جيل ڊائري

گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

هي جيل ڊائري چليءَ جي ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ اڳواڻ ۽ صحافي روڊريجو روجاس جي لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار رئوف نظاماڻي صاحب آهي.
چِليءَ ۾ جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو هو ۽ چِليءَ کي پنهنجن بهترين پٽن سلواڊور آلندي، وڪٽر جارا ۽ پابلونرودا کي انقلاب تي قربان ڪرڻو پيو ۽ هزارين محب وطنن کي ايذاءُ گهرن ۽ جلاوطني جا عذاب ڀوڳڻا پيا. هي ڪتاب ”گوڏن ڀر نه جهڪنداسين“ هڪ اهڙي ارڏي انسان جو داستان آهي جنهن جو آدرش چي گويرا جي خوابن کي تعبير ڏيڻ هو. ايذاءُ گهر جي ڊائري جو هي خالق هڪ اهڙو افسانوي ڪردار آهي جنهن موت جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو آهي. جيڪي ڪجهه انهي ڊائري ۾ قلم بند ڪيو ويو آهي انهي کي ٿوري گهڻي فرق سان ٻين ملڪن ۾ رائج فاشزم جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ انهن هيرن کي پنهنجي اکين آڏو آڻي سگهجي ٿو. جن موت ۽ زندگي جي فرق کي مٽائي ڇڏيو آهي.
Title Cover of book گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

هڪ سچو ڪميونسٽ

ڪن ڳالهين ۾ هي ڪتاب اسان کي فيوچڪ جي ڦاهيءَ جي ڦندي تان لکيل نوٽس (1) جي ياد ڏياري ٿو. جوليئس فيوچڪ ۽ روڊريجوروجاس ٻئي بلڪل انهيءَ نموني هڪ ٻئي کان مختلف آهن، جيئن چيڪو سلوواڪيه چلي کان مختلف آهي. پر منجهن هڪ جهڙي ڳالهه ڪميونسٽ هئڻ آهي. ٻئي فاشسٽن جا قيدي رهيا آهن ۽ ٻنهي هر قسم جي ڏاڍ ۽ مشڪلاتن جو سچن انقلابين وانگر مڙس ماڻهو ٿي مقابلو ڪيو آهي.
فيوچڪ هڪ سورهيه جيان موت قبوليو ۽ روجاس انهيءَ تشدد ۽ ايذائن مان هڪ جيئري سورمي وانگر اڪري پار پيو. ٻنهي پنهنجي پنهنجي ليکي سخت آزمائشن کي منهن ڏنو. هڪ مري ويو ۽ ٻيو موت جي منهن سان مهاڏو اٽڪائي، جيئرو واپس موٽيو. کيس ٻه ڀيرا فائرنگ اسڪواڊ جي سامهون بيهاريو ويو. ٻئي ڄڻا بلڪل بي خوفيءَ سان موت جي اکين ۾ اکيون ڏيئي بيٺا. ساڳي ريت ٻنهي ڄڻن پنهنجن تجربن کي بنا ڪنهن مايوسي ۽ ڊپ جي بيان ڪيو آهي. سندن لکڻيون اميد ۽ سوڀاري آئيندي ۾ يقين سان ڀرپور آهن. ٻنهي ڄڻن پنهنجي ملڪ ۽ سڄي دنيا جي عوام کي انهي ڳالهه لاءِ زور ڀريو آهي ته فاشزم جي خطري کي ڪڏهن به وساريو نه وڃي.
فيوچڪ جو آخري آواز ”عوام جاڳيل رهي“ جو پڙاڏو ڄڻ روجاس جو جدوجهد لاءِ ڪيل سڏ آهي. تڪليف وارين راتين جي ٻاٽ اونداهي ۾ ٻنهي صبح جي روشني ڏٺي ۽ ٻنهي آئيندي کي پنهنجي سوچ جو مرڪز بڻايو.
انقلابي ادب ۾ ماڻهن کي چرپر ۾ آڻيندڙ اهڙو سياسي مواد چڱي مقدار ۾ موجود آهي جيڪو نهايت ڏکين ۽ خطرناڪ حالتن ۾ لکيو ويو آهي. سوويت يونين ۽ ٻين ملڪن جي فاشزم خلاف ڪيل جدوجهد گهڻن ئي ماڻهن ۾ ماڻهپ وارن ڪمن ڪرڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪيو. لاتعداد ڪميونسٽن جي مثال انهي ڳالهه کي پڌرو ڪري ڏيکاريو ته انسان، همت، ذميواري ۽ عظمت جي ڪيڏي نه بلندي تي پهچي سگهي ٿو. چلي وارن به تشدد جي مرڪزن ۾ ايذاءَ سهندي، خاص طور تي يارهين سيپٽمبر 1973 کان شروع ٿيندڙ ڏکوئيندڙ وقت دوران گهڻو ڪجهه لکيو آهي. لوئس ڪارويلان، جنهن کي هڪ لفظ لکڻ جي اجازت نه هئي، اخبار وارن ۽ بين الاقوامي ڪميشنن کي انهي ڏاڍ ۽ ايذائن بابت ٻڌايو جيڪي هن پاپولر يونٽي جي ٻين اڳواڻن سان گڏ، ڊاوسن ٻيٽ جي ايذائيندڙ ڪئمپ ۾ سٺا هئا، (2) جيڪو ڏکڻ قطب جي ويجهو آهي. هن ٻڌايو ته ڪيئن نه کانئن زوري ٻين ڪمن کان سواءِ، صبح جو سوير، انهن برف جي ڇپن کي صاف ڪرايو ويندو هو جيڪي گاهه ۽ ڪنڊن سان سٿيل هونديون هيون ۽ انهن هيٺان ڪوئن جا ٻر ٺهيل هوندا هئا. انهيءَ دوران وحشي پهريدار مٿن بندوقون اڀيون ڪيون بيٺا هوندا هئا. اها اُن ماڻهو جي واتان ٻڌايل ڪهاڻي آهي، جنهن هڪ انقلابي طور پنهنجي وقار کي پيرن هيٺان لتاڙڻ جي اجازت نه ڏني ۽ نهايت فخر سان فاشين کي پڌري ڪرڻ سان گڏ، انهن خلاف جدوجهد جو سڏ ڏنو. پنهنجي اڻ ڳڻين ٻين ساٿين وانگر ڪارويلان ۽ روجاس کي پڻ فاشي جنتا جو بدترين تشدد به جهڪائي نه سگهيو ڇاڪاڻ ته ڪميونسٽ اخلاقيات جي لينني تربيت کين لوهه بڻائي ڇڏيو هو. روڊريجوروجاس 1930 ۾ ڏکڻ چلي جي چلوئي ٻيٽ ۾ پيدا ٿيو. هو ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر ٿيو. پنهنجي نوجواني ۾ چلي جي کاڻين واري فيڊريشن FNMC ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيائين. اهو پهريون موقعو هو جو کيس سرمائيدارانه جيلن کي اندران ڏسڻ جو موقعو مليو. پاڻ جيڪو پهرين ئي، هڪ صحافي ۽ پراڻي پرولتاري اخبار ”ايل ڊيسپرٽا ڊي لوس ٽراپا جاڊورس“ جو ايڊيٽر هو، جنهن کي چلي جي موجوده پورهيت طبقي جي تحريڪ جي باني لوئس ايميليوريڪابيرن (3) قائم ڪيو هو، 1957ع ۾ گرفتار ڪري ڪيوريپٽو ڏانهن زوري اماڻيو ويو هو، اڳتي هلي هن، چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي آفيس جي ميمبر ۽ ”ايل سگلو“ ۽ پارٽي جي سياسي ۽ نظرياتي پرچي ”اڙريئين ٽاڪيئوف“ جي ايڊيٽر طور پڻ ڪم ڪيو.
پاڻ ڪيترا ڀيرا سوويت يونين وڃي چڪو آهي. 1961 ۽ 1969ع دوران روجاس مرڪزي ڪميٽي جي نظرياتي پرچي ”لوس پرنسيپونس“ جي عملي جي ميمبر ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي بين الاقوامي لاڳاپن واري ڪميشن جي ميمبر طور پڻ ڪم ڪيو آهي. 1968ع ۾ کيس پارٽي جي مرڪزي پرچي ايل سگلو جو ايديٽر انچيف مقرر ڪيو ويو. پارٽي جي چوڏهين ڪانگريس ۾ کيس پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي ۽ سياسي ڪميشن جي ميمبر طور چونديو ويو. هي انهيءَ وفد ۾ پڻ شامل هو، جيڪو ڪارويلان جي اڳواڻي ۾ 1969ع ۾ ماسڪو ۾ ٿيندڙ ڪميونسٽ ۽ ورڪرس پارٽين جي بين الاقوامي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو هو. سيپٽمبر 1972ع کان صدر آلندي جي تختي اونڌي ٿيڻ تائين هو سڌسماءَ بابت سندس صلاحڪار هو.
سندس ڪتاب ۾ چيل هر لفظ سادو ۽ نج سچ آهي. اهو سچ رڳو هڪ فرد جي هاڃي سا نه، پر پوري قوم جي هاڃي سان لاڳاپو رکي ٿو. ڪتاب ۾، توهان کي فاشزم پنهنجي گندي ۽ غليظ روپ ۾ نظر ايندو. اهو فاشزم ئي آهي، جيڪو لاڳيتو انسانيت خلاف ڏوهه ڪري رهيو آهي ۽ هن وقت به چلي ۾ ماڻهن کي ايذائي ۽ قتل ڪري رهيو آهي، ۽ ٻين سرمائيدار ملڪن ۾ تمام ظالماڻي نموني، انساني قدرن کي چيڀاٽي رهيو آهي. توهان جيئن انهن ظلمن بابت هن ڪتاب ۾ پڙهندا تيئن ئي توهان آڏو فاشزم جي سچي تصوير پنهنجي پوري ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سميت سامهون اچي ويندي.
روڊريجوروجاس هر ڏهڪائيندڙ واقعي کي تمام سادگي سان بلڪل ائين ئي ٿو بيان ڪري جيئن اهو ٿيو ۽ جيئن اهي هڪ ٻئي پويان ٿيندا ويا. پاڻ نيشنل اسٽيڊيم جي ڏاڍ ۽ ظلم مان جيئرو بچي نڪتو جيڪو وطن دوستن کي ايذاءَ ۽ گولين سان مارڻ جو مرڪز بڻيل هو. سندس فائيل تي وڏن اکرن ۾ نيري مس سان (P) لکيل هو ۽ انهيءَ تي گول دائرو ڏنل هو جنهن جي معنيٰ سندس لاءِ سخت ۾ سخت سزا هئي. هو اسان کي ماڻهن خلاف انهيءَ غير انساني جنگ ۾ قيد ڪيل محب وطن عورتن ۽ مردن سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ايذائن بابت ٻڌائي ٿو جيڪي ڪڏهن به نه ٻڌايا ويا آهن. اتي رهيل قيدين کي فاشسٽن مان خراب کان خراب سلوڪ جي اميد هئي. روجاس لکي ٿو ته ”اتي قوم جي هزارين پٽن ۽ ڌيئرن پهريون ڀيرو فاشزم جو ظالم ۽ غير انساني روپ ڏٺو“. کين اتي وچين اونداهي دور جي ايذائن کان وٺي موجوده دور جي بجلي جي جهٽڪن سميت هر قسم جي چيچلائڻ جي طريقن کي ڏسڻ جو موقعو مليو. فوجي سرڪار وٽ انهيءَ مقصد لاءِ هڪ کان وڌيڪ نازي جنگي ڏوهاري صلاحڪار موجود هئا. وڏي پئماني تي ڪيل انهن شرمناڪ ڏوهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي انهن ڪارنامن کي پڻ شامل ڪيو ويو هو جن تي سامراجي آقائن جو ٺپو لڳل آهي.
انهيءَ اڪيلائي ۽ نفرت جي باوجود ويڙهه ڪندڙ ڪڏهن به اڪيلا نه هئا. انهيءَ سڄيءَ واٽ تي پورهيتن جي عالمي سگهه مٿڀري هئي. هو لکي ٿو ته ”اسان ڄاڻون ٿا ته چلي جي عوام کي ماسڪو ريڊيو جي مهربانين سبب پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ واقعن جي خبر پئجي سگهي آهي“.ڪچلجڻ ۽ اونداهي ۾ هئڻ جي باوجود انهن بين الاقوامي ڀائيچاري جي گرمائش ۽ روشنيءَ کي محسوس ڪيو. جيل جي گولين ۾ ”انٽرنيشنل“ ۽ ويڙهه جو جذبو جاڳائيندڙ ٻيا گيت زندگي ۽ انقلاب جي گيتن وانگر گونجيا پئي.
روجاس جي آزاديءَ لاءِ اسان انهيءَ ڀائيچاري جا ٿورائتا آهيون. جيستائين هو آزاد آهي ۽ پنهنجي ڏيهه نيڪاليءَ جي حق کي استعمال ڪندو رهندو، تيستائين هو فوجي راڄ کي ننگي ڪرڻ جو عمل جاري رکندو.
جلاوطني ۾ به سندس ويڙهه جاري آهي. اها هڪ ڏکي ويڙهه آهي. پر هتي پڙهندڙن کي اها ڳالهه ضرور سمجهه ۾ ايندي ته جن قومن وٽ انهيءَ درجي جا هزارين پٽ ۽ ڌيئرون هجن، انهيءَ کي ڪڏهن به ختم نٿو ڪري سگهجي.
لوئس ڪارويلان ڪڏهن به دشمن اڳيان آڻ نه مڃي.
روڊريجو روجاس ڪڏهن به پنهنجي گوڏن ڀر نه جهڪيو.
وولودياٽيائيٽيلبوئم (4) چليءَ جا بهادر ماڻهو، فاشزم خلاف محاذ کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ملڪ اندر جنتا کي بلڪل ئي اڪيلو ڪري رهيا آهن.
پوريءَ دنيا جا عوام فوجي جنتا کي اڪيلو ڪري رهيا آهن. روڊريجو روجاس پنهنجي انهيءَ تجربي وسيلي اسان کي ٻڌائي ٿو ته ماڻهو گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي لائق آهن. هو اسان کي اهو به ٻڌائي ٿو ته دوست ۽ دشمن ۾ تميز ڪيئن ڪجي.
ڏوهه ۽ موت ڪڏهن به سچ، شان، ڏاهپ ۽ حياتي کي ختم نه ڪري سگهندا.

_____________
(1) جوليئس فيوچڪ: چيڪو سلوواڪيه جي ڪميونسٽ پارٽي جي ترجمان اخبار
”رُوڊ پراوو“ جو ايڊيٽر هو. کيس نازين قيد ڪري تشدد جو نشانو بڻايو
۽ 1943ع ۾ ڦاهي چاڙهي ڇڏيائون. سندس جيل جي ڊائري کي لڪل نموني جيل کان ٻاهر آندو ويو ۽ “ڦاهي جي ڦندي تان لکيل نوٽس“ جي نالي سان ڇاپيو ويو.
(2) ڊاوسن ٻيٽ، چلي جي ڏاکڻي حصي ۾ ڏکڻ قطب جي سخت موسمي حالتن سان هڪ ويران ٻيٽ آهي. هتي فاشي جنتا جي بدنام ترين ايذائيندڙ ڪئمپن مان هڪ قائم هئي. انهي ڪئمپ کي خاص طور تي انهن سياسي قيدين لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو، جن جي لاءِ جنتا کي يقين هو ته موسم جي سختين جي ڪري مري ويندا. ۽ ڪيترن ئي واقعي پنهنجيون حياتيون هتي وڃايون. هن ڪئمپ جي قيدين ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري لوئس ڪارويلان پڻ هو. ڪارويلان سوڌو ڪيترن قيدين کي پوءِ ريٽوڪ سامونڊي اڏي تي منتقل ڪيو ويو.
(3) لوئس ايميلو ريڪابيرن چلي جي پورهيت تحريڪ جو ممتاز اڳواڻ ۽ ورڪس سوشلسٽ پارٽي جيڪا 1906ع ۾ ايڪيوائي ڪيو کاڻين جي هڙتالن جي نتيجي ۾ سامهون آئي. ان جي بنيادي اڳواڻن مان هڪ هو. 1922ع ۾ هن چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جو پايو وڌو.

(4) وولوديا ٽيائيٽيلبوئم چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميتي جي سياسي ڪميشن جو ميمبر آهي. هي چلي جي علائقي چلان ۾ 1916ع ۾ ڄائو ۽ سورهن سالن جي ڄمار ۾ نوجوان ڪميونسٽ تحريڪ ۾ شامل ٿيو. 1946ع کان چليءَ جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر اهي. 1961ع ۾ والپارائيو جي تڪ مان قومي اسيمبلي ۾ چونڊيو ويو ۽ 1965ع ۾ سنتياگو مان سينيٽ لاءِ چونڊيو ويو. 1973ع ۾ ٻئي نمبر تي سڀني کان وڌيڪ ووٽ کڻي ٻيهر سينيٽ تي چونڊيو سندس پروقار ريڊيو پروگرام ”وولوديا جو تبصرو“ ڪيترن سالن تائين چلي جي ريڊيو تان نشر ٿيندو رهيو. فوجي راڄ جي اچڻ کان پوءِ سندس اهو پروگرام ماسڪو ريڊيو تي ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي. هي چلي ۾ فاشزم جي خاتمي ۽ جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ جي اڳواڻن مان هڪ آهي.