داتا ولايت شاهه
(1911ع-1982ع)
داتا ولايت شاهه ولد بگن شاهه لال (اول) پنهنجي آبائي ڳوٺ هنباهه لڳ چڪ شهر ۾ 2 جمادالاول 1329هه مطابق 2مئي 1911ع اڱاري ڏينهن جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي والد بزرگوار کان ورتي. داتا ولايت علي شاهه شڪل صورت جا تمام سهڻا، قدآور ۽ سڌي ۽ سروڪاٺي پيشاني ويڪري ۽ ٻهڪندڙ، منهن تي هلڪي ماتا جا نشان، منهن جي کٻي پاسي ڦڙو هئس. مٿي جا وار ڊگھا هئس، گيڙو ۽ سائي دستار ٻڌندو هو. پاڻ سموري هند، سنڌ گھميو۽ سنڌ توڙي هند جي مشهور درگاهن تي وڃي فيض ورتائين. هي هميشه سفر ۾ رهندو هو، انڪري کيس داتا سيلاني فقير به ڪري سڏيندا هئا.
هن اناالحق جو کلم کلا نعرو هنيو ۽ صوفيت واريون سموريون منزلون طئه ڪيائين ۽ دور دور تائين سندس عشقيه آواز پکڙجي ويو، سندس شاعريءَ ۾ همه اوست جو رنگ رچيل آهي. سندس شاعريءَ جو بياض درگاهه تي موجود آهي، جنهن ۾ موسيقي جي سرن تي ترتيب ڏنل ڪافيون ۽ بيت چيا آهن.
”سندس شاعريءَ ۾ رواني ۽ چاشني آهي، همه اوست جي پرچار ڪندڙ آواز آهي، تجنيس حرفي نهايت شاندار نموني ٿيل آهي. هر مصرع ۾ تجنيس حرفي ڪمال جي درجي تي پهتل آهي. لفظن جو ذخيرو تمام گھڻو آهي، سندس رسالي ۾ ڪيترائي نوان نوان لفظ ۽ اصطلاح سمايل آهن. سندس رسالو 373 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 389 ڪافيون ۽ بيت سمايل آهن، فني ۽ فڪري لحاظ کان تمام شاندار ۽ شاهوڪار آهي.“*
سندس باري ۾ صوفي فقير قربان علي خاصخيلي ڪتاب انباهه ۾ آڙاهه جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته؛ سائين داتا ولايت علي شاهه کي موجودهه سجادهه نشين داتا شاهه بگن تولد ٿيا ته پاڻ فقير ويس پائي ٻاهر روانا ٿيا، پاڻ فرمايائون.
تنهنجي خاطر ڦران دردر،
گداگر ٿي گھمان گھرگھر،
فراق ۾ ڦران ٿو،
ڦيريدار جي نموني،
دردر ڪريان گدائي،
پينار جي نموني.**
داتا جي شاعرءَ ۾ صوفيت جو رنگ نمايا طور نظر اچي ٿو، هيٺ سندس ڪلام نموني طور ڏجي ٿو؛
مرشد مونکي مام ڏني،
ته رهه اصل جي اهڃاڻ،
ان الله يا مرڪم چئي،
تون پاڻ نه آڏو آڻ،
”شاهه ولايت“ عاشق صادق،
تون موج محبت ماڻ،
صوفي سر سڃاڻ،
ته درشن پسين دلبر جو.*
ٽڪرو ڪافي (ڀيروي)
تون آن باغ حسن جو گل گل گل،
اسان واس وٺڻ لئي بُلبل بل
منهن مهتابي رنگ گلابي،
نرگس نين سدا نيم خوابي.
قوس ڪمان منجهان محرابي،
ٿيو حسن تنهنجي جو هُل هُل هُل.
درعدن دندان دلبر،
لب لعلان مثل ٿيا ظاهر،
وار واسينگ جان ڪن ور ور،
اتي ڪل پوندءِته ڪل ڪل ڪل**
ڪافي (ڪوهياري)
رکي رمز روحاني رايو،
بن صورت آدم آيا،
الست بربڪم قالو بلا،
قول قديمي قائم قل هو الله،
ساجن سڀ ۾ سمايا.
ونحن اقرب واعدو پاڙي،
جسمڪ جسمي جايون جوڙي،
وستي ويران وسايا.
حالت الآدم صورت اعليٰ،
ويس وصالي وجه الله،
القاب انساني پايا.
ظاهر ذات ظهورو ذاتي،
عشق انالحق ٿيو اثباتي،
دلبر دير الايا.
شوق شاهانا ”شاهه ولايت“،
عشق اسان وٽ آيو امانت،
رهبر رنگ رچايا.*
داتا پنهنجي زندگيءَ جو آخري وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ گذاريو، جتي 20 جمادالاول 1402هه مطابق 17 مارچ 1982ع ۾ اربع ڏينهن71 ورهيه ڄمار پوري ڪري وڃي ابدي آرامي ٿيو. سندس صحبتي ۽ همعصر مولوي عبدالعزيز شاهه، انور علي شاهه بخاري ،سردار شاهه لڪياري ۽ ابو شوڪت حمزو هئا.
سندس 100 کن ڪافين ۽ بيتن تي مشتمل هڪ ڪتاب “انباهه ۾ آڙاه”(سنڌي ڪلام) مهدي شاهه فياضي ترتيب ڏيئي 1990ع ۾ ڊکڻ ضلعي شڪارپور مان ڇپائي پڌرو. ٻيو ڪتاب “ڍولا ماهي آ” (سرائڪي ڪلام )عبدالغني“ اياز” ڀٽي ڇپائي پڌرو ڪيو.