جيل ڊائري

گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

هي جيل ڊائري چليءَ جي ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ اڳواڻ ۽ صحافي روڊريجو روجاس جي لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار رئوف نظاماڻي صاحب آهي.
چِليءَ ۾ جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو هو ۽ چِليءَ کي پنهنجن بهترين پٽن سلواڊور آلندي، وڪٽر جارا ۽ پابلونرودا کي انقلاب تي قربان ڪرڻو پيو ۽ هزارين محب وطنن کي ايذاءُ گهرن ۽ جلاوطني جا عذاب ڀوڳڻا پيا. هي ڪتاب ”گوڏن ڀر نه جهڪنداسين“ هڪ اهڙي ارڏي انسان جو داستان آهي جنهن جو آدرش چي گويرا جي خوابن کي تعبير ڏيڻ هو. ايذاءُ گهر جي ڊائري جو هي خالق هڪ اهڙو افسانوي ڪردار آهي جنهن موت جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو آهي. جيڪي ڪجهه انهي ڊائري ۾ قلم بند ڪيو ويو آهي انهي کي ٿوري گهڻي فرق سان ٻين ملڪن ۾ رائج فاشزم جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ انهن هيرن کي پنهنجي اکين آڏو آڻي سگهجي ٿو. جن موت ۽ زندگي جي فرق کي مٽائي ڇڏيو آهي.
Title Cover of book گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

ڪمانڊنٽ جي آفيس

اسان کي ڪرت موجب شام ساڍي پنجين وڳي بند ڪيو ويو. ڪجهه وقت پوءِ قيدي ڪافي جا ڍڪ ڀريندي ۽ انهيءَ صبح جو مليل شين کي استعمال ڪندي انهن خبرن ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا، جيڪي کين سندن مائٽن کان مليون هيون. اهو هڪ گرم ڏينهن هو. اٽڪل ستين ڌاري لوهي در تي ڀاري ڌڪن ۽ محافظ جي وڏي آواز ۾ ڪيل سڏ اسان سڀني کي ڇرڪائي وڌو.
”اي روجاس، توکي ڪمانڊنٽ جي آفيس ۾ سڏايو ويو آهي“.
اسان ڳڻتيءَ واري نظرن سان هڪ ٻئي ڏانهن تڪيو. جڏهن به ڪنهن قيديءَ کي انهيءَ وقت تي سڏايو ويندو هو ته عام طور هو گهڻن ڏينهن کان پوءِ بچاءَ واري وزارت جي تهه خانن ۾ ٿيل پڇاڳاڇا جي نتيجي ۾ سڌو جيل جي اسپتال پهچندو هو. ڪي ته ماڳئي واپس ئي نه ايندا هئا. کين يا ته ڪنهن گڏيل قبر ۾ پوري ڇڏيندا هئا ۽ يا وري ڪنهن اونداهي گهٽيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندا هئا. وقت بوقت فائر بريگيڊ جي عملي کي ماپاچو دريا جي بلنس پل وارن درن وٽان لڙهندڙ لاشن کي ٻاهر ڪڍڻو پوندو هو.
رستي هلندي مون نان ڪميشنڊ آفيسر کان پڇيو ته هو مون کي ڪيڏانهن پيو وٺي وڃي.
”پنهنجي قميص پائي وٺ“. هن چيو ”پراسيڪيوٽر آفيس جو ڪلارڪ توسان ملڻ ٿو چاهي“.
”پوءِ مون کي بچاءَ واري وزارت ڏانهن موڪليو ويندو؟“
”نه نه روجاس، مبارڪون هجن، توکي آزاد ڪيو پيو وڃي“.
”چرچو نه ڪر سارجنٽ، هي چرچي ڪرڻ جهڙي ڳالهه ڪونهي“.
”آئون توسان چرچو ڪو نه پيو ڪريان، آئون توکي ٻڌائي رهيو آهيان ته توکي آزاد ڪيو پيو وڃي“.
ڪمانڊنٽ جي آفيس ۾ شهري ڪپڙن ۾ هڪ نوجوان سيخن تي پير رکيو بيٺو هو. سندس سامهون ڄاتل سڃاتل ڀاري فائل نمبر 73-728 پيل هئي.
هن چيو ”آئون هتي توکي تنهنجي مقدمي ۾ ٿيل فيصلي کان آگاهه ڪرڻ آيو آهيان. اهو 30 جنوري تي ڪيو ويو. ڪالهه منهنجي چيف سنتياگو جي فوجي جج جنرل اريلانو انهيءَ جي منظوري ڏني. مقدمو ختم ڪيو ويو آهي ۽ توکي آزاد ڪيو ويو آهي“.
هن فائل مون کي ڏني. مون انهيءَ جا پنا ورايا ۽ غور سان فيصلو پڙهڻ کان پوءِ مٿس پنهنجي صحيح ڪيم.
”آئون جيل ڪڏهن ڇڏي سگهان ٿو؟“
”انهيءَ جو مدار هنن تي آهي“. ڪلارڪ، جيل جي ڪارندن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”اوهان ترت ئي هتان وڃي سگهو ٿا“. هڪ ڊيسڪ ڪلارڪ چيو ”آئون توهان جو ڊسچارج آرڊر لکي رهيو آهيان“.
جڏهن پراسيڪيوٽر جي آفيس جو ڪلارڪ هليو ويو ته جيل جا ٽي يا چار ڪارندا مون کي پيار ڪندي گهڻو جذباتي ٿي ويا. مون کي وٺي ايندڙ سارجنٽ جو به ساڳيو حال هو ۽ پنهنجي ڳوڙهن کي بنا لڪائڻ جي هن واڪو ڪيو ته:
”مون توکي چيو پئي ته آئون چرچو نه پيو ڪريان، ڇا مون چرچو ڪيو هو؟ هاڻي آئون توکي واپس وٺي هلندس ته جيئن تون پنهنجو سامان گڏ ڪري سگهين. سڄو جيل جو گند ڪچرو گهٽيءَ جي ڇوڪري لاءِ ڇڏي ڏي. جيئن ته منهنجو ڪو به وڏو آفيسر هت ڪونهي، انهيءَ ڪري تون ٻين کولين ۾ موڪلائڻ لاءِ وڃي سگهين ٿو. هو توکي تمام گهڻو چاهين ٿا ۽ اهري ريت اسان به. آئون ويهه منٽن کن ۾ موٽي ايندس“.
گهٽي نمبر 2 ۾ آخري ڀيرو وڃڻ کان اڳ مون ڊيسڪ ڪلرڪ کان گهر ٽيليفون ڪرڻ جي اجازت گهري، جيڪا هن ڏني. اسان جي ڳالهه ٻولهه نهايت مختصر هئي.
”اچ ۽ مون کي وٺي وڃ“ مون چيو ”مون کي آزاد ڪيو ويو آهي“.
”ناممڪن“
”نه، اهو سچ آهي، آئون آزاد آهيان“.
”ٺيڪ آهي، تون انتظار ڪر، اسان ڊان ايوگنيو سان گڏ پهچون ٿا“.