ٽيون درجو
ايذا رسائيندڙن مان گهڻن جو واسطو هوائي فوج سان هو جيڪي ڪنهن به حالت ۾ ڍورن کان چڱا نه هئا. جيڪڏهن هو ڪنهن وقت انسان هئا به ته منجهانئن هينئر اها انسانيت موڪلائي ويئي هئي. جنرل لگ جا ڀاڙيتو ڪتا حيواني خاصيت سان جنسي ڇتا هئا.
”تون هينئر بئنڊ اسٽينڊ ۾ آهين ماءُ جا....“
”اسان توکان هت راڳ ٻڌنداسين!“.
”لاهه ڪپڙا بدمعاش اسان هاڻي توکي ڏسون ٿا“.
سندن خاص سلوڪ ستن ڪلاڪن تائين بنا ڪنهن وٿيءَ جي چالو رهيو. انهن مون کي اهو چورائڻ لاءِ ته، آئون سوويت جاسوس آهيان ۽ لوئس ڪارويلان به سوويت جاسوس آهي، اهو سڀ ڪجهه ڪيو، جيڪي هو ڪري پئي سگهيا. پر سندن ڪا به تدبير ڪارگر نه ٿي. انهيءَ ڏينهن آئون، جسماني طور پنهنجن ساٿين سان گڏ اسٽيڊيم واپس موٽڻ جي بلڪل لائق نه هوس. مون پوري رات سائيڪلنگ پٽي ۽ اسٽيڊيم جي وچ ۾ کوڙيل گشتي اسپتال جي تنبن ۾ گذاري.
مون کي ايذاءَ رسائيندڙ انهيءَ ذليل ڪم جا ماهر ٿي لڳا. خاص عضون، چپ، ڪنن، اکين جي ڀرونئن کي بجليءَ جا جهٽڪا هڻڻ، پيٽ، مٽي، پٺي ۽ گردي جي جاءِ تي لتن جو وسڪارو ڪرڻ، هٿ ۽ پير پويان ٻڌي رسيءَ سان لوڏا کارائڻ وغيره سڀني منهنجي حالت کي تمام نازڪ ڪري ڇڏيو. پيشاب ۾ رت اچڻ لڳو ۽ جسم جي اندران رت نڪري رهيو هو ۽ ڦٽ وڌ ۾ وڌ خراب ٿيندو پئي ويو. هر هر منهنجي اکين آڏو اونداهي ٿي ويئي ٿي. هلڻ ته ڇا، آئون بيهي به ڪو نه ٿي سگهيس. منهنجي ساٿين جي سائيڪلنگ پٽي کي ڇڏڻ کان پوءِ ٻن سپاهين مون کي انهيءَ حالت ۾ اسٽريچر تي وڌو جو آئون رت مان ڀريل ۽ بلڪل ئي اگهاڙو هجان. منهنجا ڪپڙا به انهيءَ اسٽريچر مٿان رکيا ويا ۽ مون کي گشتي اسپتال ۾ موجود ميڊيڪل آفيسر جي حوالي ڪيو ويو.
بيوئن سپاهين هٿان گرفتار ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو مون اهو ڏٺو ته يونيفارم ۾ به اهڙا ماڻهو موجود آهن جن کي فاشزم حيوانن ۾ بدلائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي. بلڪل بيهوشي جي حالت ۾ مون سپاهين کي چيل ميڊيڪل آفيسر جا اهي لفظ ٻڌا ته ”قاتلو آخر توهان ڪڏهن اسان جي يونيفارم کي بي عزت ڪرڻ کان باز ايندو.... اسان انهيءَ حالت ۾ هاڻي وڌيڪ ماڻهن کي قبول نه ڪنداسين.... هي شخص ڪنهن به وقت مري سگهي ٿو ۽ اسان انهيءَ لاءِ ڪا ذميواري قبول نه ڪنداسين. سائيڪلنگ پٽي تي ويٺل انهن قاتلن کي ٻڌائي ڇڏيو ته اسين توهان جي خلاف شڪايت ڪري رهيا آهيون“.
انهيءَ نوجوان ميڊيڪل آفيسر جي انهن لفظن واقعي سندس خيالن جي ترجماني ٿي ڪئي يا اها رڳو اداڪاري هئي. انهيءَ بابت منهنجي لاءِ فيصلو ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. بهرحال منهنجي چڱي ريت ڏيک ويک ڪئي ويئي.
آئون ٽن ڏينهن تائين گشتي اسپتال ۾ هوس. ظاهري طور تي منهنجي حالت خراب هئڻ سبب ڊاڪٽر گهڻو پريشان هئا. مون کي جيڪي ايذاءُ ڏنا ويا هئا انهن منهنجي خاص عضون ۽ جسم جي ٻين اهم حصن کان تمام خراب نموني متاثر ڪيو هو. منهنجي مختلف عضون مان لاڳيتو رت نڪري رهيو هو ۽ ساڳي ريت مون کي بنا ڪنهن ساهيءَ جي رت ڏنو پئي ويو. چوٿين ڏينهن تي جيئن ته آئون هلڻ جهڙو ٿيو هوس، انهيءَ ڪري موٽي اسٽيڊيم ۾ پنهنجي کولي ۾ پهتس. جيتوڻيڪ منهنجي سڄي جسم تي پڇاڳاڇا ڪندڙن جي سوالن جا نشان چٽا هئا، پر آئون اڃا به سرڪاري طور تي انهيءَ فهرست ۾ هوس جن کان اڃا پڇاڳاڇا ٿيڻي هئي.
مون وڏن اسٽينڊن تي ويٺل پنهنجي دوستن جي اکين ۾ خوشي جي چمڪ ڏٺي، ڇاڪاڻ ته اهي افواهه هليا پئي ته آئون ايذائن سبب مري ويو آهيان. پر آئون اڃا جيئرو هوس.
”جاني اسان توکان به گهڻو سٺو“ هڪ ڄڻي چيو، ”جيتوڻيڪ اهو رڳو ذهني طور تي هو“. هڪ ڪارخاني جي پوڙهي مزدور ۽ ڪميونسٽ ان ۾ واڌارو ڪيو.
مون ڪوڙي مرڪ سان ڊومينوز کيڏندي ۽ سگريٽ پيئندي، جيڪو اسان چئن ڄڻن لاءِ هو، چيو ته ”مهرباني دوستو مون کي خبر آهي ته توهان کي منهنجو گهڻو فڪر هو. آئون هينئر توهان جي آڏو آهيان، پر هنن منهنجو هڏ هڏ ڀڃي ڇڏيو آهي“.
بئنڊ اسٽينڊ تي مون سان گڏ جيڪي ڪامريڊ هئا، انهن سڀني قيدين کي اهو ٻڌايو ته مون پنهنجي زبان مان هڪ لفط به نه ڪڍيو آهي، پنهنجي مقصد سان غداري نه ڪئي آهي ۽ نه ڪنهن جي اڳيان جهڪيو آهيان. منهنجي قيد جي ساٿين کي مون تي فخر هو. مون کي خبر هئي ته آئون هر ڳالهه کي رڳو انهيءَ ڪري منهن ڏيئي سگهيو آهيان جو آئون ڪميونسٽ آهيان ۽ چلي جي عظيم ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر آهيان.
شام جو مون کي ٻڌايو ويو ته ٻئي ڏينهن وري مون کان پڇاڳاڇا ڪئي ويندي. منهنجو خيال هو ته اها منهنجي آخري پڇاڳاڇا هوندي، ڇو ته منهنجو ڪمزور جسماني نطام هاڻي سخت ورتاءُ کي وڌيڪ برداشت نه ڪري سگهندو ۽ ايذائن جي ڪري آئون مري ويندس ۽ منهنجو نالو به گم ٿي ويلن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويندو ۽ آئون انهن مانائتن ماڻهن ۾ شامل ٿي ويندس، جيڪي آمريت جو شڪار ٿيا آهن.
انهيءَ رات آئون ٿوري دير تائين سمهي نه سگهيس. منهنجو ذهن گهر ۽ ٻارن جي خيالن ۾ ئي رڌل هو. مون کي سندن ڪا خبر نه هئي ۽ نه ئي اهڙو ڪو امڪان هو. مون کي ياد آيو ته ڪيئن نه گهڻا مهينا اڳ مون کي هاءِ اسڪول جي نوجوان ڪميونسٽ شاخ پاران ڪيل هڪ گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني ويئي هئي، جنهن ۾ منهنجيون ٻه وڏيون ڌيئرون به شريڪ هيون. اتفاق سان ساڻن هڪ اهڙي ساٿي جي گهر ۾ ملاقات ٿي هئي، جيڪو گهڻا سال اڳ ساڳي پارٽي تنظيم جو ميمبر هو، جنهن سان آئون لاڳاپيل هوس. آئون انهيءَ گڏجاڻي کي وساري نٿو سگهان جنهن ۾ مون پنهنجي ڌيئرن کي نوجوان ڪميونسٽ ليگ جا ڪارڊ ڏنا هئا. اهو بنا ڪنهن شڪ جي منهنجي زندگيءَ جو خوشگوار ترين ڏينهن هو. مون پنهنجي زال بابت پڻ سوچيو. ڪيڏي نه مهربان ۽ پاڻ ارپيندڙ عورت آهي. هن منهنجو ڪيڏو نه خيال رکيو آهي ۽ هو ڪيڏي نه سچي انقلابي عورت آهي. مون پارٽي ۽ لوئس ڪارويلان بابت سوچيو. مون کي يقين هو ته اسان جي پارٽي جي جنرل سيڪريٽري کي وڌيڪ غير انساني تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. مون پنهنجن پيارن ڪامريڊن، ايل سگلوجي دوستن، مختصر ته هر ڪنهن بابت سوچيو. مون کي موت جو دپ ڪو نه هو. ڇاڪاڻ ته اهو ته ڄڻ اڻٽر هو. ٻئي پاسي انهيءَ خيالن کان منهنجي دل غصي ۽ ڪاوڙ سان ڀرجي ٿي ويئي ۽ اهو سوچيندي مون کي خار پئي آيا ته پنهنجن ۽ پنهنجي عوام جي دشمنن کي بنا ڪنهن وڏي نقصان پهچائڻ جي مري ويندس. پر انهيءَ خيال سان مون ۾ نئون روح ٿي ڦوڪجي ويو، جو، مون کي يقين هو ته چلي جو عوام هڪ ڏينهن ضرور سوڀارو ٿيندو. اهو ياد ڪندي آئون مرڪي پيس ته ڪيئن نه هڪ ڏينهن، جڏهن آئون بيمار هوس ته منهنجي ڌيئرن مان هڪ اناماريا چيو هو ته ”بابا جڏهن تون مري ويندين تڏهن هو تنهنجي قبر تي وڏو مقبرو اڏائيندا، تنهنجي جنازي جو جلوس چاچا ايسٽيو ديلو جي جلوس وانگر تمام وڏو هوندو ۽ ڪارويلان ۽ آليندي توکي خراج تحسين پيش ڪندا“.
منهنجي وڏي ڌيءَ سسيلا وچ ۾ ڳالهائيندي چيو ته
”اهو بلڪل سچ آهي. تنهنجي مٿان مقبرو اڏايو ويندو ۽ اسان کي نوجوان ڪميونسٽ ليگ جي بلائوزن سان ٽيليويزن تي پيش ڪيو ويندو“.
منهنجي زال الينا کين پيار مان تڙي ڏني ۽ منهنجي ننڍي ڌيءُ مارسيليٽا پنهنجون ٻئي ٻانهون منهنجي ڳچيءَ م وجهي، اکين کي مٿي کڻي واڪو ڪندي چيو ته ”نه بابا ڪڏهن به نه مرندو“.
پوءِ مون ڄاتو ته مارسيليٽا جي اڳڪٿي صحيح هئي. آءُ جڏهن ايندڙ ڏينهن تي ايذاءَ رسائيندڙن سان مليس، ته سندس بابت ئي سوچي رهيو هوس.
مون کي تمام گهڻو اچرج ٿيو، جو هر شيءِ منهنجي توقع جي بلڪل ئي ابتڙ هئي. مون کي هينئر جيڪي ايذاءَ ڏنا ويا، اهي اڳوڻن جي ڀيٽ ۾ تمام هلڪا ۽ گهٽ وقت جا هئا. مون کان پڇاڳاڇا ڪندڙ رڳو اها ڳالهه ڄاڻڻ پيا چاهين ته ڇا Z رٿا کي آليندي جي منظوري حاصل هئي.
هينئر بجليءَ جا جهٽڪا، ڌڪ، ٿڏا ۽ لتون اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيون. هينئر آئون جسماني طور تي انهي لائق هوس جو پنهنجي عورتن ۽ مرد ساٿين سان، جن کي پڻ ايذائن جو نشانو بڻايو ويو هو، اسٽيڊيم ڏانهن واپس موٽي سگهان. جيئن ته اها هڪ ريت ٿي پئي هئي ته قيدين کي صدارتي باڪس جي سامهون قطارن ۾ بيهاريو وڃي ۽ پوءِ کين يقين نه ايندڙ اڳ جوڙيل درجن موجب ورهايو وڃي. يقيني طور تي آئون سڀني کان پڇاڙي ۾ هوس ۽ مون کي انهيءَ درجي ۾ رکيو ويو ”جن کان اڃا پڇاڳاڇا ٿيڻي آهي“.