ڪھاڻيون

سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون

منٽو جي ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي جو سهيڙيندڙ جبران زيب آهي. سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن. سنڌي پڙهندڙن لاءِ پڻ منٽوءَ جو نالو نئون ناهي. ڪيترن ئي سالن کان هن جون ڪهاڻيون مختلف وقتن تي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن مان ڪجهه ترجمن جا ننڍا ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن ، پر هن ڪتاب جي صورت ۾ پهريون دفعو منٽوءَ جي ڪهاڻين جو هڪ وڏو تعداد سهيڙيو ويو آهي ، جنهن سان سنڌي ادب جا پڙهندڙ سعادت حسن منٽو جي فن ۽ فڪر کان واقف ٿي سگهندا.
Title Cover of book سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون

نئون قانون

منگو ڪوچوان پنهنجي اڏي ۾ عقلمند ماڻهو سمجهيو ويندو هئو. جيتوڻيڪ هن جي تعليمي حيثيت نه جي برابر هئي ۽ هن ڪڏهن به اسڪول جو منهن نه ڏٺو هو، تڏهن به ڄڻ هن کي دنيا جي سڀني ڳالهين جي خبر هئي. اڏي جا اهي سڀ ڪوچوان، جن کي اهو ڄاڻڻ جي خواهش هوندي هئي ته دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، استاد منگوءَ جي وسيع علم کان بخوبي واقف هئا.
ڪجهه ئي ڏينهن اڳ جڏهن استاد منگو پنهنجي هڪ سواريءَ کان اسپين ۾ جنگ ڇڙڻ جو افواهه ٻڌو هو ته هن گاما چوڌريءَ جي ويڪري ڪلهي تي ٿڦڪي ڏيئي، مدبرن واري انداز ۾ اڳڪٿي ڪئي هئي، ”ڏسجانءِ، چوڌري ٿورن ئي ڏينهن ۾، اسپين ۾ جنگ ڇڙي ويندي!“
۽ جڏهن گاما چوڌري پڇيو هوس ته اسپين ڪٿي آهي تڏهن استاد منگو ڌيرج سان جواب ڏنو هئو،”ولايت ۾، ٻيو ڪٿي؟“
اسپين ۾ جنگ ڇڙڻ جي خبر جڏهن اسٽيشن ٻاهران ٽانگن جي اڏي تي، جتي ڪيترائي ڪوچوان ڌرتي تي ويهي حقو ڇڪي رهيا هئا، پهتي هئي تڏهن سڀ دل ئي دل ۾ استاد منگو جي قابليت کي داد ڏيڻ لڳا هئا ۽ استاد منگو انهيءَ وقت مال روڊ جي چمڪندڙ سطح تي ٽانگو هلائيندي، پنهنجي سواريءَ سان هندو مسلم فساد تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيو هئو. انهي ڏينهن، سانجهي ٿيڻ کان ٿورو اڳ جڏهن هو اڏي تي آيو، تڏهن هن جو چهرو غير معمولي طور ڳاڙهو هئو. حقي جو دؤر هلندي هلندي، هندو مسلم فسادن جي ڳالهه ڇڙي ته استاد منگوءَ مٿي تان خاڪي پڳڙي لاهي ڪڇ ۾ دٻائي عالماڻي نوع ۾ چيو، ”اهو ڪنهن پير جي پٽ جو ئي نتيجو آهي، جو هندن ۽ مسلمانن ۾ چاقو ۽ ڇريون هلنديون ٿيون رهن. مون پنهنجن وڏن کان ٻڌو آهي ته اڪبر بادشاهه ڪنهن درويش جي دل ڏکائي هئي ۽ ان درويش ڪاوڙ وچان هن کي اهو پاراتو ڏنو هو ته تنهنجي هندستان ۾ هميشه فساد ٿيندا رهندا- ۽ جڏهن کان اڪبر بادشاهه جو راڄ ختم ٿيو آهي، هندستان ۾ فسادن مٿان فساد ٿي رهيا آهن. هي ڪانگريسي هندستان کي آزاد ڪرائڻ ٿا چاهن، پر مان چوان ٿو ته اگر هي هزار سال به ڀت سان مٿو ڀڃندا رهن ته به ڪجهه نه ورندو، وڌ ۾ وڌ ائين ٿيندو جو انگريز هليا ويندا ۽ ڪو اٽلي وارو يا روس وارو، جنهن بابت ٻڌو اٿم ته ڏاڍو طاقت وارو آهي، هليو ايندو ۽ هندستان هميشه غلام رهندو. اڙي ها! مون کان اهو ٻڌائڻ ته وسري ئي ويو ته پير اڪبر بادشاهه کي اهو پاراتو به ڏنو هو ته هندستان تي هميشه ڌاريا ئي راڄ ڪندا رهندا.“
استاد منگو کي انگريزن کان سخت نفرت هئي ۽ ان نفرت جو سبب هو اهو ڏيندو هو ته اهي، هن جي هندستان مٿان پنهنجو سڪو ٿا هلائن، هندستانين مٿان قسمين قسمين ظلم ٿا ڪن. پر ان نفرت جو سڀ کان وڏو سبب اهو هو جو ڇانوڻي جا ”گورا“ هن کي ڏاڍو ستائيندا هئا، هن سان ڪتن جهڙو سلوڪ ڪندا هئا. تنهن کان سواءِ هن کي سندن چمڙِيءَ جو رنگ به نه وڻندو هو. جڏهن به هو ڪنهن گوري جي سرخ ۽ سفيد چهري کي ڏسندو هو، تڏهن کيس ڄڻ الٽي اچي ويندي هئي. هو چوندو هو ”انهن جو ڳاڙهو، گهنجن ڀريو چهريو ڏسي، مون کي اهڙو لاش ٿو يا اچي، جنهن تان مٿين سنهي چمڙي ڳري هيٺ ڪرندي هجي.“
جڏهن به ڪنهن گوري سان هن جو جهڳڙو ٿيندو هو تڏهن سڄو ڏينهن هن جي طبعيت پريشان رهندي هئي ۽ شام جو اڏي تي موٽي،”هر“ ڇاپ سگريٽ ڇڪيندي يا حقي مان ڪش لڳائيندي ان گوري کي دل کولي گاريون ڏيندو هو. ڪڇي گار ڏيئي، پنهنجي ڪنڌ کي ڍلي پڳڙيءَ سميت جهٽڪو ڏيئي چوندو هو، ”آيا هئا ٽانڊو کڻڻ ۽ ٿي ويٺا آهن مالڪ! نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو آهي انهن حرام زادن باندرن ۽ وري رعب ته ائين ٿا ڄمائين، گويا اسان سندن ابن جا زر خريد ٻانها آهيو-!“ جيسين تائين هن جو ڪو ساٿي هن وٽ ويٺو هوندو هو، تيسين تائين هو پنهنجي سيني ۾ عرصي کان دکندڙ باهه کي ٻاهر ڪڍندو رهندو هو،”شڪل ڏسينس ته ڄڻ ڪوڙهه جي بيماري اٿس، ڌڪ هڻڻ بعد ائين ٿي گٽ مٽ ڪيائين، ڄڻ مون کي ڪچو چٻارڻ جو خيال ڪيو هئائين. تنهنجو قسم، پهرين ته خيال آيو ته هن جي کوپري ذريون ذريون ڪري ڇڏيان، پر اهو سوچي باز اچي ويس ته ان مردود کي مارڻ، پنهنجي بيعزتي ڪرڻ آهي...“ چوندي چوندي هو ٿوري دير چپ ٿي ويندو هو ۽ نڪ کي خاڪي قميص جي ٻانهن سان صاف ڪرڻ بعد وري چوڻ شروع ڪندو هو، ”قسم اٿم ڀڳوان جو، انهن لاٽ صاحبن جا ناز سهندي سهندي مان ته ڏاڍو تنگ ٿي پيو آهيان. انهن جو چٻرو ڏسنديئي رڳن ۾ خون ٽهڪڻ ٿو لڳي. ڪو نئون قانون ٻانون ٺهي ته انهن کان نجات ملي، نه ته....“
۽ جڏهن هڪ ڏينهن استاد منگو، ڪچهري کان پنهنجي ٽانگي ۾ ٻه سواريون کنيون ۽ انهن جي گفتگو مان هن کي خبر پئي ته هندستان ۾ نئون قانون شروع ٿيڻ وارو آهي تڏهن هن جي خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي. ٻه مارواڙي، جي ڪچهري ۾ پنهنجي ديواني مقدمي جي سلسلي ۾ آيا هئا، گهر موٽندي، نئين قانون يعنيٰ انڊيا ائڪٽ بابت پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئا.
”ٻڌو آهي ته پهرين اپريل کان هندستان ۾ نئون قانون شروع ٿيندو- ڇا هر ڪا شيءِ بدلجي ويندي؟“
”هر ڪا شيءِ نه نه بدلجندي، پر چون ٿا ته گهڻو ڪجهه بدلجي ويندو ۽ هندستانين کي آزادي ملي ويندي.“
”ڇا وياج متعلق به ڪو نئون قانون پاس ٿيندو؟“
”انهي بابت جاچ ڪرڻ گهرجي، سڀاڻي ڪنهن وڪيل کان پڇنداسين.“
انهن مارواڙين جي ڳالهه ٻولهه، استاد منگو جي دل ۾ بيحد خوشي پيدا ڪري رهي هئي. هو پنهنجي گهوڙي کي هميشه گاريون ڏيندو هو ۽ ان کي چهبوڪ سان ڏاڍو ماريندو هو پر تنهن ڏينهن، هو وري وري مڙي پٺيان ويٺل مارواڙين طرف ڏسي رهيو هو ۽ پنهنجين وڏين مڇن جا وار هڪ آڱر سان، نهايت صفائي سان مٿي ڪري، گهوڙي جي پٺي تي واڳون ڍلون ڪري، پيار وچان چئي رهيو هئو، ”هل پٽ، هل- ذرا هوا سان ڳالهيون ته ڪري ڏيکار...!“
مارواڙين کي انهن جي منزل تي پهچائي، هن انارڪليءَ ۾ دينو حلوائي جي دڪان تي اڌ سير ڏهيءَ جي لسي پي هڪ زوردار اوڳرائي ڏني ۽ مڇن جي وارن کي وات ۾ وجهي، انهن کي چوسيندي، اهڙي ئي بلند آواز ۾ چيو ”هت تيري ايسي ڪي تيسي.“
شام جو اڏي تي موٽيو ته هميشه جي ابتڙ اتي پنهنجي واقفڪارن مان ڪنهن کي به نه ڏسي هن جي سيني ۾ عجيب و غريب طوفان برپا ٿي ويو. اڄ هو هڪ تمام وڏي خبر پنهنجن دوستن کي ٻڌائڻ وارو هو، تمام وڏي خبر- ! ۽ ان خبر کي پنهنجي اندر مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هو ڏاڍو پريشان ٿي رهيو هو، پر اتي ڪو به ڪونه هو. اڏ ڪلاڪ تائين هو چهبڪ ڪڇ ۾ دٻائي، اسٽيشن جي اڏي جي لوهي ڇت هيٺان، بيقراريءَ جي حالت ۾ ٽهلندو رهيو، هن جي دماغ ۾ سٺا سٺا خيال اچي رهيا هئا. نئين قانون جي خبر هن کي هڪ نئين دنيا ۾ آڻي بيهاريو هو. هو ان نئين قانون بابت، جيڪو پهرين اپريل کان، هندستان سان لاڳو ٿيڻ وارو هو. پنهنجي دماغ جون سڀ بتيون روشن ڪري غور ڪري رهو هو. هن جي ڪنن ۾ مارواڙيءَ جو اهو انديشو، ”ڇا وياج بابت ڪو نئون قانون پاس ٿيندو؟“ وري وري گونجي رهيو هو، هن جي سڄي جسم ۾ خوشيءَ جي لهر ڊورائي رهيو هو. ڪيترائي ڀيرا پنهنجين گهاٽين مڇن اندران کلي هن انهن مارواڙين کي گار ڏني، ”...... غريبن جي کٽ ۾ لڪل منگهڻ، نئون قانون انهن لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ثابت ٿيندو!“
هو ڏاڍو خوش هو. هن خيال ٿي ڪيو ته گورن، سفيد ڪوئن، (هو انهن کي ان نالي سان ياد ڪندو هو) جا ٻوٿ، نئون قانون لاڳو ٿيندئي هميشه لاءِ ٻرن ۾ غائب ٿي ويندا.
جڏهن نَٿوُ گنجو، بغل ۾ پڳڙي دٻائي، اڏي ۾ داخل ٿيو ته استاد منگو اڳتي وڌي، هن جو هٿ پنهنجن هٿن ۾ وٺي بلند آواز ۾ چوڻ لڳو، ”پنهنجو هٿ هيڏانهن ڪر... اهڙي خبر ٻڌائيندو مانءِ جو دل خوش ٿي ويندءِ خوشيءَ وچان تنهنجي گنجي ٺوڙهه تي وار اڀري ايندا!“ ائين چئي، منگو هر هر چپن تي ڄڀ ڦريندي، نئين قانون بابت پنهنجي دوست کي ٻڌائڻ لڳو،.ڳالهه هلندي هن ڪيترائي ڀيرا نَٿو گنجي جي هٿ مٿان زور سان پنهنجو هٿ هڻي چيو، ”تون ڏسندو رهه، ڇا ٿو ٿئي، اهو روس وارو بادشاهه ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪري ساهي پٽندو.“
استاد منگو موجوده سوويت نظام جي اشتراڪي سرگرمين بابت گهڻو ڪجهه ٻڌو هو ۽ هن کي اتان جا نوان قانون ۽ ٻيون نيون چيزون ڏاڍيون پسند هيون. انهي لاءِ هن ”روس واري بادشاهه“ کي ”انڊيا ائڪٽ“ يعنيٰ نئين قانون سان کڻي ملايو ۽ پهرين اپريل تي پراڻي نظام ۾ جيڪي نيون ڦيرو، ڦارون ٿيڻ وارون هيون، هن انهن کي ”روس واي بادشاهه“ جي اثر جو نتيجو ٿي سمجهيو.
ڪجهه عرصي کان پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ ”لال چولن“ جي تحريڪ جاري هئي، استاد منگو ان تحريڪ کي پنهنجي دماغ ۾” روس واري بادشاهه“ ۽ وري نئين قانون سان گڏي ڇڏيو هو، انهي کان سواءِ جڏهن به هو ڪنهن کان ٻڌندو هو ته فلاڻي شهر ۾ هيترن بم ٺاهيندڙن کي پڪڙيو ويو يا فلاڻي هنڌ هيترن ماڻهن تي بغاوت جي الزام ۾ مقدمو هلايو ويو آهي ته انهن سڀني واقعن کي نئين قانون جا اهڃاڻ سمجهندو هو ۽ دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيندو هو.
هڪ ڏينهن هن جي ٽانگي ۾ ٻه بئريسٽر ”نئين قانون“ تي سخت تنقيد ڪري رهيا هئا ۽ هو خاموشي سان انهن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. انهن مان هڪ چئي رهيو هو، ”نئين قانون جوٻيو حصو فيڊريشن آهي جيڪو منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي. دنيا جي تاريخ ۾ اڄ تائين نه ڏٺو ويو آهي ۽ نه ٻڌو ويو آهي. سياسي نظريي جي لحاظ کان به اهو فيڊريشن بلڪل غلط آهي. اڃا به ائين چوڻ گهرجي ته ان کي فيڊريشن چئي ئي نٿو سگهجي.“
انهن بئريسٽرن ۾ جيڪا گفتگو ٿي، ان ۾ ڪيترا لفظ انگريزي هئا. انهي لاءِ استاد منگو صرف مٿين جملي کي ئي ڪي قدر سمجهيو ۽ هن انهيءَ مان اهو نتيجو ڪڍيو ته اهي ماڻهو هندستان ۾ نئين قانون جي اچڻ کي سٺو نٿا سمجهن ۽ ائين به نٿا چاهين ته ڪو وطن آزاد ٿئي ۽ انهيءَ خيال جي اثر هيٺ هن ڪيترا ڀيرا انهن ٻن بئريسٽرن کي حقار ت ڀريل نظرن سان ڏسي دل ئي دل ۾ چيو، ”ٽوڊي ٻچا!“
جڏهن هو ڪنهن کي دٻيل آواز ۾”ٽو ڊي ٻچا“ چوندو هو ته دل ئي دل ۾ اهو محسوس ڪري ڏاڍو خوش ٿيندو هو ته هن لقب کي صحيح هنڌ استعمال ڪيو آهي ۽ هن ۾ شريف ماڻهو ۽ ”ٽو ڊي ٻچي“ کي سڃاڻڻ جي لياقت آهي.
ان واقعي بعد ٽئين ڏينهن هو گورنمينٽ ڪاليج جي ٽن شاگردن کي پنهنجي ٽانگي ۾ ويهاري ”مزنگ“ وڃي رهيو هو ته هن انهن ٽن ڇوڪرن کي پاڻ ۾ ڳالهائيندي ٻڌو:
”نئين قانون منهنجيون اميدون وڌايون آهن، اگر..... صاحب اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو ته ڪنهن سرڪاري آفيس ۾ نوڪري ضرور ملي ويندي.“
”هونئن به ڪافي جايون خالي ٿينديون، شايد ان گڙ ٻڙ ۾ ڪجهه اسان جي هٿ به لڳي وڃي.“
”ها، ها، ڇوڪين...“
”هي بيڪار گرئجوئيٽ، جي ماريا ماريا ڦري رهيا آهن، انهن جو ڪجهه تعداد ته ضرور گهٽجندو...“
ان گفتگو استاد منگو جي دل ۾ نئين قانون جي همت اڃا به وڌائي ڇڏي ۽ هو ان کي اهڙي شيءِ سمجهڻ لڳو، جا ڏاڍي چمڪندڙ هجي. نئون قانون.... ! هو ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا سوچيندو هو. ”يعني ڪا نئين شيءِ! ۽ هر دفعي هن جي نظرن سامهون پنهنجي گهوڙِي جو اهو نئون ساز ٿي آيو، جو هن ٻه سال اڳ چوڌري خدا بخش کان چڱي طرح ٺوڪي وڄائي خريد ڪيو هو. ان ساز ئي، جڏهن اهو نئون هو، هنڌ هنڌ لوهه جون لڪل ڪيل ڪليون چمڪنديون هيون ۽ جتي جتي پتل جو ڪم هو، اهو سون جيان چمڪيدار ۽ ڀڀڪيدار لڳڻ ضروري هو.
پهرين اپريل تائين استاد منگو، نئين قانون خلاف ۽ سندس فائدي ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌو پر ان بابت جيڪو تصور، هو پنهنجي ذهن ۾ قائم ڪري چڪو هو، بدلجي نه سگهيو. هن سمجهيو ٿي ته پهرين اپريل تي، نئين قانون جي اينديئي، سڄو معاملو صاف ٿي ويندو ۽ هن کي يقين هو ته ان جي اچڻ تي جيڪي شيون نظر اينديون، انهن مان هن جي اکين کي ضرور ٿڌڪار پهچندي .آخر ڪار مارچ جا ايڪٽيهه ڏينهن گذري ويا ۽ اپريل جي شروع ٿيڻ ۾ رات جا ڪجهه خاموش ڪلاڪ باقي رهجي ويا. موسم، هميشه خلاف، سرد هئي ۽ هوا ۾ تازگي هئي، پهرين اپريل تي استاد منگو، صبح جو سوير اٿيو ۽ طنبلي ۾ وڃي ٽانگي ۾ گهوڙو جوٽي، ٻاهر نڪري ويو، هن جي طبعيت اڄ غير معمولي طور تي مسرور هئي- هو نئين قانون کي ڏسڻ وارو هو!
هن صبح جي سرد ڌنڌلڪي ۾ ڪيترن ئي تنگ ۽ کليل بازارين جو چڪر لڳايو پر هن کي هر ڪا شيءِ پراڻي نظر آئي- پراڻي- آسمان جيان پراڻي! هن جي نگاهن اڄ خاص طور تي نئون رنگ ٿي ڏسڻ چاهيو پر سواءِ ان ڪلنگيءَ جي، جا رنگ برنگي کنڀن مان ٺهيل هئي، ۽ سندس گهوڙِي جي مٿي تي ڄميل هئي، ٻيون سڀ شيون کيس پراڻيون نظر اچي رهيون هيون. اها نئين ڪلنگي، هن نئين قانون جي خوشي ۾ 31 مارچ تي، چوڌري خدا بخش کان ساڍي چوڏهين آني خريدي هئي.
گهوڙي جي ٽاپ- ٽاپ- جو آواز، ڪاري سڙڪ ۽ ان جي آسپاس ، ٿورو مفاصلو ڇڏي، لڳايل بجليءَ جا ٿنڀا، دڪانن جا بورڊ، هن جي گهوڙي جي ڳچيءَ ۾ پيل گهنگهرن جي جهنڪار، بازار ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻهو انهن مان ڪهڙي شيءِ نئين هئي؟ظاهر آهي ته ڪابه نه، پر استاد منگو مايوس نه هو.
”اڃا ڪافي سوير آهي، دڪان به ته سڀ بند آهن.“ اهو خيال هن کي ڌيرج ڏيئي رهيو هو، انهي کانسواءِ هن اهو به پئي سوچيو ته ”هاءِ ڪورٽ ۾ نوين بجي کانپوءِ ئي ڪم شروع ٿيندو آهي، پوءِ ايترو جلدي نئون قانون ڪٿان نظر ايندو؟“
هن جو ٽانگو گورنمينٽ ڪاليج جي دروازي ويجهو پهتو ته گهڙيال نَوَ ٺڪاءُ هنيا. ڪاليج جي وڏي دروازي مان ٻاهر نڪرندڙ شاگرد خوش نظر اچي رهيا هئا پر استاد منگو کي الائي ڇو انهن جا ڪپڙا ميرا نظر اچي رهيا هئا. شايد انهيءَ جو سبب اهو هو ته اڄ هن جي نگاهن ڪنهن غير معمولي جلوي جو نظارو ڪرڻ ئي چاهيو. ٽانگي کي ساڄي هٿ طرف موڙي، هو ٿوري دير لاءِ وري نارڪليءَ ۾ پهتو، بازار جا قريب قريب اڌ دڪان کلي چڪا هئا ۽ ماڻهن جي آمدرفت به وڌي وئي هئي. حلوائين جي دڪانن تي گراهڪن جي ڪافي رش هئي، مڃار جون نمائشي شيون شيشي جي الماڙين ۾ ڏسندڙن جون دليون موهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون ۽ بجلي جي تارن تي ڪيترا ڪبوتر پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا، پر استاد منگو لاءِ انهن سڀني شين ۾ ڪابه دلچسپي ڪانه رهي هئي!- هن نئون قانون ڏسڻ ٿي چاهيو، ٺيڪ ساڳئي نموني جئين هو پنهنجو گهوڙو ڏسي رهيو هئو.
جڏهن استاد منگو جي گهر ٻار چمڻ وارو هو ته هن چار پنج مهينا ڏاڍي بيقراري ۾ گذاريا هئا، هن کي يقين هو ته ٻار ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ضرور ڄمندو پر هو انتظار جون گهڙيون نٿي ڪاٽي سگهيو. هن چاهيو ته هو پنهنجي ٻار کي صرف هڪ دفعو ڏسي، انهي بعد اهو ڀلي آرام سان ڄمندو رهي ۽ انهيءَ خواهش جي اثر هيٺ هن ڪيترائي ڀيرا پنهنجي بيمار زال جي پيٽ کي دٻائي، ان مٿان ڪن رکي، پنهجي ٻار بابت ڪجهه ڄاڻڻ چاهيو هو پر هن کي ناڪام رهڻو پيو هو. هڪ دفعي هو انتظار ڪندي ڪندي ايتري قدر ته تنگ اچي ويو هو جو پنهنجي زال مٿان ڏمري پيو، ”تون هر وقت مڙدي جيان پيئي ٿي رهين، اٿي ڪجهه گهم ڦر، تنهنجي لڱن ۾ ٿوري طاقت ته اچي. ائين سمهڻ مان ڪجهه به نه ورندو، ڇا تون سمجهين ٿي ته ائين سمهي پئي تون ٻار ڄڻي سگهندينءَ؟“
استاد منگو ڏاڍو جلد باز هو، هن جي زال گنگا، هن جي ان قسم جي بيقارين کي ڏسي عام طور هن کي چوندي هئي، ”اڃا کوهه کوٽيو نه ويو آهي ۽ تون اڃ وچان بي حال ٿي رهيو آهين.“
ڪجهه به هجي پر استاد منگو، نئين قانون جي انتظار ۾ ايترو ته بيقرار نه هو جيترو هن کي پنهنجي طبعيت مطابق ٿيڻ گهريو هو. هو اڄ نئين قانون کي ڏسڻ لاءِ گهران نڪتو هو، ٺيڪ ساڳي طرح جيئن هو گانڌي يا جواهر لال جي سرگس جو نظارو ڪرڻ لاءِ نڪرندو هو. ليڊرن جي عظمت جو اندازو، استاد منگو هميشه انهن جي جلسي جي هنگامن ۽ انهن جي ڳچين ۾ وڌل گلن جي هارن مان لڳائيندو هو، اگر ڪو ليڊر گينڊي جي گلن سان سٿيل هجي ته استاد منگو اڳيان اهو وڏو ماڻهو هو ۽ اگر ڪنهن ليڊر جي جلسي ۾ غنڊا گرديءَ وچان ٻه ٽي فساد ٿيندي ٿيندي رهجي وڃن ته هن جي نگاهن ۾ اهو اڃا به وڏو هو، ۽ هاڻي نئين قانون کي هن پنهنجي ذهن جي انهيءَ تارازي ۾ تورڻ ٿي چاهيو.
انارڪلي مان نڪري، هو مال روڊ جي چمڪندڙ سطح تي پنهنجي ٽانگي کي آهستي آهستي هلائي رهيو هو ته موٽرن جي دڪان ويجهو، هن کي چاوڻي جي هڪ سواري ملي وئي، ڀاڙو طئه ڪرڻ بعد هن پنهنجي گهوڙِ کي چهبوڪ ڏيکاريو ۽ دل ۾ سوچيو، ”ٺيڪ ئي ٿيو- شايد ڇانوڻي مان ئي نئين قانون جي ڪا خبر ملي وڃي.“
ڇانوڻي پهچي، استاد منگو سواري کي منزل تي رسائي، کيسي مان سگريٽ ڪڍي، ساڄي هٿ جي آخري ٻن آڱرين ۾ دٻائي دکايو ۽ پٺئين طرف ٿي ويهي رهيو. جڏهن استاد منگوءَ کي ڪنهن سواريءَ جي ڳولها نه ڪرڻي هوندي هئي، يا هن کي ڪنهن گذريل واقعي تي غور ڪرڻو هوندو هو ، ته هو عام طور اڳين سيٽ ڇڏي، پٺئين طرف ڏاڍي آرام سان ويهي، پنهنجي گهوڙِ جون واڳون ساڄي هٿ جي چوڌاري ويڙهي ڇڏيندو هو. اهڙن موقعن تي هن جو گهوڙو ٿورو هڻڪارڻ بعد ڏاڍي ڌيمي چال هلڻ شروع ڪندو هو، هن کي ڪجهه دير لاءِ ڊڪ ڊوڙ کان موڪل ملي هجي.
گهوڙِي جي چال جيان استاد منگو جي دماغ ۾ خيالن جي امد ڏاڍي سست پئي ٿي. جيئن گهوڙو آهستي آهستي قدم کڻي رهيو هو، تئين استاد منگو جي ذهن ۾ نئين قانون بابت نوان انديشا داخل ٿي رهيا هئا. هو نئين قانون هيٺ ميونسپل ڪاميٽي ۾ ٽانگن لاءِ نمبر ملڻ جي طريقي تي غور ڪري رهيو هو ۽ ان قابل غور ڳالهه کي نئين قانون جي روشني ۾ ڏسڻ جو سعيو ڪري رهيو هو. اچانڪ هن کي ائين محسوس ٿيو، ڀانءِ ڪنهن هن کي سواري لاءِ سڏيو هجي، هن مڙي پٺيان ڏٺو. سڙڪ جي ٻئي ڀر بجلي جي ٿنڀي ويجهو بيٺل هڪ گورو هن کي سڏي رهيو هو.
مٿي ٻڌايو ويو آهي ته استاد منگو کي گورن کان بي حد نفرت هئي، انهيءَ لاءِ جڏهن هن پنهنجي تازي گراهڪ کي گوري جي شڪل ۾ ڏٺو ته هن جي دل ۾ نفرت جا جذبا پيدا ٿي پيا. پهرين ته هن جي دل ۾ خيال آيو ته گوري طرف ڌيان نه ڏئي، هن کي ڇڏي هليو وڃي، پر بعد ۾ هن سوچيو”انهن جا پيسا ڇڏڻ به بيوقوفي آهي، ڪلنگيءَ تي مفت ۾ ساڍا چوڏنهن آنا خرچيا اٿم ڇا؟ اهي هن مان ئي وصول ڪرڻ گهرجن.“ ائين سوچي هن ٽانگو گوري طرف وڌايو.
خالي سڙڪ ئي نهايت صفائي سان ٽانگو موڙي هن گهوڙي کي چهبڪ ڏيکاريو. اکٻوٽ ۾ هو بجلي جي ٿنڀي وٽ پهتو، گهوڙي جون واڳون ڇڪي هن ٽانگو روڪيو ۽ پٺين طرف ويٺي ويٺي گوري کان پڇيو، ”صاحب بهادر کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟“
ان سوال ۾ بلا جي طنز هئي. ”صاحب بهادر“ چوندي هن جو مڇن هيٺان لڪل مٿيون چپ هيٺ ڇڪجي ويو هو ۽ ڳل جي هن طرف جا هلڪي ليڪ نڪ جي ناسن کان کاڏي تائين ڦهلجي وئي هئس. سان هڪ لرزش سان گهري ٿي ويس. گويا ڪنهن نوڪيلي چاقو سان شيشم جي ڪارسري ڪاٺي ۾ ڇيد ڪيو هو.
جڏهن گورو، جيڪو بجلي جي ٿني جي اوٽ ۾ هوا جو رخ بچائي، سگريٽ دکائي رهيو هو، مڙي ٽانگي جي پائدان طرف قدم وڌايو، ته اچانڪ استاد منگو ۽ هن جون نظرون چار ٿيون ۽ ائين محسوس ٿيو ڀانءِ آمهون سامهون وارين چئن بدوقن مان گوليون خارج ٿيون ۽ پاڻ ۾ ٽڪرجي هڪ آتشين طوفان بڻجي مٿي اڏامي ويون.
استاد منگو، جو پنهنجي ساڄي هٿ تان واڳ جا وڪڙ کولي ٽانگي تان هيٺ لهڻ وارو هو، پنهنجي سامهون بيٺل ”گوري“ کي ائين ڏسي رهيو هو گويا ان جي وجود جي ذري ذري کي پنهنجين نگاهن سان چٻاڙي رهيو هو، ۽ گورو پنهنجي نيري پتلون تان ڪجهه ائين ڇنڊي رهيو هو ڀانءِ هو استاد منگو جي ان حملي کان پنهنجي وجود جي ڪجهه حصي کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
گوري سگريٽ جو دونهون ٻاهر ڪڍندي چيو ، ”هلندي يا وري گڙ ڀڙ ڪندين؟“
اهو ئي آهي! اهي لفظ استاد منگو کي ذهن ۾ پيدا ٿيا ۽ هن جي چوڙي ڇاتي ۾ نچڻ لڳا.
اهو ئي آهي! هن اهي لفظ پنهنجي من ۾ ئي دهرايا ۽ هن کي پڪو يقين ٿي ويو ته اهو گورو، جو هن سامهون هو، اهو ئي هو، جنهن سان گذريل سال هن جو جهيڙو ٿي پيو هو ۽ خوامخواهه جي جهڳڙي ۾ هن کي ڪيتريون ڳالهيون سهڻيون پيون هيون. استاد منگو هن جو دماغ جاءِ تي آڻي ڇڏي ها، هن جو وجود ختم ڪري ڇڏي ها، پر ڪنهن سب هو خاموش ٿي ويو هو، هن کي ڄاڻ هئي، اهڙين ڳالهين ۾ عدالت جو نزلو عام طور ڪوچوالن مٿان ئي ڪرندو آهي.
استاد منگو گذريل سال جي لڙائي ۽ پهرين اپريل جي نئين قانون تي غور ڪندي، گوري کي چيو، ته ”ڪيڏانهن وڃڻو اٿئي؟“
استاد منگو جي لهچي ۾ هن جي چهبڪ جيان تيزي هئي.
”هيرا منڊي“ گوري جواب ڏنو.
”پنج رپيا لڳندا“ استاد منگو جون مڇون لڏڻ لڳيون.
”پنج رپيا! ڇا تون-“
”ها، ها، پنج رپيا.“ چوندي استاد منگو جو وارن سان ڀريل ساڄو هٿ ڀيڪوڙجي هڪ زوردار مڪ جي شڪل وٺي بيٺو”هلندين، يا بيڪار ڳالهيون ٺاهيندين؟“
گورو گذريل سال جي واقعي کي پيش نظر رکي، استاد منگو جي ڇاتي جي چوڙائي کي نظر انداز ڪري چڪو هو، هو سوچي رهيو هو، هن جي ٺوڙهه کي وري خارش کنيو آهي ۽ ان حوصلو وڌائيندڙ خيال جي اثر هيٺ هو آڪڙجي ٽانگي طرف وڌيو ۽ پنهنجي ڇڙيءَ سان استاد منگو کي ٽانگي تان هيٺ لهڻ جو اشارو ڪيائين، ان پالش ٿيل سنهي ڇڙيءَ ، استاد منگو جي ٿلهي ران کي به ٽي دفعا ڇهيو. هن بيٺي هوندي، مٿان بندري گوري کي ڏٺو، ڀانءِ هن پنهنجي نظرن جي وزن سان ئي هن کي بينهين ڇڏڻ ٿي چاهيو، ۽ پوءِ هن جي مڪ، ڪمان مان تير جيان مٿي کڄي وئي ۽ اک ٻوٽ ۾ گوري جي کاڏي هيٺان ڄمي وئي. ڌڪو ڏيئي هن گوري کي پري هٽايو ۽ هيٺ لهي هن مٿان مڪن جا وسڪارا ڪرڻ لڳو.
ششدر ۽ حيران گوري هيڏانهن هوڏانهن سميٽجي استاد منگو جي وزني مڪن کان بچڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن ڏٺائين ته مخالف مٿان ديوانگي جهڙي حالت طاري آهي، هن جي اکين مان شرارا وسي رهيا آهن، تڏهن هو زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو. ان چيخ و پڪار استاد منگو جي ٻانهن جي ڪم ۾ اڃا به تيزي آندي هو گوري کي دل کولي ماري رهيو هو ۽ گڏو گڏ چئي رهيو هو، ”پهرين اپريل تي به اها آڪڙ... پهرين اپريل تي به ساڳي آڪڙ.... هاڻي اسان جو راڄ آهي ٻچا!“
ماڻهو ڪٺا ٿي ويا ۽ پوليس جي ٻن سپاهين ڏاڍي مشڪل سان گوري کي استاد منگو جي گرفت مان آزاد ڪرايو. استاد منگو انهن ٻن سپاهين جي وچ ۾ بيٺو هو. هن جي ويڪري ڇاتي، وڏن ساهن سبب هيٺ مٿي ٿي رهي هئي، وات مان گگ وهي رهي هئي ۽ پنهنجي مسڪرائيندڙ اکين سان حيرت زده ميڙ طرف ڏسي ڪنبدڙ آواز ۾ چئي رهيو هو، ”اهي ڏينهن گذري ويا، جڏهن خليل خان ڪبوتر اڏائيندو هو، هاڻي نئون قانون آهي، ميان- نئون قانون !“
۽ ويچارو گورو پنهنجي بگڙيل چهري سان بيوقفن جيان ڪڏهن استاد منگو طرف ڏسي رهيو هو ۽ ڪڏهن هجوم طرف.
استاد منگو کي پوليس جا سپاهي ٿاڻي تي وٺي ويا. رستي ۾ ۽ ٿاڻي اندر هو ”نئون قانون“ چوندو رهيو پر ڪنهن به ڪين ٻڌس.
”نئون قانون! نئون قانون! ڇا ٿو بڪين؟ قانون اهو ئي پراڻو آهي!“
۽ هن کي حوالات ۾ بند ڪيو ويو.


ترجمو: نانڪ مدناڻي