ٽوبا ٽيڪ سنگهه
نه ڄاڻ اها ڳالهه مناسب هئي يا غير مناسب بهرحال دانشورن جي فيصلي مطابق ٻنهي پاسي اعليٰ سطح جون ڪانفرنسون ٿيون ۽ آخر ڪار چرين جي منتقلي جو هڪ ڏينهن مقرر ٿي ويو. سٺيءَ ريت جاچ جوچ ڪئي وئي، اهي مسلمان چريا جن جا مٽ مائٽ پاڪستان ۾ ئي هئا، اتي ئي رهڻ ڏنا ويا، جيڪي باقي بچيا تن کي سرحد ڏانهن روانو ڪيو ويو. هتان پاڪستان مان ڇو ته تقريبن هندو ۽ سک وڃي چڪا هئا ان ڪري ڪنهن کي به هتي ترسائڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو. جيترا هندو، سک چريا هئا سڀني کي پوليس جي حفاظت ۾ سرحد تي پهچايو ويو. اتان جي خبر ناهي، پر هتي لاهور جي پاڳل خاني ۾ جڏهن ان تبديليءَ جي خبر پهتي ته ڏاڍيون دلچسپ ڳالهيون ٿيڻ لڳيون، هڪ مسلمان چريو جيڪو ٻارهن سالن کان هر روز باقائدگيءَ سان ”زميندار“ (اخبار) پڙهندو هو. تنهن کان جڏهن هڪ دوست پڇيو، ”مولبي صاحب، اهو پاڪستان ڇا ٿيندو آهي ته ان ڏاڍي غور ۽ فڪر ڪرڻ بعد جواب ڏنو، “هندوستان ۾ هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي پاڪيون ٺهنديون آهن.“
اهو جواب ٻڌي سندس دوست مطمئن ٿي ويو.
اهڙي ريت هڪ چريي سک ٻئي چريي سک کان پڇيو، ”سردار جي اسان کي هندوستان ڇو پيو اماڻيو وڃي.... اسانکي ته اتان جي ٻولي به ناهي ايندي.“
ٻيو کليو، ”مون کي ته هندستان جي ٻولي ايندي آهي.... هندستاني ڏاڍو آڪڙجي آڪڙجي گهمندا آهن....“
هڪ ڏينهن وهنجندي وهنجندي هڪ مسلمان چريي ”پاڪستان زندهه باد“ جو نعرو ايڏي ته زور سان هنيو جو فرش تي ترڪي ڪري بيهوش ٿي ويو.
ڪيترا چريا اهڙا به هئا جيڪي چريا هئا نه، اهڙن ۾ اڪثريت اهڙن قاتلن جي هئي جن جي مائٽن آفيسرن کي ڪجهه ڏئي وٺي کين پاڳل خاني اماڻي ڇڏيو، جيئن هو ڦاسي جي سزا کان بچي وڃن. اهي ٿورو گهڻو سمجهندا هئا ته هندستان ڇو ورهائجي ويو آهي ۽ پاڪستان ڇا آهي، پر صحيح واقعن ۽ حالتن کان هو به بي خبر هئا. اخبارن مان ڪوبه پتو نه پوندو هو ۽ پهرو ڏيندڙ سپاهي اڻ پڙهيل ۽ جاهل هئا، انهن جي گفتگو مان به ڪو نتيجو ڪڍي نه سگهندا هئا. تن کي فقط ايتري خبر هئي ته هڪ شخص محمد علي جناح آهي، جنهن کي فقط قائد اعظم چوندا آهن. ان مسلمانن لاءِ هڪ جدا ملڪ جوڙيو آهي، جنهن جو نالو پاڪستان آهي. اهو ڪٿي آهي، ڪهڙي هنڌ آهي، ان بابت کين ڪابه سُڌ نه هئي. اهو ئي سبب هو جو اڳ پاڳل خاني ۾ موجود اهي سڀئي چريا ان مسئلي ۾ الجهيل هئا ته هو پاڪستان ۾ آهن يا هندوستان ۾. اگر هندستان ۾ آهن ته پاڪستان ڪٿي آهي ۽ جي هو پاڪستان ۾ آهن ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هو ڪجهه وقت پهريون اتي ئي رهندي هندستان ۾ هئا.
هڪ چريو ته پاڪستان ۽ هندستان، هندستان ۽ پاڪستان جي چڪر ۾ اهڙو ڦاٿو جو هو اڳ کان به وڌيڪ چريو ٿي ويو. هو هڪ ڏينهن ٻهاري ڏيندي وڻ تي چڙهي ويو ۽ هڪ ڏار تي ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ تقرير ڪندو رهيو جيڪا پاڪستان ۽ هندستان جي نازڪ مسئلي تي هئي. سپاهين ان کي هيٺ لهي اچڻ لاءِ چيو ته هو اڃا به مٿي چڙهي ويو. کيس دڙڪا ۽ ڌمڪيون ڏنيون ويون ته هن چيو، ”مان نه هندوستان ۾ رهڻ ٿو چاهيان، نه پاڪستان ۾. مان هن وڻ تي ئي رهندس.“
وڏيءَ مشڪل کان پوءِ جڏهن هن جو دورو گهٽيو ته هو هيٺ لٿو ۽ پنهنجي هندو سک دوستن سان ڀاڪر پائي روئڻ لڳو، اهو خيال ايندي سندس دل ڀرجي آئي ته اهي هن کي ڇڏي هندستان هليا ويندا.
هڪ ايم ئي پاس ريڊيو انجنيئر، جيڪو مسلمان هو ۽ ٻين چرين کان بلڪل الڳ باغ جي هڪ خاص ٽڪري ۾ سمورو ڏينهن چپ چاپ گهمندو ڦرندو هو سو اڄ اوچتو پنهنجا ڪپڙا لاهي ننگو ٿي باغ ۾ هلڻ لڳو.
چنيوٽ جو هڪ موٽو متارو مسلمان چريو، جيڪو مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن رهي چڪو هو، ڏينهن ۾ پندرهن سورنهن ڀيرا وهنجندو هو. ان هڪدم اها عادت ڪڍي ڇڏي. سندس نالو محمد علي هو، ان ڪري هڪ ڏينهن هن پنهنجي جهنگلي ۾ اعلان ڪري ڇڏيو ته هو قائد اعظم محمد علي جناح آهي. ان جي رِيس ۾ هڪ سک چريو ماسٽر تارا سنگ بڻجي ويو. ممڪن هو ته ان جهنگلي ۾ ڪا خون ريزي ٿي پوي ها، ان ڪري انهن ٻنهين کي خطرناڪ چريو قرار ڏئي، الڳ الڳ بند ڪيو ويو.
لاهور جو هڪ نوجوان هندو وڪيل، جيڪو محبت ۾ ناڪامي ٿيڻ ڪري چريو ٿي پيو هو. ان کي جڏهن اها خبر پئي ته امرتسر هندوستان ۾ هليو ويو آهي ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو، ڇا لاءِ ته انهيءَ ئي شهر جي هڪ هندو ڇوڪريءَ سان کيس محبت هئي. جيتوڻيڪ ان ڇوڪريءَ وڪيل کي ٿڏي ڇڏيو هو، پر هن چريو ٿيڻ بعد به کيس نه وساريو هو. هي انهن سڀني هندو ۽ مسلمان ليڊرن کي گاريون ڏيندو هو، جن ملي ڀڳت ڪري هندوستان کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو. هن جي محبوبه هندوستاني بڻجي وئي ۽ هي پاڪستاني.
جڏهن چرين جي تبديلي جي ڳالهه شروع ٿي ته وڪيل کي ڪيترن ئي چرين دلجاءِ ڏني ته دل نه لاهه تو کي هندوستان ئي موڪليو ويندو، ان هندوستان ۾، جتي سندس محبوبه رهندي آهي. پر اهو لاهور کي به ڇڏڻ نه پيو چاهي، ڇا لاءِ ته هن جو خيال هو ته امرتسر ۾ سندس پرئڪٽس نه هلي سگهندي.
يورپين وارڊ ۾ ٻه اينگلو انڊين چريا هئا. انهن کي جڏهن خبر پئي ته هندوستان کي آزاد ڪري انگريز هليا ويا ته کين ڏاڍو صدمو رسيو. هو لڪي ڇپي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان اهم مسئلي تي ڳالهائيندا رهندا هئا ته پاڳل خاني ۾ هاڻي سندن ڪهڙي حيثيت هوندي يورپين وارڊ ۾ رهندا يا کين اتان ڪڍيو ويندو، بريڪ فاسٽ ملندو يا نه، ڇا انهن کي ڊبل روٽيءَ بدران انڊين مانيءَ ۾ زهر ملائي ته....
هڪ سک هو، جنهن کي پاڳل خاني ۾ پندرهن سال ٿي چڪا هئا. ان جي واتان هر وقت اهي عجيب و غريب لفظ ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، ”او پڙدي گڙ گڙ دي انيڪس دي بي ڌيانا منگ دي دال آف دي لال ٽين.“ نه ڏينهن جو سمهندو هو نه رات جو. چوڪيدارن جو چوڻ هو ته پندرنهن سالن جي وڏي عرصي ۾ هو هڪ لمحي لاءِ به ناهي ستو، البته ڪڏهن ڪڏهن ڀت سان ٽيڪ ڏئي ويهندو هو.
هر وقت بيهڻ ڪري هن جا پير ۽ پنيون سڄي ويا هئا. پر هو ايڏي جسماني تڪليف جي باوجود به سمهندو نه هو، هندستان ۽ پاڪستان جي چرين جي مٽا سٽا واري ڳالهه جڏهن به پاڳل خاني ۾ نڪرندي هئي ته هي تمام گهڻي غور سان ٻڌندو هو. ڪو کانئس پڇندو هو ته ڀلا تنهنجو ڇا خيال آهي، ته ڏاڍو سنجيده ٿيندي جواب ڏيندو هو، ”او پڙدي گڙ گڙدي انيڪس دي بي ڌيانا دي منگ دي دال آف دي پاڪستان گورنمينٽ.“ پر بعد ۾ آف دي پاڪستان گورنمينٽ جي جڳهه آف دي ٽوبا ٽيڪ سنگهه گورنمينٽ ورتي ۽ هن ٻين چرين کان پڇا ڪرڻ شروع ڪئي ته ٽوباٽيڪ سنگهه ڪٿي آهي، جتان جو هي رهاڪو آهي، پر ڪنهن کي به خبر نه هئي ته هندستان ۾ آهي، يا پاڪستان ۾. جيڪي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا سي خود منجهي پوندا هئا، ته سيالڪوٽ پهريون هندوستان ۾ هوندو هو پر هاڻي ٻڌائين ٿا ته پاڪستان ۾ آهي. ڪهڙِي خبر لاهور جيڪو اڄ پاڪستان ۾ آهي سڀاڻي هندوستان ڏي هليو وڃي. يا وري سڄو هندوستان ئي پاڪستان ٿي وڃي. اهو به ڪو سيني تي هٿ رکي چئي سگهي ٿو ته هندوستان ۽ پاڪستان ٻئي ڪنهن ڏينهن غائب ئي ٿي وڃن.
دير دير سان وهنجڻ ڪري ان چريي سک جي ڏاڙهيءَ ۽ مٿي جا وار پاڻ ۾ ملي ڄمي ويا هئا. جنهن ڪري سندس شڪل ڀوائتي ٿي پئي هئي پر ماڻهو بيزرر هو، پندرهن سالن ۾ هن ڪنهن سان به جهيڙو جهڳڙو نه ڪيو هو. پاڳل خاني جي پراڻن ملازمن کي هن بابت ايتري ڄاڻ هئي ته ٽوباٽيڪ سنگهه ۾ سندس ڪافي زمينون هيون. چڱو ڀلو زميندار هو پوءِ اوچتو هن جو دماغ ڦري ويو، سندس مائٽ لوهه جي ٿلهن زنجيرن ۾ ٻڌي هن کي پاڳل خاني ۾ داخل ڪرائي ويا، جيڪي مهيني ۾ هڪ ڀيرو ملاقات لاءِ ايندا هئا ۽ هن جي خيريت معلوم ڪري هليا ويندا هئا. چڱي وقت تائين اهو سلسلو هلندو رهيو پر جڏهن پاڪستان ۽ هندوستان ۾ گوڙ گهمسان شروع ٿيو ته پوءِ انهن جي اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو.
هن جو نالو بش سنگهه هو پر سڀ کي ٽوبا ٽيڪ سنگهه چوندا هئا. هن کي ڪنهن به ڳالهه جي خبر نه هئي ته اڄ ڪهڙو ڏينهن آهي، مهينو ڪهڙو ۽ ڪائون آهي، ڪيترا سال گذري چڪا آهن، پر هر مهيني جڏهن هن جا مٽ مائٽ ساڻس ملڻ ايندا هئا ته هن کي پنهنجو پاڻ خبر پئجي ويندي هئي ۽ هو چوڪيدار کي چوندو هو ته هن جي ملاقات اچي رهي آهي. انهيءَ ڏينهن هو سٺي نموني وهنجندو ۽ بدن تي صابڻ زور سان مهٽيندو هو ۽ وارن ۾ تيل لڳائي ڦڻي ڏيندو هو. اهي ڪپڙا جيڪي ڪڏهن به استعمال نه ڪندو هو سي ڪڍرائي پائيندو ۽ ٺهي سنبري مائٽن سان ملڻ ايندو هو. اهي کانئس جيڪڏهن ڪجهه پڇندا هئا ته چپ چاپ رهندو هو يا وري ڪڏهن ڪڏهن ”او پڙدي گڙ گڙ دي انيڪس دي بي ڌيانا وي منگ دي دال آف دي لال ٽين“ چوندو هو.
هن جي هڪ ڌيءَ به هئي، جيڪا هر مهيني هڪ آڱر وڌندي وڌندي پندرهن سالن ۾ جوان ٿي چڪي هئي. بش سنگهه ته ان کي سڃاڻيندو ئي ڪونه هو. هوءَ ننڍڙي هئي تڏهن به پنهنجي پيءُ کي ڏسي روئيندي هئي ۽ جڏهن جوان ٿي تڏهن به ان جي اکين مان ڳوڙها ٽمندا هئا. پاڪستان ۽ هندستان جو قصو شروع ٿيو ته هن ٻين چرين کان پڇڻ شروع ڪيو ته ٽوبا ٽيڪ سنگهه ڪٿي آهي. جڏهن کيس ممطئن ڪندڙ جواب نه مليو ته هن جي تڙپ وڌڻ لڳي، هاڻي ته ساڻس ڪوئي ملڻ به نه ايندو هو، جنهن ڪري سندس دل جو آواز، جيڪو کيس اچڻ جي خبر ڏيندو هو سو به ختم ٿي ويو.
هن کي وڏي خواهش هئي ته اهي ماڻهو اچن جيڪي همدرديءَ جو اظهار ڪندا هئا ۽ هن لاءِ فروٽ، مٺائي ۽ ڪپڙا کڻي ايندا هئا. هو جيڪڏهن انهن کان پڇي ها ته ٽوبا ٽيڪ سنگهه ڪٿي آهي ته هو يقينن کيس ٻڌائن ها ته پاڪستان ۾ آهي، يا هندوستان ۾، ڇا لاءِ ته هن جو خيال هو ته هو ٽوبا ٽيڪ سنگهه کان ئي ايندا آهن. جتي سندس زمينون آهن.
پاڳل خاني ۾ هڪ چريو اهڙو به هو جيڪو پاڻ کي خدا چوندو هو. ان کان جڏهن هڪ ڏينهن بش سنگهه معلوم ڪيو ته ٽوبا ٽيڪ سنگهه پاڪستان ۾ آهي يا هندوستان ۾ ته ان عادت موجب وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو، ” اهو پاڪستان ۾ آهي، نه هندوستان ۾، ڇا لاءِ ته اسان اڃا ڪو حڪم ناهي ڏنو.“
بش سنگهه ان خدا کي ڪيترائي ڀيرا ايلاز منٿ ڪيا ته هو حڪم ڏئي ڇڏي ته اهو جنجهٽ ختم ٿئي، پر هو ڏاڍو مصروف هو، ڇا لاءِ ته کيس ٻيا به ڪيترائي حڪم ڏيڻا هئا.
هڪ ڏينهن بيزار ٿي ان تي وڄ جيان ڪڙڪي پيو.
”او پڙدي گڙ گڙ دي انيڪس دي بي ڌيانا دي منگ دي داخل آف ناهي گورو جي داخلاصا اينڊ داهي گوروجي ڪي فتح... جو بولي سو نهال ست سري اڪال“.
انهيءَ مان شايد اها ئي مراد هئي ته تون مسلمانن جو خدا آهين. سکن جو خدا هجين ها ته ضرور منهنجي ٻڌين ها.
چرين جي منتقلي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ٽوبا ٽيڪ سنگهه جو هڪ مسلمان دوست ساڻس ملاقات لاءِ آيو. هن کان اڳ هو ڪڏهن به نه آيو هو. بش سنگهه جون نظرون جيئن ئي ان تي پيون ته هڪدم واپس ٿيڻ لڳو. سپاهين کيس روڪيو ۽ چيو ته ”هي تو سان ملڻ آيو آهي. تنهنجو دوست فضل دين.“
بش سنگهه فضل دين کي گهوري ڏٺو ۽ چپن ۾ ڪجهه بڙ بڙ ڪرڻ لڳو. فضل دين اڳتي وڌي اچي سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيو، ”مان گهڻن ڏينهن کان سوچي رهيو هوس ته تو سان ملان پر واندڪائي نه ٿي ملي، تنهنجا سڀ عزيز قريب خير سان هندوستان هليا ويا مون کان جيتري مدد ٿي سگهي، سا ڪئي... تنهنجي ڌيءَ روپ کي...“
فضل دين رڪندي رڪندي چيو، ”ها.... هوءَ.... هوءَ به چڱي ڀلي هئي.... ۽ انهن سان گڏ هلي وئي.“
بش سنگهه چپ چاپ بيٺو رهيو، فضل دين چوڻ لڳو، ”انهن مون کي چيو هو ته تنهنجو حال احوال وٺندو رهان هاڻي مون ٻڌو آ ته تون هندوستن پيو وڃين. ادي بليئر سنگهه ۽ ادي وادوا سنگهه کي منهنجا سلام ڏجانءِ. چئجان ته فضل دين ڏاڍو خوش آهي. توهان جيڪي ٻه ڀوريون مينهون ڇڏي ويا هيئو انهن مان هڪ کي پاڏو ڄايو آهي، ٻيءَ کي ٻه پاڏا ڄاوا هئا پر اهي ڇهن ڏينهن جا ٿيا ته مري ويا. ٻيو ... مون لاءِ ڪا خدمت هجي ته چئجو. مان هر وقت تيار آهيا. ۽ هي تو لاءِ ٿورڙا چڻا کڻي آيو آهيان.“
بش سنگهه چڻا وٺي ڀرسان بيٺل سپاهي جي حوالي ڪري کانئس پڇيو ”ٽوبا ٽيڪ سنگهه ڪٿي آهي؟“
فضل دين حيرت وچان وراڻيو. ”ڪٿي آهي... اتي ئي آهي جتي هيو. ”
بش سنگهه وري پڇيس“ پاڪستان ۾ يا هندوستان ۾؟“
”هندستان ۾.... نه نه پاڪستان ۾... “ فضل دين وائڙو ٿي ويو.
بش سنگهه بڙ بڙڪندو هليو ويو“ اوپڙدي گڙ گڙ دي انيڪس دي بي ڌيانا دي منگ دي دال آف دي پاڪستان اينڊ هندوستان آف دي درفٽي مون“.
منتقليءَ جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون هيون، هتان کان اوڏانهن ۽ اوڏانهن کان هتي اچڻ وارن چرين جون فهرستون به پهچي چڪيون هيون ۽ منتقلي جو ڏينهن به طئه ٿي چڪو هو.
سخت سيءَ وارا ڏينهن هئا. جڏهن لاهور جي پاڳل خاني مان هندو ۽ سک چرين سان ڀريل بسون پوليس محافظ دستي سان گڏ روانيون ٿيون، جن سان واسطيدار عملدار به ساڻ هئا.
واهگا بارڊر تي ٻنهي طرفان جا سپرنٽينڊنٽ هڪ ٻئي سان مليا ۽ ابتدائي ڪارروائي ختم ٿيڻ بعد خيالن جي ڏي وٺ به شروع ٿي، جيڪا سڄي رات جاري رهي.
چرين کي گاڏين کان ٻاهر ڪڍي کين ٻين آفيسرن حوالي ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ڪم هو، گهڻا ته گاڏيءَ مان لهڻ لاءِ راضي ئي ڪونه هئا، جيڪي لهڻ تي راضي هئا تن کي سنڀالڻ مشڪل هو، ڇا لاءِ ته اهي وري هيڏي هوڏي ڀڄي ٿي ويا. جيڪي اگهاڙا هئا تن کي ڪپڙا پارايا ويا پر انهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي جسم تان لاهي ٿي ڇڏيا. ڪو گاريون ڏئي رهيو هو ڪو ڳائي رهيو هو، ته ڪي پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا.
چرين عورتن جو گوڙ وري الڳ هو، مٿان وري سيءَ ايترو ته شديد هو جو ڏند به کڙڪي رهيا هئا. چرين جي گهڻائي ان منتقلي جي حق ۾ نه هئي. ان ڪري کين اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آئي ته کين پنهنجي جڳهه تان کڻي ڪٿي پيو اڇليو وڃي، اهي چند جيڪي ڪجهه سمجهه وارا هئا”پاڪستان زندهه باد“ ۽ ”پاڪستان مرده باد“ جا نعرا لڳائي رهيا هئا. ٻه ٽي ڀيرا جهيڙو ٿيندي ٿيندي رهجي ويو. ڇا لاءِ ته گهڻن مسلمانن ۽ سکن کي اهو نعرو ٻڌي ڪاوڙ اچي رهي هئي.
جڏهن بش سنگهه جو وارو آيو ۽ واهگا جي هن پار واسطيدار آفيسر هن جو نالو رجسٽر ۾ داخل ڪيو ته هن پڇيو ”ٽوبا ٽيڪ سنگهه ڪٿي آهي؟.... پاڪستان ۾ يا هندوستان ۾؟“
واسطيدار آفيسر کلي چيو، ”پاڪستان ۾.“
اهو ٻڌي بش سنگهه پنهنجي بچيل ساٿين ڏانهن وٺي ڀڳو. پاڪستاني سپاهين کيس پڪڙيو ۽ ٻئي پاسي وٺي وڃڻ لڳا پر ان هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ”ٽوبا ٽيڪ سنگهه هتي آهي...“ ۽ پوءِ تيز تيز رڙيون ڪرڻ لڳو: ”او پڙدي گڙ گڙ دي انيڪس دي بي ڌيانا دي منگ دي داخل آف ٽوٻا ٽيڪس سنگهه اينڊ پاڪستان.“
هن کي ڏاڍو سمجهايو ويو ته ڏس هاڻي ٽوبا ٽيڪ سنگهه هندستان ۾ هليو ويو آهي. هن جيڪڏهن نه مڃيو ته کيس زوريءَ اوڏانهن موڪليو ويندو. پر هن نه مڃيو. جڏهن هن کي زوريءَ ٻئي پاسي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته وچ ۾ هڪ هنڌ تي اهڙو ڄمي بيهي رهيو جو اتان کيس ڪا به طاقت چوري پوري نه پئي سگهي.
ماڻهو ڇو ته بيزرر هو ان ڪري ساڻس وڌيڪ زور زبردستي نه ڪئي وئي. سپاهي کيس اتي ئي بيٺل ڇڏي هليا ويا ۽ منتقلي جو ٻيو ڪم شروع ٿي ويو. سج نڪرڻ کان اڳ ۾ جڏهن هر طرف بلڪل خاموشي هئي ته بش سنگهه جي نڙي مان هڪ اڀ ڏاريندڙ رڙ نڪتي. هيڏانهن هوڏانهن ڪيترائي آفيسر ڀڄندا آيا ۽ ڇا ڏسن ته اهو شخص جيڪو پندرهن سالن تائين ڏينهن رات ٽنگن تي بيهندو رهيو هو سو منهن ڀر ڪريو پيو آهي. هيڏي خاردار تارن پويان هندستان هو. هوڏي ساڳين خاردارن تارن جي پويان پاڪستان. وچ ۾ زمين جي ان ٽڪري، جنهن جو ڪوبه نالو نه هو، اتي ٽوٻاٽيڪ سنگهه پيل هو.
سنڌيڪار :رضوان گل