گرفتاري
”مادام توهان پريشان نه ٿيو. فوجي جاسوسي کاتو رڳو انهيءَ شريف ماڻهوءَ سان ملڻ چاهي ٿو. اها رڳو هڪ رسمي ڪارروائي آهي. کيس ڪجهه به نه ٿيندو ۽ هو ڪجهه ڪلاڪن جي اندر ئي واپس موٽي ايندو“.
اهو ڪامورو هٿياربند جٿي سان، انهي فليٽ ۾ ڪاهي آيو هو جتي آئون يارهين سيپٽمبر جي فوجي بغاوت کان پوءِ لڪل هوس. انهن لفظن سان گهر ڌياڻيءَ کان موڪلايو. صبح جا ٽي ٿيا هجن ٻه نان ڪميشنڊ آفيسر مون کي پنهنجي قبضي ۾ گهٽيءَ ۾ وٺي آيا ۽ هڪ فوجي جيپ ۾ اڇلي ڇڏيائون جتي ٻيا اٺ سپاهي انهيءَ مهم جي ختم ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهليا پيا هئا.
ڪاموري فليٽ جي مالڪياڻيءَ کي اهو ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، ته هو مون کي ڪيڏانهن کڻي وڃي رهيا آهن. ان وقت تائين آئون پنهنجي منزل کان بلڪل ئي اڻڄاڻ هوس جيستائين اسان بيوئن رجمنٽ جي بئرڪن ۾ داخل نه ٿياسين.
دروازا کوليا ويا ۽ جيپ اندر داخل ٿي، مون کي ٻاهر ڪڍيو ويو. هاڻي، هر قسم جي اخلاق ۽ آداب کي ڄڻ بلڪل ئي وساري ڇڏيو ويو.
هڪ ٿلهي ڪارپورل رڙ ڪندي چيو ”او بدمعاش تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هڪ گنجي ليفٽيننٽ پنهنجي هوڙهيائي ڏيکاريندي چيو ”اسان توکي گولين سان پرڻ ڪري ڇڏينداسين، ذليل ڪميونسٽ“. سپاهي جيڪي هڪ ٻئي کان رڙين ۾ گوءِ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، سندن لفظ ڪجهه هن ريت هئا ”غدار بدمعاش تون اسان کي قتل ڪرڻ ٿو چاهين“.
ڪاموري اندر داخل ٿي سڀني کي خاموش ٿيڻ لاءِ چوندي حڪم ڏنو ”ڪارپورل، گرفتار ٿيل همراهه کي منهنجي آفيس ۾ آڻ“. مون کي ٻن ٽامي گنن وارن جي نگراني ۾ ڪاموري وٽ آندو ويو. ڪاموري مون کان شروعاتي پڇاڳاڇا ڪئي، جيڪا هڪ سادي ڪارروائي هئي ۽ ٿلهي ليکي منهنجي نالي، عهدي ۽ اهڙين ڳالهين سان لاڳاپيل هئي. ملٽري پوليس جي انهي رسم ختم ٿيڻ کان پوءِ اُتي موجود ليفٽيننٽ ڪمري مان ڪنڌ ٻاهر ڪڍي رڙ ڪئي ته ”سارجنٽ پنهنجيون صفون درست ڪيو، هن همراهه کي ”گارڊ آف آنر“ پيش ڪيو ويندو“.
انهيءَ ”گارڊ آف آنر“ جو اندازو لڳائيندي مون اهو مطلب ڪڍيو ته مون کي هينئر ئي گوليءَ سان اڏايو ويندو. پر اها منهنجي غلطي هئي.
بئرڪن جي سامهون خالي جاءِ ۾ اٽڪل ويهن کان ٽيهه سپاهي ٻه صفون ٻڌي بيٺا هئا. هاڻي گرفتار ٿيلن کي سندن لتن ۽ رائيفلن جي ڪنداقن سان ڌڪ سهڻا هئا. هوش ۾ اچڻ تي مون پاڻ کي اڪيلو هڪ کوليءَ ۾ ڏٺو. آئون سڄو رت ۽ مٽيءَ سان ڀريو پيو هوس. منهنجو هڏ هڏ سور ڪري رهيو هو. ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ٻه سپاهي مون کي حوض ۾ وٺي هلڻ لاءِ آيا. مون کي چيو ويو ته پاڻ کي صاف ڪري ٻين آڏو پيش ٿيڻ جهڙو ڪيان.
منجهند ڌاري سادن ڪپڙن ۾ هڪ شخص مون کان پڇاڳاڇا ڪئي. سندس سوال گهڻو ڪري اُهي ساڳيا هئا جن جو آئون اڳيئي جواب ڏيئي چڪو هوس. انهيءَ کان ٽي ڪلاڪ کن پوءِ هڪ ڀيرو وري ٻاهر ڪڍيو ويو ته جيئن فوجي جاسوسي کاتي سان واسطو رکندڙ هڪ ڪئپٽن مون کان پڇاڳاڇا ڪري.
شام جي پنجين ڌاري هڪ جونيئر ليفٽيننٽ چئن سپاهين سان مون وٽ آيو. وٽس هڪ فولڊر هو. جيڪو ظاهري طور تي منهنجو فائيل پئي لڳو. مون کي هٿڪڙيون پهرائڻ جو حڪم ڏيندي ۽ منهنجي سڃاڻپ ڪارڊ کي چڪاسيندي هن چيو ته ”سائين، آئون شخصي طور تي توهان جي خلاف نه آهيان، پر مون کي توهان کي جيئرو يا مئل حالت ۾ توهان جي منزل تائين پهچائڻ جو حڪم مليل آهي. مون لاءِ توهان کي مئل
حالت ۾ کڻي وڃڻ وڌيڪ سولو ٿيندو. اوهان کي منهنجي اها صلاح آهي ته بنا ڪنهن چرپر جي ماٺ ڪري ويهو. منهنجن ماڻهن کي بنا ڪنهن اڳواٽ چتاءَ جي گولي هلائڻ جو حڪم مليل آهي ۽ هو توهان کي ايستائين جو رڳو ڪنڌ مٿي ڪرڻ تي به گولي هڻي سگهن ٿا“.
انهيءَ ”همٿائيندڙ“ موڪلاڻي کانپوءِ مون کي منهن ڀر نيري آسماني رنگ جي فورڊ پڪ اپ ۾ اڇلايو ويو. چار سپاهي پاسن کان ويهي رهيا. سندن بوٽ منهنجي نڙيءَ تي ۽ سندن بندوقون منهنجي نڙي ۽ ڄنگن کي ڇهي رهيون هيون. ائين محسوس پئي ٿيو ڄڻ هو مون کي حرڪت ڪرڻ لاءِ اُڀاري رهيا هئا. پر ڪاموري کي ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت نه هئي. آئون هر شئي سهڻ لاءِ تيار هوس ته جيئن اهو نه چئي سگهجي ته ”ڀڄڻ جي ڪوشش ڪرڻ“ سبب مون کي گولي هنئي ويئي آهي.