ڪھاڻيون

سانول جا سور

اقبال پنهنجي ڪهاڻين ۾ رشتن ناتن ۾ لڪل مجبورين، مذهبي ۽ لساني فرقيواريت، عورتن جي تعليم، بدو بدي، بي جوڙ شادين، سماج ۾ ننڍ وڏائي، غريب ۽ امير جي فرق کان سواءِ قومي تحريڪن جي ڪمزور پاليسين، قوم پرستيءَ جي جذبن ۽ ديس سان ٿيندڙ زيادتين جو هلڪي انداز ۾ ئي صحيح، ذڪر ضرور ڪيو آهي، جيڪو سندس سوچ جي حساسيت ۽ عڪاسي ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 1131
  • 590
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اقبال بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سانول جا سور

20. سکڻا نعرا اجائي ڳالهه

اڄ هڪ اديب دوست مليو. چيائين رسالو پيا ڪڍون، هڪڙي ڪهاڻي ڏي. چيومانس، يار ايڏو وڏو اديب ته نه آهيان جو تون چوين ۽ ڪهاڻي تيار… مون کي ڪهاڻي لکڻي پوندي. سو سائين اسان نوان اديب ڪهاڻي لکندي لکندي، سڄي دنيا جا موضوع سوچيون ٿا، سڄي جڳ کي ذهن ۾ سمايون ٿا، ڏينهن جا ڏينهن ٽيبلون ۽ ڪرسيون ٽوڙيون ٿا، راتين جا اوجاڳا ٿا ڪريون، تڏهن مس وڃي انڌي منڊي هڪ ٻن صفحن تي ڪهاڻي جڙي…
گهر اچان ٿو… سوچيان ٿو ڪهاڻي لکان، سوچيندي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي اٿم. ڊائري بند ٿو ڪريان، گهر به ويهي ڪهاڻي جو پلاٽ ٿو سوچيان ته آواز ٿو اچيم:
ٻڌ…! زال جو آواز ٻڌي ڪهاڻي جو سوچيل انڌو منڊو موضوع ذهن تان هٽي ويو.
ننڍڙي لاءِ دوا آندئي؟ منهنجو ننڍڙو جيڪو مهيني ڏيڍ جي عمر جو مس آهي، جيڪو شادي جي پنجين سال سڪي پني ٿيو آهي. اهو ٻن ٽن ڏينهن کان سخت بيمار آهي. مهيني جي ويهين تاريخ پگهار ته خير جو ڪڏهوڪو ختم ٿي ويو. دل ۾ سوچيان ٿو اسان جي آفيس ۾ به انڌير نگري- اسان جي 15، 15 سال آهي سروس، سفارش نه آهي ته سٺي ٽيبل لاءِ سِڪي ويا آهيون. گهڻي ئي ٿا ايفيشينسي ڏيکاريون، پر اسان رڳو ويٺا ڏسون ته ٻيا ڪلرڪ ڪيئن ٿا کيسا ڀريو گهر وڃن، جن جي سروس به ٻه سال مس آهي. اسان هيڏانهن اڪائونٽ ٺاهيو ٺاهيو نظر جا چشما پايو هلون ۽ مٿي جو اڳيون حصو گنجو ٿيندو وڃي ۽ وار کُسندا وڃن. سڄو ڏينهن ڪم ڪري گهر ٿا پهچون ته کيسي ۾ ايترا پئسا نه آهن جو ڪا دوا درمل وٺجي. گهر جو سيڌو کٽي ٿو ته ڳڻتين ۾ پئجيو وڃون.
ڀلا پگهارون پوريون سوريون هجن ته اسان کي ايترو سوچڻو ڇو پوي.
هڪ دفعي زال چيو هوم… ڀلا ڪا زندگي آهي، جو نه گهر سولو، نه زندگي جو آرام. ماڻهن جا بنگلا ته ڏس، پاڻ وٽ اها به آهي جو سمهڻ لاءِ سوليون کٽون نه آهن، آسائش ۽ آرام جو سامان ته وڃي ڌوڙ پائي. تڏهن چيو هوم اي ڀاڳ ڀري، انهن بنگلن وارن رئيسن جا ڪتا به کيرن جا جڳ، بادامن ۽ پستن سان نيرن ڪندا آهن، تو وٽ پنهنجي ننڍڙي لاءِ به کير جو پاءُ نه آهي. تڏهن سڏڪن ۾ پئجي وئي هئي. پرچائيندي چيو هومانس: الله سائين وڏو آهي. ويتر سڏڪن ۾ الله سان شڪوه شڪايت ڪئي هيائين ته الله سائين به انهن بنگلن وارن جو آهي.
چيو هوم ته اهي سڀ پنهنجي زماني جون معاشرتي برايون آهن.
صبح جو اٿي آفيس وڃان ٿو، بس ۾ چڙهان ٿو. سوچيم اها ڪهاڻي مون کان زور آهي، ڪو پلاٽ ئي ذهن تي نه ٿو اچي. خير سانجهي ڪوشش ڪندس.
تيستائين پٺيان کان ڪلهن تي هڪ نازڪ نفيس هٿ لڳم. هن جو جسم منهنجي جسم جي ڪجهه حصي سان ٽڪرايل- ٿورو ڪنڌ موڙي ڏسان ٿو… هڪ نوجوان… نازن نخرن سان، ٿورو مسڪرائي چوي ٿي الله ڪي نام… مون روپيو کيسي مان ڪڍي هن جي هٿ کي زور ڏيندي ڏيانس ٿو. ٿورڙو ٽيڏين اکين سان ڏسي، مسڪرائي اڳتي وڌي ٿي. مان دل ئي دل ۾ خوش ٿو ٿيان، ته هن نوجوان ڇوڪري لفٽ ڏني. هڪدم ذهن گهر ڏانهن وڃي ٿو.
اي…! ٻڌين ٿو… اڄ ڪيئن به ڪري پني سني، اوڌر سوڌر ڪري دوا ضرور آڻجان، نه ته آءٌ ئي ٿي ڪشتو کڻان، منهنجو پٽ وڌيڪ ۾ نه پئجي وڃي ۽ هيڏانهن منهنجو اهو حال آهي جو عشق ڪندو وتان… هڪ سڃائي ٻيو حال بڇڙو.
بس مان لهي ٿورو اڳتي ٿورو پري آفيس پنڌ ٿو وڃان. فوٽ پاٿ تي ويٺل هڪڙي فقير تي نظر پوي ٿي حال بڇڙا… مسڪيني چال… نفرت ڪندي اڳتي وڌي ٿو وڃان. آفيس پهچندي ڪم کي لڳي ٿو وڃان. شام جو گهر ايندي سوچيان ٿو ته سوير گهر وڃي ڪهاڻي ٿو لکان. وري خيال ٿو اچيم ته ريشم گلي جو ديدار ڪجي. ڪوبه ڪم نه هوندي ڪاهي ٿو پوان ريشم گلي ۾. نوجوان نوجوان ڇوڪرين کي، جن جا وار سينگاريل سنواريل، ڊگها ڊگها، بنا رئي جي کليل… ڀلا اهي ڊگها وار کولي پيون هلنديون ته اسان جهڙا سڌريل رلندا يا نه…
وار کليل… ڪپڙا بدن کي چهٽيل… سينا ٻاهر نڪتل، پردي واري ڪابه شيءِ نه… مردن جي پيهه پيهان، نوجوان ڇوڪرين کي ڇيڙيندا، چهنڊڙيون پائيندا، ٺاٺا ٻاٺا ڪندا اڳتي ٿا وڌن… سوچيان ٿو ڀلا ڇوڪرين کي بازار ۾ ايڏي هار سينگار ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.
رش مان فائدو وٺي آءٌ به هڪ ڇوڪري کي چهنڊڙي ٿو پايان… او… ڪنهن ڏٺو ته ڪونه… اڳيان پٺيان ڏسان ٿو، پنهنجن اڇن ڪپڙن کي… ٺيڪ آهي سڀ ٺيڪ… دل ۾ مطئن ٿو ٿيان، وري سوچيان ٿو ڇا فائدو- بڪواس، واهيات پن… نانسينس… آئينده شهر نه ويندس- يڪدم بازار مان نڪري ٿو اچان، ڪوبه فائدو نه آهي- اجايو وقت وڃائڻو ۽ ڪميڻائپ آهي، پنهنجو پاڻ کي گهٽ وڌ ٿو چوان.
گهر اچڻ لاءِ سوزوڪي تي ٿو ويهان- سوزوڪي ۾ پاڙي جون هڪ ٻه عورتون ويٺل ۽ هڪ ٻه مرد به ويٺل… پاڻ ۾ ٺهيا پيا آهن…
عشق ٿا ڪن… ڪنواريون ڇوڪريون… ڪنوارا ڇوڪرا… پروگرام ٿا ٺاهين… گهمڻ جو… فلم جو… ۽ ٻي ڏينهن گارمينٽ فيڪٽري ۾ ملڻ جو… ڪوبه ڊپ نه ڪو ڊاءُ، ها سائين ماڊرن دور جي الڙ جواني……
شام جو سڄي سنگت گڏ ٿئي ٿي، ڪچهري ٿا ڪريون، زماني جون ڳالهيون ڪندي چوان ٿو… يار پاڻ ايڏو وقت ويهي ٿا وڃايون، ڪي اصلاحي ڪم ڪجن يا ڪي فلاحي ڪم ڪجن… سڀني مون کي حيرت زده نظر سان ڏٺو ڄڻ چوندا هجن “بيوقوف” شروع ٿئي ٿي تاش جي راند… رات جو هڪ ٿيو وڃي، مون واري ڳالهه ٿي وئي ڳڙ… مورڳو تاش تي وڃي ويٺاسين، مون اصل توبهه ڪئي. سٺي ڳالهه ڪر ته سنگت ۾ خوار…
ٻئي ڏينهن ڪهاڻي لکڻ لاءِ پلاٽ ڳولهيان ٿو. سوچيم ڪهاڻي انقلابي ڳالهين تي لکجي… گذريل دور جي ظلمن تي لکجي… سنڌين جي بيگناهه قتل عام تي لکجي… يا بي گناهه بند ٿيل قيدين تي لکجي. انهن مرد مجاهدن تي لکجي، جن جي پٺن تي اڄ به ڦٽڪن جا نشان موجود آهن، يا انهن سرويچن تي جن مسڪرائي ڦاهين جا ڦندا ڳچي ۾ وڌا… ياد ٿو اچيم ته حيدر چوڪ تي اڄ سنڌين جو جلوس آهي… شرڪت ڪرڻي آهي. اُٿي حيدر چوڪ تي پهچان ٿو… ڪجهه شاگرد تقريرون ٿا ڪن… ٽوڙهي جا اسير آزاد ڪريو… ڪالاباغ ڊيم نامنظور… ڌارين جي آبادي نامنظور… سنڌين کي ڪالوني ۾ تبديل نه ڪريو… نوجوانن جي هٿن ۾ به پلي ڪارڊ، هنيانءُ ڦاڙ نعرا… هي شهر ڪنهن جا، اسان جا… هي رستا ڪنهن جا، اسان جا… حيدرآباد، ڪراچي ڪنهن جا، سنڌين جا…
گهر واپس ويندي… ڪجهه ماڻهو انهيءَ جلسي مان ٽٽي گهر ٿا وڃن. هڪ دوست ٿو چويم… اجائي لٻاڙ… سکڻا نعرا… چاليهه سال ٿيا آهن انهن نعرن ۾… سيٽ ته هڪ حاصل ڪونه ٿا ڪن…
هي ڪلهه آيا، اڄ اسيمبلين ۾ اڌو اڌ سيٽون حاصل ڪيو ويٺا آهن… يار عمل ته انهيءَ کي چئبو نه…
چيومانس واقعي… سچ ٿو چوين… هي شهر ڪنهن جا سنڌين جا… اڙي بابا هٿن سان ويهاريو… پنهنجون زمينون ڏيو… گهر ڏيو… پنهنجا سڀ هٿ پير وڍايو، هاڻ ٿا نعرا هڻو…
اهڙي ڪجي جو اهي ڳالهيون اجايون نه لڳن- ٺلهن نعرن سان ڪي نه ورندو……
گهر پهچان ٿو… ته خبر ٿي پويم ته نوجوان ڇوڪرن پاڙي ۾ فائرنگ ڪري سڄي پاڙي کي خوف ۽ حراس ۾ وجهي ڇڏيو آهي… سوچيم… انهن نوجوان ۽ بي عمل ڇوڪرن تي ڪهاڻي لکندس… جيڪي سنڌي ٿي ڪري سنڌين تي فائرنگ ڪن… چوريون ڪن… اڄ رات ڪهاڻي لکي صبحاڻي يار کي ڏيندس.

(خادم وطن 12-13 جنوري 1991ع)