6. خوشين ڀري رات
عارف ۽ رخسانه جي زندگي جيتري خوشگوار پئي گذري، بلڪل هن جي برعڪس فرزانه جو مڙس جيڪو هلڪو زميندار ۽ ڪڪڙ ويڙهائڻ جو شوقين هو، سخت طبيعت ۽ ڏنگو ماڻهو هو. هن شروع کان وٺي زال کي محبت ڏيڻ بجاءِ اجايو ڪنٽرول ڪرڻ شروع ڪيو. نتيجي ۾ زال سدائين مار ڪُٽ کي منهن ڏيندي هئي. هر روز جي ڪُر ڪُر، جهڳڙو، ڏنڊو هٿ ۾، ٿوري گهڻي تان سندس معمول بنجي ويو. فرزانه جيڪا شهري گڏي، ڪاليجي ماحول جي ڪڪي، سپنن جي راڻي، شهري پر فضا ۽ کليل ماحول ۾ پليل ڇوڪري کي جڏهن هر روز ڏنڊا وسڻ لڳا ته ڏينهون ڏينهن هڏا ٿيندي وئي ۽ گلاب جهڙو چهرو ڪومائجي ڪنڊا ٿي ويو هوس. گلابي رنگ پنهنجي لالاڻ ڇڏي هيڊي رنگ ۾ بدلجي ويو. نتيجو اهو نڪتو ته هن کي جدا ٿيڻو پيو ۽ هن کي گهر مان ڪڍيو ويو. مجبورًا فرزانه کي شهر اچي ڀاءُ وٽ رهڻو پيو.
فرزانه کي ڪڍڻ کان پوءِ هنن سوچيو ته فرزانه وئي هلي ته اسان جي ڀيڻ ڇو ڇڏيون. اهو سوچي علي نواز لنگهي شهر آيو ۽ خوب جهڳڙو ڪيائين ۽ رخسانه تي زور ڀريائين ته فرزانه جي بدلي هوءَ ساڻس گڏ هلي. پر رخسانه ڪنهن به حالت ۾ عارف کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئي. جتي سدائين گلاب جون پنکڙيون هجن، پيار محبت جا گيت هجن، سِڪ ۽ انتظار جون گهڙيون هجن، اهي دليون جدا ڪيئن ٿي ٿي سگهيون. وچ ۾ وڏا پيا، فيصلو اهو ٿيو ته عيد رات سڀئي ڳوٺ اينداسين اتي فيصلو ڪنداسين.
عيد رات سڄي ڳوٺ وارا گڏ ٿيا. اتي عارف کي پنهنجو جنت نما گهر تباهه ٿيل نظر آيو. ڳالهيون شروع ٿيون، فيصلو اهو ٿيو ته ٻنهي کي پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ رهڻ کپي. امن ۽ محبت سان زندگي گذارڻ جي تلقين ڪئي وئي، پر علي نواز ڪنهن به حالت ۾ انهيءَ فيصلي کي نه پئي مڃيو. هن چيو آءٌ فرزانه کي ڪنهن به حالت ۾ نه رکندس ۽ رخسانه کي هنن کان جدا ڪندس. راڄ وارا هڪ پاسي ته علي نواز ۽ سندس ڪجهه ساٿي ٻئي پاسي. جهڳڙو رونما ٿيو. ڏسندي ڏسندي جهڳڙو وڌي ويو ۽ لٺين جو استعمال آزادنه ٿيڻ لڳو.
رخسانه جي انهيءَ ضد تي ته آءٌ مڙس کان جدا نه ٿينديس، سندس ڀاءُ لٺ جو ڌڪ هڻي سندس ڀيڻ کي هڻي زخمي ڪيو. رخسانه ڪِري ته عارف به وچ ۾ آيو. هن کي ڪهاڙي جي پٺ لڳي، ڌڙام وڃي پٽ تي ڪريو ۽ عارف پنهنجا هوش وحواس بلڪل وڃائي ويٺو ۽ کن پل ۾ رخسانه به پنهنجي مڙس جي ٻانهن ۾ دم ڏنو ۽ ڪيترا زخمي حالت ۾ ڀر واري شهر ۾ نيا ويا، انهن ۾ عارف به سخت خراب حالت ۾ هو.
اهڙي ريت هيءَ سڳوري رات ڪهرام بنجي وئي. اڃا عيد جي اڌ رات مس گذري هئي ته صف ماتم برپا ٿي وئي ۽ بدي جي زهريلي رسم هيٺ ڪيتريون دليون جدا ٿيون، ڪيترا موت ٿيا ۽ عيد جون خوشيون برباد ٿيون.
ٺيڪ هڪ سال اڳ هن عيد تي ٻنهي جوڙن جو مڱڻو ٿيو ۽ ايندڙ پهرين عيد تي بدي جي سڱ پنهنجو جلوو پوري آب وتاب سان ڏيکاريو ته آءٌ ڪهڙي نه گندي رسم آهيان.
شل عيدون به نصيب وارن کي نصيب ٿين.
(عبرت ڪاوڙ پبليڪيشن سيپٽمبر 1980ع)