18. سنڌ بچي وئي؟؟!!
گهر جو مالڪ… جنهن جي شيراڊ ڪار در تي بيٺي هئيا، هيانءُ ڦاڙي آواز سان ڦاٽي ٿو… مائي! اسان ڪو توهان جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟ ڇهه مهينا توهان کي ڇڏيوسين، سدائين ڪو اسان پنهنجون جايون ڇڏينداسين ڇا؟ انهن بي گهر عورتن جون آهون ۽ دانهون ٻڌي اکين مان ڳوڙها نڪرڻ. ڪڏهن گهر ڌڻين جي ڏاڍاين، ڪڏهن حڪومت ڌڻي پوليس وارن جي ظلمن ۽ ڪڏهن پنهنجي ڌرتي تي بي گهر ٿيل مجبورن جي لاچاري کي ڏسان ٿو… ته اتي وڌيڪ بيهڻ مون لاءِ ناممڪن هو… سو اڳتي وڌي ٿو اچان انهيءَ دوست جي گهر، جنهن سان گڏ ڪراچي وڃڻو هو. جيستائين دوست جي گهر پهچان، پاڙي جي ڪيترن ئي دليون ٽنگيل گهرن، ڀڳل ٽٽل بنگلن جي سرد هوائن ۾ رهندڙ لاوارث ويٺلن ڏانهن نظر ٿي پيم…… انهن جا چهرا ڪومايل ڏسان ٿو… پاڻ ائين چوندا هجن ته ڄاڻ ته اسان وٽ پوليس پهتي، ڄاڻ ته اسان به مئاسين… جيستائين دوست جي گهر پهچان، رستي ويندي سوچيان ٿو انهن يتيمن، بيواهن، لاوارثن ۽ پنهنجي اباڻن گهرن ۽ بي گهر ٿي آيل ڏتڙيل جي جياپي لاءِ ڪئي فيصلا ٿيندا “سنڌ بچايو ڪانفرنس” ۾. قاسم آباد جا واهڻ، واٽون، ڦٽل بنگلن ۾ رليون ٽنگيل پردا ڪندڙ انهن گهرن مان لاوارثي جون پڪارون، يتيمن جون سسڪيون جڏهن به ڪنهن اولاد واري ماڻهوءَ جي ڪنن تي پون ٿيون ته سچ به هيانءَ ڏري ٿا پون. تيستائين دوست جو گهر اچي ويو. هُو به تيار ويٺو هو… سو گڏ نڪرون ٿا گاڏي کاتي پهچون ٿا… سيشن ڪورٽ آڏو… عورتن ۽ نوجوان مردن جو گڏيل جلوس، ڪجهه دير بيهي ٿا رهون. هٿن ۾ پلي ڪارڊ… اسان کي گهر ڏيو، اسان جا وارث ڪٺا ويا… اسان کي اجهو کپي… وارث کپن… اسان جا ڌڻي آزاد ڪيو… قيدين جي ملاقات کوليو… دوست کي چوان ٿو يار انهن زار وقطار روئندڙ عورتن (جيڪي ڊي ايم اڳيان روئي رهيون هيون) کي انهيءَ ڪانفرنس ۾ وٺي هلون، انهن سنڌ ڌڻين کي انهن جا حال ڏيکاريون جن جا ڪونڌر ڪٺا ويا آهن. اتي وٺي هلون، جتي اسان جا وارث سنڌ پيا بچائين… انهن کي هلي ڏيکاريون ته اتي حيدرآباد جي اصل مالڪن جا ڪهڙا حال آهن؟ ڪهڙين ۽ ڪيترين اکين مان رت جا نير پيا وهن. جلوس جي اڀ ڏاريندڙ نعرم ۽ پورهيتن عورتن جي روئندڙ آوازن کي ڇڏي اڳتي وڌي حيدر چوڪ تان ڪراچي جي بس ۾ ٿا چڙهون.
ڪراچي پهچون ٿا…
شريٽن هوٽل…
جنهن جنهن به فائيو اسٽار هوٽلون ڏٺيون هونديون، انهن کي بخوبي خبر هوندي ته فائيو اسٽار هوٽلن جو ڇا شان هوندو آهي. جنهن به شيرٽن هوٽل ۾ “سنڌ بچايو ڪانفرنس” ۾ شرڪت ڪئي هوندي، انهن کي بخوبي اندازو هوندو ته سنڌ بچي پئي يا لٽجي پئي. هيڏين سارين هوٽلن ۾ سنڌ بچايو ڪانفرنس هلي رهي هئي، مون دوست کان پڇيو: “ڇا بڪنگ هوندي هن عاليشان محل جي.” چيائين “لکن جا ليکا هوندا.” هن لکن واري هوٽل ۾ اعليٰ قسم جا کاڌا، عمدي قسم جي ريفريشمنٽ، مهمانن جي رهائش ۽ طعام بهترين محفل ڇا عمدي پر ڪيتري مهانگي……! اسان جي سوچ جون حدوون ته رنگ رهجي ويون.
ڪانفرنس هال ۾ سوچيان ڇا سنڌ بچي پئي! دل ئي دل ۾ اهڙي شاندار پروگرام جي تعريف به نه ڪرڻ ڪنجوسپائي ٿيندي. مون واري دوست به اهڙي لک لٽائيندڙ پروگرام تي ناراض ٿيندي چيو ته هي پروگرام قاسم آباد جي شاميانن ۾ انهن ڏتڙيل متاثرين جي ڪئمپن ۾ ملهائي پئي سگهياسين. انهن بيواهن ۽ بي گهر ٿيلن جي سامهون تقريرون ڪري پئي سگهياسين، انهن يتيم ٻارن جي دل تي ڇنڊا هڻي پئي سگهياسين، جن جا وارث بي وقت جدا ڪيا ويا. مون سوچيو هتي لک لٽجي ويا، قاسم آباد جي ڪئمپن ۾ هينئر به يتيم ماروئڙا پنهنجي زندگي جي جياپي خاطر… جاکوڙ ۾ رڌل!! اٽي ۽ لٽي لاءِ واجهائيندڙ بيواهن، يتيمن تي مٿي تي هٿ رکڻ وارو به نه آهي… اڄ به زندگي گذارين، پر هي سڀ… انهن جا وارث انهن جا رکوالا… شيرٽن هوٽل ۾ ويٺا موج ملهائين، فائيو اسٽارز جا کاڌا کائين، موٽ ڇا ٿو ملي. تقريرون، محفل مشاعره، محفل موسيقي… پڇاڙي ۾ نعرا، مطالبا، قراردادون… خير اها به ورلڊ کي خبر پئجي ته سنڌ ۾ ڇا پيو ٿئي يا سنڌ کي ڪيئن بچائجي. “سنڌ بچايو ڪانفرنس” ختم ٿي، واپس حيدرآباد اچون ٿا. حيدرآباد جي پريس ڪلب وٽ شاميانو ڏسي وڌي ٿا اچون…
پنج معصوم ٻار ۽ ڏهه عورتون بک هڙتال تي ويٺل… پوڙهيون عورتون رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ ڪجهه نوجوان پر باهمت ڇوڪريون انهن کي دلاسا ڏيندي بک هڙتال تي ويٺيون آهن…
مطالبا لڳل هئا:
اسان کي اجهو ڏيو…
اسان کي اٽو ڏيو…
بک ختم ڪريو…
اسان کي ٻيهر آباد ڪرايو…
لٽيل ملڪيتون واپس ڪرايو…
اسان پنهنجي وطن ۾ بي گهر…
پنهنجي مٽي ۾ جلاوطن…
منهنجي اکڙين مان ڳوڙها ٿا نڪرن.
يا خدا سنڌ بچي پئي
سنڌي مرن پيا.
(خادم وطن حيدرآباد 25 ڊسمبر 1990ع)