جيل ڊائري

گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

هي جيل ڊائري چليءَ جي ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ اڳواڻ ۽ صحافي روڊريجو روجاس جي لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار رئوف نظاماڻي صاحب آهي.
چِليءَ ۾ جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو هو ۽ چِليءَ کي پنهنجن بهترين پٽن سلواڊور آلندي، وڪٽر جارا ۽ پابلونرودا کي انقلاب تي قربان ڪرڻو پيو ۽ هزارين محب وطنن کي ايذاءُ گهرن ۽ جلاوطني جا عذاب ڀوڳڻا پيا. هي ڪتاب ”گوڏن ڀر نه جهڪنداسين“ هڪ اهڙي ارڏي انسان جو داستان آهي جنهن جو آدرش چي گويرا جي خوابن کي تعبير ڏيڻ هو. ايذاءُ گهر جي ڊائري جو هي خالق هڪ اهڙو افسانوي ڪردار آهي جنهن موت جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو آهي. جيڪي ڪجهه انهي ڊائري ۾ قلم بند ڪيو ويو آهي انهي کي ٿوري گهڻي فرق سان ٻين ملڪن ۾ رائج فاشزم جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ انهن هيرن کي پنهنجي اکين آڏو آڻي سگهجي ٿو. جن موت ۽ زندگي جي فرق کي مٽائي ڇڏيو آهي.
Title Cover of book گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

ماسڪو ريڊيو

اُتي هڪ آواز اهڙو هو، جيڪو ٻين سڀني آوازن کان وڌيڪ سگهارو ۽ اثرائتو هو. اسان کي اها خبر پيئي ته ريڊيو ماسڪو پنهنجي اسپيني ٻولي جي نشريات ۾ هڪ خاص پروگرام اسان جي ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي اها به خبر پيئي ته انهيءَ پروگرام جي شروعات ۽ پڄاڻي اسان جي ٻڌي ۽ فتح جي ”وينسير يموس“ سان ٿئي ٿي، جيڪو اسان لاءِ گهڻو ڪجهه هو. اسان اهو به ڄاتو ته ماسڪو ريڊيو جي ٿورن سان چلي جي ماڻهن کي سندن ملڪ جي معاملن جي صحيح ڄاڻ ملي رهي آهي.
اسان اهو تصور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي نشريات ڪيئن هونديون ۽ انهي سان گڏ انهن همت ڏياريندڙ لفظن کي شامل ڪيوسين جيڪي ان وقت، جڏهن فاشزم يورپ جي چيلهه ڀڃي وڌي هئي، فاتح ڪميونزم جي گادي واري شهر مان ريڊيو ماسڪو ذريعي نشر ٿيندا هئا. اهي نشريات، جيڪي مختلف ٻولين ۾ هونديون هيون، انهن ملڪن جي پيڙيل ماڻهن تائين پهچنديون هيون جيڪي نازي بدمعاشن جي قبضي هيٺ هئا. اسان کي ياد آهي ته جڏهن ڪي خاص اهميت وارا اعلان نشر ٿيندا هئا ته يوري ليويتان جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو جيڪو پنهنجي قوت ۽ انفراديت سبب سوويت ماڻهن ۾ تمام گهڻو مقبول هو.
اسان گرفتار ٿيڻ کان اڳ ليويتان جي مئي 1945ع ۾ ڪيل اعلان جي ٽيپ رڪارڊنگ ٻڌي هئي، جنهن ۾ هن سوويت عوام ۽ پوري دنيا کي اهو اطلاع ڏنو هو ته برلن تي قبضو ٿي ويو آهي ۽ فاشسٽن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن.
ڳوڙهن ڀريل اکين سان اسان ليويتان جي 12 اپريل 1961ع واري انهيءَ اعلان کي ياد ڪيو. جنهن ۾ هن فخر سان گونجندڙ آواز ۾ ٻڌايو هو ته خلا ۾ وڃڻ وارو پهريون ماڻهو سوويت شهري ۽ ڪميونسٽ ميجر يوري گگارين آهي.
يقينن ليويتان اسپيني نٿو ڳالهائي، چلي لاءِ نشر ٿيندڙ ريڊيو ماسڪو جي پروگرام ۾ سندس آواز نٿو ٻڌو وڃي. اسان سوويت ۽ چلي جي انهن ماڻهن، جن کي لينن جي ڄمڻ واري هنڌ پنهنجي آغوش ۾ پناهه ڏني هئي ۽ کين هر طرح جي مدد ۽ دوستي ڏني هئي، جي آوازن ۾ ڪيل اعلان ٻڌا. چلي هر رات هڪ اهڙي ماڻهو جو آواز ٻڌندو هو، جنهن جو آواز اسان اڳ ريڊيو ميگاللينس تي ٻڌندا هئاسين. جذبن ۾ ٻڏل هڪ اهڙو گهرو آواز جيڪو غدارن کي اگهاڙو ڪرڻ سان گڏوگڏ هراسيل چيڀاٽيل ۽ بي عزت ڪيل ماڻهن جي دلين کي همٿ ڏياري، ساڻن ايڪتا جو اظهار ڪندو هو. اهو اسان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو آواز هو جيڪا وولو ديا تياتيل بوئم جي ذهن ۽ جذباتي لفظن ۾ ڳالهائي رهي هئي. اسان تشدد ۽ ايذائن کي انهيءَ ڪري ئي منهن ڏيئي سگهياسين جو اسان ڄاتو ٿي ته اسان اڪيلا نه آهيون. اسان ڄاتو ٿي ته دنيا کي اسان جي قوم سان ٿيل هاڃي جي ڄاڻ آهي ۽ اسان کي اها به خبر هئي ته اسان کي اڪيلو نه ڇڏيو ويو آهي.
جيل جي ديوارن پٺيان اسان ايڪتا جي پرجوش جذبي ۽ دنيا جي فاشسٽ مخالف قوتن جي ڀائپيءَ واري مدد کي محسوس ڪيو. انهيءَ ايڪتا ۽ ڀائپي، انهن مردن ۽ عورتن ۾ هڪ نئين همٿ پيدا ڪري ڇڏي ٿي، جن کي گولي هڻڻ لاءِ ٻاهر ڪڍيو ويندو هو.