اسٽيڊيم جو قيدي
اسٽيڊيم، مارچ ڪندڙ سپاهين، وڏي واڪي ڏنل حڪمن، ماڻهن جي ڊوڙڊڪ، رڙين ۽ ٻوڪاٽن جي گوڙ سان ڀريل هو. انهيءَ وقت ”جنگي قيدين“ سان سٿيل ڪيتريون ئي بسون اسٽيڊيم اچي پهتيون. مردن، عورتن ۽ نوجوانن کي رائفل جي ڪنداقن جي ڌڪن سان ٻاهر ڪڍي، کين ننڍي مشين گنن وارن جي ٺاهيل سوڙهي رستي تان اسٽيڊيم جي اندرين عمارتن ڏانهن ڊوڙڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. مشين گنن وارن جا منهن چريائپ، ڪاوڙ ۽ شراب جي اثر ڪري صفا بگڙيل هئا.
مون کي هتان ڊوڙڻ لاءِ مجبور نه ڪيو ويو. ظاهري طور تي اهو پئي ڏسڻ ۾ آيو ته جنهن آفيسر کي مون کي جيئرو يا مئل کڻي اچڻ جو حڪم مليل هو. تنهن مون کي بيوئن رجمنٽ جي ”بهادر سپاهين“ پاران مليل اڳوڻي ”گارڊ آف آنر“ کي هڪ ڏينهن لاءِ ڪافي ٿو سمجهيو.
مون کي صدارتي باڪس جي هيٺان ايونيو اگريسيا واري پاسي کان ٺهيل هڪ ڪمري ۾ آندو ويو جتي گرفتار ٿيلن کي رجسٽر ڪيو پئي ويو. بيوئن آفيسر ڪئپٽن پاران مون کي هڪ ڪاعذ سوڌو پنوشي جي مهمانن جو ”آڌرڀاءُ“ ڪندڙ هڪ آفيسر جي حوالي ڪيو ويو. انهيءَ ڪاعذ جي لکڻي آسانيءَ سان پڙهي پئي سگهجي. منهن جي نالي، پتي ۽ سڃاڻپ جي نشانين کان سواءِ وڏن ٽائيپ ٿيل اکرن ۾ ڏوهن جي سري هيٺ هي لکيل هو ”خطرناڪ انتهاپسند، سوويت جاسوس ۽ ڪميونسٽ ويڙهاڪ، اخبارن لاءِ لکيو اٿس ۽ فوج ۾ پروپئگنڊا ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي اٿس“.
انهيءَ ”پرڪشش سفارش“ کي وٺندي آفيسر مون کي چيو ته ”تون ڪجهه وقت اسان کان لڪل رهيو آهين. جڏهن ته اسين يارهين سيپٽمبر کان وٺي تنهنجي ڳولا ۾ آهيون. اسان کي توسان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي تمام گهڻي خواهش آهي. انهيءَ بابت توکي ڳڻتي ڪرڻ جي بلڪل ضرورت ناهي. توکان پڇاڳاڇا ڪئي ويندي ۽ پوءِ جيڪڏهن اها ڳالهه ثابت ٿي ته آلندي جي ڪيل ڏوهن ۾ تون شريڪ نه آهين ته، توکي گهر وڃڻ جي اجازت هوندي“.
مون کيس ڪجهه به نه چيو. سندس هٿ ۾ اڃان تائين ”رپورٽ“ هئي. مون انهي رپورٽ تي ساڄي پاسي، مٿي، ٿلهي ڳاڙهي دائري ۾ نيري مس سان وڏن اکرن ۾ (P) لکيل ڏٺو. انهيءَ جو مطلب هو ته مون کي بنا ڪنهن مقدمي هلائڻ ۽ جاچ جي گولي هنئي ويندي. پر انهيءَ جي ڄاڻ مون کي ڪافي مهينن کان پوءِ نيشنل اسٽيڊيم جي قيد ۾ پئي.
رجسٽريشن جي رسمي ڪارروائي پوري ٿيڻ کان پوءِ مون کي ڪجهه ٻين قيدين سان گڏ هڪ نان ڪميشنڊ آفيسر جي حوالي ڪيو ويو ته اسان کي قيد تائين پهچائي. جڏهن اسان پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿياسين ته ان وقت شام جا اٽڪل ساڍا پنج ٿيا هئا.
راندين جي شوقين جي حيثيت ۾ آئون اسٽيڊيم ڏي گهٽ آيو هوس. باقي ڪميونسٽ پارٽي ۽ پاپولر يونٽي جي جلسن ۽ ريلين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ گهڻو ڪري ايندو هئس. هاڻي مون کي انهيءَ اسٽيڊيم کي ڏسڻ جو پوري طرح موقعو مليو هو. راندين جي هنڌ طور نه پر موت جي هڪ آکاڙي جي شڪل ۾. مون کي سائيڪلنگ واري پٽي وٽ ٺهيل ايذا رسائيندڙ مرڪز ۾ پڻ پيش ڪيو ويندو. مون کي انهن غدارن جي ڏوهن کي اکين سان ڏسڻ جو موقعو ملندو، جن چلي جي آئيني طرح چونڊيل صدر کي قتل ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو هو.
اسان جو جٿو ماراٿون دروازي ڏانهن وڌيو. اتي چئني پاسن کان ٺهيل بيهڻ جون جايون، وطن دوستن، پورهيت طبقي جي نمائندن ۽ عوام جي مقصد ڪارڻ وڙهندڙن سان سٿيون پيون هيون، جيڪي غدار جرنيلن جي چنبي ۾ اچي ڦاٿا هئا.
اتي قيدين جو تمام وڏو تعداد هو. پڪ سان انهن جو تعداد نٿو ٻڌائي سگهجي پر پوءِ به اها پڪ آهي ته اتي اسان جي قوم جا هزارين پٽ، ۽ ڌيئرون موجود هيون. هر پاسي کان مڪمل هٿياربند سپاهي انهن قيدين تي بندوقون اڀيون ڪيون بيٺا هئا. اهي قيدي تپيل سج جي گرميءَ ۾ ويٺا هئا، جڏهن ته سندن ڪپڙا فٽبال گرائونڊ ۽ تماشائين جي ويهڻ جي جاءِ جي وچ ۾ سڪي رهيا هئا. گهڻن جي ڪپڙن تي اڃا تائين رت جا نشان موجود هئا جيڪي مٽجي نه پئي سگهيا.
ڳچيءَ پويان ٻڌل هٿن سان اسين ماراٿون دروازي وٽ پهتاسين، جنهن جي ٻنهي پاسن کان ٽامي گنن سان سپاهي بيٺل هئا. آهستي آهستي مون پنهنجن ويجهن ڄاتل سڃاتل دوستن کي سڃاڻڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجو نالو پڻ ڪيترائي ڀيرا ٻڌم.
نيٺ اسين پنهنجي منزل تي پهتاسين. اهو ماراٿون دروازي جي هيٺان ڊريسنگ روم نمبر 9 هو. انهيءَ ڪوري ٿڌي پٽ واري ڪمري ۾ اسين ڪل هڪ سئو چوويهه ڄڻا هئاسين.
اسان سڀئي هڪ ٻئي لاءِ اڻڄاتل هئاسين، انهيءَ ڪري ڳالهائڻ ۾ احتياط پئي ڪيوسين. هر ڪو ماڻهو هڪ بي اعتباري سان ڀريو پيو هجي. ڪنهن کي ڀلا ڪهڙي خبر ڪير سرڪاري جاسوس آهي، فوجي جنتا جو ماڻهو آهي، يا سچو پچو انقلابي آهي. شايد اسان ۾ گهڻائي اهڙا سرڪاري ماڻهو هئا، جن کي اسان سڃاڻي نه پئي سگهياسين.
اسٽيڊيم ۾ اسان جي پهرين رات نهايت ئي پريشان ڪندڙ هئي. اسان جا ذهن، پنهنجن خاندانن، جن کي اها خبر نه هئي ته اسان ڪٿي آهيون، ۽ انهن ڪامريڊن، جن جي ڳولا ۾ فاشي جنتا جا پوليس ڇاڙتا لڳل هئا، تن جي خيالن سان ڀريل هئا. اسان کي ڪوري ٿڌي پٽ تي ئي سمهڻو پيو. ايستائين جو اسان کي هڪ به ڪمبل نه هو ۽ اسان هڪ ٻئي سان بلڪل گڏجي سڏجي سمهياسين ته جيئن هڪ ٻئي جي بدن جي ٿوري گهڻي گرمائش ملي سگهي. دروازي کي بند ڪري هڪ وڏي زنجير کان سواءِ هڪ هچا جهڙو تالو پڻ ٻاهران لڳايو ويو هو. پر انهيءَ کي به ڪافي نه سمجهيو ويو. ڇاڪاڻ ته ڄارين مان هڪ 30ع جي مشين گن جو منهن پڻ اسان کي گهوريندو نظر اچي رهيو هو. اسان سپاهين جي جهلڪ پڻ ڏٺي جن جي مٿي تي چلڪندڙ ٽوپيون پيل هيون، ۽ جيڪي سگريٽ پيئندي کل ڀوڳ ڪري رهيا هئا. اسان ڏانهن ڪو به ڌيان ڪو نه هئن. پر اسان پاران ڀڄڻ جي معمولي ڪوشش ٿيڻ تي به هو، مشين گن سان فائرنگ ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار هئا. اسان مان ڪو به ڀڄڻ بابت سوچي به نٿي سگهيو. ڇو ته انهيءَ جو نتيجو سواءِ بي وقوفيءَ واري موت جي ٻيو ڪجهه به نه نڪري ها.
صبح جو ساڍي ستين وڳي دروازو کوليو ويو. خاص جٿي جي هڪ نان ڪميشنڊ آفيسر اسان کي چيو ته اسين اسٽيڊيم جي تماشائين جي بيهڻ واري جاين تي وڃي پاڻ کي سج جي گرمي پهچائي سگهون ٿا. بهرحال پهرين اسان ٻن ٻن ڄڻن کي قطار ۾ بيهاري اسان جي وري وري تلاشي ورتي ويئي. پوءِ مشينن گنن ۽ رائفلن سان هٿياربند سپاهين جي گهيري ۾ اسان هڪ سئو چوويهه ڄڻن کي اوڏانهن نيو ويو.
آهستي آهستي اهي جايون انهن قيدين سان ڀرجڻ لڳيون جيڪي مختلف ڊريسنگ رومن ۽ ٻين جاين تي قيد ٿيل هئا. ماڻهن پنهنجي ڀرپاسي ۾ ويٺل دوستن ۽ ساٿين کي سڃاڻڻ تي، هڪ ٻئي سان خير عافيت ڪرڻ شروع ڪئي. اٽڪل نائين وڳي تائين پهريائين ڇت جي هيٺ ۽ پوءِ اسڪور بورڊ جي هيٺان اترئين ۽ آخر ۾ ڏاکڻي پاسي واريون جايون به ڀرجي ويون. مختصر طور ته اهي اسٽينڊ ڄڻ ماڻهن سان سٿيل هئا. انهيءَ دوران مختلف جاين تي مشين گنون لڳايون ويون. جڏهن ته مٿي هٿياربند فوجي سڄي جاءِ جي چوڪسي ڪري رهيا هئا.
پاڻ کي منظم ڪرڻ لاءِ اسان شروع ۾ هڪ همراهه کي چونڊيو، جنهن جو ڪم اهو هو ته هو اسان جي محافظن کان ڪمبل، دوائون ۽ هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ گهربل شيون ۽ کاڌي جو سامان وصول ڪري.
يارهين وڳي ڌاري اسان جي گروپ کي چيو ويو ته هو قطار ۾ بيهن ته جيئن نيرن ڏيئي سگهجي. اسان وري ٻن ٻن جي ٽولين ۾ اسٽيڊيم مان ٻاهر نڪري راندين جي جاين جي چوڌاري ٺهيل گئلرين ۾ وياسين. ٿوري پنڌ کان اسان کي انهيءَ دروازي جي ڄارين جي جهلڪ نظر اچي رهي هئي، جيڪو ايونيڊا پيڊرو ڊي والڊيويا ڏانهن کليو ٿي. گئلرين تي ٻن ٽئنڪن کان سواءِ مارٽرز، رائفلون ۽ 50 مشين گنون پڻ لڳل هيون. انهن سڀني جو رخ رستي ڏانهن هو.
نان ڪميشنڊ آفيسر ڏند ڪڍندي چيو ته ”اهو سڀ توهان جي حفاظت لاءِ آهي“. اسان کي ويجهڙائي ۾ موجود هڪ گشتي رڌڻي مان نيرن ڪرائي ويئي. پهرين اسان کي پلاسٽڪ جي ٽڀن ۾ ڪا پاڻيٺ جهڙي شيءِ ڏني ويئي، جيڪا ٿورو ٿورو کير ملايل ڪافي جهڙي لڳي پئي. انهيءَ خاص ڏينهن تي اسان کي پنهنجي مانيءَ جو راشن انهن قيدين وٽان مليو، جيڪي انهيءَ گشتي رڌڻي تي مقرر هئا. اسان اهو عجيب و غريب پاڻيٺ پنهنجي اندر ۾ اوتيو. ڪجهه ڄڻن بيٺي ۽ ڪجهه ڄڻن ٽئنڪن ڏانهن جهڪندي مليل ماني کاڌي. ڪوپن کي ڌوئڻ کان پوءِ اسان وڏن اسٽينڊن واري ماراٿون دروازي ڏانهن موٽياسين. ماني ۽ اڌ گرم ۽ ڦڪي پاڻيٺ اسان ۾ چستي ۽ ٿوري سگهه پيدا ڪري ڇڏي هئي.
ساڳئي پاسي ويٺل ٻين کولين جي قيدين سان ڳالهه ٻولهه سٺي نموني اڳتي وڌڻ لڳي. اسان جي پنهنجن دوستن سان ملاقات ٿيڻ کان سواءِ اهڙن ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ پڻ ٿي جن جو اسان پهريون رڳو نالو ئي ٻڌو هو.
”هڪ ٽڪرو اسان کي به ڏيو سائين“ مون هڪدم پنهنجي پويان نهايت ئي شائسته آواز ٻڌو. پهرين ته ڪنن تي يقين نه آيو. پوءِ اهو ظاهر ٿيو ته مون کان سگريٽ پيو گهريو وڃي جيڪو آءُ پي رهيو هوس. گهڻن سگريٽن پيئڻ وارا تمام تڪليف ۾ هئا. ڇاڪاڻ ته هڪ سگريٽ کي هڪ ئي وقت ۾ اٺن کان ڏهن ماڻهن کي پيئڻو ٿي پيو. اهي ئي ماڻهو جن پنهنجي لالچي محافظن کان ڪجهه پئسا لڪائي رکيا هئا، اهي ئي بليڪ مارڪيٽ مان سگريٽ خريد ڪرڻ جي عياشي ڪري پئي سگهيا. اهو ڌنڌو چلي جا ”بهادر سورهيه“ فوجي ڪري رهيا هئا، جن سرڪاري طور تي مقرر قيمت کان پنجاهه ڀيرا وڌيڪ قيمت پئي وصول ڪئي.
منجهند ڌاري ريڊ ڪراس سان واسطو رکندڙ ڪيترين ئي عورتن پاران صدارتي باڪس ۾ لڳل مائيڪرو فون وسيلي لائوڊ اسپيڪرن تي انهن ماڻهن جا نالا ورتا پئي ويا جن کي سندن مائٽن ۽ دوستن پاران پارسل موڪليا ويا هئا. سڀني پارسلن کي کوليو ويو ۽ قيدين کي رڳو آيل سامان مان ڪجهه حصو ئي نصيب ٿيو.
مائڪرو فون تي چلي جي ريڊ ڪراس جي ڪارندن جي جاءِ بعد ۾ فوجي جنتا جي ايجنٽن سنڀالي انهن ماڻهن جا نالا پئي ورتا، جن کي صدارتي باڪس جي ٻئي پاسي ڊسڪو نيگرو تي حاضر ٿيڻو هو. اسان لاءِ ڊسڪو نيگرو هڪ اهڙي علامت هو، جنهن جي ڄاڻ، ڄڻ منع ٿيل هئي. ڇاڪاڻ ته جن کي به اتي گهرايو ويندو هو، اهي يا ته تشدد سبب اپاهج ٿي واپس موٽندا هئا يا ماڳهين موٽندا ئي نه هئا. اهڙي ريت پنوشي جا ايجنٽ انهن ماڻهن جو ڪم مختصر ڪري ڇڏيندا هئا، جيڪي سندن نظر ۾ ”خطرناڪ انتهاپسند“ هئا.
شام جو چئين ۽ پنجين جي وچ ۾ اسان کي رات جي ماني ملي جيڪا ڏينهن جو آخري کاڌو هئي. اها هڪ گندي سوپ جي مگ ۽ مانيءَ جي ٽڪري جي شڪل ۾ هوندي هئي جنهن ڪري قيدي بکيا رهجي ويندا هئا، ان ڪري اسان پاڻ کي دوکو ڏيڻ لاءِ نارنگين جا ٽڪرا گڏ ڪندا هئاسين، جيڪي اسان جا محافظ اڇلائيندا هئا. انهن کي چڱي طرح صاف ڪري وقت گذارڻ لاءِ آهستي آهستي چوسيندا رهندا هئاسين. اسان جي اها ڪوشش هوندي هئي ته انهيءَ مزي کي وڌ کان وڌ تائين برقرار رکي سگهون. ڇو ته مليل ”ڊنر“ ڪافي نه هو.
شام جو ڇهين ڌاري لائوڊ اسپيڪرن تي انهن قيدين جي نالن جي لسٽ پڙهي ٻڌائي ويئي جن کي ٻئي ڏينهن پڇاڳاڇا لاءِ وٺي وڃڻو هو. ساڍي ستين ڌاري اسان کي صفن ۾ بيهاري ڳڻپ ڪري ڊريسنگ ۽ اسٽور رومن ۾ سٿيو ويو جتي اسان کي ايندڙ ڏينهن جو انتظار ڪرڻو هو.
اهڙي ريت ڏينهن گذرندا ويا. بک جا ستايل ۽ ٻاهرين دنيا کان ڪٽيل قيدي پنهنجي پڇا ڳاڇا جي واري اچڻ جو انتظار ڪندا رهيا.