جيل ڊائري

گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

هي جيل ڊائري چليءَ جي ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ اڳواڻ ۽ صحافي روڊريجو روجاس جي لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار رئوف نظاماڻي صاحب آهي.
چِليءَ ۾ جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو هو ۽ چِليءَ کي پنهنجن بهترين پٽن سلواڊور آلندي، وڪٽر جارا ۽ پابلونرودا کي انقلاب تي قربان ڪرڻو پيو ۽ هزارين محب وطنن کي ايذاءُ گهرن ۽ جلاوطني جا عذاب ڀوڳڻا پيا. هي ڪتاب ”گوڏن ڀر نه جهڪنداسين“ هڪ اهڙي ارڏي انسان جو داستان آهي جنهن جو آدرش چي گويرا جي خوابن کي تعبير ڏيڻ هو. ايذاءُ گهر جي ڊائري جو هي خالق هڪ اهڙو افسانوي ڪردار آهي جنهن موت جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو آهي. جيڪي ڪجهه انهي ڊائري ۾ قلم بند ڪيو ويو آهي انهي کي ٿوري گهڻي فرق سان ٻين ملڪن ۾ رائج فاشزم جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ انهن هيرن کي پنهنجي اکين آڏو آڻي سگهجي ٿو. جن موت ۽ زندگي جي فرق کي مٽائي ڇڏيو آهي.
Title Cover of book گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

پينٽينسيئا ريئا

30 آڪٽوبر تي شام جي ٽين وڳي اسان مان ٻه سئو سٺ کان وڌيڪ همراهن کي هڪلي بسن ۾ ڀريو ويو ۽ ڪمبل مٿان وجهي فرش تي ويهڻ جو حڪم ڏنو ويو ته جيئن نه اسان ڪجهه ڏسي سگهون ۽ نه ئي ڪو اسان کي ڏسي سگهي. پوري طرح هٿياربند خاص فوج جي نظرداريءَ ۾ اسين اسٽيڊيم مان روانا ٿي وياسين. اسان کي ڪا خبر ڪا نه هئي ته اسان جي منزل ڪٿي هئي.
شام جو پنجين ڌاري اسان سنتياگو ۽ چلي جي وڏي جيل پينٽينسيئاريئا پهتاسين. مون کي ياد آيو ته مان هت پهريون ڀيرو 1951ع ۾ قلمي شوري جي کاڻين جي پورهيتن جي يونين جي اڳواڻن سان ملڻ آيو هوس، جن کي ابانيز انتظاميه پاران قيد ڪيو ويو هو. ان وقت بلڪل ئي مختلف صورتحال هئي، آءُ سياسي قيدين سان ملڻ آيو هوس، جڏهن ته هينئر آءُ پاڻ هت سياسي قيدي ٿي آيو هوس. هڪ اهڙو قيدي جنهن کي غدار جرنيلن عوام خلاف جنگ ڪندي پڪڙيو هو.
پينٽينسيئاريئا، جيڪا عام طور مختصر طور تي پيني جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي، گذريل صديءَ ۾ ٺاهي ويئي هئي. اها بيضوي شڪل ۾ ٺهيل تمام وڏي عمارت هئي جنهن جا مختلف بلاڪ ۽ گئلريون ائين ٻاهر نڪتل هيون جيئن ڪنهن ڦيٿي جون ڪامون هجن. هر سوڙهي رستي جي پڄاڻيءَ تي، جن کي هتي گهٽيون ڪوٺيو ويندو آهي، اهڙا گندا ۽ بدبودار ڪاڪوس ٺهيل هئا جيڪي مون پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڏٺا. گهٽين جي پاسن کان اٺ چورس ميٽرن جي ماپ جي سرن جون کوليون ٺهيل هيون. هر کوليءَ ۾ هڪ لوهي دروازو ۽ ڇت کان ٿورو هيٺان سيخون لڳل دريون هيون. هر کوليءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه قيدين کي رکيو ويندو هو.
پراڻن قانونن موجب، جن کي جنتا ٿڏي هڪ پاسي ڪري ڇڏيو هو، چلي جي سياسي قيدين کي اخلاقي ڏوهارين سان گڏ هڪ ئي جاءِ تي قيد ۾ نه پئي رکي سگهيو. پر اسان کي، جيڪي ”جنگي قيدي“ هئاسين، پيني جهڙي جيل ۾ رکيو ويو جيڪو خاص طور تي انهن اخلاقي ڏوهارين لاءِ هو جيڪي وڏيون سزائون ڪاٽيندا آهن. هتي موت جو بدنام چڪر پڻ موجود هو.
بهرحال فاشسٽ جنتا لاءِ قاعدي قانون جو ڪو به وجود ڪونهي هوندو. سپريم ڪورٽ جي چاپلوسي ۽ خوشامد واري اجازت جي نتيجي طور ”جنگي قيدين کي مليل گئلرين ۽ گهٽين کي فوجي علائقو“ قرار ڏنو ويو هو. هتان جي رهواسين کي ڏوهارين کان بلڪل جدا ڪيو ويو هو ۽ سندن ٻاهرين دنيا سان لاڳاپي کي به محدود ڪيو ويو هو.
اسان جي هت پهچڻ تي وڏي محافظ پاران اسان کي جيل جي قانونن بابت هدايتون ڏنيون ويون.
اسان سڀني کي بلڪل ”لاتعلق“ ڪري رکيو ويو هو. اسان کي ٻڌايو ويو ته اسان تي جنگ جي زماني مطابق ٺهيل ٽريبيونلن ۾ ڪيس هلايا ويندا. مون سان اهو به ٿيو جيڪو منهنجي آزاد ٿيڻ ۾ هڪ فيصلائتو عنصر هو. اڳتي هلي آئون انهيءَ تي ڳالهائيندس. اسان کي انهيءَ کان به باخبر ڪيو ويو ته جيل جي قاعدن ۽ قانونن جي ڪنهن به ڀڃڪڙيءَ بابت، ترت بچاءُ واري وزارت کي اطلاع ڪيو ويندو جنهن جي ماتحت تازو قائم ڪيل ”قيدين جي قومي سيڪريٽريٽ“ ڪم ڪري رهي هئي. سمورين ملاقاتن تي پابندي هئي. مٽ مائٽ هفتي ۾ رڳو هڪ ڀيرو کاڌي يا ڪپڙن جا پارسل آڻي سگهيا پئي. اسان کي پنهنجن عزيزن سان لکپڙهه ڪرڻ، ريڊيو ٻڌڻ ۽ اخبارن پڙهڻ وغيره جي منع ٿيل هئي. مطلب ته اهي قاعدا ۽ قانون اسان کي وڏي محافظ پاران پڙهي ٻڌايا ويا، جن جي اسان کي پوئواري ڪرڻي هئي.
گهٽي نمبر 2 ۽ 10 نيشنل اسٽيڊيم مان آندل 266 ”جنگي قيدين“ لاءِ هيون.
هر گهٽيءَ ۾ سورهن کوليون هيون. ڏوهارين جي کولين ۾ وڌ ۾ وڌ ٽن ماڻهن کي ٿي رکيو ويو، جڏهن ته اسان ڇهن کان اٺن ڄڻن تائين هڪ کولي ۾ هئاسين. مون کي گهٽي نمبر 10 جي کولي نمبر 21 ۾ رکيو ويو. پر اڌ ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ مون کي پنهنجن ٻين پنج کولي وارن ساٿين سان گڏ، جيڪي سڀئي ٽامي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪن هئا، گهٽي نمبر 2 جي کولي نمبر 52 ۾ منتقل ڪيو ويو. اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو اڳوڻي کولي جي دروازي جو تالو خراب هو.
ساڳيءَ ڏينهن تي ڏوهارين اسان سان ايڪتا ۽ ٻڌيءَ جو پهريون مظاهرو ڪيو. جيئن ته اسان شام جو پنجين کان پوءِ پهتا هئاسين جڏهن انتظامي ڪم جو وقت ختم ٿي ويو هو انهيءَ ڪري اسان جا نالا سرڪاري طور تي ٻئي ڏينهن تي ئي رجسٽر ٿي سگهيا ٿي. نتيجي ۾ اسان نيرن جي انهيءَ راشن کان محروم ٿي وياسين جيڪو هڪ ڏينهن اڳ شام جي ساڍي پنجين ۽ ڇهين جي وچ ۾ ملڻو هو. انهيءَ ڪري ڏوهارين پنهنجي حصي جي مانيءَ جو راشن اسان کي ڏيڻ کان سواءِ سگريٽ، ماچيس ۽ ميڻ بتيون به موڪليون.
پيني ۾ گذريل پهرين رات اسان اصل سمهي نه سگهياسين. اسان کي هڪ ته بسترو نه ڏنو ويو هو ۽ ٻيو ته جنهن فرش تي ليٽيا هئاسين، اهو به سڄو گندو ۽ ڪرفتي ۽ پيشاب سان ڀريو پيو هو. منگهڻ ديوارن تي هيٺ ۽ مٿي هلي رهيا هئا ۽ اسان جي بدن کي وڍ وجهي رهيا هئا. ميڻ بتيءَ جو ٽڪرو جلدئي ختم ٿي ويو ۽ پوءِ اوندهه ۾ منگهن کي منهن ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. ان کان سواءِ اسان ننڊ نه اچڻ جي مرض جا پڻ شڪار هئاسين.
صبح جو ساڍي ستين ڌاري کولين جا در کوليا ويا ۽ گهٽي نمبر 2 جي 116 قيدين کي حاضري لاءِ قطارن ۾ بيهاريو ويو. اها ڳالهه چوڻ جي ڪا ضرورت نه آهي ته هر ڪو حاضر هو. اسان ڪنهن نه ڪنهن نموني پاڻ کي پيش ٿيڻ جهڙو ڪري ڇڏيو هو. نيرن جو انتظار ڪندي اسان گهٽيءَ جي ٻين کولين تي نظر وڌي. هاڻي اهائي اسان جي ڪل دنيا هئي، هڪ اهڙي دنيا جيڪا سڄي ٻاهرين دنيا کان ڪٽيل هئي.
اسان اڻهتر، ستر ۽ ايڪهتر نمبر کولين کي ڏسڻ کان رهي نه ٿي سگهياسين جن جي ديوارن تي ٿيل نئين رنگ ۽ چڱي طرح صاف ٿيل ڪاٺ جي فرش کين ٻين کولين کان نرالو ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ جي اسان کي ان وقت چڱي ريت سمجهه آئي، جڏهن اسان دروازن تي انهن ۾ رهندڙ قيدين جا لکيل نالا پڙهيا. اهي جي سليگوسا، آر ويئاڪس ۽ آر از ڪيويوڊو هئا، جن فوج جي ڪمانڊر انچيف جنرل رپني شنيڊر کي قتل ڪيو هو. انهن ٽنهي قاتلن لاءِ ڪاڪوس کي خاص طور تي صاف ڪيو ويو هو. ايستائين جو اتي هيٽر جو پڻ نشان هو، جيڪو کين ڪا به شيءِ ڌوئڻ وغيره لاءِ پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو هو. گهٽيءَ جي وچ ۾ منهنجي کولي نمبر 52 جي سامهون ويئاڪس گلن جي هڪ ٻاڙي لڳائي هئي.
اسان نيشنل اسٽيڊيم مان گهٽي نمبر 2 جي کولين ۾ آيل پهريان ”جنگي قيدي“ نه هئاسين. اتي چوڪيواٽي ڪاماٽاجي ٽامي جي کاڻين جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ پنج ڄڻا اسان کان اڳ آيل هئا. هنن جو اڳواڻ، سندن مئنيجر، هڪ ڪميونسٽ ڊيوڊ سلبرمين هو. ڪالاما جي فوجي ٽربيونل کين ڊگهي مدي واريون سزائون ڏنيون هيون.
ساڍي نائين ڌاري نيرن آندي ويئي. اهو المونيم جي هڪ وڏي ٽب ۾ پيل لڙاٽيل پاڻي هو، جنهن کي چانهن جو نالو ڏنو ويو هو. وڏي محافظ اسان مان ٻن ڄڻن کي انهيءَ جي ورهائڻ تي مقرر ڪيو. پر اسان وٽ ان لاءِ پيالن وغيره جهڙو ڪو ٿانءَ نه هو. سلبرمين ۽ چوڪيواٽي ڪاماٽا جي ٻين ساٿين اسان کي ڪجهه ڪوپ ڏنا ۽ اهڙي ريت ڪجهه وقت کان پوءِ آهستي آهستي اسان سڀني کي نيرن ملي. اهو عجيب نموني جو ڦڪو ۽ ڪوسو پاڻي اسان لاءِ هڪ اچرج جوڳو مشروب ثابت ٿيو.
يارهين وڳي واري وڏي محافظ پنهنجي سيٽي وڄائي، جنهن جو مطلب هو ته اسان ٻن قطارن ۾ ٿي بيهون. جيل جو گورنر، جيل جي محافظن جو مک ۽ جيل جي اسپتال جو سپرنٽنڊنٽ آيا هئا. اسان، پنهنجيون درخواستون، بيان، ڏک سور مطلب ته اهو سڀ ڪجهه کين ٻڌايو جيڪو دنيا کان ڪٽيل اڪيلن قيدين کي پريشان ڪري پئي سگهيو. اسان گهر ڪئي ته اسان کي پنهنجي مائٽن ۽ وڪيلن سان ملاقات ڪرائي وڃي، ريڊيو، اخبارون، جيت مار دوائون، بستر، ڪمبل، ڪوپ، پليٽون، بجليءَ جي روشني، ڦٽيلن لاءِ ترت علاج جي سهوليت ۽ لکڻ پڙهڻ وغيره جون سهوليتون ڏنيون وڃن.
ٿوريون ٿوريون ڪري جيل جي انتظاميه اسان جون اهڙيون گهرون پوريون ڪيون جيڪي هو پوريون ڪري پئي سگهي. ساڳئي ڏينهن تي اسان جي کوليءَ ۾ جيت مار دوا ڇٽڪاري ويئي. اسان جي پوري گهٽيءَ لاءِ ايل مرڪيوريئو جي هڪ ڪاپي جي اجازت ڏني ويئي. اسان کي ڇهن ڄڻن لاءِ هڪ گاديلو، پنجن ڄڻن لاءِ هڪ ڪوپ، چئن ڄڻن لاءِ هڪ پليٽ ۽ ڏهن ڄڻن لاءِ هڪ چمچي جي حساب سان سامان ڏنو ويو.
اسان کي ٻڌايو ويو ته گهٽي نمبر 2 ۽ 10 ۾ رهندڙ ”جنگي قيدين“ جي نالن جون لسٽون سندن مائٽن جي سهوليت لاءِ جيل جي ٻاهرئين دروازي تي هنيون ويون آهن. انهن لسٽن سان گڏوگڏ اتي اهڙا اطلاع پڻ لڳل هئا ته انهن قيدين کي لکپڙهه ڪرڻ جي اجازت ڪانهي، مٿن فوجي ٽريبونل ۾ ڪيس هلايا ويندا، کين رڳو پلاسٽڪ جا ڪوپ، پليٽون وغيره ڏيئي سگهجن ٿيون، ڌاتو جا نه، کين بستر جون چادرون، ڪپڙا ۽ حوض جي ڪم جو ٻيو سامان سواءِ خوشبوئن جي، جن ۾ الڪوهل شامل هوندو آهي، ڏئي سگهجي ٿو، کاڌو گلاس ۽ ڌاتن جي ٿانون ۾ نٿو آڻي سگهجي ۽ نه ئي موسميون، نارنگيون، انگور ۽ اهڙو ڪو ٻيو ميوو آڻي سگهجي ٿو، جنهن کي شراب ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي، گهٽي نمبر 2 جي قيدين جا پارسل سومر ۽ گهٽي نمبر 10 جي قيدين جا اربع ڏينهن ورتا ويندا.