17. مقدس رشتو
منهنجي زال زينت…! منهنجي پيرن ۾ چنبڙي ريهون ڪري روئي، ٻاڪاري رهي هئي. کن پل ۾ اک پٽيم ته منهنجي جهولي ۾ ڪجهه مهينن جي منهنجي ننڍڙي ڌيءُ الماس پيل هئي.
“توکي هن ٻچڙي جو قسم… تون سڌري وڃ… تون بڇڙاين کي ڇڏ… تنهنجو گهر برباد پيو ٿئي…”
نشي جي حالت ۾ پاڻ کي سنڀاليم ۽ پنهنجي ننڍڙي ڌيءُ کي هٿن تي کڻي نرڙ تي چمي ڏني مانس ۽ غور سان انهن ٻن پٽن ڏي ڏسڻ لڳس، جيڪي ماءُ جي ڀر ۾ حسرت ڀريل نگاهن سان پنهنجي اکين کي هٿ ڏيئي روئي رهيا هئا.
حالانڪه، ائين ڪيترا دفعا زينت رنو هو، ٻاڪاريو هو، ٻنهي پٽن کي جهولي ۾ وجهي واسطا ڏنا هئائين… پر اڄ پهريون دفعو منهنجي معصوم نياڻي کي منهنجي جهولي ۾ وڌائين ته خبر نه آهي ڇو؟ منهنجي دل ۾ هلچل مچي وئي. منهنجي دل ۾ پهريون دفعو اولاد لاءِ تقدس پيدا ٿيو. نهايت تجسس ۽ پاٻوهه مان پنهنجي ڌيءَ کي نرڙ تي چمي ڏيئي واپس سندس ماءُ کي ڏيئي ٻئي ڪمري ۾ هليو ويس. در بند ڪري روئڻ لڳس… منهنجي سوچن ۾ اوچتو تبديلي اچي رهي هئي. ڇا منهنجي نياڻي ۾ ايڏو تقدس هو!
آءٌ ننڍي هوندي اهڙي صحت سان سرشار ٿيس، جو سڄو شهر اسان جي سنگت کي لنڀ لوڦر جي نالي سان ڪوٺيندو هو.
هر لُچائي جو ڪم… چوريون چڪاريون هجن، جوا خوري هجي، عورتن کي ڇيڙڻ… نشو پتو… سئنيمائون… حرڪتون… هرڪو ماڻهو بيزار…
مائٽن جو زور ته آءٌ پڙهان. مئٽرڪ تائين مائٽن مارن سان پڙهايو. مائٽن هر قسم جي سختي ڪئي، پر آءٌ سڌري نه سگهيس… سڄي پاڙي ۾ بدنام هوس. شراب پي اچي رات جو ٻين اڍائي بجي گهر پهچان.
نيٺ مائٽن ڇڏي ڏنو… ڪڏهن جيلن ۾ ته ڪڏهن ريلن ۾… اهي ڳالهيون آيون ويون ٿي ويون هيون.
وري مائٽ جو ٿيا… سو هنن منهنجي سڌاري خاطر هڪ ٻيو قدم کنيو جو شادي ڪرايائون. شادي کان پوءِ ويتر بڇڙو ٿيس. زال تي ظلم وڌي ويا. زينت پرڻجڻ سان ئي ڏکن جي منهن ۾ پئي… سدائين رات جو منهنجن پيرن کي چهٽي پئي رئندي هئي ۽ واسطا وجهندي هئي ته ڪجهه سڌران ۽ نشو ڇڏي انسان ٿيان. اولاد ٿيو، هڪ ٻئي پٺيان ٻه پٽ ٿيم. هاڻ پٽن کي جهولي ۾ وجهي واسطا ٿيڻ لڳي، ته هن اولاد جو قسم… منهنجي ۽ هنن جي مستقبل لاءِ سوچ… پر منهنجا اهي چگهه… اهي لاٽون… چري ڪيئن، چئي ويران وير وڌ…
پر اڄ جڏهن پنهنجي جهولي ۾ مون پنهنجي ڌيءَ کي ڏٺو ته هن جو چهرو معصوم معصوم لڳم. حيا، ادب ۽ احترام جا گهنج منهنجي نرڙ تي گهنجڻ لڳا. ٻين کي روئارڻ وارو اڄ پاڻ روئي ويٺو هوس… سڄي رات ويهي رنم… پنهنجي ڌيءُ جي مقدس ذات جو قسم کڻي عهد ڪيم… ته هاڻ اهو سڀ ڪجهه نه ٿيندو، جيڪو اڄ تائين هو.
فجر مهل پنهنجي زال کي اٿاريم. پنهنجي ستل ڌيءُ جي ڀاڳ کي چمي ڏيئي عهد ڪيم ته “زينت! هاڻ مون کي ڌيءُ ڄائي آهي، هاڻي منهنجي گهر ۾ معصوم نياڻي، اڄ ننڍي سڀان وڏي… مان ڌيءُ جو قسم ٿو کڻان مون کي معاف ڪر.” منهنجي ٻڌل هٿن تي زينت پنهنجا ٻئي هٿ رکي انهن جي مٿان مٿو رکي هڪ دفعو سڏڪن ۾ پئجي وئي.
۽ پوءِ صبح سوير ئي مون پنهنجي پيءُ کي نوڪري لاءِ چيو. هفتي کن ۾ ڪلرڪي ملي ويم… ۽ اڄ آءٌ سٺو آفيسر آهيان.
اڄ منهنجي اولاد جوان آهي. منهنجي ڌيءَ پنهنجي گهر ۾ نهايت پُرسڪون زندگي گذاري رهي آهي، اسان جو گهر جنت نما گهر آهي، سڀ خوشيون موٽي آيون آهن، جيڪي وڃايون هيم.
اڄ جڏهن پنهنجي گهر ۾ زال، نوجوان پٽن، ننهرن، ڌيئرن ۽ الماس جي خوشين کي ٿو ڏسان ته نرڙ تي خوشين جا گهنج پئجيو ٿا وڃن.
ڀانءِ ته … ڪوبه غم نه هجيم.
(نئين زندگي مئگزين 12 جولاءِ 1988ع)