محمد شاهه مست جيلاني (اول)
(جنم 1810 ع)
سيد محمد شاهه مست ولد گلاب شاهه جيلاني هنباهه، چڪ ۾ جنم ورتو. هي ڪامل ولي ۽ بزرگ شخصيت ٿي گذريو آهي. ساڻس ڀٽائي گهوٽ جي ان وقت جي گادي نشين شير سائين جي عقيدت ۽ عشق هو. روايت آهي ته شير سائين کي محمد شاهه مست جي دعائن سان محمد جڙيل شاهه پٽ ڄائو هو. ڀٽائيءَ سان سندس اهڙي انسيت هئي جو سندس درگاهه کي ڀورڀٽ جو نالو مليل آهي. محمد شاهه مست کي هڪ پٽ نالي حبيب شاهه هو.
محمد شاهه مست جو پوٽو مهدي شاهه ”گھوٽ“ گھوڙا پالڻ جو ۽ گھوڙن جي ريس جو شوق به رکندو هو ۽ هرسال مست جي ميلي جي موقعي تي هنباه جي پتڻ لڳ بچاءَ بند تي گهوڙن جي ريس ٿيندي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گھوڙن جا شوقين گھوڙي ڊوڙ ۾ پنهنجا ڀلا گھوڙا لاهيندا هئا، جنهن کي مهدي شاهه وڏي اوج تي پڄايو.
روايت آهي ته هڪ دفعو ٻوڏ اچڻ جو خطرو وڌي ويو ته هنباه ڳوٺ ۾ ٽاڪوڙو متو، ماڻهن کي خوف ورائي ويو. محمد شاهه مست باهه جي مچ مان رک کڻي پوري ڳوٺ هنباهه جي چوگرد ڦري آيو ۽ ماڻهن کي چيو ته هاڻي هنباهه کي پاڻي نه ٻوڙيندوتوهان سڪون سان ويهو.
سائين محمد شاهه مست جا ڌميا، ديدا، مهر، عطراڻي جتوئي ۽ ميربحر مريد هئا. ٻي روايت آهي ته انگريز پوليس کي ڪنهن ٻڌايو ته محمد شاهه مست جي درگاهه تي ڀنگ پوکيل آهي.( جيڪا ڪنڊي عطراڻي پوکي هئي) پوليس اچي محمد شاهه مست کي چيو ته توهان جي درگاهه تي ڀنگ پوکيل آهي، جيڪا قانوني ڏوهه آهي. مست کلي وراڻيو ته اها ڀنگ نه پر اِڪڙ گاهه آهي، مال جي کائڻ لاءِ پوکيو آهي. عملدارن کي يقين نه آيو ۽ سرزمين تي پهچي ڏٺائون ته واقعي اها ڀنگ نه پر اِڪڙ گاهه هيو، پوليس عملدارن محمد شاهه مست کان معافي ورتي، مست کين معافي ڏئي روانو ڪري ڇڏيو ۽ ڪنڊي عطراڻيءَ کي ڇنڊ پٽي ڀنگ پٽرائي ڇڏي. هن ڪڏهن به درگاهه تي ٻاهرين ۽ اوپري ماڻهوءَ کان ڪم نه ڪرايو. سندس چوڻ هو ته جيڪا شئي الله جي نالي تي اچي ته انکي سندس نالي تي ورهائي ڇڏيو. محمد شاهه مست جي مزار جي ڪتبي تي وفات جو سن 3 جنوري 1810ع لکيل آهي جيڪو راقم جي نظر ۾ جنم جو سالُ آهي ڇو ته راقم جي ڏاڏي جو ڏاڏو عبدالڪريم شاهه (اول) سائين محمد شاهه مست جو نه صرف همعصر هيو پر ساڻس ميل ملاقات به ڪندو هيو. جنهن جو جنم 1837ع آهي. تنهنڪري سائين محمد شاهه مست جي جنم جي تاريخ 3 جنوري 1810ع ته ٿي سگهي ٿي پر وفات جي تاريخ نٿي ٿي سگهي.
سندس وفات کانپوءِ حبيب شاهه، مهدي شاه ۽ سيد نادر علي شاهه گادي سر ٿيا. نادر علي شاهه جيلاني(ٻيو) وڏي اثر رسوخ وارو گادي نشين هو، سندس دوستي سائين جي.ايم سيد ۽ ڀٽائيءَ جي گادي نشين سان هئي. محمد شاهه مست ۽ مهدي شاهه جون مزارون گڏوگڏ آهن. شاهه لطيف جي گادي نشين سيد محمد جڙيل شاهه جي نگرانيءَ ۾ مزارن مٿان گنبذ جوڙايو ويو جيڪو ابتر حالت ۾ ٿي ويو هو پر هاڻي. (نادر شاهه جيلاني ٽين) جي ڪوششن سان مزار اندر ڪم ڪرايو پيو وڃي سائين محمد شاهه مست جو ميلو 11،12،13 صفر1231 هجري تي هر سال ملهايو ويندو آهي.