27. جذبا جنگ جوان
منهنجو ننڍڙو سرواڻ اچي ٿو ته، ٻاهر گهٽي ۾ ريهن ۽ رڙين جو هل هنگامو هو…
عورتن جون ريهون ۽ ٻارڙن جون ٻاڪارون وڌي ويون، رڙين ۽ روئڻ جي آوازن اُڀ پئي ڏاريو ۽ زمين ٿي ڦاڙي. منهنجي ڪنن تائين جيڪي آواز پهتا سي هئا، “هاءِ اسان جا ڪونڌر ڪسجي ويا.” هر گهر مان ائين پئي معلوم ٿيو، ڄڻ هر گهر ۾ ماڻهو مري ويو هجي.
آءٌ اٿان ٿو… سرواڻ چويم ٿو، بابا وڃ تون به مقابلو ڪر…
نوجوانن جي جلوس کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ جڏهن سامراج جي ڇاڙتن گوليون هلايون ۽ آنسو گيس جا گولا ڇڏيا ۽ انهن کي مارڻ لاءِ گهرن ۽ گهٽين تائين پهتا ته نوجوانن جا حوصلا بلند ٿيڻ لڳا. انهن ڀڄڻ ۽ لڪڻ بجاءِ گڏ ٿي مقابلو ۽ گولين جا جواب پٿرن جي وسڪارن سان ڏيڻ لڳا. ڄڻ ته…! اڄوڪي ويڙهه ۾ آزادي ماڻيندا هجن. سامراج جي ڇاڙتن پٿرن جي مينهن جي جواب ۾ گولين جو مينهن وسايو. آنسو گيس جا دونهان عام رستي مان ٿيندا، سوڙهين گهٽين کان ٿيندا، گهرن ۾ ويٺل عورتن ۽ ٻارن جي معصوم اکڙين تائين پهتا.
معصوم امان اکيون… امان اکيون جون اُڀ ڏاريندڙ رڙين مٿان رڙيون ڪرڻ لڳا.
نوجوان ڊهندا ويا پر ڇڙوڇڙ نه پئي ٿيا، ڄڻ ته قسم کنيو هجين…! زخمين کي گهرن ۾ اڇليندا وري مقابلو ڪندا رهيا.
جڏهن زخمين کي گهرن ۾… ها… ڪنهن نه ڪنهن جي گهر ۾ ٿي وڌائون ته انهن گهرن جي عورتن اهو ڪونه ٿي ڏٺو ته هي ڪير آهي، پنهنجو آهي يا پرائو، ايرو آهي يا غير، ٻيو آهي نوجوان. انهن گهرن جون عورتون انهن جي خدمت ۾ لڳي ٿي ويون. ڪنهن پاڻي ٿي پياريو، ڪنهن زخمين جي مرهم پٽي ٿي ڪئي… ڪنهن سيڪ پئي ڏنا… ڪنهن پها پئي رکيا… ڪنهن وري پسيل ٽوال ۽ ڪپڙا نوجوانن کي پئي ڏنا ته اکين کي آنسو گيس جي دونهين کان بچايو ۽ وڙهو… اسان به توهان سان گڏ آهيون.
عورتن جي انهيءَ عظمت ڀرئي ولولي تي نوجوانن جا حوصلا بلند تر ٿيندا ويا.
گولين جا ٺڪاءَ فضا ۾ بلند ٿيندا ويا، هيٺان پٿرن جو مينهن پئي وٺو، چؤطرف کان گهرن مان……!
منهنجو پٽ سرواڻ مون کي موڪلي ٿو ۽ آءٌ کن پل ۾ گولي جو نشان ٿو بنجان ۽ نوجوان زخمي حالت ۾ مون کي گهر پهچائين ٿا…… ۽ منهنجو معصوم… ها اٺن سالن جو ننڍڙو سرواڻ… منهنجي زخمن تي پها رکندي مرڪي ٿو چويم…
بابا… اڄ تون ويو آهين… سڀاڻي آءٌ ويندس… ۽ آءٌ سرواڻ کي چمي ٿو ڏيان.
(خادم وطن 6 مارچ 1991ع)