جيل ڊائري

گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

هي جيل ڊائري چليءَ جي ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ اڳواڻ ۽ صحافي روڊريجو روجاس جي لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار رئوف نظاماڻي صاحب آهي.
چِليءَ ۾ جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو هو ۽ چِليءَ کي پنهنجن بهترين پٽن سلواڊور آلندي، وڪٽر جارا ۽ پابلونرودا کي انقلاب تي قربان ڪرڻو پيو ۽ هزارين محب وطنن کي ايذاءُ گهرن ۽ جلاوطني جا عذاب ڀوڳڻا پيا. هي ڪتاب ”گوڏن ڀر نه جهڪنداسين“ هڪ اهڙي ارڏي انسان جو داستان آهي جنهن جو آدرش چي گويرا جي خوابن کي تعبير ڏيڻ هو. ايذاءُ گهر جي ڊائري جو هي خالق هڪ اهڙو افسانوي ڪردار آهي جنهن موت جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو آهي. جيڪي ڪجهه انهي ڊائري ۾ قلم بند ڪيو ويو آهي انهي کي ٿوري گهڻي فرق سان ٻين ملڪن ۾ رائج فاشزم جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ انهن هيرن کي پنهنجي اکين آڏو آڻي سگهجي ٿو. جن موت ۽ زندگي جي فرق کي مٽائي ڇڏيو آهي.
Title Cover of book گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

پراسيڪيوٽر

ڏينهن گذرندا رهيا پنجين ڊسمبر تي مون کي پراسيڪيوٽر ۽ عدالت جي هڪ ڪلارڪ جي سامهون پيش ٿيڻ لاءِ چيو ويو جن جيل جي هڪ ڪمري ۾ پنهنجي ڪارروائي هلائي پئي. پراسيڪيوٽر خاص فوج جي هيڊ آفيس يا وڌيڪ صحيح نموني ائين کڻي چئجي ته سنتياگو فوجي عدالت جي آڊيٽر سروس مان آيل هڪ سول وڪيل هو. جڏهن ته عدالت جو ڪلرڪ فوج جو هڪ نوجوان وڪيل هو. پهرين ته انهيءَ ڳالهه جي اهميت کي آئون سمجهي نه سگهيس ته منهنجو ڪيس فوجي ٽربيونل ۾ پيش ٿيڻ بدران پراسيڪيوٽر جي سامهون پيش ٿيو آهي. انهيءَ جو مطلب اهو هو ته مون تي امن جي وقت ڪيل ڏوهن بابت فوجي قانون جي ضابطن هيٺ ڪيس هلايو ويندو ۽ وڌيڪ اهو ته مون تي عام فوجي عدالت ۾ ڪيس هلايو ويندو، جيڪا فوجي آفيسرن جي ٽربيونل بدران، جنهن جو ڪم سڀني قانوني اصولن کي هڪ پاسي رکي رڳو حڪم مڃيندي، اڳواٽ ئي طئه ڪيل سزا ٻڌائي ڇڏڻ آهي ۽ جيڪي رڳو پنهنجي خونخوار خصلت جو پورائو ڪندا آهن، پيشه ور قانوندانن تي مشتمل هوندي. عام فوجي عدالتن جو عمل، فاشسٽ آمريت جي ماتحت ڪم ڪرڻ جي باوجود، ڪنهن حد تائين مختلف هوندو آهي. سندن ڪجهه جج ۽ وڪيل اهو ڏيک ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته کين قانون جو وڏو احترام آهي ۽ اهڙي ريت اهي جنگ وارن ٽربيونلن جي اٿاهه ڏاڍ ۽ ظلم کان پري رهندا آهن.
مون کي ڏوهه پڙهي ٻڌايا ويا. انهن ۾ اهڙو ڪو به لفظ نه هو ته آئون هڪ سوويت جاسوس، غدار، بين الاقوامي ڪميونزم جو ايجنٽ وغيره آهيان. هينئر فوج جي انصاف واري کاتي پاران مڙهيل ڏوهه وڌيڪ مضبوط ۽ حقيقت تي ٻڌل هئا. هنن پڙهيو: ”چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جي سياسي ڪميشن جو رڪن، ايل سگلو جو اڳوڻو ايڊيٽر انچيف، چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي نظرياتي ۽ سياسي پرچي لاس پرنسيپيوس جو ايڊيٽر انچيف، هڪ ڪميونسٽ جنهن پريس ذريعي سرگرميءَ سان ڪميونزم کي ڦهلايو، آلندي جو هڪ پگهاردار پروپئگنڊا ڪندڙ، جيڪو ساڻس صدارت سنڀالڻ جي وقت کان وٺي گڏ هو“. اهو اڳوڻن مڙهيل ڏوهن جي بلڪل ئي ابتڙ هو. تهمتن ۽ اجاين ڏوهن مڙهڻ بدران هڪ جائز ۽ صحيح ڏوهه ٻڌايو ويو هو. اهو سچ آهي ته آئون هڪ ڪميونسٽ آهيان. زيڪا بيرين ۽ نرودا جي پارٽي جي ميمبري منهنجي حياتيءَ جو مطلب ۽ مشن آهي. جيڪڏهن انهيءَ کي منهنجي در تي هنيو وڃي ٿو، جيڪڏهن اهو ئي منهنجو ڏوهه آهي ته پوءِ مون کي انهيءَ تي فخر آهي.
ڪلارڪ جڏهن ”ڏوهه“ پڙهيا پئي تڏهن مون ياد ڪيو ته ٺيڪ هڪ مهينو پوءِ پنجين جنوري تي مون کي پارٽي ۾ شامل ٿئي پورا پنجويهه سال ٿيندا. مون مشڪل سان ئي ڪڏهن انهن اڻ ڳڻين قانوني حوالن کي ٻڌو هوندو جيڪي منهنجي ڏوهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڏنا پئي ويا. منهنجو ذهن انهيءَ ڳالهه ۾ رڌل هو ته اهي سال منهنجي ذات ۽ پارٽي لاءِ، جيڪا تمام شاندار ۽ سورهيائي واري نموني ڪم ڪري رهي هئي، ڪيترا نه اهم هئا.
پراسيڪيوٽر صاف طور انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪيو ته بچاءَ ڪندڙ جو ذهن ڪنهن ٻئي پاسي آهي. هن مون کي چتاءُ ڏنو ۽ ڪلارڪ کي ڏوهه ٻيهر پڙهڻ لاءِ چيائين. ”انصاف“ جي اها گهرج هئي ته انهيءَ سڄي فوجي قانوني ڪارروائي جي دولاب کي سڀني رسمي ڪاررواين سان پورو ڪيو وڃي ته جيئن اهو سڀ ڪجهه قانون ۽ انصاف جي اصولن موجب لڳي. هڪ وزني فائل تي اهي لافاني لفظ اڪريل هئا: ”چلي جي فوج روجاس جي مقابلي ۾“. مواد کي مٿان کان هيٺ تائين پڙهڻ واري قابليت جي ڪري، جيڪا مون پنهنجي اخبار جي ڪم وارن سالن ۾ حاصل ڪئي هئي، پهرئين صفحي کي مان آسانيءَ سان پڙهي ويس. انهن ۾ بيوئن رجمنٽ جي رپورٽ هئي. جنهن ۾ منهنجي حياتيءَ جي اهم واقعن کان سواءِ انهن حالتن جو به ذڪر هو جيڪي منهنجي گرفتاريءَ وقت پيش آيون هيون. اهو ڳاڙهي مس سان وڏن اکرن ۾ لکيل ٻن لفظن ”خطرناڪ انتهاپسند“ سان ختم ٿي ٿيو. انهيءَ جي هيٺان ننڍن اکرن ۾ لکيل هو ”ڪورٽ مارشل ڪرڻ گهرجي“.
جيئن ئي ڪلرڪ پڙهڻي پوري ڪئي، پراسيڪيوٽر پنهنجي پڇاڳاڇا شروع ڪئي. هن مون کي صلاح ڏيڻ شروع ڪئي ته مان وڪيل ڪري پنهنجو پيسو ضايع نه ڪريان، ڇاڪاڻ ته اسان کي سرڪار پاران مقرر ڪيل بچاءَ وارا وڪيل به ملي سگهن ٿا. هن پوءِ فوجي عدالتن جي غيرجانبداري بابت هڪ فصيح ۽ بليغ تقرير ڪئي.
مون انهيءَ مهربانيءَ لاءِ سندس ٿورا مڃيا ۽ کيس ٻڌايو ته فوجي عدالتن جي ”غيرجانبداري“، سرڪار پاران مقرر ڪيل وڪيلن جي قابليت ۽ فوجي ٽريبونلن جي ڪميونسٽن ۽ ٻين وطن دوستن سان ورتاءُ بابت منهنجا پنهنجا خيال آهن. انهيءَ ڳالهه پراسيڪيوٽر ۽ کانئس وڌيڪ ڪلرڪ کي ڪاوڙائي ڇڏيو. سندن واتن مان گڦ ۽ گارين جو اهڙو وسڪارو شروع ٿي ويو، جيڪو مون نيشنل اسٽيڊيم مان اچڻ کان پوءِ نه ٻڌو هو. آهستي آهستي هو ماٺ ٿيا ۽ ”قانوني انصاف“ جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ مون کان پڇاڳاڇا شروع ڪيائون.
مون کين ٻڌايو ته مون کي ڪميونسٽ پارٽي جي ميمبر هئڻ جو اعزاز مليو آهي. پنهنجي پوري نظرياتي پختائي سان مون پارٽيءَ جي پاليسين جي سندن آڏو وضاحت ڪئي ۽ انهيءَ هٿ ٺوڪئي ڏوهه کي پوري طرح رد ڪيو ته ڪو ڪميونسٽن فوج جي آفيسرن کي سندن خاندانن ساڻ قتل ڪرڻ لاءِ ”زيڊ“ رٿا تيار ڪئي هئي.
جنهن وقت مون ڳالهايو پئي، پنهنجي خيالن جي وضاحت پئي ڪئي، ۽ هر انهيءَ ڏوهه کي رد پئي ڪيم، جيڪي منهنجي پارٽي تي لڳايا ويا هئا ته پراسيڪيوٽر ۽ ڪلرڪ اهو پئي ڏيکاءُ ڏنو ته، هو اهو سڀ ڪجهه ٻڌي رهيا هئا، جڏهن ته حقيقت ۾ هو غير ضروري ڪاغذن کي ڏسڻ ۾ مشغول هئا. منهنجي ڪلاڪ کن ڳالهائڻ کان پوءِ پراسيڪيوٽر رڙ ڪندي مون کي وچ ۾ ڪٽيندي چيو ته ”بس ڪر بدمعاش، گهڻي ڳاڙهي پروپئگنڊه ڪٿي اٿئي. پڇاڳاڇا ختم ٿي“.
هن ٻاهر اوسيئڙي ۾ بيٺل محافظ کي سڏيندي کيس حڪم ڏنو ته ”قيدي کي واپس وٺي وڃ ۽ جيئن پهرين هو ائين ئي رکوس“.
”تنهن جو مطلب آهي ته مون کي اڃا تائين به ”لاتعلق“ ڪري رکيو ويندو“.
”ها“
”پر منهنجو خيال آهي ته پنجهٺ ڏينهن ڪافي آهن. مون انهيءَ ڳالهه جي ثابتي ڏني آهي ۽ مون کي يقين آهي ته ملاقاتن ڪرڻ جو مون کي حق آهي“.
”اهو فيصلو توکي ناهي ڪرڻو، اهو اسان جو ڪم آهي“. پوءِ هن محافظ کي مخاطب ٿيندي ورجايو ته ”هن کي واپس وٺي وڃ ۽ ٻئي بدمعاش کي آڻ“. انهن لفظن سان هن محافظ کي ٻئي قيديءَ جي نالي جو لکيل ڪارڊ ڏنو.
دروازي وٽ پهچي پٺتي مڙي پراسيڪيوٽر کي مخاطب ٿيندي چيم ته ”مون کي لاتعلقي واري انهيءَ حالت مان نڪرڻ ۽ ملاقاتن جو پورو حق حاصل آهي“.
”اهو منهنجي فيصلي ڪرڻ جو معاملو آهي ۽ مون اڃا ڪو فيصلو ناهي ڪيو. مون کي مکڻ لڳائڻ بند ڪر، تون بدمعاش ڪميونسٽ“.
گهٽي نمبر 2 ۾ منهنجا ساٿي بيچيني سان منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا. هنن مون کان پڇڻ شروع ڪيو ته آخر مون کان ڪهڙا سوال پڇيا ويا، خاص طور تي اهو ته آيا منهنجي لاتعلقي واري حالت ختم ٿي ۽ مون کي ملاقات جي اجازت ملي.
رات جو بند ٿيڻ کان ٿورو اڳ مون محافظن جي ڪارپورا کي اهو معلوم ڪرڻ لاءِ چيو ته پراسيڪيوٽر منهنجي ملاقات جي اجازت ڏيڻ واري درخواست تي ڇا فيصلو ڪيو آهي. هو محافظن جي ڪمري ۾ رجسٽر کڻي ويو ۽ انهيءَ ڏينهن تي مون ٻيهر کيس نه ڏٺو.