23. سنگت
ها سو ڳالهه پئي ڪيم نئين ڪالوني جي. فليٽ ٺهيل هجن، ٻن ڪمرن تي، سستا هجن، سو مون به اچي هڪ فليٽ ۾ ٻچا رهايا.
شهر ۾ رهندي اٺ سؤ روپيه مسواڙ ڏيندو هوس. پگهار جي بلڪل ففٽي ففٽي حساب سان ڪتاب عليه الحساب مٿان ئي مٿان هليو ويندو هو. سو ڳاٽ جو هڏو ڀڄي نه ته مڏو ضرور ٿي ويندو هو ۽ اهو هڏو سڄو مهينو دال ۽ ڀينڊيون کائي گذاري ڪرڻ سان وڃي ٺيڪ ٿيندو هو. سو ٻڌوسين ته ايڏاهين شهر کان ٻاهر ڪيترا ميل پري ئي سهي، فليٽ سستا آهن، مسواڙ ٻه چار سؤ روپيه تي وٺي ٽپڙ ٻڌاسين. شهر کان بلڪل ڪٽيل ماحول… ڄڻ ته اڪيلا اڪيلا هجون. فليٽ ڀريل هجي، اڪثر خالي خالي… ماڻهو گهٽ ۽ گڏهه ڪُتا جام… آهستي آهستي وڌڻ لڳا ته جانور ڀڄڻ لڳا. گهر کان پورو هڪ ميل پنڌ ڪندا هئاسين ته پوءِ ايندو هو روڊ ۽ پوءِ سواري ملندي هئي آفيس وڃڻ لاءِ.
ها ڳالهه پئي ڪيم ڪڪڙ جيان آري ۾ ويهڻ جي… سو ڏسندو هوس ڪجهه پنهنجا سنڌي ٻاهر کٽون رکيو ويٺا هوندا هئا، سو مون سوچيو انهيءَ کٽ جو پاسو وٺجي.
سائين السلام عليڪم ڪري هڪ ڏينهن کٽ جو پاسو ورتم. سڀني سٺو آڌرڀاءُ ڪيو. خبرون چارون سڀني سان هڪ ئي وقت ڪيم ۽ پوءِ ته رستا کلي پيا. منهنجو شام جو ٽائيم جيڪو گهڻو ڪري برو گذرندو هو، سو سٺو گذرڻ لڳو. ڪڏهن ڪٿان چانهه پئي اچي ته هڻبي هئي اهو مڙس ڪٽلي ڪڙهايو لوڏيندو اچي. هڪ ڏينهن مون تي به اها ڪٽلي مڙهي وئي. آءٌ به ڏهه ڪوپ ڪڙهائي ڪٽلي لوڏي آيس. مون به سمجهيو ڄڻ سڃاڻپ ٿي ٿئي، اهي خرچ ته ٿيندا آهن. سو مهينو ٻه ته اها ڪٽلي خوب هلي ۽ پوءِ سنگت جي صلاح وڃي ڪٽلي سان گڏ خاطر تواضع لاءِ بسڪوٽن تائين پهتي… ادا پوءِ جيڪا سنگت جي صلاح، هرڪو پئي ويو ڪسبو… دل جو سور دل ۾… پر سنگت جي صلاح کان ڪير منهن موڙي، سو واري واري تي اها چٽي هرڪو ڀرڻ لڳو. آهستي آهستي وڌي اها سنگت جي صلاح وڃي، جمع جمع ڏينهن ماني کائڻ، پوءِ هفتي ۾ ٻه دفعا ۽ پوءِ هر روز رات جو گڏجي ماني کائڻ تائين وڃي نوبت پهچي ٿي. هاڻ وڃي مون سوچيو يار اها سنگت جي صلاح وڃي ٿي ڏکي پوندي… اسان مسواڙ بچائڻ جي چڪر ۾ هيڏانهن جهر جهنگ ۾ اچي رليا آهيون. ميل پنڌ ڪري وڃي بس ۾ چڙهون، هتي بچت وڃي گلي ۾ پوندي سو سوچيم ته هاڻ پير کسڪائجن. اچ وڃ ۾ ٿورو قناعت ڪيم.
پوءِ مروان پاڻي جا، زال جي مڄو جا… بکي جا… ۽ گهر جي ڪڪڙ ٿيڻ جا طعنا ۽ مهڻا ٻڌڻا پيا. سو اهي ڳالهيون ٻڌم ته ڏاڍي باهه ٿيندي هئي. سوچيم انهن کي ڪهڙي خبر، اسان ماستر ماڻهو، پنهنجن ٻچن ۾ پورا، هڪ روپئي بچائڻ خاطر کاڏي کاتي کان ٽاور مارڪيٽ تائين پنڌ ڪريون، سو اهي اجايا خرچ ڪيئن ۽ ڪٿان آڻيون. سو ٽوڪون ۽ مسخريون سهي پار پوڻ جو پختو ارادو ڪيم. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هوس ته اها کاڌي واري سنگت به جٽاءُ نه ڪندي پر سنگت جي صلاح کي ٿيو منهن ڏيڻو.
هڪ ڏينهن چيم يار پاڻ هتي ويهي چندو ڪريون. ماني ۽ چانهه تي ڏهه پندرهن روپيه ٿا هر روز وڃايون، ڇو نه اهڙو فلاحي ادارو کوليون، پنهنجي پاڙي جي يتيم ٻارن کي ڪپڙا وٺي ڏيون يا غريب شاگردن کي ڪتاب وٺي ڏيون. سڀئي چوندا هئا ته يار تون ته آهين مٿي ڦريو، انهن غريبن جو ٺيڪو پاڻ ته نه کنيو آهي، کائي پي پنهنجو سوچيون، اهو ڪافي آهي. مون به بازي هارائي، سو ٿيو اهو مون سنگت کان پير ٽيڙيا.
ڏسندي ڏسندي اها سنگت جهڳڙن تائين پهتي. هرڪو پيو حساب ڪتاب ڪري. انهيءَ حساب ڪتاب ۾ ڪيترا جهڳڙا ٿيا ۽ هڪ ٻئي سان دوستي به ختم ڪري ويا. تڏهن مون سوچيو ته هلندڙ سنگتون اهڙيون ئي ۽ ائين ئي هلنديون آهن.
(خادم وطن 18-19 فيبروري 1991ع)