رگھورام مينگهاڻي
(1889-1966ع)
مهاشيه رگھورام پٽ شري چوهڙمل ايشرا مينگھاڻي جو جنم پنهنجي آبائي شهر چڪ ۾ 1889ع ڌاري ٿيو. سندس تعليم ٻن درجن تائين هئي. پاڻ تمام سادوهوندو هو ۽ سادگيءَ کي وڌيڪ پسند ڪندو هو، ايتري قدر جو کاڌيءَ جا ڪپڙا پهريندو هو، جوئر جي ڍوڍي ۽ هڪ سبزيءَ کان سواءِ ڪو به کاڌو نه کائيندو هو. سندس چوڻ هو ته هڪڙا جيئن ٿا کاڌي لاءِ ۽ ٻيا کاڌو کائن ٿا جيئڻ لاءِ. پاڻ ساڌن ۽ سنتن جي سنگت ۾ اچي لعل ٿي ويو، هندي ۽ فارسيءَ جو پڻ سٺو اڀياس ٿيل هئس.
مهاشيه رگھورام صاحب ڪيترو وقت شاهپورچاڪر سانگھڙ ۾ رهيو جتي” ڪڙمي سڌار ڪاريه“ ۾ هن تمام گھڻو ڪم ڪيو، سماجي براين جي خاتمي لاءِ هن اڻٿڪ محنت ڪئي. هن صاحب تحريڪ آزاديءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو۽ ڪيترا ئي دفعا جيل جي هوا کائي آيو. 1919ع جي جليانوالا ڪوس سبب سندس رڳ رڳ روئي اٿي. 1921ع ۾ تحريڪ ترڪ موالات (عدم سهڪار) ۾ حصو ورتائين، جنهن ڪري کيس جيل ۾ بند ڪيو ويو. 1930ع ۾ لوڻ جي قاعدا ٽوڙ هلچل ۾ ڪافي بهرو ورتائين، ڪيترا قومي قيدي آزاد ٿيا مگرهي آزاد ٿي نه سگهيو، کيس 1947ع تائين انگريز سرڪار نظربند رکيو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان لڏي ويو ۽ آخري دم تائين اتي رهيو.
ڊاڪٽر ديال آشا صاحب پنهنجي ڪتاب ” سنڌ جا سنت “ ۾ رقمطراز آهي ته؛
”هت هندستان ۾ ڪجهه سميه جئپور ۾ ، ڪجهه سمئه سوامي ٽينئورام آشرم الهاس نگر ۾ رهيو. سوامي ليلا شاهه ۽ سوامي شانتي پرڪاش سان گھاٽو نينهن هو. سوامي شانتي پرڪاش کيس ڏاڏو ڪري سڏيندا هئا....... ويدن، اپنشندن، گيتا ۽ ٻين ڪيترن ئي ڌارمڪ گرنٿن جو اڀياس ڪيائين. ويهن ورهين جي عمر ۾ گيتاسرل هندي چوپائين ۽ ڇهه پائين ۾ لکيائين، جا هٿ لکت ۾ موجود آهي. گيان گلڪاري ۽ ٻيا ڪيترا پستڪ لکيائين، جن ۾ آتما ۽ پرماتما، اوديا ۽ وديا، جيو ۽ برهم جي وشين تي سهڻي سمجهاڻي ڏني اٿائين. سندس ڪي رچنائون هٿ سان لکيل موجود آهن جي جلد شايع ڪيون وينديون.“ *
ڊاڪٽر صاحب ساڳئي ڪتاب ۾ اڳتي هلي لکي ٿو ته؛
”سوامي رگھورام جن سان وقت بوقت گيان گوشٽي ڪرڻ جو موقعو ملندو هو، هو صاحب گيان جو گلزار هو، سندس واڻي ٻڌي من پرسن ٿيندو هو. تياڳي به مهان درجي جو هوندو هو. سادگي، سيوا، سچائي، حليمائي، ڀڳتي، گيان اڪيچارگڻن جو مجسم هو.“ **
هن 16 فيبروري 1966ع مطابق 24 شوال1385هه 5 وڳڻ 22.2 (28) بڪرمي ۾ وفات ڪئي.
پاڻ جڏهن 1930ع ۾جيل ۾ ويو ته شري ڀواتري منڊل شهدادپور وارن ”ستي پرگيه“ ارٿات آدرشي انسان (گيتا اڌويا 2، شلوڪ 54 کان 72 ) نالي 1943ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. مذڪورهه ڪتاب 112 صفحن تي مشتمل آهي.
سنت رگھورام جي حياتيءَ جو وڌيڪ احوال ڪون ٿو ملي، جو پيش ڪجي. سنت صاحب هڪ سٺي سياسي ڪارڪن سان گڏ هڪ سٺو ليکڪ ۽ شاعر به هو. افسوس جو اڄ اسان وٽ هن صاحب جو ڪلام نموني طور به ڪين آهي.