ڪھاڻيون

سانول جا سور

اقبال پنهنجي ڪهاڻين ۾ رشتن ناتن ۾ لڪل مجبورين، مذهبي ۽ لساني فرقيواريت، عورتن جي تعليم، بدو بدي، بي جوڙ شادين، سماج ۾ ننڍ وڏائي، غريب ۽ امير جي فرق کان سواءِ قومي تحريڪن جي ڪمزور پاليسين، قوم پرستيءَ جي جذبن ۽ ديس سان ٿيندڙ زيادتين جو هلڪي انداز ۾ ئي صحيح، ذڪر ضرور ڪيو آهي، جيڪو سندس سوچ جي حساسيت ۽ عڪاسي ڪري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 1131
  • 590
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اقبال بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سانول جا سور

32. سزا

ٻالڪپڻ جا ٻاتا ٻول سندم چپن تي ٻرڻ لڳن ٿا، آنڀوءَ جهڙو ٻالڪ پڻ وقت جي ظالم جهار ائين چڳي وئي ڄڻ ڄانڀي کي تلور چڳي وئي هجي. پر سندم ذهن جي سرتي يادن جا اجرا پاند سندم ساهن ساڻ جهولڻ ۽ جهومڻ لڳن ٿا. آئون، اڃان لڪ لڪوٽي ۽ ڦر ڦر سونٽي جي راند ڪڏڻ لڳندو هئس ته امڙ سندم مٿي تي موڙ پسڻ جا سپنا ڏسڻ لڳندي هئي. سندم ڀائر ۽ ڀينرون سڀ مون کان وڏا، مان امڙ جي کرڙ يعني آخري اولاد، ابو ته ٻين ٻارن جيترو ئي مون کي ڀائيندو هو پر امڙ جي لاڏ ڪوڏ خاص مون سان هوندي هئي ۽ ننڍو هئڻ جي ڪري ڀوڳ چرچا ڪنديون هيون. اسان ٻه ڀائر ۽ ٻه ڀينر هياسين. وڏي ڀيڻ جي وهانءَ کان پوءِ ادا وڏي جي وهانءُ جو الڪو سڀني کي رهڻ لڳو. پر ادا وڏو ڪراچيءَ مان پاڻ مرادو پرڻو ڪري وني وٺي آيو. ڀينرون، امڙ، ابو ۽ مان ادي جي وهانءَ جا سمورا سپنا لڙڪن جي اڻ کٽ تسلسل ۾ لوڙهي ڇڏياسين. ڀاڄائي نه رڳو ڌاري، پر سندس ٻولي به ڌاري هئي. هوءَ هڪ ڏينهن به اسان کي قبول نه ڪري سگهي ۽ نه ئي اسان کيس دل سان ڪڏهن به قبوليو هو. ڀاڄائيءَ جي مائٽن جي اچ وڃ امڙ، ابي ۽ ٻين مٽن مائٽن کي ڏاڍي اوڇي ڀاسجندي هئي. نيٺ هڪ ڏينهن چاچا نور محمد ابي کي چيو ادا، اهو ته ٺيڪ آهي ته دوست علي پسند جو پرڻو ڪيو آهي، پر ادا اسان گهر جي لڄ کي قبوليون ٿا، پر سندس سؤٽ، ماسات، مامن ۽ چاچن جي اچ وڃ ٺهي ڪانه ٿي. اسين به ڄائين وارا آهيون ۽ انهن شهري ماڻهن جو اٿڻ ويهڻ ۽ هلي چلي اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهي.
بابو، ادا کي ڪجهه به چئي نه سگهيو، پر ادا گهر وارن ۽ مٽن مائٽن جي رويي مان سڀ ڪجهه سمجهي ويو ۽ هميشه لاءِ وڃي ڪراچيءَ ۾ رهيو. ڪراچي جيڪو هاڻ ڪراچي نه پر ڪانئرن جو ڏيهه بڻجي ٽه هٽيءَ تي اسان جي وکريل تهذيب کي وهندڙ ٽريفڪ ۾ لوڙهي سمنڊ ۾ ٻوڙي چڪو آهي. ڪڏهن ڪڏهن عيد براد، مرڻي پرڻي ڀاڄائي ۽ ٻارڙن کي ڀاءُ ڳوٺ وٺي ايندو هيو ته ڪڏهن وري امڙ، ابو ۽ اسان ڪراچي وڃي ادا وارن سان ملي ايندا هئاسون.
وقت ڦر ڦر سونٽي جيان ڦرندو اسان جي اگهاڙن پٺن تي وسڻ لڳو. آئون ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا ڪري ڇهين درجي ۾ ڳوٺ جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ لڳس. هاءِ اسڪول يونين ڪائونسل کان ڪجهه اڳڀرو ۽ ڳوٺ جي سرڪاري اسپتال کان ويجهو هيو. ڳوٺ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ پرائمري اسڪول ته جدا جدا هيا، پر هاءِ اسڪول ڇوڪرين لاءِ نه هيو. ڳوٺ جي چڱن جي صلاح سان ڇوڪريون به ڇوڪرن سان گڏ هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ اچڻ لڳيون هيون. سندن لاءِ ڪا جدا ماسترياڻي به نه هئي. اسان جا استاد اسان سان گڏ ئي کين پڙهائڻ لڳا هئا. سندم ڀيڻ ٽن سالن جي وٿيءَ کان پوءِ فهميده سان گڏ منهنجي اسڪول ۾ مون سان گڏ داخلا ورتي. فهميده چاچي نور محمد جي ڌيءَ منهنجي سڳي سؤٽ ننڍپڻ کان هڪ ئي اڱڻ تي چيچ مڱڻ ڪنهن کي ڏيان ڪندي، چيڪلي پائيندي وقت جي رم جهم پلن کي اراڻا ٻول ٻڌائي ريجهائيندا هئاسون. امڙ ۽ ڀينرون ادا وڏي جي وهانءُ جي خوشيءَ جا ڀُرندڙ خواب سندم سهري جي لڙين ۾ پوئڻ لڳنديون هيون. فهميده ۽ مون کي گڏ کيڏندي ڏسي سڪ ڳيچن جو ويس اوڍي پڙاڏجڻ لڳندي هئي.
ڀلي ٻانهن لوڏيندو
مومل ماڻيندو
ڙي سدا ٻانهن لوڏيندو
هڪ جيڏي آڻيندو
پنهنجن ۾ نيندي ئي سک ور
چاچي ڏني تني مڱ
عرفان ٻڌم سونا سهرا او سهرا سدا رنگ لايو
نون نون سهرن جا ٻول اسان جي اڱڻ تي گهلڻ لڳندا هئا. ها، سهرن ۽ ڳيچن جو سرجڻهار ته اهي مائرون ۽ ڀينرون ئي ته آهن!! سندم ماءُ ۽ ڀينرن به سهرن جا ڪيترا ئي گلاب اميد جي اڱڻ تي پوکڻ لڳيون ۽ سندم ٻاراڻي ذهن تي ڳيچن جي گونجار ته گونجندي هئي، پر سندن معنيٰ جي گهرائي سندم ٻاراڻي ذهن ۾ سمجهه ۾ نه اچي سگهندي هئي.
فهميده روز پنهنجي گهر جي ٻنجري وٽ بيهي مون کي ۽ منهنجي ڀيڻ رضيه کي سڏيندي هئي. آءٌ پاڻ تڪڙو پهرين پهچي ويندو هئس ۽ هوءَ مون ڏانهن هٿ وڌائيندي پاڻ ڏانهن مون کي ڇڪيندي هئي ۽ مان ٻنجري تان ٽپ ڏئي سندن اڱڻ ۾ اچي ويندو هئس ۽ پوءِ ٽهڪڙن جا ٽول اڱڻ تي گلن جيان. سندس کلندڙ اکين مان شرارت نڪري وکري ويندي هئي ۽ پر جڏهن سندم ڀيڻ رضيه مون کان اڳ ڊڪي اچي پهچندي هئي ته ڀيڻ کيس ڇڪي اسان جي اڱڻ تي آڻي وٺندي هئي ۽ پوءِ مان ٽهڪ ڏيندو هئس ۽ کيس شيڪائڻ لڳندو هئس. ها وڏي آئي آهي زور آور، ڏس اديءَ ڪيئن ڇڪي ورتئي ۽ ادي نه ڪندي هئي هم نه تم، چوڻ لڳندي هئي ته عرفان اڄ ته رڳو فهميده کي ٻنجري تان ڇڪيو اٿم ۽ جڏهن سندس پانڌڻيءَ جي پلئو سان تنهنجي اجرڪ جو پلئو ٻڌي نکيڙي هن اڱڻ تي آڻيندي مانس ته پوءِ وڃڻ جي به نه ڪندي. هان ڪيئن فهمي ۽ فهمي هن ڳالهه کي چرچي کان وڌيڪ ڪجهه به نه ڄاتو ۽ مون هن آس جي رنگن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهي رنگ ويتر چٽا تڏهن ٿيڻ لڳا، جڏهن سندم ۽ سندم ڀيڻ سان گڏ روز اسڪول وڃڻ لڳي. اسان جو گڏ اسڪول وڃڻ، گڏجي ويهي اسڪول جو ڪم ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو. امڙ هاڻ سهرا چانور ڇنڊيندي ۽ ساجهڻ ڪندي جهونگاريندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ماٽي ولوڙيندي به سندس لبن تي ڳيچن جا مور ٽلڻ لڳندا هئا. اسان جي راند روند ۾ به سنجيدگي اچڻ لڳي. فهميده جي گلابي چهري تي چانڊوڪي ويتر تڏهن ٻهڪڻ لڳندي هئي، جڏهن ادي وڏي لاوڻ تي گج ڀرڻ لڳندي هئي. لاوڻ اسان جي خانداني وهانءُ جو وڳو جيڪو هر ونيءَ لاءِ جدا جڙندو آهي. مهينن تائين مٿس موتي، ريشم ۽ مڪئي جي مڙهت ٿيندي رهندي آهي. ادا وڏي جي ونيءَ لاءِ به ڏاڍي چاهه مان امڙ ۽ اديءَ لاوڻ تيار ڪيو هيو، پر ڀاڄائيءَ هڪ لڱا به ان کي نه پاتو هيو ۽ ائين اهو لاوڻ ڪٻٽ جي خاني ۾ وساريل ڪتاب جيان پيو رهيو.
هاڻ جواني جي بهار جو پهريون ڇهاءُ اسان ٻنهي جي نيڻن ۾ محبت جي مرڪ بڻجي چمڪڻ لڳو. فهميده جي چاهت جي ڇڪ ۽ سڪ سندم ساهن ساڻ ملي رت سان رڳن ۾ رلڻ لڳي هئي. پر تنهن هوندي به ڪڏهن به پنهنجي پريت کي اسان لفظن جو پهراڻ پهرائي نه سگهياسين. لفظ هيا جي ٽٽل تند جيان، اسان جي آڱرين جي پورن سان لڪ لڪوٽي ڪرڻ لڳا.
ميٽرڪ جو آخري پيپر ڏئي آئون ادا وڏي وٽ ڪراچي هليو ويو هئس. بابي جي خواهش هئي ته مان وٽس وڃي ٽائپ ۽ شارٽ هينڊ جو ڪورس ڪري اچان ۽ امڙ به ضدي هئي ته هاڻ عرفان عليءَ جو وهانءُ ڪرايو. نٿ، ويڙهه ۽ کير منڊي ته امڙ منهنجي ونيءَ لاءِ ٻه سال اڳ ئي ٺهرائي رکيون هيون. مور ڇٽ واري ڏانوڻ واري نٿ امڙ جڏهن ڪڍي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀاڄائين کي ڏيکاريندي هئي ته سندس چهري تي ڪيترا ئي ڪنول ٽڙي پوندا هئا، چوڏسا ڳيچن جو هڳاءُ ماحول کي مهڪائڻ لڳندو هو.
ڇهن مهينن کان پوءِ رمضان جا روزا رکڻ ۽ عيد ڪرڻ لاءِ آئون ڳوٺ آيس، ٽائپ شارٽ هينڊ جو ڪورس اڃان جاري هيو. آئون هڪ مهينو موڪل وٺي آيو هئس. ادا مون کي سيڪنڊ هينڊ ٽائپ رائٽر به وٺي ڏنو ته جيئن ڳوٺ وڃي پريڪٽس جاري رکان.
اڄ رمضان جو چنڊ ڏسڻ لاءِ اسان سڀ ڇت تي چڙهي وياسون. مون هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، فهميده مون کي نه ته پنهنجي کڏ تي نظر آئي ۽ نه ئي پنهنجي اڱڻ تي. مون کي هيڏانهن هوڏانهن لئوڻا هڻندي ڏسندي ڀيڻ رضيه جيڪا ننڍپڻ کان سندم ساٿي هئي، مون کان ٿورو وڏي پر منهنجي دوست هئي، مون ڏانهن وڌي اچي ٿي ۽ زار وقطار سڏڪڻ لڳي ٿي. کيس سڏڪندو ڏسي امڙ کيس دڙڪو ڏيندي چوي ٿي:
امان، سڳوري رات نڀاڳو روڄ نه ڪر. منهنجي عرفان لاءِ ونيون ائين، جيئن کيڙيءَ ۾ کڙا. ڀلا ڇوڪرن لاءِ ڇوڪرين جي ڪهڙي کوٽ!!!
کن پل لاءِ سندم سمجهه ۾ ڪابه ڳالهه ڪانه آئي ۽ مان وڃي صفي ۾ سمهي پيس. اسر جو روزي رکڻ لاءِ اديءَ اچي اٿاريو.
هيل پهريون اسر هيو جيڪو فهميءَ کان سواءِ کائي رهيو هئس، نه ته فهمي اچي منهن تي گلاس پاڻيءَ جو هاري اٿاريندي هئي ۽ هيل، هيل رڳو سڏڪن جا سڙٻاٽ مون کي ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ آتا هيا، پر مان شرميلو هجڻ ڪري سندس اڱڻ جو ٻنجرو ٽپي وٽس وڃڻ جي جرئت به ڪري نه سگهيس. رمضان به اچي خير جو پورو ٿيو، عيد جي رات فهميده جي گهر مهمانن کي ڏسي ڀيڻ کان پڇيم ته خير ته آهي. تڏهن ادي پنهنجن لڙڪن جا بند ٽوڙي مون کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو.
ادا، فهميده جا سهرا کيس عيد ڏيڻ آيا آهن ۽ ها ادا، ٻڌو اٿم ته عيد جي پهرين خميس تي ونواهه ۾ ويهاريندا فهميءَ کي. ادي رضيه ته پيڙائن جي پل صراط پار ڪري وڃي رڌڻي ۾ کارڪون وڍڻ لڳي ۽ امڙ چلهه تي کارڪن لاءِ کير رکي ڳوڙهي ويچار ۾ ويهي رهي ٿي. کير ٻڙڪڻ لڳي ٿو، ڄڻ سندم اندر مان درد ٻڙڪي پيو هجي!!
هيل پهرين عيد هئي جا فهميءَ جي ٽهڪڙن ۽ چرچن کان سواءِ ٻسي ٻسي گذري. اسان جي گهر جي اڱڻ جي نم ۽ اڄ ادي پينگهه به نه ٻڌرائي هئي. ها، هن کي منهنجو درد هيو ۽ منهنجو ۽ فهميده جي وڇوڙي جو درد!!
عيد جي شام جو فهميءَ ٿڌڙي گلابي موتين جي جڙاءُ وارو وڳو پهري اسان جي گهر آئي، پر هيسيل هرڻيءَ جيان هيڏانهن هوڏانهن ڪنهن جي ڀوءَ کان لڪندي ڊڄندي ادي رضيه وٽ اچي ٿي ۽ ادي کي ڪجهه چوي ٿي. ادي مون کي سڏي ٿي ۽ مان سندس ڳالهه ٻڌي ڏڪڻ لڳان ٿو!! نه، نه ائين نه ٿيندو!
ائين نه ٿيندو ته پوءِ آئون ڀل پرائي ٿي وڃان، تون به اهو ٿو چاهين نه……!!!
۽ هوءَ سڏڪندي هلي وڃي ٿي. عيد جي ستين ڏينهن هوءَ نکيڙجي اسان جي ٻنجري کان اسان جي گهر بجاءِ پنهنجي گهر جي ٻاهرين در کان سوين ميل پري لاڙڪاڻي پرڻجي هلي وڃي ٿي. امڙ سڏڪن کي ڪاوڙ ۾ لوڙهڻ جي اڻپوري ڪوشش ڪري ٿي.
ادا نوري سڱ نه ڏنو ته ڇا؟ اسان جو عرفان به ڪو گهٽ آهي ڪي، بدوٿي ڏنم تڏهن به آئي هن ته ڀاءُ جي اڇي ڏاڙهي ۽ پڳ جي لڄ به نه رکي. جنڊو پاڙو ٿي لکي ڏنوسين ته به نه ليکيائين. ها ها هو، هو ڇو ڏسي سندس جوءِ جا پنهنجي اڳ ڄائي ڀائٽي لاءِ هرکي پئي هئي، جهڙو سلڇڻو آهي؟ ائي، شهپر ته ڏس وات ۾ ٿي پيس ۽ وارن تي ته ڪيس ڪيل هئس، مئو ڪارو پکڙوٺ، موتين جهڙي لڏڻ ڌيءَ لوڙهي ڇڏي ادي نورل، ڪو ڪيس نه به پيس، اسان کان ته هاڻ مرڻي به ڇٽو ته پرڻي به!!!
ادي وڏي ڪڏهن به منهنجي معاملي ۾ نه ڳالهايو هيو، پر اڄ امڙ جي درد جي اڇلون ڏيندڙ ڇولين کي سانت ڪرڻ ڪاڻ امڙ کي آٿت ڏئي رهي هئي.
حيدرآباد ۾ بابي جي سؤٽ پرڻيل هئي، وڏي گهراڻي مان مون لاءِ سندن ننڍي ڌيءَ جو سڱ گهريائون. بابي جي سؤٽ ۽ سندس مڙس اهو چئي سڱ ڏيڻ کان نابري واري ڇڏي ته وڏي ڌيءَ ويهاري ننڍيءَ جو سڱ ڪونه ڏينداسين. جي ڪرڻي اٿوَ ته وڏيءَ جو سڱ وٺو ۽ ائين سندن وڏي ڌيءَ راحيلا سان سندم وهانءُ ٿي ويو. امڙ، ادين، ابي، ادي، ڀاڄائي سڀني خوشين جا کوڙ سارا کيچا کاڌا، پر مون لاءِ لڙڪن کي وندرائن لاءِ ڪابه واٽ نه هئي. بس اندر جي اڌمن کي دل جي انڌي قبر ۾ هميشه لاءِ پوري ڇڏيم. ڪڏهن ڪڏهن پريت جا چاڪ چڪي به پوندا هئا ته لڙڪ نيسارا ڪري نيڻن مان اندر جي اونداهين ۾ وهڻ لڳندا هئا ۽ ڪنهن نه ڪنهن تڪليف جو روپ ڌاري سندم سامهون اچي ويندا هئا، جن کي رڳو آئون ئي سمجهي سگهندو هيس ۽ ائين جيون جا ويهه سال ٻن هزار سالن وانگر گذري ويا. شاديءَ جي ڏهن سالن کان پوءِ مون کي هڪ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو ساگر رکيم. ساگر لاءِ جيون جون مڙوئي خوشيون ڏيڻ لاءِ رات ڏينهن جاکوڙڻ لڳس.
سندم زال جيڪا سهاڳ جي پهرين رات کان هوءَ مون لاءِ ۽ مان هن لاءِ اجنبي هياسين ۽ اڄ به هوءَ مون لاءِ ۽ مان هن لاءِ اجنبي ئي آهيون، ها واقف آهن ته رڳو اسان جا جسم جيڪي رات جي انڌاري ۾ ملن ٿا ۽ صبح جي اوجر ۾ هڪ ٻئي لاءِ اجنبي بڻجي وڃن ٿا. هوءَ سندم وجود کي پنهنجو خريد ڪيل غلام تصور ڪري ٿي جيڪو نڪاح جي دستاويز تي لکي پڙهي کيس حق مهر طور مليو آهي. سندس شڪ جا ڪوٽ ڏينهو ڏينهن مون لاءِ اوچا ٿيندا ٿا وڃن. هن منهنجي سوچن تي به پهرا لڳائي ڇڏيا آهن. ساگر جو هاڻ ڏهن سالن جو اچي ٿيو آهي، اسان کي ڳوٺ ڇڏي به اچي نو سال ٿيا آهن. امڙ ۽ ابو گذاري ويا آهن. مان ڇورو ڇنو، يتيم پنهنجي نڌڻڪن جذبن جيان ۽ رضيه جي شادي ٿي وئي، هاڻ ڪير به سندم ساڻ نه آهي.
فهميءَ جي يادن کي مون پنهنجي ذهن جي گمنام ڪنڊ ۾ سمهاري ڇڏيو آهي. مون کي تعليم کاتي ۾ سينيئر سپريٽنڊنٽ جي پوسٽ ملي وئي آهي. مون وٽ کوڙ سارن ماسترن ۽ ماسترياڻين جي اچ وڃ رهي ٿي. سٺي سڀاءُ ڪري نه رڳو مرد، پر عورتون به منهنجي وڏي عزت ڪنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته هو منهنجي گهر به اچيو نڪرن، جنهن تان ڪيترا ئي ڀيرا منهنجي زال مون تي ڪرفيو آرڊر مڙهي گهر ۾ ايمرجنسي لڳائي منهنجي ساهن تي سيلز ٽيڪس ۽ جنرل ٽيڪس مڙهي منهنجو سروي ڪرڻ لڳي آهي. نون، نون حڪمن کي لاڳو ڪندي هوءَ ڪنهن مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کان گهٽ ڪانه ٿي لڳي. مون کي اها به پڪ آهي ته خير صلاح مان ڪنهن ڪم ڪار جي سلسلي ۾ به ڪڏهن ڪنهن عورت سان ڏٺئين ته هوءَ مون کي ڪارو ڪري ماريندي به دير نه ڪندي. ها شايد هن جي اها شدت هن جي پيار جي نشاني آهي يا فرسٽريشن!!
امڙ توهان ويري فاءِ ڪرائي اچو ۽ ها هن هڪ ٻي شاهد جي صحيح ٺپي ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي نمبر لکرائڻ جي ضرورت آهي. ڪاغذ پورا ڪري اچو ته مان صاحب ڏانهن پٽ اپ ڪريان ته، نه آئون ڪجهه نٿو ڪري سگهان.
سندم اسسٽنٽ وهاب جي ٽيبل وٽ بيٺل عورت ڪاري چادريءَ ۾ مسلسل وهاب کي منٿون ميڙون ڪري رهي آهي. سندس ڀر ۾ ٻه گلاب جهڙيون مکڙيون ۽ هڪ موتي جهڙو ڇوڪر بيٺل آهي. ڇوڪريون کيس چادريءَ مان مسلسل ڇڪيندي ڪنهن پل روئڻ به لڳن ٿيون. امان هل ڳوٺ هلون، گهر هلون بُک لڳي آهي.
ادا، اڄ ٽيون چڪر ڏنو اٿم، ڇو مون بي واهيءَ کي اچي رلايو اٿوَ. هاڻ هن جو آواز آفيس ۾ گونجڻ لڳو. مان وهاب کي اشارو ڪريان ٿو ته هيڏانهن موڪلينس ۽ ٻي لمحي هوءَ عورت مون ڏانهن ايندي منهنجي ٽيبل تي ڏڪندڙ هٿن سان ڪاغذ رکي ٿي. ڪاغذ هن جي هٿن ۾ پگهر اچڻ ڪري پسي وڃن ٿا.
عـ عـ عرفان ته… ته توهان!!… هن کي چادري پيل آهي، هوءَ هڪ نقاب مٿي ڪري ٿي. سندس چهرو ڏسي مون کان ڇرڪ نڪري وڃي ٿو.
فـ… فـ فهميد، فهميده توهان ۽ هت!!! ها عرفان، منهنجي مڙس جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ساهرن مون کي هڪ ڏينهن به نه سٺو، ايتريقدر جو مون کي عدت به ڪرڻ نه ڏنائون. انهن کي هنن معصومن تي به ڪهل نه آيو، مال ملڪيت ته وڃي کڏ ۾ پوي. شاديءَ جا ڏهه سال بي اولاد هجڻ جا طعنا سٺم ۽ اولاد ٿيو ته وارث نه رهيو. ۽ هوءَ مسلسل سڏڪن جي سمنڊ ۾ لڙهڻ لڳي ٿي. چوڙين کان خالي بيواهه ٻانهون ۽ ڪوڪي کان آجو نڪ چادري جي ڍڪ کي پار ڪري مون کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏين ٿا. مون ڪُرسي کسڪائي کيس ويهڻ لاءِ چيو ۽ ٻارن لاءِ به ڪرسيون گهرايم ۽ بچائي کي ٻاهران سينڊوچ ۽ بوتلون آڻڻ لاءِ موڪليم.
عرفان شڪر آهي جو بابي وارن چاچي جي چوڻ تي مون کي ڏهه درجا پڙهايا ۽ تنهنجي ۽ رضيه جي ساٿ سان مون ڏهه درجا پاس ڪيا، جو اڄ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ماستري ته ملي وئي اٿم. عمر وڏي ٿي وڃڻ ڪري نوڪري ختم ٿيڻ جو ڀوءُ هيم، پر ڳوٺ جي ايم پي اي منهنجي عمر سي ايم کان رليڪس ڪرائي سرٽيفڪيٽ وٺي ڏنو. هاڻ بس هي جي پي فنڊ جا پنا آهن، انهن ٽنهي ٻچن کي نامينيٽ وارث ڪريان ٿي. ٻن شاهدن جي شاهدي کپندي هئي. هڪ تي ته ڳوٺ واري هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر لکي ڏنو ۽ ٻي تي… مان خانو کوليان ٿو، ٺپو ڪڍان ٿو، صحيح ڪريان ٿو ۽ وهاب کي پنان ڏيان ٿو. وهاب وڃ هٿو هٿ ڊي اي او صاحب کان صحيح ڪرائي کڻي آءُ.
ڳوٺ جو گرلس اسڪول هاڻ مڊل ٿي چڪو آهي، پر فهميده ميٽرڪ پاس هجڻ ڪري اتي پرائمري ماسترياڻي آهي، پر مڊل درجن وارن کي پڙهائي ٿي.
فهميده ويهن سالن جي وڇوڙي جي وارڌا کي ويهن منٽن ۾ ويڙهي اٿي هلي وئي آهي، پر مون لاءِ دفن ٿيل لڙڪ ۽ درد دل جي قبر چيري نيڻن مان رت ڦڙا بڻجي برسڻ لڳا آهن.
فهمي تون ملينءَ به ته ڪڏهن ۽ ڪيئن، تون منهنجي شهر ۾ آئين، مان توکي هڪ ڏينهن به پاڻ وٽ ترسائي نه سگهيس. منهنجي سؤٽ جي حيثيت ۾ ته رهين ها مون وٽ، پر مان ته پاڻ راحيلا جي رحم ۽ ڪرم تي گهر ۾ رهندو آهيان. منهنجي گهر ۾ جيڪو منهنجو نه پر راحيلا جو آهي، اتي منهنجا ساهه به منهنجا نه هوندا آهن.
فهميده جا گلن جهڙا ٻارڙا جيون جي جهڪ ۾ مامتا جي ڏاري سان چهٽيل آهن.
عرفان گهر نه هلندين ڇا؟ شام جا ڇهه ٿي ويا آهن، ايڏو ڪم اٿئي ڇا؟
مون کي ته اڄ ميڊم اصل کنڀي ويهاري ڇڏيو هو. سڀاڻي ڪراچي ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻي اٿس، سموريون رپورٽون اڄ ئي ٺهرائي ورتائين.
حسن ۽ مان هڪ آفيس ۾ ڪم ڪندا آهيون ۽ هڪ پاڙي ۾ رهون ٿا. روز گڏجي اچون ٿا ۽ روز گڏجي وڃڻ اسان جو معمول آهي.
حسن بنا فل اسٽاپ ۽ ڪاما جي پنهنجي اڄ ڏينهن جي وارتا ٻڌائي رهيو آهي. اسان جا قدم رستي کي لتاڙي رهيا آهن. سوزوڪي بيهي رهي ٿي ۽ اسان ٻئي معمول جيان سوزوڪي ۾ چڙهون ٿا. مان آفيس ڏانهن ڏسان ٿو، فهميده جا سڏڪا مسلسل منهنجو تعاقب ڪري رهيا آهن. وقت جا بي رحم فاصلا مون کي هن جيان هن جي سڏڪن کان به جدا ڪرڻ لاءِ آتا آهن. پنڌ کٽي ٿو، اسان گهٽيءَ ۾ مڙون ٿا. سندم در جو گيٽ اچي ٿو، سندم زال ساگر جي ٻانهن مان جهليو در اندران گهر جي آڳر ۾ بيٺل آهي.
هان هي وٺ چاٻيون. ماني ڪري رکي اٿم، ٻيو ڪجهه کپئي ته ’کمون‘ (جيڪو گهر ۾ ڪم ڪار ڪندڙ ڇوڪرو آهي) کان ٺهراءِ وٺجانءِ، مان دير سان اينديس. ادا وڏي وارا ۽ ڀاڄائي وارا پنڊي مان آيل آهن.
هوءَ ساگر کي وٺي مائٽن ڏانهن هلي وئي. ائين هن جو وڃڻ مون لاءِ ڪو نئون نه آهي. جيون جا ويهه سال هن اک ٻوٽ ۾ ته گهاريا اٿم. مان ۽ خالي گهر جون ديوارون سدائين هڪ ٻئي کي وندرائيندا آهيون، پر اڄ فهميده جون يادون مون کي زوردار چماٽون هڻي رهيون آهن ۽ چئي رهيون آهن ته:
تون بزدل آهين. مون وٽ نه گهر آهي ۽ نه وري تو وٽ، گهر آهي ۽ گهر واري ٻئي آهن پوءِ به تون تنها آهين. تون ديوارن سان دل وندرائين ٿو. ها، توکي اها ئي سزا ملڻ گهرجي، سزا! محبت جي سزا!!!!

(عبرت مئگزين پهرين آگسٽ 2004ع)