مان هڪ ڳالهه سوچي آهي.“
عائشه خوش ٿيندي چيو، ”ڪهڙي؟“
”مون کي هميشه ان ڳالهه جو احساس رهيو آهي ته تون هڪ بلند خيال عورت آهين، اڄ تو منهنجي انهيءَ خيال کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي. مان.... خدا شل مهنجي ان ارادي کي استقامت بخشي... مان ارادو ڪري ڇڏيو آهي ته مان نگهت سان شادي ڪندس... سڄو ثواب توکي ملندو.“
ڪجهه دير خاموشي کان پوءِ يڪدم ڄڻ ڪو بم ڦاٽو.
”شفقت صاحب! مان هن کي گولي هڻي ماري ڇڏينديس، جي تو هن سان شادي ڪئي!“
شفقت ائين محسوس ڪيو ڄڻ کيس زبردست گولي لڳي هجي ۽ هو مري پنهنجي زال جي هنج ۾ دفن ٿي ويو هجي.
سنڌيڪار :رضوان گل