ڪھاڻيون

سانول جا سور

اقبال پنهنجي ڪهاڻين ۾ رشتن ناتن ۾ لڪل مجبورين، مذهبي ۽ لساني فرقيواريت، عورتن جي تعليم، بدو بدي، بي جوڙ شادين، سماج ۾ ننڍ وڏائي، غريب ۽ امير جي فرق کان سواءِ قومي تحريڪن جي ڪمزور پاليسين، قوم پرستيءَ جي جذبن ۽ ديس سان ٿيندڙ زيادتين جو هلڪي انداز ۾ ئي صحيح، ذڪر ضرور ڪيو آهي، جيڪو سندس سوچ جي حساسيت ۽ عڪاسي ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 1131
  • 590
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اقبال بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سانول جا سور

• پنهنجي پاران

56 سال اڳ بدين ضلع جي هڪ شهر تلهار ۾ اک کوليم. ننڍپڻ منهنجو شرارتن کان بغير هو. ڄڻ ته ننڍي هوندي کان ئي ماٺائي طبيعت جو مالڪ هيس. پنهنجي منهن زندگي گذارڻ، گهٽ دوست ڪرڻ، گهڻو نه ڳالهائڻ… لکڻ پڙهڻ جو شوق هيم. ويتر جو ننڍڙي ڄمار ۾ بابا سائين ٻي شادي بعد امان ۽ هن جي ننڍڙن ٻارڙن کي بي واهي ڪري ڇڏي ويو ته ڄڻ طبيعت ڪجهه وڌيڪ ئي موڳي موڳي ۽ ويڳاڻي ويڳاڻي ٿي پئي. ويتر جو امان چڻن جو ٿالهه ڀري ڏيندي هئي ته وڪڻي اچان ۽ ائين گهر جي گذر بسر ۾ منهنجو به حصو لڳي ٿي ويو. ائين گذر بسر واري زندگي گهاريندي تلهار جي ويران ويران لئبريري جو رخ ڪندو هوس. ننڍي عمر ۾ اخبارون پڙهندو هوس. پنهنجي ٻن ٽن ڏينهن جي خرچي گڏ ڪندو هوس ته ٻارڙن جو نڪرندڙ رسالو “گل ڦل” وٺندو هوس. “گل ڦل” ۽ “گلن جهڙا ٻارڙا” رسالا پڙهندو هوس ته ٻارن واريون ڳالهيون، ڪڏهن حديث مبارڪ، ڪڏهن لطيفا ۽ ڪڏهن ننڍڙيون ڪهاڻيون لکي موڪليندو هوس ته شايع به ٿي وينديون هيون. ائين مون محسوس ڪيو ته 15 سالن جي عمر ۾ مون لکڻ شروع ڪيو. انهيءَ دور ۾ هلال پاڪستان اخبار نڪتي، جنهن جو ايڊيٽر سراج الحق ميمڻ هو. اها اخبار ڄڻ سنڌ تي ڇانئجي وئي. انهيءَ اخبار ۾ ايڊيٽوريل صفحي تي هر روز هڪ ڪالم “جهاتيون”شايع ٿيندو هو، جيڪو عبدالڪريم سعدي ڪڍندو هو. انهيءَ ڪالم ۾ هر روز هڪ نئون موضوع هوندو هو. لکندڙن کي دعوت ڏيندو هو. انهيءَ ڪالم لاءِ آءٌ به ڪجهه نه ڪجهه لکي موڪليندو هوس. هفتي جي ٻن ٽن ڏينهن ۾ منهنجو ڪجهه نه ڪجهه مواد شايع ڪندو هو. ائين آءٌ پنهنجو نالو پڙهي ٽڙي پوندو هوس. اتان ئي آءٌ اڳتي وڌيس… ۽ دل ئي دل ۾ اها امنگ جاڳي ته آءٌ به هڪ اديب ٿي سگهان ٿو.
جڏهن منهنجي وڏي ڀاءُ ناصر بلوچ اهو محسوس ڪيو ته منهنجي ننڍي ڀاءُ کي لکڻ پڙهڻ جو شوق آهي ته مون کي شاباس ڏيندي همت وڌائيندو هو ۽ مون کان پڇڻ لڳو ته ٻارڙن جي رسالن ۾ ڪهڙو مواد شوق سان پڙهندو آهين؟ مون جواب ڏنو ته ادا! ڪهاڻيون شوق سان پڙهندو آهيان ۽ جڏهن منهنجي پهرين ٻاراڻي ڪهاڻي “گل ڦل” ۾ ڇپي ته دل ئي دل ۾ منهنجا حوصلا آسمان تي پهچڻ لڳا.
منهنجو وڏو ڀاءُ منهنجي شوق کي مدنظر رکندي ڪهاڻين جا ڪتاب ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته هي ڪتاب تو لاءِ ورتا اٿم، خوب پڙهندو ڪر. هڪ ڪتاب پڙهي وٺندو هوس ته ٻيو ڏيندو هو. چيائين اقبال! جيترو پڙهندين، اوترو جلدي لکندين. جيترو جلدي لکندين، اوترو جلد اديب به ٿي ويندين.
۽ مون کي وڏي اديب ٿيڻ جو جنون جي حد تائين شوق هو. ائين مختلف اديبن جا ڪتاب پڙهندي هڪ ڪهاڻي وڏن اديبن واري لکيم. وڏن اديبن جي هيڏي ساري وڏي ڏاڪڻ تي چڙهندي پهرين ڏاڪي تي قدم رکندي ڪهاڻي “لڙڪ ۽ سڏڪا” نالي لکيم ۽ عبرت اخبار جي سنڊي رنگين صفحي ۾ مارچ 1976ع ۾ شايع ٿي. مون کي ياد آهي ته منهنجي اها پهرين ڪهاڻي شائع ٿي ته بيحد گهڻو خوش ٿيو هوس. اها اخبار کڻي کڻي سڄو ڏينهن امان ۽ ادا کي ڏيکاريندو رهيس ۽ خوشي مان نه پئي ماپيس. ائين چاليهه سال اڳ ۾ ائين چئجي ته مون لکڻ شروع ڪيو. پهرين ڪهاڻي شايع ٿي ته پوءِ مسلسل ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيم. عبرت اخبار ۾ عبدالغني درس انچارج هو ادبي صفحي جو ۽ هلال پاڪستان ۾ غلام نبي مغل ادبي صفحي جو انچارج هو. ائين مهيني ۾ هڪ ٻه ڪهاڻيون ڇپجڻ لڳيون ۽ پوءِ مختلف رسالن ۽ مختلف اخبارن ۾ ڪهاڻيون شايع ٿينديون رهيون ۽ منهنجا حوصلا وڌندا ويا.
ائين آءٌ لکندو رهيس، ڇپجندو رهيس، تان جو 1984ع ۾ بدين جي ٽريزري آفيس مان حيدرآباد جي ٽريزري آفيس ۾ بدلي ڪرائي حيدرآباد شفٽ ٿي ويس. حيدرآباد ۾ منظور چيمبرس ۾ هر هفتي سنڌي ادب جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون. انهن ۾ باقاعده هر هفتي شريڪ ٿيندو هوس ۽ تلهار ۾ سنڌي ادبي سنگت مون اٺ سال هلائي، جيڪا ڪهاڻي ۽ پوءِ شاعري به لکڻ لڳس. اهو مواد جيڪو ادبي سنگت ۾ پڙهندو هوس، اهو موڪليندو هوس رسالن ۽ اخبارن ۾.
حيدرآباد شفٽ ٿيندي وڏي خرچ ۾ پئجي ويس. زندگي جي هر شيءِ جو بار منهنجن ڪلهن تي اچي پيو. نتيجي طور ٽي ٽي نوڪريون ڪرڻ لڳس. پنهنجي ٽريزري جي نوڪري کان سواءِ ٻه نوڪريون ٻيون به ڪندو هوس. ائين صبح 9 بجي کان رات جو 2 بجي تائين ڄڻ ته ڪتي جي وات ۾ پئجي ويس ۽ ائين پنهنجي لکڻ پڙهڻ جي رفتار ۾ تمام گهڻي گهٽتائي اچي وئي. پر تڏهن به جنون جي حساب سان ڪنهن موڪل واري ڏينهن ڪهاڻي لکي وٺندو هوس.
ڪجهه سالن بعد لکڻ جو هڪ ٻيو دور به مون وٽ آيو. هڪ نوڪري ڇڏيم ته رات جو ڪجهه حصو لکڻ لاءِ بچي پيو. انهيءَ دور ۾ دوستي حيدرآباد ٽريزري جي من موهيندڙ شخص مرحوم عبدالستار مگسي سان ٿي، جيڪو ننڍي ڄمار (40 سالن جي عمر ۾) اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. نهايت ئي دلبر ماڻهو، من موهيندڙ شخص، دل لڀائيندڙ ۽ هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ هو. هو اديب هو، شاعر هو، اداڪار هو، صداڪار هو، فنڪار هو، مطلب ته فنونِ لطيفه جي هر صنف هن ۾ هئي. آءٌ به ڪهاڻيڪار ۽ شاعر. هن سان طبيعت ۽ مزاج سان ملندڙ ته مون سان ياري مڙئي گهڻي ٿي ويس. شام جا چار ٿيندا هئا، آفيس ٽائيم ختم ٿيندو هو ته هن جي ٽيبل تي ميڙاڪو مچي ويندو هو. ڪهاڻيڪار نور گهلو، سائين حيات علي شاهه بخاري، سائين نثار حسيني، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو Producer انور هَڪڙو… ۽ اسان ٻه، پوءِ ته ڪچهري مچي ويندي هئي. شام مغرب جي اذان ايندي هئي… ته هو ريڊيو پاڪستان ويندا هئا. نور گهلو، حسين آباد ويندو هو ۽ آءٌ لطيف آباد ويندو هوس. مرحوم انور هَڪڙي منهنجي هِڪڙي ڪهاڻي ريڊيو پاڪستان جي ادبي پروگرام ۾ هلرائي. ريڊيو جي مائيڪ تي پهتم ته ڪهاڻي مون کان پڙهجي ئي نه پئي… ڏڪڻ لڳس، نڙي مان ڪهاڻي جا لفظ نه پيا نڪرن. پر انور هڪڙو ۽ نصير مرزا دلبر ماڻهو هئا… منهنجو حوصلو وڌائيندا رهيا ۽ نيٺ اها ڪهاڻي ريڊيو تي هلي… ڄڻ منهنجي خوشي جي دنيا ۾ هڪ ٻيو اضافو ٿيو.
انهيءَ دور ۾ حيات علي شاهه بخاري جي ايڊيٽري هيٺ شام جي پهرين نڪرندڙ اخبار “خادم وطن” نڪتي. ڪهاڻيون لکي ايندو هوس، حيات علي شاهه بخاري کڻي ويندو هو ۽ ٻي ڏينهن شايع ٿي ويندي هئي ۽ ائين منهنجيون پختگي واريون ڪهاڻيون خادم وطن ۾، عبرت مئگزين ۾… ۽ مختلف رسالن ۾ شايع ٿيون.
اڄ “سانول جا سور” توهان جي هٿن ۾ آهي. 40 سالن جي محنت… هونئن ته سوين ڪهاڻيون لکيون اٿم، پر هن ڪتاب ۾ ڇپيل ڪهاڻيون ڏنيون اٿم، جيڪي رسالا ۽ اخبارون هٿ ڪري سگهيس. ائين منهنجي ماٺيڻي طبيعت، نوڪري جي بي رحم دور ۾ وقت جو نه ملڻ، وقت جي حالتن ۽ چوگرد ڦرندڙ گهرندڙ منهنجي ماحول… مون کي وڏو اديب ته نه بنايو، پر هڪڙو ڪتاب توهان تائين پهچائي ننڍڙن اديبن جي لسٽ ۾ ضرور شامل ٿيو آهيان.
منهنجيون چند خواهشون هميشه رهيون. انهن مان هڪ دلي خواهش اها به هئي ته آءٌ ڪتاب ڇپرايان. هڪ ڪهاڻي جو، هڪ شاعري جو. سو خدا تعاليٰ جي مهرباني سان منهنجي اها دلي تمنا پوري ٿي آهي.
هن حد تائين پهچڻ، ڪتاب ڇپرائڻ ۾ منهنجي پياري دوست مقبول ميمڻ جو دل سان شڪرگذار آهيان، جنهن مون کي حوصلو ڏنو، همت ڏني ۽ پنهنجي ذاتي محنت سان منهنجو هي ڪتاب آندو.
آءٌ شڪرگذار آهيان گل حسن گل جو ۽ شاهد قمر چنا جو… جن جي همت افزائي کان سواءِ هن منزل تائين نه پهچان ها.
آءٌ شڪرگذار آهيان پنهنجي ڀاءُ ناصر بلوچ جو… جن جي هر قدم جي ساٿ سان وڏو ٿيس… حوصلو مليم، هٿي مليم ۽ جنهن مون کي ڪهاڻيڪار بنايو، اڳتي وڌايو… نه ته اڃا به شايد هيءَ منزل… منزلِ مقصود تائين نه پهچي سگهي ها.

لک لک ٿورا ڌڻي پاڪ جا… جنهن مون کي هن منزل تائين پهچايو…

اقبال بلوچ