• اقبال بلوچ : خاموش ڪارڪن
مان، انور هڪڙو، ستار ۽ ڪجهه ٻيا دوست، ادب ۽ فن کان سواءِ ملڪي سياست تي پنهنجي پنهنجي انداز سان ڳالهائيندا رهندا هئاسين. پر اقبال گهڻو ڪري خاموش هوندو هو، يا ڪڏهن ڪڏهن هڪ اڌ جملو ڳالهائي، خاموش ٿي غور سان اسان جون ڳالهيون هڪ سٺي سامع (Listner) وانگر ٻڌندو رهندو هو. سندس ان انداز مان ڪڏهن به ائين ڪونه لڳو ته هن جي اندر ۾ به ڪو اديب لڪل آهي. هاڻي جڏهن سندس ڪهاڻين جي مجموعي “سانول جا سور” جو مسودو ڏٺم ته اڃان به وڌيڪ حيرت ٿي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون ته ان دور جون ئي هيون ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون هيون، پر اقبال ڪڏهن به انهن جو ذڪر نه ڪيو. ان جو سبب سندس حضور شرمي ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪا خزاني آفيس ۾ هوندي به اڃان تائين برقرار رکي سگهيو آهي. سندس همت کي سلام آهي. بهرحال سندس ادبي صلاحيتن جو خوشگوار احساس تڏهن ٿيو، جڏهن پهرين آڪتوبر 2013ع تي سريلي آواز واري دوست آغا ثناء الله جي ميوزڪ البم “سانگ” جي انڊس جي ڪرسٽل هال ۾ مهورتي تقريب ۾، آغا ثناء الله جي فن ۽ شخصيت تي مزاحيه انداز ۾ تقرير ڪندي ڏٺم ۽ ٻڌم. سندس ان تقرير تي ماڻهن ٽهڪن سان گڏ تاڙيون وڄائي خوب داد ڏنو ۽ اسان جهڙا ڪجهه ٻيا نقلي ڏندن وارا صرف تاڙيون وڄائيندا رهيا. ٽهڪ ان ڪري نه ڏئي سگهياسين جو ڊپ هو ته ڪٿي متان ٽهڪ ڏيڻ سان ٻٽيهي نه وڃي اسٽيج تي ڪِري، ان ڪري صرف مسڪرائڻ تي اڪتفا ڪيوسين.
چوندا آهن ته حساس انسان جي اندر ۾، پنهنجي آس پاس، سماج ۾ ٿيندڙ وارتائن کي عام ماڻهوءَ جي مقابلي ۾ وڌيڪ محسوس ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي. زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ مبتلا انسان جي نفسياتي الجهنن ۽ ڪرب جي ڪيفيت کي ڏسي من ئي من ۾ تڙڦندا رهندا آهن. اُها ان حساس انسان جي پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهڻ ۽ بيوس هجڻ جي احساس جي پيڙا ئي ته هوندي آهي، جيڪا هن کي اندر ئي اندر ۾ پريشان ڪندي رهندي آهي. جڏهن پريشاني حد کان وڌي ويندي آهي ته اهڙا حساس انسان هن ننگي سماج ۾ ريتن رسمن، رواجن، ثقافت ۽ مذهب جي نالي تي ٿيندڙ جبر، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ کي، لفظن جي روپ ۾ بيان ڪري، پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي تاريخ جو حصو بنجي ويندا آهن. اقبال بلوچ به اهڙن حساس انسانن مان هڪ آهي، جيڪو خاموشيءَ سان هن سماج خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو رهيو آهي، جيڪو گڏيل طور سندس ڪهاڻين جي مجموعي “سانول جا سور” جي عنوان سان اسان ۽ سماج جي سامهون آهي.
جيتوڻيڪ هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون گهڻيون پراڻيون آهن، پر انهن ڪهاڻين جا ڪردار اڄ به جيئرا جاڳندا آهن ۽ موضوع ساڳيا آهن. ها اُها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ جي دور ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ معاشي بدحالي، ڪرپشن، بدعنواني ۽ غير يقينيءَ جي صورتحال ۾، اڄ جو ڪردار ڪجهه وڌيڪ Agressive ٿي سوچي به ٿو ۽ جلد نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ وڌيڪ الجهندو پيو وڃي. اقبال کي اهڙن ڪردارن جي ڪيفيتن کي محسوس ڪري لکڻ گهرجي.
اقبال پنهنجي ڪهاڻين ۾ رشتن ناتن ۾ لڪل مجبورين، مذهبي ۽ لساني فرقيواريت، عورتن جي تعليم، بدو بدي، بي جوڙ شادين، سماج ۾ ننڍ وڏائي، غريب ۽ امير جي فرق کان سواءِ قومي تحريڪن جي ڪمزور پاليسين، قوم پرستيءَ جي جذبن ۽ ديس سان ٿيندڙ زيادتين جو هلڪي انداز ۾ ئي صحيح، ذڪر ضرور ڪيو آهي، جيڪو سندس سوچ جي حساسيت ۽ عڪاسي ڪري ٿو. اميد ته اقبال پنهنجي ايندڙ مجموعي ۾، پنهنجي قلم کي مصلحتن کان پري رکي، بولڊ انداز ۾ لکي پنهنجي صلاحيتن کي اڃان به وڌيڪ اڀاري مڃتا ماڻيندو.
نور گهلو
2013-10-18