جيل ڊائري

گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

هي جيل ڊائري چليءَ جي ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ اڳواڻ ۽ صحافي روڊريجو روجاس جي لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار رئوف نظاماڻي صاحب آهي.
چِليءَ ۾ جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو هو ۽ چِليءَ کي پنهنجن بهترين پٽن سلواڊور آلندي، وڪٽر جارا ۽ پابلونرودا کي انقلاب تي قربان ڪرڻو پيو ۽ هزارين محب وطنن کي ايذاءُ گهرن ۽ جلاوطني جا عذاب ڀوڳڻا پيا. هي ڪتاب ”گوڏن ڀر نه جهڪنداسين“ هڪ اهڙي ارڏي انسان جو داستان آهي جنهن جو آدرش چي گويرا جي خوابن کي تعبير ڏيڻ هو. ايذاءُ گهر جي ڊائري جو هي خالق هڪ اهڙو افسانوي ڪردار آهي جنهن موت جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو آهي. جيڪي ڪجهه انهي ڊائري ۾ قلم بند ڪيو ويو آهي انهي کي ٿوري گهڻي فرق سان ٻين ملڪن ۾ رائج فاشزم جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ انهن هيرن کي پنهنجي اکين آڏو آڻي سگهجي ٿو. جن موت ۽ زندگي جي فرق کي مٽائي ڇڏيو آهي.
Title Cover of book گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

منهنجي پهرين حقيقي پڇاڳاڇا

آهستي آهستي اسان مان انهن ماڻهن کي، جن کي اڃا تائين پڇاڳاڇا لاءِ نه وٺي ويا هئا انهيءَ وحشياڻي سلوڪ جون خبرون ملڻ لڳيون هيون جيڪو وطن دوستن سان اسٽيڊيم جي جاين جي مٿين طبقن ۽ سائيڪلنگ پٽي جي پاسي کان ٺهيل ايذاءُ رسائيندڙ مرڪزن ۾ اختيار ڪيو ويندو هو. اسان کي ”ماٺ ڪرائڻ“ واري ٽيمن بابت پڻ ڪجهه ڄاڻ ملي. اهو نالو هڪ نان ڪميشنڊ آفيسر، جنهن کي آئون ”ڪولينا خاص جٿي جي اسڪول“ کان سڃاڻندو هوس، جيڪو اسٽيڊيم ۾ موجود قيدين جي هڪ جٿي جو نگران هو، ايذا ڏيڻ جي ماهرن لاءِ ٽوڪ طور استعمال ڪيو هو.
آخرڪار هڪ هفتو ”جنگي قيدي“ طور رهڻ کان پوءِ مون کي ٻئي ڏينهن صبح جو ساڍي ڇهين وڳي اٿڻ لاءِ چيو ويو ته جيئن پڇاڳاڇا لاءِ وٺي وڃي سگهجي.
انهيءَ عرصي ۾ آئون پنهنجي کولي ۾ موجود ڪيترن همراهن جو دوست ٿي چڪو هوس ۽ سندن سياسي وابستگين کان به چڱي ريت واقف هوس. ڪميونسٽن ۽ ڪنهن به سياسي جماعت سان واسطو نه رکندڙن کان سواءِ منجهن کاٻي انقلابي تحريڪ (MIR) متحد عوامي عمل تحريڪ (MAPU) ۽ سوشل ڊيمو ڪريٽڪ، ڪرسچين ڊيمو ڪريٽڪ، بنياد پرست سوشلسٽ، آزاد ۽ کاٻي ڌر جي ڪرسچين ڊيمو ڪريٽڪ پارٽين جا ڪارڪن پڻ هئا. اسان منجهه يقيني طور تي حڪومت جا چمچا ۽ جاسوسي کاتي جا ماڻهو به موجود هئا پر اسان کي اها خبر هئي ته اُهي ڪير آهن.
جڏهن هڪ نان ڪميشنڊ آفيسر ٻن سپاهين سان گڏ مون کي وٺڻ آيو ته اڃا اونداهي هئي.
آفيسر مون کي چيو ته ”پنهنجو ڪمبل کڻ، توکي انهيءَ جي ضرورت پوندي“. منهنجي کوليءَ جي ساٿين منهنجي خوشقسمتيءَ جي خواهش ظاهر ڪئي. ٻاهر مون کي صدارتي باڪس جي سامهون ڊسڪو نيگرو وٽ آندو ويو. هتي مون ٻه سئو ٻين قيدين کي پڻ ڏٺو، جن کان ان ڏينهن پڇاڳاڇا ٿيڻي هئي. اسان کي هيٺ لهڻ لاءِ چيو ويو. پوءِ اسان جي نالن جي لسٽ ڪڍي اسان کي حڪم ڏنو ويو ته اسان قيدي عورتن جي اچڻ تائين انتظار ڪيون جيڪي ترڻ جي تلاءِ ويجهو ٺهيل جاين ۾ قيد هيون ۽ جن کي پڻ پڇاڳاڇا لاءِ وٺي وڃڻو هو.
قيدياڻيون، جن مان گهڻي تعداد جو واسطو صحت کاتي ۽ ڪپڙي جي صنعت سان هو، ٽامي گنن سان هٿياربند سپاهين جي نظرداريءَ ۾ اسان جي قطار جي مهڙ ۾ هلڻ لڳيون. اسان ماراٿون در وٽ پهچي، گشتي اسپتال جي سائي رنگ جي تنبن کي هڪ پاسي ڇڏي، باغيچي ڏانهن مڙي وياسين. نيٺ اسان مکيه اسٽيڊيم کان اٽڪل ڇهه سئو ميٽرن جي فاصلي تي ايونيو پيڊرو ڊي ويلڊيويا جي ويجهو سائيڪلنگ پٽي وٽ اچي پهتاسين. ان جي پٿر جي ديوارن مون کي بچين والڍ جي منحوس ۽ موتمار نازي ڪئمپ ”ايونيو آف نيشنس“ جي ياد ٿي ڏياري.
”توهان ماءُ جا.... هلندا رهو“.
انهيءَ شرافت سان ڀونڪيل حڪم سان گڏ لتن ۽ مڪن سان پڻ اسان جي خاطر ڪئي ويئي.
”ليفٽيننٽ شينهن تون ترت ڪمانڊنٽ جي آفيس ۾ حاضر ٿي“.
”شينهن نمبر ٻه تون قيدين کي وڏن اسٽئنڊن تي ويهار“.
”شينهن نمبر ٽي تون پنهنجي گروپ کي سائيڪلنگ پٽي جي مرڪزي ڇٻر ڏانهن وٺي اچ“.
اهي لائوڊ اسپيڪرن تي ڏنل حڪم هئا، جن آفيسرن کي انهي نموني سڏيو ويو هو، اهي ترت ئي حڪم جي پوئواري ۾ لڳي ويا.
”سڀئي قيدي پنهنجا مٿا ڪمبلن سان ڍڪي ڇڏين“.
اسٽينڊ ۽ ڇٻر تي ويٺل ۽ گهٽيءَ کي سائيڪلنگ پٽيءَ کان ڌار ڪندڙ ديوار سان هلندڙ قيدي مرد ۽ عورتن پنهنجن مٿن کي ڪمبلن سان ڍڪي ڇڏيو. هاڻي اسان رڳو ڏنل حڪمن، ڊوڙندڙ قدمن ۽ رائفلن جي بولٽ جي ڪلڪ جي آواز کي ٻڌي سگهياسين ٿي.
اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ قيدين کي ڏهه ڏهه ڄڻن جي جٿن ۾ ورهايو ويو ته جيئن کين ”ماٺ ڪرائيندڙ“ ٽيمن جي حوالي ڪري سگهجي.
اٽڪل ساڍي نائين ڌاري مون لائوڊ اسپيڪر تي اينجل پارا کانپوءِ پنهنجو نالو ٻڌو.
”شينهن نمبر پنج انهن ڏهه ڄڻن کي ڪمري نمبر هڪ ۾ وٺي اچ ۽ کين پوماچار جي حوالي ڪر“.
ٻيهر گارين، پاراتن ۽ رائفل جي ڪنڌن سان ڌڪن هڻن جي ڪار شروع ٿي ويئي.
نيٺ اسان جي ڏهه ڄڻن جي جٿي ڪمري نمبر هڪ ڏانهن هلڻ شروع ڪيو. اسان جا مٿا اڃا تائين ڪمبلن سان ڍڪيل هئا ۽ اسان پنهنجي اڳيان هلندڙ قيديءَ جي ڪلهي تي پنهنجو ساڄو هٿ رکي هلي رهيا هئاسين. اسان کي ڪمري نمبر هڪ جي بدران ايونيو پيڊرو ڊي والڊيويا سان لڳ ديوار وٽ آندو ويو ۽ ديوار کان اٽڪل 25 فوٽن جي فاصلي تي قطار ۾ بيهاري هٿ مٿي کڻڻ جو حڪم ڏنو ويو. پويان خود ڪار رائفلن جا منهن اسان جي پاسراٽين کي ڇهي رهيا هئا.
سيپٽمبر جو سج پنهنجي پوري جلال سان چمڪي رهيو هو. اسان ڪمبلن ۾ ويڙهيل هئڻ سبب جلد ئي تمام خراب نموني پگهرجي وياسين. اسان لاءِ ساهه کڻن به ڏکيو ٿي پيو هو. هٿ مٿي هئڻ سبب اسان جا ڪلها به سور ڪري رهيا هئا.
اٽڪل ستن ڪلاڪن تائين، بنا ڪنهن به قسم جي کاڌي پيتي جي، اهڙي ريت بيهارڻ کان پوءِ منهنجي پويان بيٺل سپاهي منهنجو نالو پڪاريو ۽ گڏوگڏ انهن وڻندڙ لفظن جو به واڌارو ڪيائين ته ”هل او بدبودار ڪميونسٽ“.
اسان سائيڪلنگ جي پٽيءَ جي هيڊ آفيس ۾ داخل ٿياسين. هتي مون کان منهنجي نظر واري عينڪ لهرائي ويئي ۽ ڪنهن شخص، جنهن کي اکين تي پٽي هئڻ سبب آئون ڏسي نٿي سگهيس، اها منهنجي هٿ مان کسي پير جي کڙيءَ سان ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڀڳل ٽڪر مون کي موٽائي ڏيندي چيو ”توکي هاڻي پڙهڻ لاءِ انهيءَ جي ضرورت نه پوندي بدمعاش! اهي ٽڪرا وٺ يا اسان اهي، توکي گولي هڻڻ کان پوءِ، ٽپال رستي تنهنجي ڌيئن کي موڪلي ڇڏينداسين“.
مون اهي ٽڪرا وٺي پنهنجي کيسي ۾ وڌا ۽ پوءِ ڌڪن ۽ لتن سان مون کي هڪ ڪمري ۾ آندو ويو جتي مون کان ”پڇاڳاڇا“ شروع ٿي.
ڪنهن شخص ڀونڪندي منهنجي ڪن ۾ چيو ”هڪدم پنهنجا ڪپڙا لاهه“. مون کي هيٺ ڪيرائي لتن جو وسڪارو شروع ڪيو ويو. ڪپڙن لاهڻ کان پوءِ مون کي ڀت ڏانهن منهن ڪري انهيءَ حالت ۾ بيهاريو ويو جو منهنجا هٿ ديوار تي هجن ۽ پير هڪ ٻئي کان بلڪل ئي ڌار هجن.
انهيءَ حالت ۾ بيٺل هوندي، مون تي اها چوڻي ٺهڪي ٿي آئي ته ”اهڙي تڪليف جهڙي سٿر تي لت جو لڳڻ“. مون کان پڇاڳاڇا ڪندڙن اڃا تائين مون کان هڪ سوال به ايستائين جو منهنجو نالو به نه پڇيو هو. هو تمام جوش سان منهنجي سٿرن تي لتون هڻي رهيا هئا. آئون ڪري پيس ۽ سخت ايذاءَ ۽ تڪليف سبب بيهوش ٿي ويس. ڌڪن ۽ ٿڏن جي هڪ نئين سلسلي سان مون کي هوش ۾ آندو ويو. هاڻي سندن نشانو، منهنجيون پاسراٽيون ۽ گردي واري جاءِ هئي. ساڳئي وقت پڇا ڪندڙن مان هڪ منهنجي مٿي تي لتون ۽ ٿڏا هڻي رهيو هو، ڄڻ منهنجي کوپڙي کي ڀڃڻ چاهيندو هجي.
مون کي خبر ناهي ڪيستائين اهو سڀ ڪجهه هلندو رهيو. مون کي بلڪل اگهاڙو ڪري اکين تي پٽي ٻڌي ويئي هئي. آئون سواءِ پنهنجي رت جي بوءِ محسوس ڪرڻ جي، جيڪو منهنجن ڄنگهن مان وهي رهيو هو، ٻيو ڪجهه به ڏسي نٿي سگهيس. ڪنهن ماڻهوءَ پاڻيءَ جو ڀريل پيالو منهنجي مٿان وڌو. پوءِ منهنجن هٿن ۽ مرن کي چيلهه وٽ ٻڌو ويو. مون ڪپيءَ جو مخصوص آواز ٻڌو ۽ مون کي ائين لڳو ته مون کي هٿ پير پويان ٻڌي رسي وسيلي ڦيرايو پيو وڃي.
هاڻي ٽيڪنالاجي جو ڪم شروع ٿيو، ڌڪن جي جاءِ بجليءَ جي جهٽڪن ورتي، بجلي جي تارن کي منهنجي ڄڀ، مخصوص عضون، اکين ۽ ڪنن سان ملايو ويو.
هيستائين سواءِ گارگند جي ڪو به سوال نه پڇيو ويو هو. هڪ ڄڻي رڙ ڪندي چيو ”تون بدبودار ڳاڙها، غدار روسي جاسوس“.
”اهو تون ئي آهين جنهن (Z) (1) رٿا تيار ڪئي هئي“.
((ا) ها هڪ خيالي رٿا هئي، جنهن بابت بغاوت جي اڳواڻن جو خيال هو ته اها کاٻي ڌر وارن فوج جي اعليٰ آفيسرن کي قتل ڪرڻ لاءِ ٺاهي هئي. فوجي جنتا، انهيءَ کي پنهنجي سخت ترين قدمن لاءِ هڪ جواز طور استعمال پئي ڪيو.)
ڪجهه وقت کان پوءِ، پر مون کي خبر ناهي ته ڪڏهن، مون کي زمين تي ليٽائي رسيون کوليون ويون ۽ ڪپڙن پائڻ لاءِ چيو ويو. رت ۾ ٻڏل، اکين تي پٽي ٻڌل ۽ پوري طرح هوش ۽ حواس نه هئڻ سبب، هٿوراڙيون هڻي جيئن تيئن ڪري ڪپڙا پاتم، جيئن پائي سگهيس ٿي.
انهيءَ کان پوءِ مون کان پڇاڳاڇا شروع ٿي. تمام تيزي سان مون کان منهنجو نالو، ڄمار، ڌنڌو، پتو، مون کي ڇو ۽ ڪٿان گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪهڙي پارٽيءَ سان منهنجو واسطو آهي وغيره جهڙا سوال پڇيا ويا. ڪجهه منٽن تائين اهو سلسلو هليو. پوءِ ڪني ٻوٿ واري پڇاڳاڇا ڪندڙ ٻڌايو ته بس ڪم پورو ٿيو.
منهنجي اکين تان پٽي هٽائي ويئي، پر ڪمبل اڃا تائين منهنجي مٿان پيل هو. مون کي وڏن اسٽينڊن وٽ آندو ويو جتي قيدين جو وڏو تعداد، جن کان پڇاڳاڇا ڪئي ويئي هئي، اسٽيڊيم ڏانهن واپس موٽڻ جي انتظار ۾ موجود هو. اهي ساڳيا ئي ماڻهو هئا، جن سان گڏ مون اڄ صبح اسٽيڊيم ڇڏيو هو. اسان پهرين جيڪي هڪ ٻئي جا چهرا ڏٺا هئا، اهي بلڪل ٻيا ٿي پيا هئا. مارڪٽ، ظلم ۽ ڏاڍ سبب اهي پوري طرح بگڙي ويا هئا. ڪيترن قيدين تي ”پڇاڳاڇا“ جا نشان پڻ صاف طور پئي نظر آيا.