جيل ڊائري

گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

هي جيل ڊائري چليءَ جي ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ اڳواڻ ۽ صحافي روڊريجو روجاس جي لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار رئوف نظاماڻي صاحب آهي.
چِليءَ ۾ جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو هو ۽ چِليءَ کي پنهنجن بهترين پٽن سلواڊور آلندي، وڪٽر جارا ۽ پابلونرودا کي انقلاب تي قربان ڪرڻو پيو ۽ هزارين محب وطنن کي ايذاءُ گهرن ۽ جلاوطني جا عذاب ڀوڳڻا پيا. هي ڪتاب ”گوڏن ڀر نه جهڪنداسين“ هڪ اهڙي ارڏي انسان جو داستان آهي جنهن جو آدرش چي گويرا جي خوابن کي تعبير ڏيڻ هو. ايذاءُ گهر جي ڊائري جو هي خالق هڪ اهڙو افسانوي ڪردار آهي جنهن موت جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو آهي. جيڪي ڪجهه انهي ڊائري ۾ قلم بند ڪيو ويو آهي انهي کي ٿوري گهڻي فرق سان ٻين ملڪن ۾ رائج فاشزم جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ انهن هيرن کي پنهنجي اکين آڏو آڻي سگهجي ٿو. جن موت ۽ زندگي جي فرق کي مٽائي ڇڏيو آهي.
Title Cover of book گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

پرڀات مهل گولي هڻڻ

ايندڙ ڏينهن 12 آڪٽوبر جو صبح اسان لاءِ ٽين وڳي مهل چاٻين ۽ سيخن جي کڙڪي سان شروع ٿيو. هر ڪنهن ماڻهوءَ محسوس ڪيو ته ڪا اهم ڳالهه ٿيڻ واري آهي. اسان غلطيءَ تي نه هئاسين، ڇو ته جڏهن به اسان جا محافظ صبح ساڻ ڪنهن قيديءَ کي وٺن ايندا هئا ته اسان کي اها خبر پئجي ويندي هئي ته هو هاڻ ڪڏهن به واپس نه موٽندو ۽ سندس مئل جسم ڪنهن اونداهي گهٽيءَ ۾ يا ماپوچو دريا ۾ لڙهندو ملندو. هن ڀيري مامرو ڪجهه گنڀير هو، جو عام رواج وانگر هڪ ڪارپورل ۽ ٽي سپاهي نه پر هڪ ڪئپٽن ٽن ڪارپورلن ۽ 15 سپاهين سان گڏ آيو هو. هنن ڪجهه نه چيو. اسان سوچيو ته شايد اسان مان ڪجهه همراهن کي ڪنهن ٻئي هنڌ وٺي وڃڻو اٿن يا ڪو تڪڙو سڏ ٿيو آهي. ٻه يا ٽي منٽ، يا شايد ان کان ڪجهه گهٽ، يا ڪجهه وڌيڪ وقت سانت ۾ گذري ويو. خاموشي ۽ انتظار اڻ کٽ ٿي پيا.
نيٺ ڪئپٽن چيو ”روجاس اسان سان اچ“. مون پنهنجي ساٿين جي ڏکويل چهرن کي ڏٺو، سندن اکيون مون ۾ ئي کتل هيون ته جيئن مون کي ڀائپيءَ جو احساس ڏياري مون ۾ همٿ پيدا ڪن.
مون آهستي آهستي ڪپڙا پهريا، پوءِ ڪمبل پنهنجي ڪلهن جي چوڌاري ويڙهي پنهنجي هر هڪ ساٿيءَ جي اکين ۾ گهوري ڏٺم. اسان جي موڪلاڻي خاموشيءَ سان ۽ سهڻي نموني ٿي. مون وانگر کين به يقين هو ته آءُ جتي وڃي رهيو آهيان، اتان موٽي نه سگهندس.
منهنجي پويان دروازو بند ڪرڻ کان پوءِ ٻن پهريدارن مون کي هٿڪڙي لڳائي ۽ منهنجي مُرن ۾ هڪ ننڍڙو زنجير وجهي ڇڏيائون. اسان هوريان هوريان ڪاريڊور مان ٿيندي، راند جي ميدان جي چوڌاري ٺهيل باغن ۾ داخل ٿياسين.
سپاهي خاموشيءَ سان هلي رهيا هئا. سندن مهڙ ۾ کانئن 15 وکن تي ڪئپٽن هلي رهيو هو. منهنجي ٻنهي پاسن کان سپاهي قدم وڌائي رهيا هئا ۽ پنهنجي پويان آءُ ننڍي مشين گن جي ناليءَ جي ٿڌاڻ کي محسوس ڪري پئي سگهيس. آءُ کين هڪ جهڙي آواز ۾ ٻڌي سگهيس ٿي. جيئن ته منهنجي اکين تي پٽي ٻڌل نه هئي، انهيءَ ڪري آءُ تارن جي روشني ۾ فوجين جي هڪ ٻئي ٽولي کي ڏسي ٿي سگهيس، جيڪا اسان جي اوسيئڙي ۾ بيٺل هئي. سندن ورديون پيدل فوج کان مختلف هيون، جيڪا اسٽيڊيم ۾ اسان جي ”خدمت“ تي لڳل هئي. اهي هوائي فوج جا آفيسر ۽ سپاهي هئا.
ڪجهه ئي گهڙين ۾ هر ڪا ڳالهه بلڪل چٽي ٿي سامهون اچي وئي. گاڏيءَ جون بتيون ٻاريون ويون، حڪم ڏنا ويا ۽ سپاهين صفون درست ڪيون. اهو سڀ ڪجهه هنن جي اڳيان هٿڪڙين سان بيٺل ماڻهوءَ کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ نه هو. فوج جو هڪ ڪئپٽن مون وٽ آيو ۽ منهنجي گرفتاريءَ کان پوءِ پهريون ڀيرو مون کي ”سائين“ ڪري سڏيو ويو.
”روجاس سائين، فوجي ڪائونسل توهان کي هڪ ٻاهرين طاقت جي پگهاردار ايجنٽ طور ڪم ڪرڻ سبب غداريءَ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ڏني آهي، انهيءَ سزا تي ترت عمل ڪيو ويندو. ڪا آخري خواهش هجي ته ٻڌايو“.
”ها“ مون چيو، ”منهنجي خواهش آهي ته انهيءَ حالت ۾ مران جو منهنجي اکين تي نه پٽي ٻڌل هجي، نه مون کي هٿ ڪڙيون ۽ زنجيرون پيل هجن ۽ آئون فائرنگ اسڪواڊ کي منهن سامهون ٿي بيهان“.
”انهيءَ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. توتي وڏي غداريءَ جو ڏوهه ثابت ٿيل آهي ۽ غدارن کي پٺيءَ ۾ ئي گولي هڻڻ کپي. اهو ئي فوجي قانون آهي. ڪا ٻي خواهش“.
”مون ڪڏهن به پنهنجي ملڪ ۽ نظرين سان دوکو ۽ غداري نه ڪئي آهي. آئون اهو ٻيهر ٿو چوان ته مون کي آخري خواهش پوري ڪرائڻ جو پورو حق آهي. ڪئپٽن آئون توهان کي اهو ئي چوان ٿو ته منهنجي انهيءَ خواهش کي اوهان سرڪاري طور پنهنجي اعليٰ آفيسر تائين پهچايو“.
”ٺيڪ آهي سائين، اسان اهو فرض ٿا ڪري وٺون ته توهان انهيءَ جا حقدار آهيو، ٻيو توهان کي ڇا گهرجي؟“.
”منهنجي ٻي ڪا به خواهش نه آهي، پنوشي، ليگ، ميرنيو ۽ مينڊوزا جيئن ته غدار آهن، انهيءَ ڪري کين ضرور پٺ ۾ گولي هنئي وڃي“.
ڪئپٽن منهنجي منهن تي ٺاهوڪي چماٽ وهائي ڪڍي. ڪيترن ئي سپاهين مون کي مٿي کڻي جهليو. ڇاڪاڻ ته پنوشي جي فوج جي ڪئپٽن کي وڏا اختيار هوندا آهن. خاص طور تي جڏهن سندس واسطو، ڪمزور، هٿڪڙيون لڳل ۽ هڪ اهڙي ماڻهو سان هجي جيڪو فائرنگ اسڪواڊ جي سامهون بيهڻ وارو هجي.
منهنجي اکين کي ٻڌي، گهيري ۾ ويجهي وڻ تائين آڻي، ان سان مون کي ٻڌو ويو. آئون رائفلن جي بولٽ جي ڪلڪ جا خوفناڪ آواز ٻڌي سگهيس پئي. مون پنهنجي نرڙ، هٿن ۽ پٺيءَ تي ٿڌي پگهر جي آلاڻ محسوس ڪئي. پنهنجي ڏندن کي زور سان ڀيڙي ۽ سڄي بدن کي سيٽي ڇڏيم. منهن جي ذهن ۾ پنهنجي پيارن بابت خيال اچي رهيا هئا. امان، گهرواريءَ ۽ ٻارن متعلق، ڪارويلان به منهن جي ذهن ۾ آيو ۽ منهن جي، پارٽيءَ جي سڄي زندگي، منهن جي اکين آڏو روشن ٿي ويئي. هو ڪڏهن فائر ڪندا؟ مون کي گهڻو اوسيئڙو نه ڪرڻو پيو.
”تيار...... نشانو..... فائر!“.
آئون جيئرو هوس مون کي گولي نه هنئي ويئي هئي.
انهيءَ کان پوءِ ئي مون کي ڊپ محسوس ٿيو ۽ ان وقت مان اها ڳالهه سمجهي سگهيس ته اهي اقتدار تي ناجائز طرح قبضو ڪندڙ، ڇاڇا ڪرڻ جي قدرت رکن ٿا. اهو ڊپ هر ڪنهن لاءِ ۽ هر شئي لاءِ هو. ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو جيڪي هڪ ماڻهو کي نقلي فائرنگ جو نشانو بڻائي کيس ٽئين درجي جو ڪريل نفسياتي ۽ اخلاقي ايذاءَ رسائي سگهن ٿا، اهي، ٻيو ڪو ڏوهه ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا.
اکين تان پٽي لاٿي ويئي. مون ڏٺو ته هوائي فوج وارا جن مون کي ”گولي“ هنئي هئي، نيري آسماني رنگ جي ٽرڪ ۾ سوار ٿي اسٽيڊيم مان روانا ٿي ويا. رڳو پيدل فوج وارا رهجي ويا هئا. ڪئپٽن جنهن مون کي ڌڪ هنيا هئا ڪيڏانهن هليو ويو هو. هينئر ڪمان هڪ ٻئي آفيسر وٽ هئي. هو هلندو مون وٽ آيو، هٿڪڙي ۽ زنجيرن کي کولڻ جو حڪم ڏيئي دوستاڻي نموني مون کي چيائين:
”روجاس سائين، توهان کي نه رڳو جيئري هئڻ جون مبارڪون هجن پر انهيءَ لاءِ به توهان واڌائين جا حقدار آهيو جو اوهان اسان کي اهو ڏيکاري ڇڏيو آهي ته توهان ۾ هڪ سچو انسان موجود آهي. اوهان سگريٽ ڇڪيندا آهيو؟“.
”ها سائين پر هينئر مون وٽ سگريٽ ڪونهن“.
پنهنجي سامهون واري کيسي مان پاڪيٽ ڪڍي، مون ڏانهن وڌائيندي چيائين ”پنهنجي مدد پاڻ ڪريو“. مون تمام مشڪل سان پنهنجي ڏڪندڙ آڱرين ۾ سگريٽ جهليو. هن انهيءَ کي تيلي ڏيکاري ۽ مون هڪ ڊگهو ڪش هنيو. ترت ئي مون کي ٿڌ جو احساس ٿيو. صبح صاف ۽ تازگيءَ سان ڀرپور هو. آئون پهرين ڪڏهن به فائرنگ اسڪواڊ آڏو نه بيٺو هوس. آفيسر مون کي پنهنجي ٻانهن ۾ وٺي محافظن کان ڪجهه پرڀرو وٺي ويو. اتي مون ڏانهن ٿرماس وڌائيندي چيائين ته وٺو، انهيءَ سان اوهان گرم ٿي ويندو.
مون اهو پورو، پنهنجي اندر اوتي ڇڏيو. اها وادڪا هئي، جنهن کي مون ڪافي سمجهيو هو. انهيءَ سان مون ۾ ڄڻ نئون ساهه پئجي ويو. مون ٿرماس موٽائيندي آفيسر جا ٿورا مڃيا.
هن مون کي سگريٽ جو پاڪيٽ ڏيندي، منهن جي اکين ۾ چتائي ڏسندي چيو.
”سائين روجاس، توهان کي منهنجا ٿورا مڃڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي. آئون رڳو اهو چاهيان ٿو ته اوهان مون کي ياد رکو. اهو ياد رکو ته يونيفارم پهريل هر ماڻهو انهن ماڻهن جهڙو ڪونهي. اهو سڀ ڪجهه گهڻو عرصو نٿو هلي سگهي. انهيءَ ڪري جڏهن آنن ڦٽڻ جو وقت اچي ته مون کي ياد رکجو“. پوءِ پنهنجي منهن کي سخت ڪندي هن رڙ ڪئي ”ڪارپورل قيديءَ کي سندس ڊريسنگ روم ڏانهن وٺي وڃ“.
صبح ٿي رهيو هو.
جڏهن آئون واپس موٽيس ته منهنجي کوليءَ جي ساٿين جن گولين جا آواز ٻڌا هئا، اهو سمجهيو ته هو ڪنهن ڀوت کي ڏسي رهيا آهن. اهي سڀ اٿي بيٺا. خاموشيءَ سان مون کي پيار ڏيڻ لڳا، جو لفظن جو استعمال هاڻي بيڪار هو. ڳوڙها منهنجي ڳلن تان ڳڙي رهيا هئا. آئون ڪمبل پنهنجي چوڌاري ويڙهي پٽ تي ڪري پيس ۽ گهري ننڊ پئجي ويس. اهو سڀ ڪجهه انهن حالتن جي ڪري هو، جن مان آئون گذري چڪو هوس، يا وادڪا جو اثر هو، منهنجو خيال آهي اهو هر شيءِ جي ڪري هو.
ايندڙ ڏينهن تي به ساڳي ڪار هئي. اسان کي سائيڪلنگ پٽيءَ ڏانهن نيو ويو ۽ ايذاءَ ڏنا ويا. بلڪل ائين جيئن انهيءَ رات ڪجهه به نه ٿيو هجي ۽ ڪجهه ڪلاڪ پهرين واري ڪنهن فائرنگ اسڪواڊ جو ڪو وجود ئي نه هجي.