انور علي شاهه بُخاري
( 1917-1971)
سيد انور علي نشاهه ولد سيد عبدالعزيز شاهه بن مولوي عبدالڪريم شاهه (اول) بن پير سيد گل شاهه بخاري پنهنجي شهر چڪ ۾ 16 اپريل 1917ع مطابق 13 جمادالثاني 1335هه جمعي ڏينهن جنم ورتو.سندس تعليم سنڌي پنج درجا هئي، سندس والد صاحب به هڪ سٺو شاعر هو، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيا آهيون. هن پنهنجي والد صاحب کان عملي توڙي علمي تربيت حاصل ڪئي ۽ عربي فارسيءَ جي ڄاڻ ورتي.
سيد انور علي شاهه شاعر سان گڏ سٺو ڪلاسيڪل فنڪار به هو، کيس ڪلاسيڪل علم جي چڱي ڄاڻ هئي، پاڻ داتا ولايت علي شاهه ، سردار شاهه، پيرل شاهه لڪياري جو همعصر ۽ رفيق هو ساڻن گڏ ڳائيندو هو. ۽ نعت خوان فقير علي حسن سيٺار سان رمضان شريف ۾ ختم القرآن جي موقعن تي مسجدن ۾ مولود ۽ نعت به چوندو هيو. هن چوڏهن سالن جي عمر ۾ شاعري جي شروعات ڪئي، سندس شاعري مذهبي رنگ ۾ رڱيل آهي. شيعا طريقت سان سندس تعلق هو جنهن ڪري امامن جي شان ۾ قصيدا ۽ ڪافيون لکندو هو. شاعريءَ جي سکيا پنهنجي والد صاحب کان ورتائين، سندس اڪثر ڪافيون موسيقيءَ جي سرن تي ٺهيل آهن، پر ڪي ڪافيون بحر وزن تي به ملن ٿيون. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ”روشن“ تخلص استعمال ڪيو آهي، پر ڪٿي ڪٿي پنهنجو نالو”انور“ به استعمال ڪيو اٿس، ڪيترين ڪافين ۾ ته ٻئي تخلص ملن ٿا.
موسيقيءَ ۾ مهارت هئڻ ڪري وٽس ڪيترائي شاگرد سکڻ ايندا هئا، جن مان حافظ غلام حيدر شيخ، ريڊيو، ٽي.وي فنڪار علي ڏنو پٺان، مولابخش ڪلهوڙو (فقير)، سندس وڏو پٽ سڪندر علي شاهه (جنهن جا چڪ ۾، اڪثر نوجوان راڳي شاگرد آهن) قابل ذڪر نالا آهن. سندس ڪيتريون ئي ڪافيون سندس شاگرد علي ڏني پٺاڻ پي.ٽي.وي ڪراچيءَ تان سنڌي پروگرامن ۾ ڳايون. سندس پٽ مرحوم صفدر علي شاهه قصيدن ۽ مرثين جو سٺو شاعر ۽ سنڌ جو مڃيل ذاڪر هئو.
شاهه صاحب جو موسيقي ۽ گائڪيءَ جو استاد چڪ جو ستار ناز راڳي خانصاحب قلندر بخش خان پٺاڻ هو. پاڻ 55 سالن جي ڄمار م 23 آگسٽ 1971ع بروز اربع مطابق 13 رجب 1392ع ۾ هن فاني دنيا کي ڇڏي وڃي هميشه لاءِ ابدي ننڊ ۾ سمهي پيو.هن جي آخري آرام گاهه پير فاضل شاهه لڪياري چڪ ۾ آهي.
سندس پوين جي لاپرواهيءَ سبب ڪيترو ئي ڪلام ضايع ٿي ويو آهي. نموني طور سندس ڪافيءَ جي سٽاءَ تي هڪ قصيدو ڏجي ٿو.
نعت
محبوب محمد جي صد بار سدا ڪر تون
پڙهه حمد سدا هر هر هڪ دم نه خطا ڪر تون
صلوات پڙهي مومن سڻ شان پيغمبر جو
ويوعرش عظيم تي آ،ٿيو ساقن ڪوثر جو
جو طلب طهوراجي ٿي فرمان بجا ڪر تون
حسن سندن اهڙو مهتاب کان وڌ موهڻو
ٻيو ساري جهان اندر هرگز ناهي ٿيڻو
ڏس ڌيان ڌري دل ۾ ٻيا فقر فنا ڪر تون
روشن آ زماني ۾ توحيد محمد جي
اظهار ڪري ڇا انور توقير محمد جي
ارشاد ٿيو عربي ءَ کي اسلام بپا ڪر تون
ڪافي
محمد جو برادر ته علي شير جلي آ،
اسدالله لسان الله ولين جو ولي آ،
مصطفا جي ڏس مرتضا ڪيئن مدد ڪئي،
خندق کي ڪري ختم، وري خيبر فتح ڪئي،
مولا کي مٿان عرش تان ذوالفقار ملي آ.
بيشڪ آ بهادر جنهن ڪفار ڪنبايو،
لافتا الا عليءَ جو لقب آ پايو،
مرحب به چيو معافي ڏي، منهنجي نه چلي آ.
الحمد چيو عربي، اسلام بچي ويو،
انت اخي آيو، ڪفار ڀڄي ويو،
حيدر جي همٿ سان ڪنهنجي ڪان هلي آ.
مشهور سخا مولا جي دنيا ۾ آ ”روشن“،
دروازو اهڙو پاڪ آ، آيو آ حديثن،
”انور“ جي وري توکان سواءِ ڪهڙي ڳلي آ.*
”سندس مٿين ڪافيءَ ۾ ڪٿي بحر وزن جي ڪمي نظر اچي ٿي ته ڪٿي قافيو به ڪونه ڏنل آهي، صرف رديف کان ڪم وٺي ويو آهي. جيئن پهرين بند ۾ صاف ظاهر آهي، مٿين ڪافي بحر رمل، مسدس، محزوف جي ماپي تي اوڍيل آهي. بحرحال ايئن چئي سگھجي ٿو ته کيس بحر وزن جي چڱي ڄاڻ هئي، ٿي سگھي ٿو ته هي ڪافي سندس پهرين دور جي هجي، جنهنڪري فني لحاظ کان مضبوط نظر نٿي اچي.“*