اليئا
اسان هڪ ٻئي کي پيار ڪيو ۽ هن پنهنجي عام شفيق انداز ۾ مون کي اسان جي ڌيئرن بابت ٻڌايو. پوءِ اسان پنهنجن دوستن ۽ ساٿين بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو. سندس آواز ۾ ان وقت هڪ اڻڄاتل سختي اچي ويئي جڏهن هن انهن ساٿين جو ذڪر ڪيو، جن کي ختم ڪيو ويو هو. مون کي پيار سان ڏسڻ مهل سندس اکين مان هڪ خاص ڏک جو اظهار ٿي رهيو هو ته ”ايترو ڪمزور ۽ پوڙهو پيو لڳين“. مون سوچيو ته اهو چڱو ٿيو جو جيل جي اسپتال ۾ مون پاڻ ۾ ڪجهه سڌارو آندو آهي. جيڪڏهن هو مون کي اسٽيڊيم جي پوين ڏينهن ۾ ڏسي ها ته جيڪر ڏک ۾ چري ٿي پوي ها. ايستائين جو کيس هينئر به پريشان ٿيڻ لاءِ گهڻا سبب هئا. کيس سيپٽمبر وارو اهو مڙس ياد هو، جنهن جو وزن ٻه سئو پندرهن پائوند هو ۽ هينئر ستاسي ڏينهن کان پوءِ هو رڳو هڪ سئو ستيتاليهه پائوند وڃي رهيو هو، جڏهن ته سندس قد فطري طور تي ساڳيو ئي ڇهه فٽ هو.
زال سان انهيءَ ملاقات کان پوءِ مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته منهنجي جيئري هئڻ ۾ سندس اڻٿڪ ڪوششن جو پڻ وڏو حصو آهي.
اسان گهڻي وقت تائين ڳالهايو. اها ڳالهه پڌري ٿي ته اليئا کي منهنجي گرفتاريءَ جي ته ترت خبر پئجي ويئي هئي پر کيس انهيءَ جي ڪا به ڄاڻ نه هئي ته مون کي ڪٿي رکيو ويو هو.
اونداهي گهٽين ۽ ماپاچو درياه جي لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ ترندڙ قيدين جي لاشن جو ملڻ هڪ معمول ٿي وڃڻ سبب سندس ذهن هر قسم جي تڪليف ڏيندڙ خيالن سان ڀريل رهندو هو. ڪنهن به ماڻهوءَ کي يقين نه هو ته هو پنهنجي ڪنهن گرفتار ٿيل عزيز کي ٻيهر جيئرو ڏسي سگهندو.
اليئا ترت ۽ مهلائتو قدم کنيو. هن هر در کڙڪايو، منهنجي گرفتاري ۽ غائب ٿيڻ جي خبر صحافين جي ڪاليج جي قومي ڪائونسل ۽ سنتياگو ۾ موجود ناميارن پرڏيهي صحافين تائين پهچايائين. اڳوڻي نائب صدر برنارڊوليٽن ۽ ٻين ڪرسچين ڊيموڪريٽ اڳواڻن سان ملاقات ڪيائين، چلي جي ڪئٿولڪ ديولن جي اڳواڻ ڪارڊينل سلوا هينريڪيوئز سان ملي. هر اسپتال ۽ قبرستان جاچيائين. مطلب ته منهنجي ڳولا لاءِ هن هر ممڪن ڪوشش ڪئي. جڏهن منهن جي گرفتاري جي پنڌرهين ڏينهن کان پوءِ کيس سرڪاري طور اهو اطلاع مليو ته آئون جيئرو آهيان ۽ نيشنل اسٽيڊيم ۾ قيد آهيان ته سندس جاکوڙ جو ٻيو مرحلو، منهن جي آزاديءَ لاءِ ڪوشش جو شروع ٿيو.
اهو اليئا ۽ منهنجي ڌيئرن لاءِ نهايت تڪليف جو وقت هو. چئني کي انهيءَ خيال کان ڏڪڻي ٿي وٺي ويئي ته ڪا به ٽيليفون يا ڪا اخباري خبر سندن سڀني اميدن کي ختم ۽ ڪنهن به وڌيڪ ڪوشش کي بيڪار بڻائي سگهي ٿي. کين ڊپ هو ته جنتا جا ڪتا مون کي ماري نه ڇڏين، جنهن لاءِ وٽن مضبوط سبب هئا.
اليئا جو خيال هو ته پهرين جيڪا ڳالهه ڪرڻ گهرجي، اهو آهي صحافين کي چرپر ۾ آڻڻ. انهيءَ لاءِ هن وس آهر هر ڪوشش ڪئي. ڏينهن جا ڏينهن صحافين جي ڪاليج ۾ ساڄي ڌر جي صحافين کي ڪنهن قدم کڻڻ لاءِ قائل ڪندي رهي. هو رڳو انهيءَ تي بس نه ڪري ويٺي، کين سندن گهرن ۽ آفيسن تي پڻ بنا ٿڪجڻ جي لاڳيتو ٽيليفون ڪندي رهي. نيٺ هن ڪميونسٽ، سوشلسٽ ۽ آزاد کاٻي ڌر جي صحافين جي ملهائتي مدد سان صحافين جي قومي ڪاليج کي باقاعدي طور تي گرفتار ۽ گم ٿيل صحافين جو ڏس معلوم ڪرڻ لاءِ گهرو وزارت سان لهه وچڙ ۾ اچڻ تي مجبور ڪيو.
منهنجي زال کي منهنجي نيشنل اسٽيڊيم ۾ هئڻ جي خبر هئي پر مون کي مليل ايذائن ۽ تشدد بابت کيس بلڪل ڄاڻ نه هئي. هڪ ڏينهن جڏهن پاڻ صحافين جي ڪاليج ۾ موجود هئي ته قومي ڪائونسل جي صدر ڪارلوس بيپلويدا کي نيشنل اسٽيڊيم ۾ قيد ٿيل صحافين خاص طور تي اسڪرويس ايڊيٽر لانيشين، البرٽو گمبوئا ڪليرن جي ايڊيٽر، مينيوئل ڪئبيسيس، پنتو فائنل جي ايڊيٽر، روليندو ڪاراسڪو، ”لوئس ايميلو ريڪابيرين“ جي ڊائريڪٽر، فرئنڪلن ڪيويئويڊو، اسسٽنٽ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي ريڊيو اسٽيشن جي ڊائريڪٽر، راميرو ميپلويدا ميگالينس ريڊيو اسٽيشن جي رپورٽر، ريڪارڊو روجاس ميونسپل ڪارپوريشن جي پبلسٽي جي اڳواڻ ۽ گيوئليرمو ٽوريس ايل سگلوجي هڪ رپورٽر بابت ڳالهائيندي ٻڌائين. بيپلويدا منهنجو تفصيل سان ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايائين ته اسان جي انهيءَ ساٿي کي نهايت وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. هن کين اهي سڀ ايذاءُ ۽ عقوبتون ٻڌايون جن مان آئون گذريو هوس. انهيءَ سڄي وقت ۾ کيس انهيءَ ڳالهه جي بلڪل ڄاڻ نه پيئي ته سندس انهيءَ غير انساني ايذائن جي شڪار ساٿيءَ جي زال اهو سڀ ڪجهه ٻڌي رهي هئي.
هن ريت اتفاق سان منهنجي زال کي منهنجي حالت جي خبر پيئي. هن ترت ئي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪندي ميپلويدا ماريا ايوگينيا اويارزن، جان گبرئيل، بسترس ۽ صحافين جي ڪاليج جي ساڄي ڌر جي ٻين اڳواڻن کان گهر ڪئي ته مون کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ترت قدم کنيو وڃي. هن بيپلويدا کان ٻڌل ۽ ٻين ذريعن کان گڏ ڪيل ڄاڻ وسيلي بيپلويدا کي صحافين جي ڪاليج جي نيشنل ڪائونسل جي صدر جي حيثيت ۾ ۽ سرڪاري پرچي لاپرينسا جي سرڪاري طور مقرر ڪيل ايڊيٽر انچيف کي هڪ ڀرپور خط موڪليو. سندس پاران انهيءَ خط جون ڪاپيون سنتياگو جي سمورن پرچن، ناميارن پرڏيهي صحافين، فوجي اختياري وارن ۽ مختلف مذهبي فرقن جي اڳواڻن ۾ پڻ ورهايون ويون.
سندس پاران ساڳئي وقت هڪ اهڙي بچاءُ واري وڪيل جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي ويئي، جنهن جي پيشيورانه شهرت، منهنجو ڪيس فوجي ٽربيونل اڳيان پيش ٿيڻ جي صورت ۾، مون کي ڀروسي جوڳي بچاءُ جي ضمانت ڏيئي سگهي. وڪيلن جي جنرل ڪائونسل اهو پڌرو ڪيو هو ته ڪميونسٽ پارٽي ۽ پاپولر يونٽي بلاڪ جي پارٽين سان واسطو رکندڙ ڪو به وڪيل ”جنگي قيدين“ جي بچاءُ ۾ پيش ٿي نٿو سگهي. پر ايستائين جو انهيءَ ڇسائپ واري پڌرائيءَ تي کڻي ڪو ڌيان نه به ڏئي، ته به کاٻي ڌر جو ڪو به وڪيل ڪجهه به نه ڪري پئي سگهيو. کيس هڪ ته ٽريبونل نااهل قرار ڏئي ڇڏي ها ۽ ٻي جيڪا ڳالهه اڃا وڌيڪ ٿي پئي سگهي ۽ جيڪا وقت بوقت ٿيندي رهي هئي، اها ته انهيءَ وڪيل کي گرفتار ڪري کيس ئي جوابدار جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري ڇڏين ها. پر هڪ ٻي به مشڪل هئي، ته ”اندروني ويڙهه“ شروع ٿيڻ جي وقت کان ساڄي ڌر وارا وڪيل تمام وڏي فين جي گهر ڪري رهيا هئا.
بهرحال اليئا هر مشڪل مان اڪري منهنجي لاءِ هڪ ضروري وڪيل جو بندوبست ڪيو هو، جيڪو منهنجي ڪيس جي سلسلي ۾ شايد بهترين چونڊ هئي.
اهو چوڻ جي ضرورت ڪانهي ته پنهنجي مڙس جي حياتي بچائڻ جي انهيءَ اعليٰ ۽ بي غرض ويڙهه ۾ اليئا هيڪلي نه هئي. کيس سدائين پارٽيءَ جي دوستاڻي مدد ۽ ان جي اڳواڻن، جيڪي لڪل هئا، جي پٺڀرائي حاصل هئي. کيس ايل سگلو جي صحافين ۽ خاص طور تي نوجوان رپورٽرن پاران، جن جي مون ڪنهن وقت مدد ڪئي هئي، وڏي سهائتا ڪئي ويئي. اسان جي پاڙيسرين به وس آهر مدد ڏني. انهيءَ وقت فطري طور تي اهڙا ماڻهو به هئا، جن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا پيو ٿئي، ڪجهه رڳو ڊنل هئا، جڏهن ته ڪجهه اڃا فيصلو نه پئي ڪري سگهيا يا ٻچاپڙائي پئي ڪيائون.
منهنجي زال جي ڳلن تان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا، جڏهن هن پهرين ملاقات ۾ مون کي اهو ٻڌايو ته ڪيئن نه اسان جي پاڙيسرين جي ڪجهه ٻارن اسان جي ڌيئرن سان اهو چئي کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ته سندن ماءُ پيءُ ڪميونسٽ آهن. فاشسٽ ڏهڪاءُ سان جي قوم جي ڪجهه عام ماڻهن جي دلين ۽ دماغن کي انهيءَ حد تائين گندو ڪري ڇڏيو هو.
اها پهرين ملاقات ڪجهه ڊگهي هئي. اسان هر قسم جي ڳالهه ٻولهه ڪئي يا وڌيڪ صحيح نموني ائين چئجي ته منهنجي زال، مون کي منهنجي ساٿين، زير زمين سرگرمين جي اوکائين، عوام جي مقصد لاءِ وڙهندڙ هزارين ماڻهن جي ڀروسي، منهنجي ڌيئرن جي اسڪول ۾ ڪيل واڌارن، اسان جي گهڻن دوستن پاران ظاهر ڪيل ڳڻتي ۽ وڌندڙ معاشي مشڪلاتن بابت ٻڌايو ۽ آئون ٻڌندو رهيس.
مون پنهنجي زال لاءِ تمام گهرو ۽ تمام گهڻو احترام محسوس ڪيو. هو ڪميونسٽ مائٽن جي ڌيءُ هئي ۽ اڃا مس ڇهن سالن جي هئي جو کيس پنهنجن ننڍن ڀائرن جي سارسنڀال ڪرڻي پيئي، ڇو ته سندس ماءُ کي، جيڪا هڪ سرگرم ۽ پاڻ ارپيل ڪميونسٽ ڪارڪن هئي، ويڊيلا آمريت پاران جيل ۾ ڦٽي ڪيو ويو هو. اليئا پاڻ، به انهيءَ ڪٺن وقت ۾ جڏهن آئون جيل ۾ هوس، پنهنجي همٿ ۽ بهادريءَ جو مظاهرو ڪري هڪ سچي ڪميونسٽ ٿي ڏيکاريو هئائين.
سندس وڃڻ کان اڳ اسان انهيءَ ننڍڙي سوال تي ويچار ڪيو هو ته ڇا منهن جي ڌيئرن کي مون سان ملاقات لاءِ وٺي اچڻ مناسب ٿيندو. اسان اهو فيصلو ڪيو ته اها ڪا خراب ڳالهه ڪونهي ۽ انهيءَ تي راضي ٿياسين ته پهريون ڀيرو هو اسان جي ٻن وڏي ڌيئن چوڏهن سالن جي سسيلا ۽ تيرهن سالن جي انا ماريا کي پاڻ سان وٺي اچي ۽ پوءِ ڇهن سالن جي مار سيليٽا کي آندو وڃي.
آئون گهٽي نمبر 2 ۾ پنهنجي کوليءَ ۾ نهايت خوشگوار موڊ ۾ موٽيس، ڇو ته مون ڄاتو ٿي ته چلي ۽ پوري دنيا ۾ گهڻا ماڻهو منهنجي آزاديءَ لاءِ وڙهي رهيا آهن.
انهيءَ سڄي صورتحال کي پنهنجي آزاد ٿيڻ کان پوءِ ئي آئون پوري ريت سمجهي سگهيس. چلي جي اندر ۽ ٻاهر مختلف ذريعن کان جنتا تي تمام گهڻو دٻاءُ وڌو ويو هو. مون کي خبر پئي ته ڪيترن صحافي ساٿين، جن ۾ ايستائين جو موميو به پنهنجي پيشيورانه يڪجهتي، ذاتي لاڳاپن ۽ انساني همدردي ڪري شامل هئا، منهنجي لاءِ هڙتال ڪئي هئي. جنتا جي مک اڳواڻن ۾ موجود اختلافن به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو. بعد ۾ مون کي اها به خبر پئي ته ڪيترن ئي ملڪن جي صحافين جي انجمنن سان گڏوگڏ لاطيني آمريڪا ۽ يورپ جي پڻ ڪيترين ئي تنظيمن ۽ اهم سياسي شخصيتن اسان جي حق ۾ ڳالهايو هو. انهن سڀني عنصرن اثرائتي قانوني بچاءَ سان گڏ منهنجي ڪيس جي نتيجي جو فيصلو ڪيو.