جيل ڊائري

گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

هي جيل ڊائري چليءَ جي ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ اڳواڻ ۽ صحافي روڊريجو روجاس جي لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار رئوف نظاماڻي صاحب آهي.
چِليءَ ۾ جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو هو ۽ چِليءَ کي پنهنجن بهترين پٽن سلواڊور آلندي، وڪٽر جارا ۽ پابلونرودا کي انقلاب تي قربان ڪرڻو پيو ۽ هزارين محب وطنن کي ايذاءُ گهرن ۽ جلاوطني جا عذاب ڀوڳڻا پيا. هي ڪتاب ”گوڏن ڀر نه جهڪنداسين“ هڪ اهڙي ارڏي انسان جو داستان آهي جنهن جو آدرش چي گويرا جي خوابن کي تعبير ڏيڻ هو. ايذاءُ گهر جي ڊائري جو هي خالق هڪ اهڙو افسانوي ڪردار آهي جنهن موت جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو آهي. جيڪي ڪجهه انهي ڊائري ۾ قلم بند ڪيو ويو آهي انهي کي ٿوري گهڻي فرق سان ٻين ملڪن ۾ رائج فاشزم جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ انهن هيرن کي پنهنجي اکين آڏو آڻي سگهجي ٿو. جن موت ۽ زندگي جي فرق کي مٽائي ڇڏيو آهي.
Title Cover of book گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

جيل جي زندگي

جيل جو پادري هفتي ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا اسان واري گهٽيءَ ۾ دعا ڪرائيندو هو. اهو همراهه به توڙي پولش هو، پر اسٽيڊيم جي فادر جان وانگر فاشسٽ نه هو. اسان جي گهٽيءَ ۾ 1970ع وارين چونڊن ۾ صدارت لاءِ بيٺل ڪرسچين ڊيمو ڪريٽ اميدوار راڊو هيروٽو جي ڀائٽي سميت گهڻائي ڪيٿولڪ هئا. عبادت جي هڪ ننڍي ميز کي پاڪائي واري نشان سان گڏ اتي رکيو ويندو هو، پوءِ ان کي گلن ۽ ميڻ بتين سان سينگاريو ويندو هو. شام جو ڪنواري مريم کان دعائون گهريون وينديون هيون ۽ اهي سادا سودا گيت جهونگاريا ويندا هئا جيڪي مون لاءِ منهنجي ڪيٿولڪ ننڍپڻ جي لحاط کان ڄاتل سڃاتل هئا.
ڏينهن ۾ هڪ يا گهڻا ڀيرا اسان جو ”ڇوڪر“، جيڪو اسان جي گهٽيءَ مان گند ڪچرو ميڙي صاف ڪري ويندو هو، اسان سان ملڻ ايندو هو. جيل جي عجيب و غريب روايتن موجب ”ڇوڪر“ اهي ڏوهاري هوندا آهن جن کي ڊگهيون سزائون مليل هونديون آهن ۽ ڪنهن ڪم نه اچڻ سبب جيل انتظاميه پاران کين سادي قسم جا ڪم سونپيا ويندا آهن. گهڻو ڪري اهي اڻ پڙهيل هوندا آهن، سندن نه ڪو مٽ مائٽ هوندو آهي ۽ نه ئي سندن لاءِ ڪا ملاقات ايندي آهي.
اسان جو ”ڇوڪر“ چاليهه سالن کان وڌيڪ ڄمار جو هو. هو هڪ اڻ پڙهيل هاري هو ۽ سنتياگو ۾ ڪو به مٽ مائٽ ڪو نه هوس. کيس نشي جي حالت ۾ ڪيل جهيڙي ۾ قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ويهن سالن جي سزا ڏني ويئي هئي جنهن مان هو چوڏهن سال ڪاٽي چڪو هو.
هي هڪ مهربان ۽ کلمک قسم جو ماڻهو هو، جيڪو اسان جا گهڻائي ڪارائتا ننڍا ننڍا ڪم ڪري ڏيندو هو. جهڙوڪ هن اسان لاءِ هڪ خالي کوکو ۽ ڪس لڳل ڪجهه ڪوڪا هٿ ڪيا، جنهن مان هڪ ميز يا تاڪ ٺهي پيو سگهي، جيل جي ڪوآپريٽو مان، جتي اسان گهٽي نه ڇڏڻ جي پابندي سبب وڃي نه ٿي سگهياسين، ننڍيون مختلف شيون آڻي ڏيندو هو.
شروعاتي ڪجهه هفتن دوران اسان پاڻ ۾ پنهنجي ”ڇوڪر“ لاءِ ڪجهه پئسا گڏ ڪيا. بهرحال اڳتي هلي جڏهن اسان سندس ڀروسي جوڳا ٿياسين ته هن اسان کي چيو ته کيس پئسن جي ضرورت ڪانهي. انهيءَ ڪري پئسا ڏيڻ بدران کيس کاڌو ڏيون. اسان راضي ٿي وياسين. اسان جي کاڌي پيتي واري جٿي هفتي ۾ هڪ ڀيرو اسان جي ”ڇوڪر“ لاءِ کولين مان کاڌو جمع ڪرڻ شروع ڪيو. اهو گهڻو ڪو نه ٿيندو هو، ڇو ته اسان قيدين وٽ پاڻ تمام ٿورو کاڌو هو. بهرحال ڪڻو ڪڻو ڪري اسان ڪجهه ٻڪ چانورن ۽ کنڊ جا، ٿورو گيهه، ڪجهه سگريٽ، ٽماٽا ۽ بصر گڏ ڪري وٺندا هئاسين. کيس گونزيليز سڏيو ويندو هو. هو اهو سڀڪجهه گهڻي خوشي سان قبول ڪري وٺندو هو.
هن اسان کي ٻڌايو ته سندس گهٽيءَ وارن قيدين کي يقين نه پيو اچي ته گهٽي نمبر 2 ۾ هڪ کوليءَ ۾ ڇهه ڇهه ڄڻا رهن پيا. اها اچرج جوڳي ڳالهه انهيءَ ڪري ڪو نه هئي جو انهن مان هڪ هڪ ڄڻي کي جدا کولي مليل هئي.
اسان جي ”ڇوڪر“ جون اسان لاءِ خدمتون رڳو انهن ڪمن تائين محدود نه هونديون هيون، جن جو مون هينئر ذڪر ڪيو آهي. سندس گهٽيءَ ۾ رهندڙ ڏوهارين مان گهڻا موچي هئا. گونزيليز وٽن اسان جا ڦاٽل جوتا مرمت لاءِ کڻي ويندو هو. منجهانئن ڪنهن به ڪڏهن انهيءَ ڪم لاءِ اجوري جي گهر نه ڪئي. بيشڪ منجهن، نشي ۾ وڙهندي ڪنهن کي قتل ڪرڻ وارن کانسواءِ عادي ڏوهاري، ڪٺور دل قاتل، زاني، ۽ چور پڻ موجود هئا، پر انهن مان هر هڪ وردي پهريل انهن وحشين کان هزارين ڀيرا چڱو هو، جن نيشنل اسٽيڊيم ۾ اسان تي تشدد ڪيو هو.
پيني جو کاڌو هضم نه ٿيندڙ ۽ نراسائيءَ جي حد تائين هڪجهڙائي رکندڙ هو. ڪڏهن چقندر جي ڀاڄي هوندي هئي ته ڪڏهن چقندر ڳائي گوشت سان پڪل هوندا هُئا ۽ ڪڏهن انهن کي ٻاڪري گوشت ۾ ملائي رڌو ويندو هو، ڪڏهن اهي چانورن ۾ پيل هوندا هُئا ته ڪڏهن گوبي وغيره سان رڌل هوندا هُئا.. احتجاج ڪرڻ فضول هو. جنتا انهيءَ جي باوجود ته قيدين جو تعداد وڌي رهيو هيو، جيل جي معمولي بجيٽ کي وڌائڻ لاءِ تيار نه هئي.
جيل جي سربراهه عالمي ريڊ ڪراس ۽ چلي جي امن لاءِ گرجائن واري ڪميٽي جي سهڪار سان پائوڊر واري کير ۽ آنن حاصل ڪرڻ جو بندوبست ڪيو هو، جنهن مٽ مائٽن کان ايندڙ کاڌي جي پارسلن سان گڏجي ڪنهن حد تائين اسان جي خوراڪ کي سڌاري ڇڏيو هو ۽ اسان کي انهيءَ لائق ڪيو هو جو ڪنهن ڏينهن چقندرن مان جان ڇڏائي سگهون. آئون اهو ضرور چوندس ته سومر، اڱاري ۽ ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن اربع واري ڏينهن تي به مائٽن کان آيل کاڌي جي پارسلن ڪري اسان جي ”گهٽي“ وارن مان ڪو به جيل جو کاڌو نه کائيندو هو. پر خميس کان آچر تائين اسان کي ساڳئي جيل واري کاڌي تي گذارو ڪرڻو پوندو هو.